سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محبوب سروري

صفحو :6

 

پيغام دل

رهين ٿو سدا ياد، مون کي پيارا

هجين شال آباد، پرديس وارا!

جدائي ۾ توکي هتي روز آئون،

کڻي هٿ خدا ڏي ڪيان پيو دعائون،

وڇوڙيل جي ناشاد، دل جا سهارا

هجين شال آباد، پرديس وارا

اسان جي اڱڻ تي قدم جي ڌري وئين

۽ هو قول جيڪي تون مونسان ڪري وئين،

اٿم ياد ارشاد، ساٿي سونهارا

هجين شال آباد، پرديس وارا!

پسند تنهنجي نيڻن سندو ناز مون کي،

وڻي تنهنجو مٺڙو ٿو آواز مون کي،

عجب تنهنجي آزاد، اکڙين اشارا

هجين شال آباد، پرديس وارا!

مٺا يار ”محبوب“ آ ماڳ موٽي،

رکڻ ڪين ورهين جي گهرجي وڇوٽي،

سگهو منهنجو فرياد، سڻ تون خدارا!

هجين شال آباد، پرديس وارا!

ê

ماهنامه ”فردوس“ هالا فيبروري 1953ع

 

 

ڪشمير هلنداسين

هتان الله اڪير جي هڻي تڪبير هلنداسين،

اسين پنهنجي ته قبضي ۾ ڪرڻ ڪشمير هلنداسين.

 

گهنا ڏينهن ماٺ ۾ گذريا نه وهنداسين هتي هاڻي،

لڪن، لاهن ۽ جبلن مان ڪري سڀ سير هلنداسين.

 

تصور ۾ اسان کي آ اهو ئي خالدي نقشو،

اکين آڏو رکي يرموڪ جي تصوير هلنداسين.

 

سدائين امت مرسل جا دشمن ٿي رهيا جيڪي،

ڪهڻ سي مرهٽا ۽ خالصا خنزير هلنداسين.

 

ڀلي پهن جون پٽي پوٿهيون، وجهن هو فتح لاءِ فالون،

اسين ات آزمائڻ سيف سان تقدير هلنداسين.

 

اچن اسلام تي پوءِ هي سڄو ڪشمير انهن جو آ،

اڳي ئي پاڻ ۾ اهڙي ڪري تدبير هلنداسين.

 

محمد ابن قاسم، غزنوي ۽ قائداعظم،

انهن جي عين مقصد جي ڪرڻ تعبير هلنداسين.

 

جهان ۾ رشڪ جنت ڪير آ؟ ڪشمير ئي آهي.

اتي ِ ئي پنهنجي خوابن جا ڪرڻ تعبير هلنداسين.

 

مدد لئي ٿا کنيو اکيون ڏسن مطلوم ۽ بيوس،

غلام طوق سڀ تن جا ڀڃڻ زنجير هلنداسين.

 

وڏي نڍي جوان پوڙهي جي ايندو جوش غيرت کي،

ڪري ڪا قوم پنهنجيءَ ۾ اها تقرير هلنداسين.

 

اسان جو رعب ۽ طاقت ڏسي ڪافر ڏڪي ويندا،

وڙهڻ جي واسطي بلڪل وڏا ٿي وير هلنداسين.

 

مجاهد قوم جو ۽ ملڪ جو ”محبوب“ ٿي رهجي،

عدوئي دين کي جلدي لڳائڻ تير هلنداسين.

انشاء الله

ê

 

ماهنامه ”طالب المولي“ اپريل مئي 1953ع

 

 

 

 

ديهاتي بهار(مسدس)

(هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ٻار پڻ مائل به جواني ڏسي ۽ سندس حسن و خلق کان متاثر ٿي لکيو ويو)

(1)

نظر اوچتي تو ۾ تبديل آئي،

اڳوڻي نه سيني ۾ آهي سڌائي،

۽ ڪجهه آهه آواز ۾ پڻ ڳرائي،

ڏسڻ ۾ اچين پئي تون سهڻي سوائي،

اڳئين کان گهڻو چلولا وار آهن،

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن.

(2)

گندي ٻانڌي کي به آ بيقراري

مٿي تان وڃي کسڪيو ناز واري،

اڳئين کان اکيون تنهنجيون آهن خماري،

۽ پاڪيزگي جو اٿن ڪيسف طاري،

گهڻ پرڪشش تنهنجا پيزار آهن.

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن.

(3)

حيا واريون تنهنجون آهن نگاهون،

وڻن ٿيون هي ويتر سنهي ٻر سان ٻانهون،

ٿيو حسن حورن کان تنهنجو مٿانهون،

هلڻ مهل ڪن تنهنجون تعظيم راهون،

گهڻيون نعمون تو ۾ نروار آهن

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن.

(4)

اٿئي ٺيڪ ٺاهوڪي بيهڪ بدن جي،

ملاحت عجيب آهه ڳتيل ڳلن تي،

صباحت سٺي ماس ڀريل هٿن جي،

شفا بخشڻ آلاڻ آهي چپن جي،

ڪمر تنهنجي جا پڻ ڌنڌا آهن

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن

(5)

ننڍي هوندي کان چست چالاڪ آهين،

حيا هوندي هوشيار بيباڪ آهين،

تون شان زمين، حسن افلاڪ آهين،

اڃا تون فرشتن کان پڻ پاڪ آهين،

۽ ”صانع“ جا تو ۾ گهڻا پار آهن،

هي تنهنجي جوانيءَ ۾ آثار آهن

(6)

نه وارن ۾ ڪم ٿيل جو ۽ ڦڻي جو،

۽ کپ ناهه توکي وڏائيءَ گهڻيءَ جو،

نه مٽ مشڪ ٿئي تنهنجي پيرن پڻيءَ جو،

ڏسي توکي وٺجي ٿو نالو ”ڌڻيءَ“ جو،

رکيون پنهنجون خوبيون ڪي فنڪار آهن

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن

(7)

بدن تي اگر بافتو پائين پيئي،

مگر هرک مخمل کي هر کائين پيئي،

ڪکن ۾ محلات کي گهائين پيئي،

۽ ديهانت ۾ شهر شرمائين پيئي،

ڏنيون ڏاتيون توکي ڏاتار آهن،

هي تنهجي جوانيءَ جا آثار آهن،

(8)

جتيءَ کان سوا پير جئن جئن کڻي پئي،

ته چاندي جي چمپل کي طعنا هڻي پئي،

ڪجل سرمي، سرخي سوائي وڻي پئي،

محبت جون دل ۾ ڪي ڳالهيون ڳڻي پئي،

اکيون تنهنجون الفت ۾ سرشار آهن،

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن.

(9)

تو پاڪيزه سيرت ۽ سهڻي ادا سان،

قناعت، ڪفايت ۽ صبر و رضا سان،

صفائي، سچائي ۽ شرم و حيا سان.

ڪيا ماءُ پيءُ خوش، تو لڄ پت وفا سان،

تو مرڪائيا پنهجا ٻڪرار آهن

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن

(10)

مون کي تنهنجي پاڪيزگي جو قسم آهه،

وهيو پاڪ جذبي سان منهنجو قلم آهه،

هي فطرت کان مجبور شاعر جو ڪم آهه،

ستي! تنهنجو ست مون کي پڻ محترم آهه،

هي ”محبوب“ جا پاڪ اشعار آهن،

هي تنهنجي جوانيءَ جا آثار آهن،

”مارئي“ آڪٽوبر 1985ع

 

 

نيڪ عورت

ٿي راضي رکي پنهنجو ور نيڪ عورت

رکي صاف سٿرو ٿي گهر نيڪ عورت،

 

سفر زندگي جو ڪٽي مرد سکيو،

جي ان سان هجي همسفر نيڪ عورت.

 

ٿو هر ڪو ٿئي نيڪ عورت جو خواهان،

نصيبئون ملي ٿي مگر نيڪ عورت.

 

ملي کير ۾ کنڊ، نعمت ۾ نعمت!!

ٿيو مرد شير و شڪر نيڪ عورت.

 

بنا بال و پر جي پکي ڪيئن اڏامي؟

پکي مرد ۽ بال و پر نيڪ عورت،

 

ٿو ميوي بنا وڻ ولهو هيڪلو ٿئي،

شجر مرد آهي ثمر نيڪ عورت.

 

ڳرهاٽي سان گرويدو شوهر ڪري ٿي،

ڪري پيار ٿي پر اثر نيڪ عورت.

 

سندن سهڻي صورت سان گڏ سهڻي سيرت!!

وڌائي ٿي شان بشر نيڪ عورت.

 

اچي مرد تي ڪابه ٿي تيغ مشڪل،

ڪري پنهنجو سينو سپر نيڪ عورت.

 

کين جنگ لئي قوم کي جي سپاهي،

ڏني پنهنجا لخت جگر نيڪ عورت.

 

اچي ڪو به قرباني جو وقت ڪنهن دم ،

ڪري پنهنجا قربان پسر نيڪ عورت،

 

ٿي مردن سان شامل ڪلهي ۾ ڪلهو ڏئي،

لڙي مثل شير بير نيڪ عورت.

 

چڱن ڪاڻ چانڊاڻ کان وڌ لطيف آهه.

برن لاءِ برق و شرر نيڪ عورت.

 

چڱائي مدائي ٿي سڀ ڪنهن جي سمجهي،

رهي ٿي سدا باخبر نيڪ عورت.

 

سندس ور سوا ڪين ڪنهن ڏي نهاري،

رکي پاڪ پنهنجي نظر نيڪ عورت.

 

ڪري مرد پنهنجي کي ڪعبو ۽ قبلو،

جهڪائي ٿي ان آڏو سر نيڪ عورت.

 

محبت جي بارش وسئي ٿي ور تي،

خدا جي عطا جو ڪڪر نيڪ عورت.

 

جي خاوند اچڻ ۾ کني دير لائي،

ٿي ان لئي رهي منتظر نيڪ عورت.

 

ٻڌي پنهنجي شوهر جي پيرن جي آهت،

خوشي مان وڃيو کولي در نيڪ عورت،

 

اچي مرد ٿڪجي ته خوش ٿي وڃي ٿو!

اگهي جئن ٿي رخ تان پگهر نيڪ عورت.

 

حياتي جا دک دور ٿيو سڀ وڃن ٿا،

جي مرڪي ڪري ٿي نظر نيڪ عورت،

 

چڱي زال دولت کان صدا بار افضل،

ٿئي مرد جو ٿي سمر نيڪ عورت.

 

ڏکي يا سکي پنهجي ور سان سهاڳڻ،

ڪري زندگي ٿي بسر نيڪ عورت.

 

ڪري ان تي گهر ۾ ڪو ڀاتي ڪاوڙ،

کليو ٿي ڪري درگذر نيڪ عورت.

 

حياتي ٿي بهتر کان بهتر بنائي،

۽ کولي ٿي جنت جو در نيڪ عورت.

 

ڏسي پنهنجو اولاد پٿڙا ۽ پيارا،

ڪري شڪر شام و سحر نيڪ عورت.

 

اٿس مرد کي خوش رکڻ جون ڪي رمزون

هلائي ٿي پنهنجو هنر نيڪ عورت.

 

مسرت جي دنيا جو اسباب ڇاهي؟

ٻڌايان ٿو ما مختصر: ”نيڪ عورت“!

 

هي خاوند جي، ”محبوب“!! خوش قسمتي آهه،

سندس گهر ۾ آهي اگهر نيڪ عورت.

ê

 

1-”مارئي“ جنوري 1959ع

2-”ڳوٺ سڌار“اپريل 1959ع

 

 

 

ووٽ جي حقدار کي ئي ووٽ ڏيو

لازمي ناهي ته شاهوڪار کي ئي ووٽ ڏيو،

يا ته بنگلي جيپ موٽر ڪار کي ئي ووٽ ڏيو،

قوم جي همدرد ۽ غمخوار کي ئي ووٽ ڏيو،

مفلسن ۽ بيڪسن جي يار کي ووٽ ڏيو.

ملڪ جي ڪنهن خاص خدمتگار کي ئي ووٽ ڏوي،

اي عزيزو! ووٽ جي حقدار کي ئي ووٽ ڏيو.

تنهن تي چڱ ڙسي نه آ، جنهن وٽ هجي دولت گهڻي،

پنهنجي دولت ڪير ڪنهن کي ڪينڪي  ڏيندو کڻي،

سو چڱو آهي، چڱو اخلاق ڏي جنهن کي ڌڻي،

لوڀ لالچ کي ڇڏيو اي دوستو! ٺوڪر هڻي،

خوبيون ۽ خصلتون هر ڪنهن وڏيري ۾ ڏسو،

سوچي سمجهي سڀ تفاوت باز ڳيري ۾ ڏسو.

پنهنجي ٻيڙين کي ڀڃي، ڀلجو، متان سگريٽ تي،

خود غرض دوکو ڏين ٿا ڪيڪ ۽ بسڪيٽ تي،

چوندجڻ کان پوءِ رکندا ڦيڻو پنهنجي پيٽ تي،

ڪم کڻي ويندو اگر چوندا، ته ”اچجان چيٽ تي“،

چاءِ جا پيالا خوشامد طور اڄ ڏيندا ضرور،

اوترو آخر اوهان جو خون چوسيندا ضرور.

 

خوش مزاجي کوٽ تي ڀلجي نه وڪڻو ووٽ کي،

چاءِ ۽ بسڪوٽ تي ڀلجي نه وڪڻو ووٽ کي.

چاپلوسي چوٽ تي ڀلجي نه وڪڻو ووٽ کي.

سائي ڳاڙهي نوٽ تي ڀلجي نه وڪڻو ووٽ کي.

خود غرض ” برساتي ڏيڏر“ کي نه هر گز ووٽ ڏيو،

چغل چمچي، لچ لوفر کي نه هر گز ووٽ ڏيو،

پنهنجي يونٽ مان اهو ئي چونڊيو اميدوار،

جو هجي مخلص مسلمان مرد مومن ديندار،

حق گو حق طلب پرهيزگار ايماندار،

۽ سياست جي سڀن بازين کان واقف هوشيار،

هي سياس جو چڪر ڪو کليل ٻاراڻو نه آهه،

ووٽ آ ايمان ۽ ايمان جو ناڻو نه آهه،

جو هجي مخلص مسلمان مرد مومن ديندار،

حق گو ۽ حق طلب پرهيزگار ايماندار،

۽ سياست جي سڀن بازين کان واقف هوشيار،

جيڪو بلڪل بي بيباڪ، ڳالهائي سگهي،

هر مسئلو قوم جو سمجهي ۽ سمجهائي سگهي.

قوم ساري جو اوهان جي ئي ڪلهن تي آهه بار،

ملڪ جو آهي اوهان جي ووٽ تي دارومدار،

چونڊيو پنهنجي وطن جا خاص خادم خاڪسار،

خست جان سرويچ سورهيه جنگ جوڌا جان نثار،

ووٽ تنهن کي ڏيو جو بلڪل ووٽ جو لائق هجي،

درد رکندڙ قوم جو ، اسلام تي عاشق هجي.

 

ووٽ لائق کي ڏيو چاهي هجي ڪهڙي به ذات،

ذاتين جا ويو ڪڍي سڀ فرق، فخر ڪائنات صه،

سچ چيو آهي سياڻن”ذات تي ناهي ڪا ڏات“

ڏينهن کي چوء ڏينهن آهي رات کي چو آهه رات،

حق کي چئو حق آهي، ڪوڙ کي چئو ڪوڙ آهه

حق جو حامي خدا ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ آهه.

ê

 

سائڪلو اسٽائيل سال 1962ع

 

 

 

مست

بي لغام ۽ بي مهارا، ڄڻڪ بارن کان به ٻار،

توڙي دشمن توڙي يا، ڪنهن کي مڪ ۽ ڪنهن کي مار،

ڪنهن کي ڌڪ ۽ ڪنهن کي گار،

جيڪو آيو سئي ڪار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

ڪنهن گهڙي  ڪاوڙ تا ڪن، ڪنهن گهڙي مرڪيو ملن،

ڪنهن گهڙ کلندا وتن ڪنهن گهڙي رئندا رهن،

ڪنهن گهڙي سانگا نچن،

عام آڏو آشڪار،

ڪهري مستن تي ميار.

ننڊ ڇا آرام ڇا، صبح ڇا ۽ شام ڇا!؟

ڳوٺ ڇا ۽ گام ڇا ، ننگ ڇا ۽ نام ڇام!؟

ڪفر ڇا، اسلام ڇا،

سڀ ڪيائون درڪنار

ڪهڙي مستن تي ميار.

ڇا ڪلام ۽ ڇا سلام ڇا ادب ڇا احترام!؟

ڇا حلال ۽ ڇا حرام، ڇا زمانو ڇا نظام!؟

پنهنجي مستيءَ ۾ مدام،

ڪو نه ڄاڻن، دوست يار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

ڇا فلڪ ۽ ڇا زمين، ڇا هي دنيا ڇا هي دين!؟

ڇا خراب ۽ ڇا حسين، ڇا گلا ڇا آفرين!؟

ٿا تفاوت سڀ ڇڏين پنهنجي چريائيءَ سان پيار،

ڪهڙي مستن ميار.

ويا ڀڃي قيد سماج، سڀ ڇڏي رسم و رواج،

تن جي دل بي احتياج، تن جو پورالو مزاج!

ڪو نه چاهين تخت و تاج،

۽ نه فڪر روزگار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

سر برهنه بي لباس، پنهنجي مستيءَ ۾ ئي راس!

جن جي اکين ۾ اداس، جن جي دلين ۾ پياس!

جن جي ڏسندي ٿئي حراس،

جن جي ٿي دنيا ئي ڌار،

ڪهري مستن تي ميار.

ڪت فقيرن سان فقي، ڪٿ اميرن سان امير،

ڪٿ سڏائين ٿا حقير، ڪٿ سڏائين مير، پير،

تن جون ڳالهيون بينظير،

تن جون رمزون بيشمار،

ڪهڙي مستن تي ميار.

هر سدائين سر بلند، ڪنن سڀ تي گار گند،

تن کي آزادي پسند، ڪو نه سمجهن قيد و بند،

يا ته دامن تند تند!

يا گريبان تار تار!

ڪهڙي مستن تي ميار.

ê

1-”مهراڻ“ 3/1962ع

2-”نيئن زندگي“ جون 1980ع

3-”چونڊ جديد سنڌي شاعري“ سال 1981ع

 

 

عيد آئي! (غائبانه خط)

منهنجا منٺار، ماهرو، معصوم ،

ٿو لکان غائبانه خط منظوم.

 

منهنجي ڪيف و سرور جي تقدير،

منهنجي مٺڙي پيار جي تصوير.

 

منهنجي باغ حيات جي سرهاڻ،

اي مسرت جي چنڊ جي چانڊاڻ!

 

منهنجي محدود زندگيءَ جي بهار،

عيد جا چنڊ! آفتاب قرار.

 

مان به مجبور، تون به ٿئين مجبور،

سوئي ٿيندو، خدا کي جو منظور.

 

ڪير ٿو سمجهي پيار جو مفهوم،

ڇو ڪجي دانهن، ڇو ٿجي مغموم.

 

عشق ظالم ۽ عشق ئي مظلوم،

عشق ۽ درد لازم و ملزوم.

 

 

دل ۾ ناهي اگر خوشي ڪائي،

”احتراما“ ته چئبو ”عيد آئي!“

 

پيٽ جا ختم ٿيا سڀئي روزا،

اک جو روزو اڃا به قائم آ.

 

تنهنجي ديدن سان جي ملن ديدون،

منهنجي قسمت تي رشڪ ڪن عيدون.

 

دل ۾ آهي خوشي، ته آهي عيد،

نه ته زماني جي رسم ۽ تقليد.

 

بس فقط – تنهنجي پيار کان محروم،

هڪڙو ناچيز، بنده معلوم.

ê

 

”ڦوڳ ڦلاريا“ بهار پبليڪيشن سانگهڙ، 1963ع

 

 

 

 

 

او دل آزار غريبي! (چوٽ)

غريبي، او غريبي! او دل آزار غريبي!!

او بدنام، او بد خواه، او بيڪار غريبي!

رهين دوش بشر تي، ٿي سدا بار غريبي،

ڪرين تنگ ٿي تون هرڪو ٻڍو ٻار غريبي،

سدا تنهنجو ٿو غمگين رهي، يار غريبي،

رهي تو کان ٿو تڪليف ۾، خوددار غريبي،

تون پٿر کي ڇڏين واري بنايو اي غريبي،

ڇڏين شينهن کي ڦيڪاري بنايو اي غريبي!

ٿي انسان کي انسان جو محتاج بنائين،

ڪٿي پنهنجي ضرورت لئي، وڃو ٺوڪرون کائين،

۽ پسي جي ڪري عظمت انسان ٿي وڃائين،

ٻه ڏوڪڙ ٿا ٿين جنهن کي، ٿئي تنهنجو ٿو سائين،

منجهن علم و لياقت جو تفاوت نٿي ڀانئين،

ٿي هڪڙي جي رضا لاءِ هزارن کي رسائين،

ڪڏهين ريشمي تي ٿي ريجهين ۽ لوئي ٿي لڄائين،

صد افسوس! تون دولت جي اڳيان سر ٿي جهڪائين.

پهاڙن جي طرح تنهجو به سرخم نه هجي ها،

اگر تنهنجو ڪو دولت سان صفا ڪم نه هجي ها.

شريفن جي مٿان آڻين ٿي، الزام غريبي،

جتي آهين، اهو آهه سڃو گام غريبي،

ٿي ظلمت جي ڪرين گود ۾ آرام غريبي،

نڪو تنهنجو چڱو صبح نڪا شام غريبي،

ٿئي تنهنجو سٺو ڪو نه ٿو انجام غريبي،

ٿي اقدام ترقي ۾ وجهين دام غريبي،

محبت ۾ سدام آهين تون ناڪام غريبي،

الا! ڏس ته سهي! هر ڪو پيو توکي ڌڪاري!

الا!! ڏس ته سهي! هر ڪو ٿو نفرت سان نهاري!

ٿو پئسو ئي ڪري، ڄٽ ۽ ڄاموٽ غريبي،

وڪامي ٿو وڃي ناڻي تي پڻ ووٽ غريبي،

اٿئي نوٽ جي کڙڪي ۾ لڪل کوٽ غريبي،

ٽڪن سان ٿو محبت کي پوي ٽوٽ غريبي،

قناعت جو ڇڏج چاڙهي وڏو ڪوٽ غريبي،

پلائن کان چڱو آهه رکو روٽ غريبي،

جتي، جنهن کي به، تون سائو ڏسين نوٽ غريبي،

اتان موٽ، اتان موٽ ، اتان موٽ غريبي،

تون برباد حياتي جو ائين باغ رهڻ ڏي،

مگر دامن اخلاص کي بي داغ رهڻ ڏي.

لڪايو ٿي ڇڏين، فرد جو، تون علم و لياقت،

گدڙ آڏو ٿي مجبورڪرين، شينهن جي طاقت،

مٽايو ٿي چڏين مرد جو تون شان ۽ شوڪت،

ڪڏهن تنهنجي ڪري ٿيو ٿو وڃي، خون عدالت،

زماني کي نه گهرجي ٿي ڪڏهن، تنهنجي صداقت،

نڪا تنهنجي وڻي ڪنهن کي ٿي محنت ۽ محبت،

لڪائي تو وڃي ويهه اهو شرم، شرافت،

جو پئسي جو اٿئي ملڪ ۽ پئسي جي امامت،

گڏهه کي به ڪيو ناڻو ڇڏي، راڄ جو راڻو،

۽ گهوڙن کي ڏئي پنهنجي هٿن ساڻ ٿو داڻو!

ڪرين شال نه! ڪنهن ساڻ ملاقات غريبي،

اچن تنهنجي ڪري مرد تي آفات غريبي،

ٿئي تنهنجي مصيبت جي وڏي رات غريبي،

مٽايو ٿي ڇڏين درس مساوات غريبي،

ٿين تنهنجي ڪري اوچ ۽ ڪمذات غريبي،

ڪيو زندهه دلي کي ٿي ڇڏين مات غريبي،

ڪيان خون تو ”محبوب“ جا جذبات غريبي.

صد افسوس! صد افسوس ۽ هيهات غريبي!!

تون ڪانڊيري جو ٿي سرو کي پابوس بنائين،

ائين عظمت انسان جو ٿي تون ڪوس ڪرائين.

ê

”وڻڪار“ بهار پبليڪيشن سانگهڙ، 1963ع

 

 

 

 

ابليس جي اپيل سندس ساٿين کي

(هي شعر اجھ کان 29 سال اڳ جي دور تي چيل آهي)

 

”اقبال“ جي شعرن جي چيلهه ڀڳي، ”حالي“ جي مسدس ڪنڌ ڪپيو،

هن وقت گهڻو ناشاد آهيان، ناشاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

چٻرن سان چمن کي سينگاريو، ڪانگن کي عياريون سيکاريو،

اسلام جي بلبل ٻولي پئي، صياد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

گمراهه ڪرڻ جو هر ڪو گر، فتني، جو هلايو خاص هنر،

اشراف کي بس ڪمزورڪري، ڪمزاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

لادين سياست ساڻ ملي بس دين و شريعت کي ڊاهيو،

طاقت جي ذريعي ظلم و ستم، بيدد جا هٿ مضبوط ڪيو،

 

بس منهنجي هدايت تي ئي هلو ان ۾ ئي اوهان جو آهه ڀلو،

استاد اوهان جو آهيان مان، استاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

موءمن جا ٻچا لاحول پڙهي ٿا منهنجي ٻچن کي ڊيڄارين،

تهذيب فرنگي ساڻ سندم، اولاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

الله جا بندا دنيا ۾، توحيد جي طاقت چاهين ٿا،

فرعون کي ٻيهر جاڳايو، جلاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

الله جا بند دنيا ۾، توحيد جي طاقت چاهين ٿا،

فرعون کي ٻيهر جاڳايو، جلاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

الله جا بندا دنيا ۾، توحيد جي طاقت چاهين ٿا،

فرعون کي ٻيهر جاڳايو، جلاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

 

”محبوب“ جي نظمن سان نه وري، ايمان گهڻن جو تازو ٿئي،

بس شعر و سخن جي چشڪي سان الحاد جا هٿ مضبوط ڪيو.

ê

 

”سچ جو سينهو“ رهبر پبليڪيشن، سيپٽمبر /آڪٽو بر 1965ع

 

 

اسلامي نظام

ساقيا! مٺڙا!! او مٺڙا!! لائق صد احترام،

مون کي تنهنجي سر جو سنهن، پرزار ڪري ڇڏيو مون جام،

تنهنجي ميخاني کي منهنجو آخري آهي سلام،

هاڻ غفلت ۾ نه گذري منهنجي سگهندي صبح و شام،

مون سڃاتو آهي ڇا، مومن جو مقصد ۽ مقام،

مان ڪندس قائم، وطن پنهنجي ۾ اسلامي نظام،

 

اڄ خدا جافظ! پرينءَ جي نرگسي نيڻن جا ناز،

اڄ خدا حافظ! محبت ۽ ستم جا امتياز،

اڄ خدا حافظ! سهائي رات جا راز و نياز،

اڄ خدا حافظ! مجازي عشق جا سوز و گداز،

اڄ خدا حافظ! مٺي محبوب جي زلفن جا دام،

مان ڪندس قائم، وطن پنهنجي ۾ اسلامي نظام.

 

دل نٿي منهنجي لڳي اڄ عشق جي مضمون سان،

پيار جي شڪوه و شڪايت فال ۽ افسون سان،

زندگي جي راند مان تيسين، ڪندس پيو خون سان،

پاڪ ٿئي جيسين جهان قرآن جي قانون سان!

ڀل چون باغي ٿي ويو، هڪ، شاعر شيرين ڪلام،

مان ڪندس قائم، وطن پنهنجي ۾ اسلامي نظام.

 

ڪيئن ڪيان برداشت آخر ظلم جي طوفان کي!

ڪيئن سهي سگهندس، ڪهي انسان ٻيو انسان کي!

ڪيئن نه خطرو ٿو رهي ڀارت کان پاڪستان کي!

ڪيئن نه پيا الحاد جا حامي ڪه اخوان کي!

ههڙي حالت ۾ ته بس خاموش ويهڻ آ حرام،

مان ڪندس قائم، وطن پنهنجي ۾ اسلام نظام.

 

تار مان السام جي ڪشتي کي هيڪر تاربو،

هي جهان قرآن جي قانون سان سينگاربو،

هت نظام حق کي قائم ڪي ڏيکاريو،

ڪفر ۽ الحاد کي آخر سبق سيکاربو،

آمريڪا، روس جا ڇا لئي رهون ذهني غلام،

مان ڪندس قائم، وطن پنهنجي ۾ اسلام نظام.

 

پياري پاڪستان جي آهي انهيءَ ۾ بهتري،

هت ڪجي قانون اسلامي کي نافذ،”سروري“!

هڪڙو اسلامي حڪومت جو نمونو ٿئي وري،

پاڪ ٿي هڪدم وڃن پنڊي، پشاور ۽ مري،

ڪوئيٽا لاهور، ڊاڪا ۽ ڪراچي چاٽگام!

مان ڪندس قائم وطن پنهنجي ۾ اسلام نظام.

ê

 

هفتيوار”پاڪستان“ لاڙڪاڻو 15 سيپٽمبر 1966ع

 

 

پهرو

ڪٿ مال ۽ دولت تي پهرو،

ڪٿ مرد ۽ عورت تي پهرو،

ڪٿ پيار ۽ الفت تي پهرو.

ڪاغذ ۽ قلم تي پهرو آ، راقم ۽ رقم تي  پهرو آ،

معشوق جي ڳل تي پهرو آ، شاعر جي غزل تي پهرو آ.

 

سائل جي صدا تي پهرو آ،سهڻن جي سخا تي پهرو آ،

ڪٿ ناز و ادا تي پهرو آ، ڪٿ مهر و وفا تي پهرو آ.

 

گلشن ۽ گلن تي پهرو آ، چوڌار چمن تي پهرو آ،

هت منهنجي خطن تي پهرو آ، ۽ شعر و سخن تي پهرو آ.

 

پهرو آ سندم تحريرن تي، پهرو آ سندم تقريرن تي،

هر واٽ تي پهريدار هلن، هر چونڪ تي چوڪيدار گهمن،

 

هي ڦاٽل ڦاٽل تصويرون، ۽ پرزا پرزا تحريون،

خاموش زبان جون تقريرون، ۽ پير ۾ پاتل زنجيرون.

هن حال ۾ ڏينهن گذاريان ٿو،

”محبوب“ مٺو نه وساريان ٿو.

ê

”مهراڻ“ 1/1974ع

 

هٿ

هٿ لائن سڄو ٿا نظام جهان،

هٿ حقيقت ۾ افضل سڄي جسم کان.

ڇو هٿن کان به افضل ٿا سمجهون زبان،

خود هٿن سان ڪيو ظلم آهي اسان،

هٿ سهن ٿا مصائب گهڻا صبر سان،

هٿ زبان وانگي ڪن ڪين آه و فغان،

هٿ اکين جئن نه هارن ٿا اشڪ رون،

هٿ ڀڄن جنگ مان ڪين پيرن جيان،

هن هٿن سان لکياسين سوين داستان،

پر هٿن جي ثنا ۾ نه آيو بيان،

ڇو هٿن جو نه همدرد آهي ميان،

هن هٿن کان سواءِ روزي ايندي ڪٿان،

ڏي خدا ٿو مٿان پر ٻين جي هٿان،

هٿ بيابان کي ٺاهيو ڇڏين گلستان،

هٿ هلائي ٿا ڪنهن جي ڪيون آجيان،

هٿ ئي مشڪل ڪشا جو چون ٿا نشان،

هٿ عدالت ۾ بنجن ٿا نو شيروان،

هٿ هلاڪو ٿين، هٿ ئي چنگيز خان،

هٿ بنائن ٿا انسان کي پهلوان،

هٿ ئي گاما ۽ ڀولو رستم زمان،

ڇو هٿن جو مان حق تلف ٿيندي ڏسان،

ٿو هٿن جي ثنا مان هٿن سان لکان.

هٿ ئي فاتح ٿين هٿ ئي خيبر شڪن،

هٿ ئي الله اڪبر جو جهنڊو کڻن.

نيزا، تلوارون، ڀالا لڳائن ٿا هٿ،

هٿ ئي زخمي ٿا ڪن، زخم کائن ٿاهٿ،

دشمنن کان بدن کي بچائين ٿا هٿ،

هٿ ڪمائن ۽ کائن، کپائن ٿ هٿ،

هٿ ئي پوکين پينهن پچائن ٿا هٿ،

هٿ ئي ڪوڏر هڻن ه هلائن ٿا هٿ،

۽ بيابان کي گلشن بنائن ٿا هٿ،

پنهنجي استاد جي مار کائن ٿا هٿ،

پينگهو لوڏن ۽ جهولو جهلائن ٿا هٿ،

سي ئي سچ پچ حڪومت هلائن ٿا هٿ،

گردشن ساڻ زور آزمائن ٿا هٿ،

۽ لڪيرن سان قسمت ٻڌائن ٿا هٿ،

يار جي رخ تان پردو هٽائن ٿا هٿ،

ڪنهن پريءَ رو جو چهرو پسائن ٿا هٿ،

قرب وارا ملڻ دم ملائن ٿا هٿ،

حال دل جو سمورو سڻائن ٿا هٿ،

هڪ ٻئي جي حقيقت ٻڌائن ٿا هٿ،

ٻن ڄڻن جي محبت وڌائن ٿا هٿ،

۽ پروان کي پنهنجو بنائن ٿا هٿ،

هٿ ئي ويجهو سڏن، هٿ اشارو ڏين،

هٿ اٿرن ڪريل کي، سهارو ڏين،

هٿ عبادت ۾ الله اڪبر چون،

هٿ ئي پيشاني کان پهرين سجدو ٿا ڪن،

هٿ ئي ميندي رکن، هٿ ئي سهرا ٻڌن،

هٿ ئي اول ٿا چاهه ذقن کي ڇهن،

هٿ ئي معشوق جي ڳل تي پهرين لڳن،

هٿ هٿن تي جڏهن پيار وارا رکن،

هٿ ئي  وعدا ڏين، هٿ ئي وعدا وٺن،

جت زبان بند اکون بند دليون ڏڪن،

هٿ ئي همت ڪري رهنمائي ٿا ڪن،

اجنبي اجنبي پيار وارا ملن،

هٿ ئي شروعات ڪن هٿ ئي ويجهو وڃن،

هٿ دلاسو ڏين خوف دل جو ڀڃن،

هٿ صراحي کڻن هٿ ئي ساغر ڏين،

هٿ ئي مدهوش ڪن هٿ سهارو ٿين،

ڀاڳ وارا اهي جي ٻڪن ۾ پين،

مئي پيڻ سان ساقيءَ جا هٿ پڻ چمن،

هٿ ئي دلجوئي ڪن هٿ ئي ڳوڙها اگهن،

موت ويل اکين تي سڄڻ هٿ رکن،

هٿ ڍڪائن ڪفن هٿ ئي ڪن ٿا دفن،

۽ لحد ۾ حبيبن جا هٿ ڪم اچن،

هٿ ئي حسن و نزاڪت جي چغلي هڻن،

هٿ حيا ۽ شرافت جي چغلي هڻن.

نرم ۽ نازڪ ۽ ننڍڙا نجيبن جا هٿ،

ماکي مصري کان مٺڙا عجيبن جا هٿ،

جئن شفاياب ڪن ٿا حبيبن جا هٿ،

تئن ڪري ڪين سگهندا، طبيبن جا هٿ،

ٿا ٻڌائن جوان ۽ پيري به هٿ،

رهنمائي ٿا ڪن، دستگير به هٿ،

صاف ۽ پاڪ پرده نشينن جا هٿ،

ڀورڙا ڀورڙا نازنينن جا هٿ،

برقعي کان به ٻاهر حسينن جا هٿ،

مو ر پردو نه نه ڪن مه جبيبن جا هٿ،

شهد آڱر سان ٿيو واهه! ”شق القمر“

چنڊ ٽڪرا ڪيو هٿ سان خير البشر.

هن هٿن سان ٿين ٿا گهڻا معجزا،

هٿ ابولهب جي لاءِ ”تبت يدا“

هٿ گهرن ٿا دعا، هٿ گهرن بد دعا،

هٿ پکيڙي ڪو سائل هڻي ٿو صدا،

آهه مشهور حاتم جي هٿ جي سخا،

هٿ سان عيسيٰ ٿي مرده به زندهه ڪيا،

نانگ ڳڙڪايا موسيٰ جي هٿ جي عصا،

دستخط کان سواءِ عهد ناما ڪچا،

دستخط سان ٿين فيصلا ٿا پڪا،

دستخط سان ڪي ڦاسي جي کائن  سزا،

دستخط سان ڪي قيدي وڃن ٿا چٽا،

دستخط سان ٿين  ختم جهيڙا جهٽا،

دستخط سان ٿين ڪارناما وڏا،

ٿا رٺل يار پنهنجي کي ٻئي هٿ ٻڌون

هٿ ٻڌي ماهرو کان معافي وٺون،

هجر دلبر ۾ ڪن چاڪ دامان به هٿ،

مشڪلاتن کي ڪن نيٺ آسان به هٿ،

زندگيءَ جو سڄو ساز و سامان به هٿ،

هٿڪڙين سان وڃن سوءِ زندان به هٿ،

۽ سبن ٿا لباس عروسان به هٿ،

ڪاتب شاعران غزلخوان به هٿ،

سوڳوارن شام غريبان به هٿ،

درد مندن جو ڪن دارون در مان به هٿ،

واقف راز تخت سليمان به هٿ،

ڪنهن گهڙي ٿا لکن شاهي فرمان به هٿ،

ڪن ٿا تحرير الفاظ قرآن به هٿ،

ٿا هٿن ساڻ محنت مشقت ڪيون،

ڪوهساري ڪندي ٿا ٿين هٿ لڦون.

هٿ محافظ ٿين مال ۽ جان جا،

هٿ نگهبان ٿين ساز و سامن جا،

هٿ نه پنهنجن کي مارن ٿا عثمان رضه جا،

هٿ ڇڪي ٿا ڪچن ڏند سلمان رضه جا،

هٿ ئي ٽوڙن ٿا دروازا زندان جا،

هٿ ئي روڪين دلبر کان در بان جا،

هٿ ڌئاريون ٿا”محبوب“ مهمان جا

قيمتي هٿ اٿو، ڏاڍا انسان جا.

ê

 

”مهراڻ“ 1/1975ع

 

 

 

اڄو ڪو ڏينهن

اڳوڻي وقت جو قصو اوهان اڪثر ٻڌو هوندو،

سڳوريءَ سنڌ جو راجا ڪٽر ڪافر ٻڌو هوندو،

جو پنهجي ڀيڻ جو ٿيو پان هو شوهر ٻڌو هوندو،

سو بي غيرت، هٺيلو ۽ ضدي” ڏاهر“ ٻڌو هوندو،

ڏهين تاريخ رمضان جي انهي جو انت آيو هو،

محمد ابن قاسم ان کي دوزخ ۾ رسايو هو.

اڄوڪي ڏينهن تي پيغام آيو فتح و نصرت جو،

اڄوڪو ڏينهن آهي، شادمان ۽ مسرت جو،

اڄوڪو ڏينهن آهي دين جي تبليغ و دعوت جو،

اڄوڪي ڏينهن ”پاڪستان“ جو بنياد“ پختو پيو.

سڳوري سنڌ کي”السلام جو دروازو“ سڏيو ويو.

مقدر س زمين سنڌ جو چمڪيو اڄوڪي ڏينهن،

بفضل حق مسلمانن جو منهن مرڪيو اڄوڪي ڏينهن،

هٺيلو راجه پنهنجي خون ۾ ڦٿڪيو اجھوڪي ڏينهن،

هتي اسلام جو يارو جهندو ڦڙڪيو اڄوڪي ڏينهن،

سڳوري سنڌ ۾ اڄ هو”نظام مصطفي ٰ“ پهتو،

اڃايل آدميت لاءِ جام مصطفي ٰ پهتو.

اڄوڪي ڏينهن تي اسلام جو برباد دشمن ٿيو،

محمد ابن قاسم لاءِ ناممڪن به ممڪن ٿيو،

خدا جي دين سان  اڄ سنڌ جو آبادگار گلشن ٿيو،

نبي جو نور اطهر سان هي سارو ملڪ روشن ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن تي نابود ٿيا باطل جا پتخانا،

مڃون”محبوب“ ٿا پنهنجي خدا جا سهسين شڪران

.(روزانه ”مهراڻ“ 26 آگسٽ 1977ع

 

نظام مصطفيٰ

عيد جي آئي مبارڪ ختم ٿيو، ماهه صيام،

اڄ نيئن سر اوج تي آ ميڪده جو انتظام،

پاڪ ميڪش، پاڪس ساقي، پاڪ مينا، پاڪ جام،

پاڪ روز ۽ پاڪ شب ۽ پاڪ صبح ۽ پاڪ شام،

دوستو معلوم اٿو ڇا جو هي آهي اهتمام؟

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام!

دهرين ۽ ملحدن جون سازشون زير زمين،

ٿي ويون آهن، زياده تيز تر اي هڪ نشين،

ناهه پاڪستان جي نظريه تي جن کي ڪو يقين ،

فرض آ، تن کي وڌي سختي سان سڀ روڪيو اسين،

بدز بان بدخواه کي بس وات ۾ وجهجي لغام،

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ، اسلامي نظام

قوم چاهي ٿي ته نافذ ٿئي نظام مصطفيٰ

قوم جا قائد ڪيو سو قوم سان واعدو وفا

موقعي کي جن وڃايو عمر ڀر روئندا ويا،

پوءِ خدا ناخواسته پنهنجي به سوچيو انتها

ملحدن جي حرڪتن کان باخبر ٿيو صبح شام،

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

جن نظام مصطفيٰ لئي سر ڏنا تن کي سلام

جي نه ڪنهن فرعون جي ڊپ کان ڊنا تن کي سلام

جيڪي لڙيا خوب هٿيارن بنا تن کي سلام

جن جا ظالم گولين سينا ڇنا تن کي سلام

صبح جو تحريڪ ۾ نڪتا سي موٽيا ڪين سام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

جنهن جي خاطر دشمن ٿي زهر جون مانيون ڏنيون

جنهن جي خاطر قوم جي ٻچڙن ٿي قربانيون ڏنيون

جنهن جي خاطر موت کي مردن ٿي مهمانيون ڏنيون

جنهن جي خاطر نوجوانن جوش مان جانيون ڏنيون

پاڪ ڌرتي تي نظام پاڪ چاهيو ٿي عوام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

جاڳو مظلومو! اوهان جو هاڻ وارو آ وريو.

ظالمن کي چئو نه هاڻي ظالم کان توبه ڪريو،

سرڪشو! سڌري وڃو! سر پنهنجو سجدي ۾ ڌريو،

دهرين ۽ ملحدن جي لاءِ ٻارڻ آ ٻريو،

پنهنجا ڪن کولي ٻڌو اي نفس جا گولا غلام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

سو نظام ايندو سگهو جنهن کي ڏسي اکيون ٺرن

شل خلافت راشده جون برڪتون موٽي اچن

ملڪ دنيا جا سڀئي جنهن کي ڏسڻ سان رشڪ ڪن

غير سڀئي، پير پاڪستان جا ڌوئي پين

وقت سو ويجهو آجنهن لئي دل هني ماندي مدام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

پاڪ ڌرتي جي نظام مصطفي ٰ تقدير آ

ڊاڪٽر اقبال جي هي خواب جي تعبير آ

ڪوٽ هي اسلام جو ناقابل تسخير آ

دشمن اسلام جي تارن ۾ ٻرندڙ تير آ

عالم اسلام جو هي! آهه تيغ بي نيام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

شينهن ٻڪري گڏ گهمن سو آ نظام مصطفي ٰ

چور توبه توبه ڪن سو آ نظام مصطفي ٰ

امن اسان مارو رهن سو آ نظام مصطفي ٰ

سڀ سکيا سانگي ٿين سو آ نظام مصطفيٰ

”چشم شيرين ڏي ڊوڙو!“ ڏيو پياسن کي پيام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو آ اسلامي نظام

شاد بستيون باغ بستان شاد جهنگل ، بحر و بر،

شاد هر ڪو شهر ڳوٺ ۽ شاد هر ديوار و در

شاد هر شاگرد هو مزدور هر اهل هنر

شاد هرلا شاد کيتي شاد هاري شاد هر

شاد آ”محبوب“ صاحب شاعر شيرين ڪلام

منهنجي مٺڙي ملڪ ۾ اچڻو اسلامي نظام

ê

 

”سنڌي ڊائيجسٽ“ نومبر – ڊسمبر 1978ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org