سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محبوب سروري

صفحو :8

 

 

قطعات

مون سان ئي کڻي جورو جف ٿيو ته بجا ٿيو

ڪو عشق ۾ مجبور وفا ٿيو ته بجا ٿيو

مون کي آ ڪيو قيد سندءِ قرب قريشي

تاعمر اهو قيد عطا ٿيو ته بجا ٿيو

ٻيو ڪو به وسليو نه کپي راهه وفا ۾

محبوب! مددگار خدا ٿيو ته بجا ٿيو

ê

ماهنامه ” فردوس“ هالا سنڌ، ڊسمبر 1954ع

 

 

 

قطعات

 

اچ منهنجي دل جا دوست پيارا لڪي ڇپي،

اچ هڪڙي غمزده جا سهارا لڪي ڇپي،

ڪنهن بد نظر کان يار نظر جي نه جيئن پوين،

اچ خلق جي نظر کان خدارا لڪي چپي.

ê

 

1-”عبرت“ ماهوار ايڊيشن، مئي 1960ع

2-”رهبر دائجسٽ“ (سالنامو) جنوري – فيبروري 1978ع

 

 

قطعات

 

(1)

ايتري بي رخي چڱي ناهي،

هئن ڪناره ڪشي چڱي ناهي،

منهنجي غم جي به ڪجهه ملاوت ڪر،

توکي خالص خوشي چڱي ناهي.

(2)

تون اکر آهين حسن جو مالڪ،

مان به ان جو ئي مدح خوان آهيان،

جهڙو تون شوخ، تهڙو مان خوددار،

تون جي”تون“ آهين، مان به ”مان“ آهيان.

(3)

روئي روئي، کلي کلي ڏسجي،

زندگي جو مزو وٺي ڏسجي،

ڪيترو قرب ۾ پيا لڪنداسين،

اڄ به ميدان تي اچي ڏسجي،

منهنجي دل کي فقط تون ڏوهه نه ڏي،

پنهنجي دل تي به هٿ رکي ڏسجي.

ê

”مهراڻ“ نمبر 2/1962ع

 

 

قطعات

 

(1)

جو راز هجي، راز کي بس راز رهڻ ڏي،

همزار کي هر وقت نه همزار رهڻ ڏي،

ماحول ۽ ماحول جي ڇڏي ڳالهه،

ناساز هو، ناساز آ، ناساز رهڻ ڏي!

(2)

جنهن تي ڪا مشڪلات ڪانه آهي،

تنهن کي ڪجهه حاصلات ڪانه آهي،

مرد مولائي سر سهائن ٿا،

جهڙي تهڙي جي بات ڪانه آهي!

(3)

ٿي ڪن جي دوستي کان ڪن جي وڻي عداوت،

ڪن جو کلڻ به خواري، ڪن جو روئڻ به راحت،

ڪهڙي طرح ملڻ ٿئي، افسوس هاءِ قسمت،

هت جيتري محبت، هت اوتري نفرت!

(4)

ٻيو ته سڀ ڪجهه لٽي وئين دلبر،

صرف اکين ۾ آب رهجي ويو،

يعني مجروح دل جو تنهنجي لاءِ

هڪڙو هلڪو عتاب رهجي ويو!

(5)

ترڪ الفت ڪرڻ ۾ سوچ سڄڻ،

ايترو جلد فيصلو نه ڪجي،

پنهنجو جور و جفا ته جاري رک،

پيار جو بند سلسلو نه ڪجي،

پنهنجي نفرت کان مستفيض ته ڪر،

صرف الفت کي مشغلو نه ڪجي.

(6)

شوخيون ۽ شرارتون آهن،

حسن وارن جون عادتون آهن،

مان فدا جنهن تي سو فدا ٻئي تي،

آفتن تي به آفتون آهن!

(7)

هر قدم جي نشان کي ڳوليان پيو،

گم ٿيل ڪاروان کي ڳوليان پيو،

مون کان وڇڙي ويل ورو! ساٿيو!

آئون ڏاڍو اوهان کي ڳوليان پيو.

(8)

حسن کان بد گمان ماڻهو وٽ،

عشق وارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،

جي گلن جون به پيا گلاون ڪن،

تن سان خارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

(9)

توکي دلبر وري وري ڏسجي،

تنهنجي صورت ڏسي ڏسي ڏسجي،

تنهنجي پوشيده پيار تان صدقي،

تنهنجي الفت عجيب ٿي ڏسجي.

(10)

بهاريج و جلوو خزان ۾ به آهي،

خوشي ڪجهه سمايل فغان ۾ به آهي،

رڳو بيوفائي نه سهڻن جي سمجهو،

مگر ڪا ڪچائي اسان ۾ به آهي.

(11)

باغبان کان نه گل پني وٺجي،

گل مقصود خود ڇني وٺجي،

صلح سازي مان جي بلو نه ٿئي،

چنڊ کان زوري چاندني وٺجي،

سج جي ڳل تي هڪ چماٽ هڻي،

پنهنجي حصي جي روشني وٺجي.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر1 /1969ع

 

 

 

 

 

مستزاد

واهه غريب (موٽ)

 

صرفي ۽ قناعت جي ڏسين راهه غريبي- اي واهه غريبي،

دولت جي ڪڍين ڪا نه ٿي پرواهه غريبي- اي واه غريبي

تو وٽ ته فقط آهه محبت ئي محبت بس پيار جي دولت،

ٿي قرب ڏيو قيد ڪري شاهه غريبي-اي واهه غريبي،

سينگار سوائي ٿي ٺهين پاڻمرادي-تون سهڻي ۽ سادي،

ظاهر جا نٿي ڄاڻي ٺلها ٺاهه غريبي- اي واهه غريبي.

اخلاص ۽ اخلاق سان ماڻهن کي سدائين-پنهنجو ٿي بنائين.

ڪيني ۽ ڪپت تي ٿي ڪرين ڪاهه غريبي-اي واهه غريبي

تون ظلم سهي نيٺ جڏهن جوش ٿي کائين-طوفان ٿي مچائين.

ڏاڍن جا سڪايو ٿي ڇڏين ساهه غريبي-اي واهه غريبي

سيني ۾ صدف وانگي تون سانڍين ٿي گهر

کي- هڪ پيار جي در کي،

پوشيده رکين عشق جي آڙاهه غريبي-اي واه غريبي.

سچ!تنهنجو اگر قدر ۽ قيمت ڪو سڃاڻي-الله ٿو ڄاڻي،

ان کي نه رهي ڪنهن جي به پرواهه غريبي-اي واه غريبي.

جي ڪو به سوڙ سارو اگر پير ڊگهاري-خوش ڏاڍو گذاري،

بي ساخته پوءِ نعرا هڻي”واهه غريبي!“ ”اي واهه غريبي!!“

غربت جي اڳيان نيٺ تو نگر به جهڪي ٿو-تابع ٿي چڪي ٿو،

توکان ٿا ڊڄن شاه شهنشاهه غريبي- اي واهه غريبي.

مسڪين جي هر ڪا ٿي صدا عرش اڏامي-جلدي ٿي اگهامي،

الله جي در جهٽ ٿي رسي آهه غريبي- اي واه غريبي!

تڪليف ۽ ڏک بک ۾ خدا ياد اچي ٿو – ڪو راز رچي ٿو،

لا ديني جا ڇڏيا تو ڪڍي لاهه غريبي-واهه غريبي.

درويش، نبي، رهبر و عاشق تو نپايا-مقبول بنايا،

آندا تو گهڻا راهه تي گمراهه غريبي-اي واهه غريبي.

دنيا ۾ چڱا چار جي آهن ڪي لڪا پيا-تو وٽ سي لڀن ٿا،

بس ڪهڙي ڪيان تنهنجي مان ساراه غريبي-اي واه غريبي.

ان کي ٿو حياتي جو مان سينگار ئي ڀانئيان-سيني سان لڳايان،

”محبوب“ ڏني مون کي جا الله غريبي-اي واه غريبي.

ê

 

1-”ڪنول ڪٽوريون“ بهار پبليڪيشن سانگهڙ 1963ع

2-”مهراڻ“ شاعر نمبر 1-2/1969ع

 

 

 

 

نازڪ بدن سان نينهن ته زوريءَ به لائبو، ناتو نبائبو،

هو ٿو اگر ڦٽائي، نه ان سان ڦٽائبو، ناتو نڀائبو

دل ٿي سڙيو سڙي ته سڙڻ ڏيوس ڀل سڙي ڳوڙهو نه پر ڳڙي،

پنهنجو جگر جلائي، جلائي جئابو، ناتو نڀائبو.

ڪنهن دم مليو ته پيرا مان دامن جهلي سندس هڪڙي صدا ڪندس،

مسڪين ڪنهن کي هيترو آهي ستائبو؟ ناتو نڀائبو.

پنهنجو ڪري ڪري نه ڪري، ان جو آهيان ٻئي ڪنهن جو ناهيان،

هو منهنجو آهي پاڻ کي ان جو سڏائبو، ناتو نڀائبو.

ان کي هن منهنجو حال جي ناهي ٻڌڻ پسند، رکبي زبان بند،

هو جي نٿو ٻڌي ته نه ٻئي کي ٻڌائبو، ناتو نڀائبو

ان جي رضا اٿم بسرو چشم دائما، صد مرحبا جفا!

دل ٿي جلي، نه آب اکين مان وهائبو، ناتو نڀائبو.

ڪاتيءَ مڏي سان مون کي جي ڪهندو نه ڦٿڪندس،

لرزري نه هٿ سندس!

دامن کي داغدار ٿيڻ کان بچائبو، ناتو نڀائبو.

تنهنجي هي عشق و پيار جو ”محبوب“ مستزاد،

هر ڪنهن کي رهندو ياد

سهڻن جي محفلن ۾ هميشه پيو ڳائبو ناتو نڀائبو.

ê

 

”مهراڻ“ نبر2/1974ع

 

 

 

 

ٻڏي نه ٿا مرن!؟

جي سنڌ ۾ رهي به سندس دشمني ٿا ڪن

ٻڏي ڇو نه مرن!؟

ٽڪرا انهي کي ڪن ٿا سي، جنهن صوبي ۾ رهن،

ٻڏي ڇو نٿا مرن!؟

 

جي سنڌ ۾ ئي ڄاوا، مخالف اهي ٿيا!

اي يارو ٻڌو پيا؟

سنڌوندي جو پاڻي پي، ان جي گلا ٿا ڪن!

ٻڏي ڇو نٿا مرن!؟

 

جيڪي سڙن ٿا پنهنجي تعصب جي باهه ۾،

رکو سي نگاهه ۾

درياءَ ڪناري وير ٿا واڳن سان جي وجهن!

ٻڏي ڇو نٿا مرن!؟

 

غيرن سان خوش خرام ۽ پنهنجن سان تن کي وير!

ٻڌايو ته ڪير ڪير؟

ناحق پرائي دهل تي احمق پيا نچن!

ٻڏي ڇو نه ٿا مرن!

 

مومن سان ”الا الا! برهمن سان رام رام!!

طريقو اهو حرام!!

پنهنجي بغل ۾ بت رکي ڪلمو به ٿا پڙهن!

ٻڏي ڇو نٿا مرن!؟

 

ملت ۽ قوم پنهنجي تان قربان ٿي وڃو،

نصيحت اها مڃو،

”محبوب“! ملڪ قوم لئه، مانجهي نه جي مرن،

ٻڏي ڇو نٿا مرن!؟

ê

 

”نئين سوچ“ شمارو

11-12، 29 شوال

المڪرم 1411هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org