فقط هڪ نظر! هڪ نظر!! هڪ نظر!!!
”جيئن شال! هڪڙي نظر مون ڏي ڪر“
ملڻ کي ملي زندگي مختصر،
ڪا گذري ۽ باقي به ٿيندي گذر.
تون هوش و خرد کي مسلمان ڪر،
جنون محبت جو ڪلمون ته ڀر.
هجي توکي شاباس درد جگر،
رڳو تون ئي رهجي وئين همسفر!
جهڪي منهنجو هر هر هتي ڇو ٿو سر!؟
اهو آهي ڇا يار جو سنگ در ؟
سندس سينڌ وانگر ئي سنهڙي ڪمر،
سندس ابرو وانگر آ وائيءَ ۾ ور،
صفا سنگدل! جئن سندس درد،
سندس زلف وانگر ئي پيچيده تر،
اکين سان اکيون ۽ نظر سان نظر،
اهو وقت پڻ ياد ڪر! ياد ڪر!
بدلجي ٿو هر گام تي راهبر!
انهيءَ مان ئي سمجهي وڃو همسفر!
ٻه ڳوڙها ئي مسڪين جو آ ثمر،
اهي پڻ نه کس صاحب سيم و زر!
وڏو ماڻهو”محبوب“ ٿئي ها مگر،
محبت بنائي ڇڏيو ماستر.
ê
”سنڌ“ بهار (2)1983ع
مان اوندهه کي چوان ڪيئن نور، نامنظور نامنظور!
ڀري نعرو هنيم ڀرپور ”نامنظور نامنظور“
محبت کان سواءِ منشور نامنظور نامنظور،
هي دادگير جو دستور، نامنظور نامنظور
ڏني ڪم ظرف کي ڪچ ۾ صراحي ڇو اٿئي ساقي،
هي باندر جي بغل ۾ حور، نامنظور نامنظور!
اوهان پي ڍوء ڪرڻ کان پوءِ اسان کي ٿا ڏيو اوبر،
رهون ممنون ۽ مشڪور، نامنظور نامنظور!
پيارا تون پيارين ٿو پيالا پر پروان کي،
اسان جو جام چڪنا چور، نامنظور نامنظور!
بظاهر راڄ رندن جو ڪري ٿو حڪمران شيخ،
اهو ميخاني جو دستور، نامنظور نامنظور
بنا عزت جي مينوشي حرام آهي اسان جي لئي،
اهو ميخاني جو دستور، نامنظور نامنظور!
اسان جو برهه بسم الله بنگلاديش بنجي ويو،
نه مڃيو ٿئون نه مڃيو مور، نامنظور نامنظور
معاذ الله! دشمن ڪن ٿا پاڪستان کي ٽڪرا،
چوي ٿو غير” ڪر منظور“، نامنظور نامنظور
لڳيون ذهنن کي زنجيرون، قلم آ قلف ۾ قابو،
زبان مجبور اکيون بي نور، نامنظور نامنظور
رهي هر صوبو ٿو هر دور ۾ پر امن ۽ خوشحال،
رڳو آ سنڌ لئه هر سور، نامنظور نامنظور
بنا محنت ملي ٿو مال و دولت مل جي مالڪ کي،،
اڃيو بکيو مري مزدور، نامنظور نامنظور
اصولن تي سودو ڪر، کڻون توکي وزارت ۾،
چيو ”محبوب“ نامنظور! نامنظور!! نامنظور!!!
ê
مخزن”المسلم“ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد 88- 1987ع
عشق وارن جي پر ڪندو ئي رهيس.
پاڻ کي دربدر ڪندو ئي رهيس.
هڪ صدا پر اثر ڪندو ئي رهيس.
جرم هي بي خبر ڪندو ئي رهيس.
رات جاڳي بسر ڪندو ئي رهيس.
سنگ در تي سحر ڪندو ئي رهيس.
هن ته پنهنجون نگاهون ڦيري ڇڏيون،
مان ته هن ڏي نظر ڪندو ئي رهيس.
پاڻ کي پاڻ ڳولي ڳولي ٿڪس،
عمر ساري سفر ڪندو ئي رهيس.
ڇا چوان، ڇا ڪيم ۽ ڇا نه ڪيم،
جو ڪيم بيخبر ڪندو ئي رهيس.
ê
”مهراڻ“ نمبر 4-1968ع
بيوفا سان وفا ڪندو ئي رهيس،
دائما هيءَ خطا ڪندو ئي رهيس.
مان مسافر ته مشڪلاتن کي،
مرحبا! مرحبا!! ڪندو ئي رهيس.
مون کي ڪنهن جي سڻڻ ٻڌڻ سان ڇا؟
مان گداگر صدا ڪندو ئي رهيس.
منهنجي منت کي ڪو مڃي نه مڃي،
مان فقط التجا ڪندو ئي رهيس.
هن جي رحمت ۾ جوش آڻڻ لئه،
ڄاڻي واڻي خطا ڪندو ئي رهيس.
آخري وقت ۾ به ”محبوبي“!
دلربا! دلربا ڪندو ئي رهيس.
ê
”مهراڻ“ نمبر 3- 1970ع
برابر برهه جو بيمار آهيان، هوس ۽ رهندس،
پرينءَ جي پرت جو بينار آهيان، هوس ۽ رهندس.
اي دنيا وارو! لايو زور، لائڻ جيڪو چاهيو ٿا،
مان ان جو طالب طيدار آهيان، هوس ۽ رهندس.
جهلڻ سان عشق ڪيئن جهلبو، پلڻ سان پيار ڪيئن پلبو،
ڪندو پرده نشين سان پيار آهيان، هوس ۽ رهندس.
زمين اٿلي پوي ته پيار جي دعويٰ ندو رهندس،
دليري سان منا دعويدار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ڀلي اي دشمنو! گڏجي ڪيو سازس ڏسو سختيون،
مان هر تڪلف لئي تيار آهيان، هوس ۽ رهندس.
نه قابو عشق ٿي سگهندو، تريءَ هيٺان نه سج لڪندو،
نمايان نيهن ۾ نروار آهيان، هوس ۽ رهندس.
صلاحون تنهنجون ٻيون سهڻيون، مڃڻ جهڙيون مگر واعظ!
سندس عاشق ته آخر ڪار آهيان، هوس ۽ رهندس.
بنا پيتي نشي ۾ هوس، پيتم، هوش ۾ آيس،
پياڪن لاءِ پر اسرار آهيان، هوس ۽ رهندس.
مان يارن قربدارن عشق وارن جانثارن جو،
خلوس دل سان خدمتگار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ڪپت، ڪيني، ڪدورت، ڪوڙ، ڪلفت، ڪج ڪلاهي سان.
سدائين برسر پيڪار آهيان، هوس ۽ رهندس
نه سيم و زر جي صاحب آڏو منهنجو سر خميده ٿيو،
غريب آهيان مگر خوددار آهيان، هوس ۽ رهندس.
اسان جو عشق زندهه باد، اسان جو پيار پائينده،
مان الفت جو علمبردار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ٻڌو ٿم ساقي ڪوثر، ٻڪن پنهنجن سان پياريندو،
انهيءَ ”محبوب“ جو ميخوار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ê
”مهراڻ“ نمبر 3-1973ع
ڪل سهڻن تي آ جنهن جو قدم، سو منهنجو صنم، سو منهنجو صنم،
مٽ جنهن جو ناهي، ماه و نجم، سو منهنجو صنم، سو منهنجو صنم
جنهن سهڻي جا سڀ سور وڻن، جنهن پياري جا سڀ پور وڻن،
جنهن مٺڙي جو آ مٺڙو غم، سو منهنجو صنم سو منهنجو صنم.
هن جي آرسڻ جي ريت عجب، هر هار عجب، هر جيت عجب،
سيبائي ٿو دل کي جنهن جو ستم سو منهنجو صنم.
ڪنهن وقت وهاري ٿو ڀرسان، ڪنهن وقت اٿاري، ٺوڪر سان،
ڪنهن وقت دلاسو ڏي دم دم، سو منهنجو صنم، سو منهنجو صنم.
خاموش رهي ته قيامت آ، ڳالهائي ته جئري جنت آ،
ماکي کان مٺو، مولي جو قسم، سو منهنجو صنم، منهنجو صنم.
مون جنهن جي چپن جي چاش چکي، جنهن پياري پڪون ڪئي پرت پڪي،
جنهن برهه جو رکيو آهه ڀرم، سو منهنجو صنم سو منهنجو صنم.
هو جيئن ٿو ستائي تئن ٿو وڻي، جئن جان جلائي تئن ٿو وڻي،
بس جنهن جو وڻي ٿو رنج والم، سو منهنجو صنم،
ڪنهن پياري پياري چوٽ ڏني، ”محبوب“ عمر جي ڪوٽ ڏني!
جنهن ڳاريو سدن، هڏ ماس ۽ چم، سو منهنجو صنم، سو منهنجو صنم.
ê
“مهراڻ“ نمبر 1-1976ع
منهنجو آ لکيل نالو رندن جي ئي خاني ۾،
”مان باده پرست آهيان بيباڪ زماني ۾.“
سائل جي صدائن ۾ ڪو سوز نه آ شايد،
نه ته ڪهڙي آ داتا وٽ ڪا کوٽ خزاني ۾.
سڀ لايا سجايا ٿيا، سڀ ڪاڄ سڻاوا ٿيا،
اڄ ڍارو ڍريو آهي، خوش بختي جي خاني ۾.
نه ته منهنجي خطائن جي مون کي ئي خبر آهي،
قسمت سان لڳي ويو آ اڄ تير نشاني ۾.
شڪرانه! اڱڻ منهنجي اڄ منهنجا حبيب آيا،
پوءِ ڪهڙي به ڪم سانگي، ڪهڙي به بهاني ۾.
تسبيح جي داڻي جئن تو ساڻ تعلق آ،
جئن موتي مڙهيل آهي، جئن ڳنڍ آ ڳاني ۾.
ماڙين تي ڪرڻ بدران ڪرندي آ نشيمن تي،
دلچسپي آ بجلي جي بس ڪک ۽ ڪاني ۾.
قدرت جو نظام آهي ۽ تخم جو تاثيرآ،
ڪو مور نٿو سرجي ڪنهن ڪناگ جي آني ۾.
عاشق کي اٿن آندو، دستار ۽ جبي ۾،
ڪو مرد لڪي سگهندو، ڪنهن ويس زناني ۾؟!
تنهنجا ها وڏا بيشڪ تعظيم جي لائق پر،
ڪا تو ۾ به خوبي آ، جا ڏاڏي ۽ ناني ۾.
هي قرب سنديون ڪيهون، هي واڪا وڇوڙي جا،
دردن جون هجن دانهون، ڀل منهنجي فساني ۾.
هن عشق جي صدق ۾ هر ڪوئي سڃاڻي ٿو،
”محبوب“ ڪيو مون کي، مشهور زماني ۾.
ê
”نئين زندگي“ جنوري 1988ع
آغوش محبت ۾ پليل هن عشق جو غم تون ڇا ڄاڻين!
هي درد جگر، هي سوز دل ، هي رنج و ال تون ڇا ڄاڻين
ڪر سک جو ڀلي تون سواد مٺو پر ڏک جو مزو تو ناهي ڏٺو،
جذبات، محبت آهن ڇا سي تنهن جو قسم تون ڇا ڄاڻين!
تون آهين سڄڻ معصوم اڃا ۽ پيار کان نامعلوم اڃا!
ڪيئن قرب ڪندڙ سان قرب ڪجي، ڪيئن ڀرجي قدم تون ڇا ڄاڻين!
مون کي ته ٻڌاءِ ڀلائي ڪري هيئن ڌار رهڻ مان ڇا ٿو وري؟
ڪيئن منهنجو جدائي ۾ پيو ڳري هڏ، ماس ۽ چم تون ڇا ڄاڻين!
تون شاد هجين آباد سدا ڏکيو نه ڏسين ڪو ڏينهن مٺا!
هن راه وفا ۾ سور سهڻ، منهنجو ئي ڪم تون ڇا ڄاڻين!
تون سمجهين ٿو سڀ چرچو پر هيءَ دل جي حقيقت آهي ير!
بس لوڪ لکا ٿو ڪانه وجهان! ڇا حال اٿم، تون ڇا ڄاڻين!
”محبوب“! سڄو احوال ٻڌي، ويو درد کان ڪاغذ، ڪارو ٿي،
اچ تو ڏي خطڙو لکندي ڇو روئي ٿو قلم، تون ڇا ڄاڻين!
”شاعر“ حيدرآباد جون 1957ع
مٺن جون هي ملاقاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون،
هي پهرئين پيار جون راتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
عجيبن اڄ محبت جا وسايا مينهن بي موسم،
اهي بوندون ۽ برساتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
نگاه غير کان گوشو ڪري، جيڪي ٿي اٽڪل سان،
پرينءَ پاتيون لڪي جهاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
اڪيلائيءَ ۾ اڄ ويهي ڪيون سين قرب جون ڳالهيون،
سي لالڻ جون مٺيون لاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
حسينو!عاشقن جو قدر ڪريو، جو اوهان کي،
ڀنل اکيون ڇنل ڇاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
صد افسوس، اي رقيبو، واٽ تي ئي هاڻ وڇڙو ٿا،
اوهان جون قرب ۾ ڪاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
اي واعظ، ڇڏ کڻي، هي تنهنجو خطبو پوءِ به پيو ٻڌبو،
مگر هي برهه جون باتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
هليو”محبوب“وڃبو، الا الا اوچتو ڪنهن دم،
نيون جن دوستيون لاتيون، وري مشڪل سان هٿ اينديون.
ê
”مهراڻ“ نمبر 2/1961ع
ڏسان ٿو خواب جو تعبير، خواب کان پهرين،
ڪرين ٿو قتل تون عاشق، شباب کان پهرين.
صراحي، ياد و باده ساغر جو آهه ڪهڙو ضرور،
نشا ٿو چاڙهين نظر جا شراب کان پهرين.
سوال منهنجي تي، چهري ۾ ايتري تبديل،
مون تنهنجي رخ مان ئي سمجهيو جواب کان پهرين.
حسين جلد م پوشيده، داستان غم،
رنو ته هوندو مصنف ڪتاب کان پهرين.
عجيب طرز تي ڏسجي ٿو عشق جو قانون،
پوي گناهه ٿو ڪرڻو ثواب کان پهرين.
نه آهيان هوش ۾، ساقي، تون ايترو ته سڻاءِ“
ڪباب پهرين”پيان“ يا شراب ”کان“ پهرين ؟
رخ حسين تي ڏسي زلف، شيخ ٻانگ ڏني،
ڀڳوسين روزو غروب آفتاب کان پهرين.
حضور حسن ۾”محبوب“ ذات پات نه آهه،
اگهيو ٿو ذرو وڃي آفتاب کان پهرين.
ê
”مهراڻ“ نمبر3/1962ع
رهبر جي رهي ويس ۾ ملبوس ٿو رهزن،
انصاف جي پردي ۾ سوين ڏوهه ٿا پلجن.
پر خار زمين سرخ ڪئي جسم جي زخمن،
گويا ڪ نظر آيو ٿي هر گام تي گلشن.
نه ٿي ڇو نه ڀلا عشق بشر ساڻ بشر جو،
بندي سان خدا جو به ٿئي عشق ٿو ممڪن!
ڪنهن وقت نه ڪن تنهنجي گريبان ڏي سڌو هٿ،
اي دوست، چريا ڀلجي به وس پنهنجي نه ڇڏجن.
تون ايترو محدود نه ٿي، بام تي بيٺل!
عشاق اڄوڪا ٿا وڃيو چنڊ ٿي پهجن.
ٿوري تي قناعت ڪري، مخمور رهڻ سان،
ساقيءَ جي بخيليءَ جو ڪيو منهن مٿي مستن.
ڪجهه سمع خراشي به ٿي در محفل ياران،
محفوظ گهڻن کي ڪيو”محبوب“ جي نغمن.
ê
”مهراڻ“ نمبر3/1963ع
ڀلا دنيا ڇا ڄاڻي، ڇو اکون ٻئي اشڪبار آهن،
مان تن جو رازدار آهيان، هو منهنجون رازدار آهن.
لکين احسان تنهنجا مون تي اي پروردگار آهن،
ڏني ٿئي دل فقط هڪڙي، انهيءَ ۾ غم هزار آهن.
خزان کان خواب کائيندڙ ئي محروم بهار آهن،
”جي چاهن ٿا قرارن کي، اهي ئي بيقرار آهن.“
نه ڇيڙيو عاشقن کي ڇو ته عاشق بي ميار آهن،
هو پنهنجي دل جا حاڪم ۽ جنون جا تاجدار آهن.
نظر جا تير ماريندڙ! نه ٿي تون ايترو نازان،
خبر ٿئي ڪا شڪاري خود ڪڏهن ٿيندا شڪار آهن،
خبر ناهي ته ڪهڙن خوش نصبين کي نوازيندو،
سندس قرب ۽ محبت جا سوين اميدوار آهن.
چڙهئي جو آهي سڀڪو ئي، ڪرئي جو ڪير ڪونهي ڪو،
جڏهن هڪڙو ٿو کائي هار، وجهندا ٻئي کي هار آهن.
گهڻي ماڻهو ڏسون موجود ٿا ”محبوب“ محفل ۾.
غزل تنهن جي کي سمجهڻ وارا اهل دل ٻه چار آهن.
ê
”جديد شعراءِ سنڌي“ 1964ع
کڻ نظر، خوش ٿي، کلي، ناحق نٽائي ڇا ڪندين!
مون کان پنهنجي پيار کي، لالڻ، لڪائي ڇا ڪندين!
ڇا غضب جو حسن، شوخي ۽ شرارت، گهور گهنڊ،
ههڙو ننڍپڻ ۾، وڏي هوندي الائي ڇا ڪندين.
منهنجو دامن تو تي دانهين ۽ گريبان آ گواهه،
پنهنجي دامن کي گناهن کان بچائي ڇا ڪندين.
دل جد داغن سان رهي روشن ٿي عاشقن جي مزار،
ان جي مرقد تي چراغن کي جلائي ڇا ڪندين.
ڪر نه ڪنهن بيدرد جي آڏو ڪڏهن اظهار غم،
مينهن جي آڏو ڀلا مرليون وڄائي ڇا ڪندين.
بيوفا دنيا ڪڏهن ڪنهن سان نڀايو ڪين آهه،
آزمايل کي وري تون آزمائي ڇا ڪندين.
زور جي ميندي نٿي ”محبوب“ هٿڙن کي لڳي،
دل رهي ڪافر ته پوءِ ڪلمو پڙهائي ڇا ڪندين.
ê
”نيئن زندگي“، مئي 1970ع
مون سبق ڪافي پرايا، پنهنجي ڪن يارن منجهان،
ڪجهه ٿڌن ساهن منجهان، ڪجهه گرم شوڪارن منجهان،
حسن جي بازار ۾ آيس کڻي عيب و گناهه،
شال ڳڻجان مان ٻه يوسف جي خريدارن منجهان.
منهنجي دلبر کي ڏسي محبوب سڀ ڪن ٿا ٺڳي،
ڪئ گلن لالاڻ چوري، هن جي رخسارن منجهان.
هو ڏسو! مخمور ۽ شهمور ڪارو ڀونئر پڻ،
ليٽي پيٽي آهه آيو يار جي وارن منجهان،
ڊلريا گلرخ تي ماکيءَ جون مکيون ڀلجي پيون،
سڀ چريون ٿي آيون چوسڻ، شهد رخسان منجهان.
جام کان آهي، مٿي معيار منهن جي عشق جو،
پيار اي سهڻا سڄڻ نيڻن نشيدارن منجهان.
پاڻ پئنداسين، ته هميشه باوقار،
پاڻ ناهيون ساقيا! محتاج ميخوارن منجهان.
نيڪو ڪاران کي به پنهنجي نيڪا ڪاريءِ تي هو ناز،
مون خدا کي هٿ ڪيو، آخر خطا ڪارن منجهان.
شمع هڪڙي مان گهڻيون شمعون ٿيون روشن ٿين،
ڪيترا يٿ ويا، خدا وارا، خدا وارن منجهان.
گل ۽ بلبل ۾ لڪايم عشق پنهنجو تا حيات،
روز محشر من اٿان تنهنجي طلبگارن منجهان.
ٿا چون شاعر ته هي”محبوب“ جو آهي. غزل،
پاڻ شاعر آه پڌرو، پنهنجي اشعارن منجهان.
ê
”مهراڻ“ نمبر4/1967ع
فلڪ منهنجي طفيل آهي، مه ڪامل به مان آهيان،
مان جنهن منزل کي ڳوليان ٿو، اها منزل به مان آهيان.
مان آهيان بحر الفت، آب هستي عشق جو طوفان،
قدم جنهن جا چمن لهرون، اهو ساحل به مان آهيان.
مسلمان آهيان، پر منهنجي سهڻن سان به دل آهي.
کڻي چئجي، بتن جي قرب جو قائم به مان آهيان.
محبت جو پڙهي ڪلمون، ڀڳم ڪلفت جو بتخانو،
مان آهيان مظهر حق دافع باطل به مان آهيان.
ڏنم سهڻن کي پنهنجي زندگي مهر و وفا ڪارڻ،
محبت جو سخي ۽ سونهن جو سائل به مان آهيان.
ٿو پنهنجي خواهشن کي سخت مشڪل سان ڪيان پورو،
مان پنهنجو آهيان مشڪلڪسشا، مشڪل به مان آهيان.
هزارن حسرتن جا خون، دل جو دل ۾ ڪريان ٿو،
وڏو بيدرد، ظالم، خوني ۽ قاتل به مان آهيان.
جهان ۾ پنهنجي مومل، پنهنجو راڻو سڀڪو پاڻ آهي.
مان خود”محبوب“ پنهنجو عاشق بيدل به مان آهيان.
ê
1-”مهراڻ“ نمبر3/1968ع
2-”مهراڻ“ شاعر نمبر 1-2 /1969ع
سج چنڊ کان سٺو حورن کان حسين، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين،
الفت جي جهان جو تخت نشين، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
جو آهه سراپا مهر و وفا مان هن تي فدا هو مون تي فدا،
جنهن لاءِ مخالف منهن جا ڪئين سو منهن جو پرين سو منهنجو پرين،
جو آهه شه خوبان زمن، سڀ سهڻا جنهن جا پير چمن،
جانيءَ جي جتيءَ تي تن جي جبين، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
صدا بار مبارڪ درد جگر! شاباس هجئي آهن جا اثر!
مون کي جنهن جي وفا تي آهه يقين، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
جنهن وقت شمع جو شوق ڇڏين، بي ساخته روشن رخ ڏي وڌين،
پروانه! تون جنهن تي ڀلجي پوين، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
حيران رهن ٿا حور ملڪ، لاريب سڄڻ آرشڪ فلڪه،
وک وک تي چمي پير زمين، سو منهنجو پرين وس منهنجو پرين.
سسئي جي وفا سهڻيءَ جو جگر، ليليٰ جي تڙپ، مومل جو سحر
هن چئني خوبين سان جو حسين، سو منهنجو پرين
قاصد ڇا ٻڌايان، توکي ادا،”محبوب“مٺي جا پار پتا،
جو سهڻن جو سردار ڏسي، سو منهنجو پرين سو منهنجو پرين.
ê
”مهراڻ“ نمبر 1/1975ع
شوخيون ۽ شرارتون آهن
هسن وارن جون عادتون آهن
عشق جون هي عنايتون آهن.
عرش تي اڄ اقامتون آهن.
جت فرشتن کي آ وڃڻ جي منع،
عشق کي ات جازتون آهن.
ڇا اڳي هوس ڇا هينئر آهيان،
قرب جون سڀ ڪرامتون آهن.
ترڪم الفت ۾ نفرتون نه وڌيون،
چاهتون اڄ به چاهتون آهن!
هيءَ ڇنل ڇاتيون، ڀنل اکيون،
عاشق جون علامتون آهن.
هڪ قيامت هجي ته ڳالهه ڪجي.
هت هزارين قيامتون آهن.
ناهه قسمت جو ڪو قصور سڄڻ!
پنهنجي ڏوهن جون شامتون آهن.
مان فدا جنهن تي سو فدا ٻئي تي!
آفتن تي به آفتون آهن.
عار انگل بهانا نخرا، ناز،
پيار ڀريون ڳجهارتون آهن.
ويو بدلجي نظام مينوشي،
قابل رحم حالتون آهن،
حسن تنهنجي تي آهه دنگ ٿيو،
ختم توتي نزاڪتون آهن.
تنهنجو هر ڪلمو، ڪلمه توحيد،
تنهنجا انداز آيتون آهن،
منهنجا”محبوب“ توکي محشر ۾،
درد مندن جون پارتون آهن.
ê
”نئين زندگي“ آڪٽوبر 1987ع
ڪرم جو نيٺ ته وسندو ڪڪر ڪڏهن نه ڪڏهن،
ٿڌو ٿي ويندو هي ٿرپارڪر ڪڏهن نه ڪڏهن،
اسان جي ڏيهه تان لهندو ڏمر ڪڏهن نه ڪڏهن
۽ ويندو ظلم ٿي زي و زير ڪڏهن به ڪڏهن
ڪري ڪي واهر و ايندا ولر ڪڏهن ڪڏهن
”عمر جي ڪوٽ“ جا ڏرندا ڏکر ڪڏهن نه ڪڏهن.
نياپو ڏيندو اچي نامبر ڪڏهن نه ڪڏهن،
وطن کان خير جي ايندي خبر ڪڏهن نه ڪڏهن.
ضرور کلندو هي پڃري جو در ڪڏهن نه ڪڏهن،
ڪنداسين، سو گلستان سفر ڪڏهن نه ڪڏهن.
شب فراق ٿي ويندي، بسر ڪڏهن نه ڪڏهن،
ڪنداسين سوءِ گلستان سفر ڪڏهن نه ڪڏهن.
شب فراق ٿي ويندي بسر ڪڏهن نه ڪڏهن،
وري به وصل جي ٿيندي سحر ڪڏهن نه ڪڏهن
ڪندو هو منهنجي خطا درگذر ڪڏهن نه ڪڏهن
هو مون کي پنهنجي گهرائيندو گهر ڪڏهن نه ڪڏهن.
هينئر نه قدر اسان جو آ قافلي وارو!
اسان لئي روئيندا سڀ همسفر ڪڏهن نه ڪڏهن.
نصيب آهه اڃا سنگ در جي سيراندي،
اوهان جي هنج ۾ هوندو هي سر ڪڏهن نه ڪڏهن
اسان کي ياد ڪري روئندا گهڻا ”محبوٻ“!
اديب شاعر ۽ اهل نظر ڪڏهن نه ڪڏهن.
ê
”نئين زندگي“ نومبر 1987ع
ڇو ٿا جئري ڪيو جدا سائين!
مون کي ماريو نه هيئن، مٺا سائين!
ڇا وفا آهه ڇا جفا سائين،
ڪهڙا ليکا وري ڪبا سائين!
آسرو آ اوهان ۾ ايڏو وڏو،
جيڏا آهيو اوهين ”وڏا سائين!“
اڄ حڪيمن به هٿ ڪڍي ڇڏيا،
لادوا جي ڪيو دوا سائين!
جن مٺن سان مٺا اٿئون، کاڌا،
گڏ ڪڙا تن سان کائبا سائين!
توکي آئون به ٿو وڻان يا نه ؟
اجھ ته ڀلجي تون ڪر ڪا ”ها“ سائين!
منهنجي قسمت جو آهه ڏوهه سڄڻ،
توکي ڏوراپا ڇا ڏبا سائين!
اچ! وڇايا مون نيڻ راهن ۾!
مرحبا سائين، مرحبا سائين!
نزع ۾ آهه منهنجي شمع حياب،
سا اجهامي ٿي بس اجها، سائين!
آهه ”محبوب“ جو هي خوب غزل،
واهوا سائين ٰ! وهوا سائين!
”مهراڻ“ نمبر 4/1988ع
اهي قرب واريون گهڙيون ياد اينديون،
اوهان جون مٺيون ڳالهڙيون ياد اينديون.
نه هو عشق جو آزمودو ٻنهين کي،
جڙيو ٻئي دليون، ڪيئن جڙيون ؟ ياد اينديون.
اسان جي اڳي ڪانه هئي، آشنائي،
اکيون ڪيئن اکين سان اڙايون ياد اينديون.
اسان جون محبت ۾ آزيون نيازيون،
اوهان ڪيئن ڪيون ڪاوڙيون ياد اينديون،
چڱن کان هميشه ٿين ٿيون چڱايون،
”وڙن“ واري کي ”رڙيون“ ياد اينديون.
سڙي باهه ۾ ڪي ستيون ٿيون سڏائن،
ستيون جيڪي سڪ ۾ سڙيون ياد اينديون.
پنهل ڪاڻ ٿيا ڪيئ پٿون پير پٻ ۾.
ڇپر ۾ لڳيون ٿي ڇڙيون ياد اينديون.
ڪيم جيڪي فرقت ۾ ڪوڪون ۽ ڪيهون،
سي راتين جون ريهون، رڙيون ياد اينديون.
ڪٿي قرب جا قافلا قطارون،
اهي چنگ نغما چڙيون ياد اينديون.
مليا راهه الفت ۾ ”محبوب“ مهڻا،
گهڻيون تحمتون جن گهڙيون ياد اينديون.
ê
”نيئن زندگي“ فيبروري. مارچ 1989ع
مڃان ٿو ڏوهي گنهگار ۽ گندو آهيان
مگر اي ماهرو محبوب! تو سندو آهيان
قسم تو ترڪ محبت جو آ کنيو ليڪن،
مان توکي روئي، ستي لوڪ سڏڪندو آهيان.
حساب ناهه ڪو توسان وگر نه آءُ پڻ،
رسڻ کان پوءِ وڏي مشڪل سان پرچندو آهيان.
خدا جي واسطي محبوب ڪر مدايون معاف،
پرين مان پنهنجي خطائن تي شرمندو آهيان.
خطا کان پاڪ جي آهي، ته بس خدا آهي،
مگر اي بنده نواز، آءُ هڪ بندو آهيان.
جڏهن به عشق جا اڌما اندر ۾ اڀرن ٿا،
ته تنهنجي ياد ۾ رانجهن مان روئندو آهيان،
ڪٿي به، ڪو به ٿو، ڪهڙي به ، تنهنجي ڳالهه ڪري،
سندءِ ثنان مان اي ڍولڻ نه ڍاپندو آهيان،
نهاري ناز مان موٽندي تون مرڪندو آهين،
تڏهن خوشي کان نه ڪپڙن ۾ ماپندو آهيان.
پرين مان تنهنجي محبت جو آهيان اهڙو چراغ،
نه تيز تند هوا سان اجهامندو آهيان.
چروي کريو ٿا ڪي سمجهن ”وطائي“ جيئن مون کي،
مگر مان خوب سڀن کي سڃاڻندو آهيان.
ڪلام منهنجي ۾ تنهنجو آ عڪس حسن و جمال،
مان توکي سامهون رکي شاعري ڪندو آهيان.
اوهان جي ناتي سان محبوب! ”سروري“ ٿا سڏين.
اوهان جي سلسلي سان ئي سڃاپندو آهيان.
ê
”مهراڻ“ نمبر 3/1989ع
مون باس باسي ته ايندي ن وري، ٿيو به ائين!
نه تنهنجي مون سوا سگهندي سري، ٿيو به ائين!
اسان لئي باهه ڪا ويندي ٻري، ٿيو به ائين!
مگر آ صبر ۾ ئي بهتري، ٿيو به ائين!
اوهان سان پهرين ملاقات ۾ ، ٿيو محسوس،
اوهان جو چاهه ڪندو دل چري، ٿيو به ائين!
غريب ساڻ، وڏو ماڻهو ڇا نڀائيندو،
هي ڳالهه نيٺ ٿي ويندي ڳري، ٿيو به ائين!
وصال وقت به، ڀت ۾ ڪٻر وڌي واعظ،
بلا هي ويندي بالاخبر ٽري، ٿيو به ائين!
ضرور دور ٿي ويندا هي ڏک ۽ ڏولاوا،
۽ ڏيندو دوست اچي دلبري ٿيو به ائين!
خدا خلوص و محبت کي ڪامياب ڪندو،
۽ ٿيندي غير جي حالت جري، ٿيو به ائين!
ڪهاڻي منهنجي ڏکن جي ٻڌي، سڄڻ کي پڻ،
اکين ۾ ايندا ڪي ڳوڙها تري، ٿيو به ائين!
ڏيا ٻين ٻين جا اجهامي، جڏهن ڪندا اونداهه،
تڏهن سهاءِ ڪندو”سروري“ ٿيو به ائين!
ê
”نيئن زندگي“ نومبر 1988ع
جو چوڏهين جو چنڊ اهي ڄڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سر منهنجو سڄڻ
جنهن ساڻ ثواب آ قرب ڪرڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
جنهن دل جي ڇانور ۾ ويهاريو،
جنهن درس محبت سيکاريو،
جنهن پهرين اڪاريو پار پتڻ،
سو منهنجو سڄڻ سو منهنجو سڄڻ
رخسار تي ڀيرا ڀونئر ڏين،
ماکيءَ جون مکيون پڻ مست ٿين،
جنهن جي کاين تي حيران هرڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
”سهڻي“ ۽ سستي“ ڪن رشڪ سدا،
”ليلي ٰ“ به چري، ”مومل“ به فدا،
جنهن جا پريون چاهن پي چمڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
جنهن مون کي ٻين کان موڙي ڇڏيو،
غيرن سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو،
جنهن سيکاريو هڪ در تي جهڪڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
جنهن عشق جي غيرت سمجهائي،
جنهن پيار سان دلڙي پرڀائي،
جنهن جا واجب ٿيا، احسان مڃڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
منهنجو درد اهو ۽ غم به اهو،
”محبوب“ مٺو، همدم به اهو،
منهنجو جنهن لئه جيئڻ ۽ جنهن لئه مرڻ،
سو منهنجو سڄڻ، سو منهنجو سڄڻ
ê
”مهراڻ“ نمبر 4/1975ع
ماهوار ”سنڌي ڊائجيسٽ“ آڪٽوبر – نومبر 1979ع |