سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام محبوب سروري

صفحو :5

 

 

 

 

باغبان کان به گل پني وٺجي،

گل مقصود خود ڇني وٺجي.

 

پهرين پهرين ڪا شي گهري وٺجي،

پوءِ لڙائي لڙي، لڙي، وٺجي.

 

موت کي ماري زندگي وٺجي،

درد و غم کان کسي خوشي وٺجي.

 

صلح سازيءَ مان جي بلو نه ٿئي،

چنڊ کان زوري چاندني وٺجي!

 

سج جي ڳل ي هڪ چماٽ هڻي،

پنهنجي حصي جي روشني وٺجي.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر 2/1962ع

 

 

 

 

آندي قاصد خبر خوشيءَ جهڙي،

اڄ اسان جي به آهه اک ڪڪڙي.

 

پي ميخانه ۾ اٿئي پاتو،

شيخ! مضبوط پنهنجي ڪج پڳڙي

 

جهڙي واعظ سان ميڪده ۾ ٿي،

دشمنن سان به ش: نه ٿئي اهڙي.

 

سانورن ۾ به حسن هوندو آهه،

صرف مقصود ڇو اڇي چمڙي؟

 

ميمڻ جئن ڪٿان سکيئن سهڻا!

دم وڇي، پر وڇي نه هڪ دمڙي،.

 

موت فنڪار سان ٿو فن جو ٿئي!

هاءِ! ماحول جي ”ستي لڪڙي“.

 

هن جا آهن سدائين شعر نوان،

ڳالهه”محبوب“ جي ڪجي ڪهڙي.

ê

 

”مهراڻ“ نمبر 4/1962ع

 

ڃا عشق بتان آهي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي،

اڃا هيءَ دل جوان آهي انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

هتي راهه وفا ۾ جنهن جي تنهنجي جاءِ ڪانهي ڪا،

اڻانگو امتحان آهي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

سندس مهرو وفا مان آسرو اي دل متان لاهين،

گهڻو هو مهربان آهي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

جلائي بي سبب ٿو پيار جي هر آشياني کي،

هي ظالم آسمان آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي،.

 

اچي محفل ۾ اڄ معشوق سان گڏ غير ويٺو آه،

بهاري ۾ خزان آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

حسينو! عشق وارن جو به وارو نيٺ ايندو آ،

پر ايندو دير سان آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

حقيقت ۾ حسينن کي جدائي جو سبق سارو،

پڙهايو ئي اسان آهي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

سلاست سادگي”محبوب“ جي هر ڪنهن غزل ۾ ڏس،

نيئن طرز بيان آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي.

ê

1-”پيرن سنديون پاٽيون“بهار پبليڪيشن سانگهڙ، 1963ع2-”نئين زندگي“ مارچ-اپريل 1980ع   3-”نئين زندگي“مئي جون1985ع

 

تون نه اهڙو ستاءِ، ڪيئن چئجي،

ماٺ جي آهه جاءِ ڪيئن چئجي!

 

پاڻ کي ئي ٿٿو بيوفا سڏايان،

هي لقب تنهنجي لاءِ ڪئين چئجي.

 

توکي ظلم، فريبي، وعده شڪن،

تون ئي سهنا سڻاءِ ڪيئن چئجي.

 

مرڳو ناتي کان ٿين نه انڪاري،

”مون سان ناتو نڀاءِ“ ڪيئن چئجي!

 

تنهنجي قدمن جي ناهيان قابل

پاڻ کي خاڪپاءِ ڪيئن چئجي.

 

مون کي چوڻو ته ڪافي آهي پر،

ڇا چوان! هاٰ هاءِ!! ڪيئن چئجي!

ê

”مهراڻ“ نمبر 1/1968ع

 

 

 

 

 

عرش مٿان آهه رسا، مرڪندي آئي،

منهنجي ٿي مقبول دعا مرڪندي آئي.

منهنجي خطا، هن جي عطا، مرڪندي آئي.

منهنجي اها، پاڻ خدا، آه اگهائي،

يار مليو، خوش ٿي کليو، ويئي جدائي،

دل جي ندا، من جي صدا، مرڪندي آئي.

جيڪي ڏسن،سڀ ٿا جهڪن، شاه سڪندر،

ناد وڄن، نعرا هڻن، مست قلندر!

هن جي ادا، هوش ربا، مرڪندي آئي.

ڏاڍو سٺو منهنجو مٺو، آيو اڱڻ اڄ

قرب ڪري پير ڀري، سڻهو سڄڻ اڄ

شڪر خدا، هن جي رضا، مرڪندي آئي

جيڪي ملن، سڀ ٿا ڏين، مون کي مبارڪ،

شاخ و چمن، دشت ودمن، مون کي مبارڪ،

مست هوا،باد صبا، مرڪندي آئي.

ڪانه تڳي، ٺڙڪ ٺڳي، دل جي لڳيءَ ۾،

غير صفا، ٿي ويو، فنا، جهڙي جهڳيءَ ۾،

منهنجي وفا، نج ۽ صفا مرڪندي آئي

خوف و خطر، دل جي سفر، ۾ نه رهيو آهه،

غم جو اثر، هاڻ جگر ۾ نه رهيو آهه،

دارون دوا، صحت شفا، مرڪندي آئي.

خوب هي، ”محبوب“ رکيو شان محبت،

ڏڍ ڏئي، نيٺ ڪئي، شاه شفاعت،

منهنجي خطا، روز جزا، مرڪندي آئي..

”سانگي ڊائجسٽ“ ٽنڊوالهيار، جنوري 1968ع

 

زماني جو اهڙو وريو واءُ آهي،،

نه سنگت ۾ ساڳيو رهيو ساءُ آهي.

 

رڳي آهه يارن کي آڪڙ اجائي،

ٿيو سير سڀڪو، نه ڪو پاءُ آهي.

 

ڏسون ڪير ٿو هٿ کٽي، ڪير هاري،

جو هيءَ زندگاني به هڪ داءُ آهي.

 

اوهان هڪڙو لمحو ٿا گڏ گهاريو مشڪل،

اسان زندگي جو هنيو داءُ آهي.

 

ڇا برتاءُ آهي اسان جو اوهان سان،

اوهان جو اسان سان ڇا برتاءُ آهي.

 

اوهان جي جفا تي، اسان کي سزائون،

هي آهي تلافي؟هي پرچاءُ آهي؟

 

وڏي مهرباني، ڦري دل هليو وئين،

لٽيل ڪاروان کي نه ڊپ ڊاءُ آهي.

 

هي شڪايت جا ڳوڙها نه آهن،

هي پنهنجي ئي غلطيءَ تي پڇتاءُ آهي.

 

غزل جي صورت ۾ تو وٽ مان پهتس،

ضرورت ئي ايجاد جي ماءُ آهي!

 

محبت جي ٻولي ٿو ”محبوب“ سمجهي،

اسان وٽ رسيو، صرف پڙلاءُ آهي.

ê

 

ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر1/1968ع

 

 

 

 

 

 

هن يار جون ڳالهيون ڪهڙيون ڪجن هو جيئن ٿو ستائي تيئن ٿو وڻي،

جيئن پيار لڪائي تيئن ٿو وڻي، جيئن سڪ ۾ سڪائي تيئن ٿو وڻي،

 

جيئن درد ڏئي تيئن دل ٺري، جيئن سور ڏئي تيئن پيار وڌي،

جيئن وِرهه وڇوڙي ۾ ٿو وڍي، جيئن رڻ ۾ رلائي تيئن ٿو وڻي ،

 

جيئن پرت مان پياري پنهنجون پڪون، جئين سرس ملون تيئن سرس سڪون،

هر ناز نئون انداز نئون، جيئن گهور سان گهائي تيئن ٿو وڻي،

 

جيئن غير سان گڏجي مرڪي پيو، جيئن لوڻ ڦٽن تي ٻرڪي پيو،

جيئن چاڪ چڪائي تيئن ٿو وڻي، جيئن جان جلائي تيئن ٿو وڻي،

 

جو ان کي ڏسي عاشق ٿو ٿئي، ڪيئن ڪوڙي سچي جي پرک پوي،

جيئن ڪرٽ وهائي تيئن ٿو وڻي، جيئن قتل ڪرائي تيئن ٿو وڻي،

 

سهڻي جون ادائون سڀ سهڻيون، منٺار جون وصفون من مهڻيون،

جيئن سهڻو سڏائي تيئن ٿو وڻي، جيئن پاڻ پڏائي تيئن ٿو وڻي،

 

اخلاق حسين اعمال حسين، اقوال حسين، افعال حسين،

بس ڳالهه ڇڏي ڏي! ڇا ٿو پڇين؟جيئن پاڻ وڻائي تيئن ٿو وڻي،

 

جنهن وقت ٿو پاڻ کي سينگاري، ٿو منهنجا غزل هو جهونگاري،

”محبوب“ ادائن سان ماري، جئين ڳيت ٿو ڳائي تيئن ٿو وڻي،

ê

1.”مهراڻ“ نمبر1/1974ع

2. ”نئين زندگي“ آڪٽوبر 1979ع

 

 

 

ساهه تي ناهه بقا، ڪير مري ڪير جئي،

اچ سگهو ماهه لقا، ڪير مري ڪير جئي.

 

بي بقا آهه حياتي، اي سڄڻ غور ته ڪر،

مل اچي نامِ خدا، ڪير مري ڪير جئي،

 

عمر ساري اي پرين! ڌار گذاريندين ڇا؟

ڇڏ کڻي جور و جفا، ڪير مري ڪير جئي.

 

چار گهڙيون ته محبت ۾ گذاري به ڏسون،

هي جهان آهه فنا، ڪير مري ڪير جئي.

 

ڇا خبر! پاڻ وري ملون يا نه ملون!

ڪر نه جئري تون جدا، ڪير مري ڪير جئي.

 

پنهنجي اڄ رات ملاقات غنيمت آهي،

صبح تائين اي مٺا، ڪير مري ڪير جئي.

 

ناهه معلوم ته هن بعد جهان ۾ هوندا،

ڪير گڏ ڪير جدا، ڪير مري ڪير جئي.

ê

”مهراڻ“ نمبر 3/1974ع

 

 

ڀلا مسجد ۾ تون آهين ته ميخانن ۾ ڪير آهي!

بنايو گهر تو ڪعبي کي ته بتخانن ۾ ڪير آهي ؟

 

نٿو سمجهان سٻاجها سائين! تو کي مان ڪٿي ڳوليان،

خرد وارن ۾ تون آهين ته ديوانن ۾ ڪير آهي

 

ڏٺم جيئن سونهن باغن جي ته هڪدم ياد تون آئين،

گلستان جي تون گل گل ۾ ته ويرانن ۾ ڪير آهي.

 

ڪري در بند ڪي عابد نمازون ٿا پڙهن هر دم،

تون ڪوٺين ۾ ڪڙيل آهين ته ميدانن ۾ ڪير آهي

 

حسينن، عاقلن ۽ عالمن ۾ جي فقط آهين،

اٻوجهن، ڪوجهڙن، ڪارن ۽ ديوانن ۾ ڪير آهي.

 

عصا، تسبيح، ڏاڙهي، جبھ و دستار ۾ آهين،

ته پوءِ معصوم دل ٻارن ۽ مستانن ۾ ڪير آهي.

 

”لباس المومنين“ اوڍي، ”قلوب الڪافرين“ آيا،

سڃاڻو ڪيئن انسان، انسان ۾ ڪير آهي.

 

سڀئي مستانه وار آيا ڪرڻ تنهنجو طواف آهن.

تون آهين شمع ۾ سهڻا ته پروانن ۾ ڪير آهي.

 

عرب ۾ آ خدا جو توڙي، محبوب خدا جو گهر،

عرب وارن ۾ تون آهين ته افغانن ۾ ڪير آهي.

 

ڏين ٿا دعوت اسلام اڄڪلهه ڪافرن کي پر،

مسلماني تي خود پورو مسلمانن ۾ ڪير آهي.

 

رهين هر وقت ٿو هر جاءِ تي، هي چيز ۾ موليٰ،

سوا تنهنجي بيانن ۽ خيابانن ۾ ڪير آهي.

 

حقيقت هن کي اي ”محبوب“! تون ئي خوب ڄاڻين ٿو،

مان آهيان ڪير، منهنجي دل جي ارمانن ۾ ڪير آهي.

ê

1.رهبرڊائجسٽ (سالنامو) جنوري-فيبروري 1978ع

2. ”وحدت افڪار“ وزارت اطلاعات و نشريات اسلام آباد، 1988ع

 

 

 

 

وڌو جو دام دلبر آهه، پختو دام ثابت ٿئي،

چڱي آغاز جو شل ڪو چڱو انجام ثابت ٿئي.

 

سڄڻ تي بيوفائي جو، غلط الزام ثابت ٿئي،

دل آزار آهه ٿيو جيڪو سو دل آرام ثابت ٿئي.

 

جدائي جو زمانو هي خيال خام ثابت ٿئي.

جفا جي هر مصيبت بس برائي نام ثابت ٿئي.

 

بوقت نزع ٻيون ڳالهيون وڃن اي يار سڀ وسري،

زبان مان لفظ جو نڪري سو تنهنجو نام ثابت ٿئي.

 

محبت ۾ خبر”محبوب“ ناهي ڪا شريعت جي،

چون پيا ڪفر جنهن کي، يا خدا! اسلام ثابت ٿئي

ê

 

”رهبر ڊائجسٽ“ (سالنامو) جنوري-فيبروري 1978ع

 

 

 

محبت بعد هر ڪنهن شي جي معلومات ٿيندي وئي،

نمايان ڏينهن ٿيندو ويو ۽ غائب رات ٿيندي وئي.

 

طبيعت منتشر هئي، اڳ، ڀريل هو قلب ڪثرت سان،

لڳو جيئن عشق تيئن وحدت جي وائي وات ٿيندي وئي.

 

مٽائي ذات پنهنجي جو وجود آئون جڏهن ويٺس،

تڏهن اکين اڳيان ظاهر خدا جي ذات ٿيندي وئي.

 

طلوع شمس وانگي جيئن وصال يار ويجهو ٿيو،

جدائي جلد پوئين رات وانگي مات ٿيندي وئي.

 

زبان عشق جون خاموشو ڳالهيون غير ڪيئن سمجهي،

نگاهن جي نگاهن ۾ ئي مخفي بات ٿيندي وئي.

 

بصدق دل جڏهن عاشق ٻڌو احرام الفت جو،

سڄو ئي ملڪ ڪعبو، هر جڳهه عرفات ٿيندي وئي.

 

حياتي صرف ٿي وئي مفت سهڻن جي پٺيان ساري،

سخيءَ جي زندگي خيرات ٿينديو وئي!

 

جڏهن دنيا ۾ ڪنهن انسان پنهنجو نفس تابع ڪيو،

تڏهن تابع سندس”محبوب“ مخلوقات ٿيندي وئي.

ê

”نيئن زندگي“ جنوري 1980ع

 

 

 

بهار آيو، قفس ۾، چمن جي بُو آئي،

پرائي ملڪ ۾ پنهنجي وطن جي بُو آئي.

 

وٺو جو مينهن ته پوٺن پٽن جي بُو آئي.

عمر جي ڪوٽ ۾ پنهنجي پکن جي بُو آئي.

 

لڳو جو واءُ، وطن جي وڻن جي بُو آئي.

پلر جي پاڻي ۽ پيرن پڪن جي بُو آئي.

 

ڪنڊن کي سونگهي ڏٺوسين گلن جي بُو آئي.

بُرن کي پشت مان بعضي چڱن جي بُو آئي.

 

اسان کي راس نه مشڪ ختن جي بُو آئي.

پسند آئي ته، تنهنجي بدن جي بُو آئي.

 

گلي ملڻ سنا پري ٿيو، جو ان کي اڄ منهنجي،

جگر جي داغ ۽ دل جي ڦٽن جي بُو آئي.

 

ڪيان ڇا ذڪر زمان جي بي ثباتي جو،

لباس عيد مان گورو ڪفن جي بُو آئي.

 

وٺو ڀلي ته غلامي جي بسترن جو واس!

پسند اسان کي ته دار و رسن جي بُو آئي.

 

اسان تي صرف هو الزام ”بت فروشي“ جو

کڻي جو دل کي وڍن، ”بت شڪن“ جي بُو آئي.

 

اجايو غير تي ڇو قتل جو هڻون الزام!

اسان کي تير مان، تنهنجي هٿن جي بُو آئي.

 

ڀريل آ سوس سان”محبوب“ سروري جو غزل،

اکر اکر مان غمن ۽ ڏکن جي بُو آئي.

ê

”نيئن زندگي“ ڊسمبر 1980ع

 

 

 

 

 

ابتدا اڄ ٿو ڪيان خوشنام جو نالو وٺي،

اڄ پيان ٿو ساقي گلفام جو نالو وٺي.

 

مولوي صاحب کي من ”لاحول“ جو پهچي ثواب،

پير مڪتب ۾ ٿو پايان”رام“ جو نالو وٺي.

 

مون کي ڦاسائي ٿيا آزاد سڀ اهل چمن،

اڄ ٿين ٿا خوش، اسير دام جو نالو وٺي.

 

مشڪلاتن جو ٻيو نالو ئي آهي زندگي،

هر ڪو بي آرام آ، آرام جو نالو وٺي.

 

مون رخ روشن تي ڪريل زلف جي تعريف ڪئي،

صبح کي چيڙائجي ٿو شام جو نالو وٺي.

 

ساده لوحي جي ڪري”محبوب“ مان لٽجي ويس،

مون کي ڪافر ويا لٽي، اسلام جو نالو وٺي.

ê

”نيئن زندگي“ آگسٽ –سيپٽمبر 1981ع

 

 

 

 

 

 

رخسار کي ٿو زلف، گرد گير چمي ڏي،

قرآن کي ٿو صاحب تفسير چمي ڏي.

 

همت ۽ تدبر سان مقدر ٿو بدلجي،

تدبير جي چهري کي ٿي تقدير چمي ڏي.

 

قدرت جا عجب رنگ ۽ قادر جا ڪرم ڏس!

اڄ جام کي ٿو واعظ بي پير چمي ڏي.

 

اي جذبئه دل! تنهنجي ڏسان ڪا ته ڪرامت!

تنهائي ۾ هيءَ شوخ جي تصوير چمي ڏي.

 

زندان جي طرف پيو وڃي، الفت جو گنهگار،

ديواني جي پيرن کي ٿي زنجير چمي ڏي.

 

مردانگي ڏيکار، مصائب کان نه ڊڄ تون،

دوشيزه مشڪل کي وڌي وير چمي ڏي.

 

ٿو ذوق طلب سمنڊ جي ڇولين ۾ وجهي ڇرڪ،

ساحل جي چپن تي ٿي کلي وير چمي ڏي.

 

آئيني ۾ ٿو پاڻ چمي پنهنجي چپن کي،

تحرير کي ٿو صاحب تحرير چمي ڏي.

 

اجھ نيت پنيون منهنجون سڀئي من جون مرادون،

ٿو منهنجي حسين خواب کي تعبير چمي ڏي.

 

جنهن دم ٿي لڳي ان کي در يار تي ٺوڪر،

پيزار کي ٿو عاشق دلگير چمي ڏي.

 

تيئن ننڊ ۾ ٿي”سونهن“ کي ”سڪ“ هوريان چميو،

جيئن گل کي علي الصبح ٿڌي هير چمي ڏي!

 

”محبوب“! ڪيا حسن وڏا عشق تي احسان،

ٿو دل تي نگهان جو تکور تير چمي ڏي.

ê

”مهراڻ“ نمبر 1- 2 /1982ع

 

 

 

 

هيءَ پڻ گهڙي سڄڻ کان سواءِ اجھ سري وئي،

شمع حيات هاءِ! اجائي ٻري وئي.

 

تنهنجا فقير ٿياسين ته دولت رسي وئي،

بهتر ٿيو جو سر تان هي آفت ٽري وئي.

 

سهڻن جو هڪڙي ڀيري سوا لک هو گڏ ٿيو،

منهنجي سڄڻ جي سونهن منجهن مٿڀري وئي.

 

حق جي اچن سان پيا ڪري باطل جا ڪوٽ اڄ،

ڏهڪاءُ ڏاڍ ڏک جي عمارت ڏري وئي.

 

الزام بيوفائي جو هن دل تي آ لڳو،

ڪنهن جي ڪئي ڪمائي تي وري وري وئي.

 

چوڻو ته ڪجهه آ مون کي وڃڻ وارا! ترس ترس!!

ڪا ڳالهه ياد آئي جا وسري وري وئي.

 

بيدرد شهر واسيو! الفت جو اڳ وٺو،

منهنجي مٿان وفا جي ڇڏي اڄ ڀري وئي!

 

ڪلفت ڪر کنيو هلي، الفت اداس آ،

ماڻهن مان هاءِ هاءِ! محبت مري وئي.

 

ڪنهن شمع وانگي چار گهڙيون آهه زندگي،

جيڪا جلي، سڙي ٻري، آخر ڳري وئي.

 

جيڪا ٿو ڳالهه ڳولين زماني ۾ ناهه سا،

الفت وئي! وئي ڙي وئي!!”سروري“! وئي!!!

ê

”نئين زندگي “ جولاءِ 1984ع

 

 

 

  

اسان جو عشق ئي اڳواڻ آهي،

اسان کي هاڻ ڪنهن جي ڪاڻ آهي؟

 

جو عرش ۽ فرش تي مانڊاڻ آهي،

خدا خلقيو سجھڻ جي ڪاڻ آهي.

 

خرد جي قلب تي ڪاراڻ آهي،

جنون عشق کان اڻ ڄاڻ آهي.

 

پرين پرچي مليو اجھ پاڻ آهي،

رقيبن ۾ متو مانڌاڻ آهي.

 

اها مصرع لڳي دل ساڻ آهي،

”سڄڻ سهڻن سندو سرواڻ آهي“

 

هو باغ ريست جي سرهاڻ آهي،

وفا جي چنڊ جي چانڊاڻ آهي.

 

”سنڌو“ جو سين ۾ اهڃاڻ آهي،

اکين ۾ مستي مهراڻ آهي.

 

گلن کي گلابي رنگ بخشيو

ڏني تن کي لبن لالاڻ آهي.

 

جواني آهه ديواني سڄڻ جي،

اسان جو چاهه پڻ چرياڻ آهي.

 

اڱڻ تي هو اچي بيٺو شايد،

جهڪي ٿي چنڊ جي چانڊاڻ آهي.

 

وري واعظم چرين جي ور چڙهي ويو،

ڏسو پرزا سندس پهراڻ آهي.

 

ڪندو ڇا احترام ان جو زمانو،

نه جنهن کي پنهنجي عزت پاڻ آهي.


 اجهو بيار غم روئي ستو آ،

سندس اکين مٿان آلاڻ آهي.

 

سخنور”سروري“ سنڌي سٻاجهو،

هو فخر وادي مهراڻ آهي.

ê

”نئين زندگي“ جنوري –فيبروري 1986ع

 

 

 

 

اسان جو عشق عاليشان، اسان جو نيهن نوراني،

اسان پيار پاڪيز، اسان جو قرب قرآني.

 

اسان جو چاهه البيلو، محبت آ مستاني،

خدا جو شڪر آهي جنهن ڏني دل آهه ديواني.

 

محنت صدقو چاهي ٿي، گهري ٿو قرب قرباني،

تريءَ تي دل تڏهن آيو کڻي مٺا جاني.

 

نه گهرج قاروني نڪي تخت سليماني،

”مون کي ٿي بادشاهي کان مٿي دلبر جي درياني“.

 

ڏسنا ناڪام ٿو چرخ ڪهن جي فتنه ساماني،

جو پهچي وئي پرينءَ جي سنگ در تي منهنجي پيشاني،

 

سخن تي جاهلن جي داد مان حاصل پيشماني،

سڪون اهل دانش ۾ عذاب آهي سخنداني.

 

ورهيه گذري ويا تو هڪ نظر کنئي مون ڏي مستاني،

اڃا دل آهي ديواني، هنئين کي آهه حيراني.

 

چون ”محبوٻ“ ٿا الفت ڪچي ڌاڳي مثال آهي،

غلط فهين، گمنان ۾ نه ڇن تون يار ياراني.

ê

”مهراڻ“ نمبر 3/1987ع

 

 

ذوق جمال پنهنجو نه سستو مگر ڪجي.

معشوق جي ڪجي ته ڪجي خوبتر ڪجي.

 

دلبر کي التجا جي ڪجي پر اثر ڪجي،

دردن جي دانهن سان سندس دل ۾ گ هر ڪجي،

 

هٿڙا ٻڌي ۽ آهه ڀري، چشم تر ڪجي،

”محبوب“ کي جي عرض ڪجي مختصر ڪجي“.

 

ناراضگي جي هوندي به پرچڻ جي ڇڏ گهٽي.

پنهنجي نه دوستي جو ڪڏهن بند در ڪجي.

 

دل ٿي سڙيو سڙي ته سڙڻ ڏيوس، ڀل سڙي،

ڀلجي ڪڏهن به ٻاڦ نه هرگز ٻهر ڪجي.

 

منزل رسيد ڪاروان ٿيندو نه آ ڪڏهن،

رهزن کي قافلي جو جڏهن راهبر ڪجي.

 

ناصح! مون عيبدار جا ڪافي ڪڍين ٿو عيب!

پنهنجي گريبان تي به خدارا نظر ڪجي.

 

ڪو حوصلو نه مون کي آ فرقت جي خوف کان،

ڪهڙي طرح وصال جي هيءُ شب بسر ڪجي.

 

صدر بار مفلسي ۾ اچن سر تي آفتون

سرمائيدار آڏو خميده نه سر ڪجي.

 

منهنجي اکين کي صرف ڪيو ٿا قصور وار،

هن جي به قاتلانه نظر تي نظر ڪجي!

 

منهنجي خطا ڏي ڇو ٿو ڏسين؟ پنهنجو پاڻ ڏس!

”محبوب“ سائين هاڻ کڻي در گذر ڪجي.

ê

”نئين زندگي“ مارچ 1988ع

 

 

 

پٿر لڳي ٿو سر کي يا پٿر سان سر لڳي،

بس! ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ٿو ڪنهنجو ٽڪر لڳي.

 

سر سان لڳن هي سهڻا ۽ سهڻن سان سر لڳي،

ناتو هي لازوال لڳي، عمر ڀر لڳي،

 

اهڙيءَ طرح تون آءُ نه کر کي خبر لڳي،

ڪنهن بد نظر جي توکي نه سهڻا نظر لڳي

 

خوش بخت کي ئي تنهنجو ٿو تير نظر لڳي،

منهنجا وڏا نصيب! هي مون کي اگر لڳي!

 

سج چنڊ ساڻ توکي ڇا تشبيهه مان ڏيان؟

تنهنجي مقابلي ۾ ڇا شمس و قمر لڳي!

 

پنهنجن جي هوندي، پنهنجو به ٻوٽو ڪو ٻارجي،

وڌ ڀائرن جي ڀر کان ٿو ٻانهن جو ٻر لڳي.

 

شايد کني خوشيءَ جي خبر هو اچي پيو،

باغ و بهار منهنجو پيو نام بر لڳي!

 

جنهن دام اچي ٿي ياد سندس لذت وصال،

هي تلخيءَ فراق ٿي شهد و شڪر لڳي

 

انسان جو لڳي ڀلي انسان سان عشق،

الله سائين کي به ٿو عشق بشر لڳي.

 

اي ماهرو! ٿي منهنجي حياتيءَ ۾ همسفر،

رستو هي پنهنجي پيار جو ٿو پرخطر لڳي.

 

آرام ٻي جڳهه تي مسافر کي ڪيئن اچي،

تنهنجي ئي دل ۾ مون کي پيو منهنجو گهر لڳي.

 

شاعر چئو، اديب چئو، اهل دل چئو،

”محبوٻ سروري“ نه پيو ماستر لڳي!

ê

”مهراڻ“ نمبر2/1990ع

 

 

 

 

 

زندگي سان عشق جو آزار ڏاڍو ٿو ٺهي،

تن ٻنهي جو پاڻ ۾ تڪرار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

مان ته چوندس گل سان شامل خار ڏاڍو ٿو ٺهي،

رخ تي اٽڪيل ڪاڪل خمدار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

پهرين گڏجاڻي، اڪيلائي، ۽ موسم دل بهار،

عشق جو ان وقت تي اظهار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

جيئن ته تارن ۾ چڱو ٿو چنڊ چوڏهين جو لڳي،

تئن سڀن سهڻن ۾ منهنجو يار ڏاڍو ٿو ٺهي،

 

جيئن ته تارن ۾ چڱو ٿو چنڊ چوڏهين جو لڳي،

تنن سڀنن سهڻن ۾ منهنجو يار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

سڀ رضبائه يار لئي ٿا سر ڏئي سختيون وٺن،

ورهه وارن جو اهو واپار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

جنهن گهڙي پرچن ٿا پيارا، پنهنجي ڪاوڙ کي ڇڏي،

پوءِ ميارون جو مٿان وسڪار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

هڪ وڏي فرقت پڄاڻا يار جي گوڏي مٿي،

ڪو وڇوڙيل برهه جو بيمار ڏاڍو ٿو ٺهي،

 

مون کي اي ”محبوٻ“ ڏاڍو ٿو وڻي ”هالا“ جو لفظ،

هڪ جڳهه ”اقرار“ سان ”انڪار“ ڏاڍو ٿو ٺهي.

ê

”مهراڻ“ نمبر 4 /1983ع

 

 

 

 

 

توڪل جو ٻڌي سندرو، رکي قابو ڪفن سر تي،

”وڏي“ تڪليف ڪاٽڻ بعد رسبو يار جي در تي“.

 

ٻڪن سان ساقي پياريندو، ٻڌو ٿم حوض ڪوثر تي،

نه هيرايم تڏهن دل کي، صراحي تي ۽ ساغر تي.

 

نماڻن نينهن وارن جو ته ننگر آ، ننگ پرور تي،

وفائن کي وڏوآ آسرو الله اڪبر تي.

 

جتي اڇلي ڇڏي قسمت، اتي تنهن جاني سڏباسين،

محبت جي رهون محڪم ٿا مرڪز تي ۽ محور تي.

 

اسان هڪ ٻئي جي اکين مان، اگهيا ٿي اشڪ فرقت جا،

وئي حيران ٿي دنيا، ملن جي اهڙي منطڙ تي!

 

چمن ۾ آشيانو صرف مون هڪڙي جو آهي ڇا؟

جڏهن بجلي جي دل چاهي، ڪري ٿي منهنجي ئي گهر تي!

 

رڳو هيءَ منهنجي ڏوهن جي سزا مون کي ملي ناهي،

ٻين جي پڻ ڪڍي ڪاوڙ ٿو مالڪ پنهنجي نوڪر تي.

 

اسين ڪنن ڪار وارن قربدارن کي رسون يارو!

هلون ٿا پيا پيادد يا سواري”فورسيٽر“ تي.

 

نه گهرجن خوبيون، ڪنهن ۾ به اخلاقي ۽ روحاني،

سياست ٿي هلي”پئسي“ تي ”پاور“ تي ۽ پادر“ تي.

 

اڃا هڪڙي چمي جو قرض پورو ڪو نه ٿيو آهي!

ڪئي سين عشقبازي، عمر ساري صرف اوڌر تي.

 

”بزرگان شريعت“ جون مزارون سڀ مبارڪ، پر،

سرور قلب حاصل ٿيو وڃي ”درگاهه“ ”سرور“ تي.

 

هجين تون جنهن طرف ”محبوب“ سوئي ڪعبو قبليو آ،

مدار جستجو ناهي، رڳو اولهه ۽ اوبر تي.

ê

 

ٽماهي”مهراڻ“ نمبر 2/1991ع

 

 

باب ٽيون

 

نظم

 

ياد رکجان

هي محفل موچاري مٺا ياد رکجان،

هي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ هوا ياد رکجان،

هي بادل ۽ ڪاري گهٽا ياد رکجان.

هي ساوا ۽ کلندر سلا ياد رکجان،

وسارج نه ڪڏهن سدا ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

تنهنجا زلف ڪارا ۽ ڪاڪل ڪٽاري،

عجب راز رم جهم سڄڻ رات ساري،

هي گل ڦل نيارا هي موسم پياري،

تنهنجو زور ظالم منهنجي آهه زاري،

محبت جا اهڙا مزا ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

پهڙن جي چوٽي هي دريا ڪنارو،

اسان جو سلام هجي ساٿ سارو،

نه آهي وڇوٽي سدا گڏ گذارو،

نه تر جو تفاوت ڏسي عشق وارو،

چڙهيل نينهن جا هي نشاد رکجان،

مون کي دل تي اي دربا ياد رکجان.

اهي مست دريا سنديون ڇوٽ ڇوليون،

اهي پيار ڀريون تنهن جون يار ٻوليون،

محبت جا ڪهڙا ڪيل قول ڳوليو،

ڪهڙي ڳالهه ڪريون ڪهڙا راز کوليون،

اهي قول واعدا مٺا ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

هي ڪوئل جي ڪوڪار، بلبل جي وائي،

سڀن کان سريلي ٻنهين لات لائي،

چتن جي هيءَ چانگار، چوطرف آئي،

اها رت رنگيلي مڙن آ ملهائي،

چمن جا اهي چهچٽا ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

اها باغ بستي ۽ خوشبو خماري،

گلن جي عجب هيءَ رونق نياري،

چڙهيل موج مستي نشي نينهن واري،

خوشي جي سبب هيءَ دل کي بهاري،

اهي نعمتون بي بها ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

مبارڪ مبارڪ جو آواز آيو،

خدا هيءَ جوڙو وري آ ملايو،

پکن پڻ امالڪ اهو غل مچايو،

ويو اڄ وڇوڙو، سڀئي ڳيت ڳايو،

اها مهل اي مهه لقا ياد رکجان،

مون کي دل تي اي دلربا ياد رکجان.

ê

”الزمان“ هالا سنڌ 25- آگسٽ 1952ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org