سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :8

 

14

برهمڻ

سوين فتنن جي در کي پاڻ کولي

کڻين ٿو جو قدم پوئتي ڪرين ٿو

برهمڻ طاق تي رکيو بتن کي

مگر تون طاق تي قرآن رکين ٿو

 

*              *

 

چوان ڪئن مان برهمڻ کي نڪارو

ڪري پٿر جي ڇپ کي پاره پاره

سندس بازو جي طاقت ٿي بڻائي

خدا پنهنجو ٽڪيندي سنگ خاره[1]

 

برهمڻ کي نظر ۾ ڪار پنهنجي

چوي ٻي کي نه ٿو اسرار پنهنجو

چيائين ڪٿ مون کي تسبيح کي ڇڏ

ڪلهي تي ٿو نئي زنار پنهنجو

 

*              *

 

برهمڻ چيو اُٿي، ڇڏ غير جو در

جو ياران وطن وٽ آهه سڀ خير

ڪٿي مسجد ۾ ماپن ٿا ٻه ملا

مگر جادو بتن جي سان ڀريل دير[2]

 

 

15

تعليم

پچڻ ۽ آ جلڻ جو جاودانہ

سمند زندگي ليءِ تازيانہ

اِهو ڏي پنهنجي ٻارن کي تب و تاب

ڪتاب و مدرسہ افسون فسانہ

 

*              *

 

جو علم چاره ساز آ، بي گداز آ

مگر خوشتر نگاه پاڪباز آ

نگاه پاڪ کان بي وڌ اُها دل

دو عالم کان مٿي جا بي نياز آ

 

 

خدا جو ڪين اُن مومن سان ڪار آ

نه جنهنجي جسم ۾ آ جان بيدار

ڇڏيم مان اُنڪري يارن جو مڪتب

جوان ڪو ات ڏٺم ناخود نگهدار

 

*              *

 

ٻڌي ڇڏ مون کان هي نڪتو ته انڌو

اکين واري غلط بين کان چڱو آ

ٻڌي ڇڏ مون کان، نادان پاڪ طينت

گهڻو داناءُ بي دين کان چڱو آ[3]

 

 

 

 

 

اُهو بي فائدي آ، فڪر عالي

جو سيارن ۽ تارن ڏي وري ٿو

هوا سان ابر جي ٽڪري جيان هو

فضا ۾ ڪئن نه آواره تري ٿو

 

*              *

 

ادب پيرايہء نادان و دانا

خوش آهي، جو ادب جو آهه حامل

نه آهم اُن مسلمان زاده سان ڪم

رکي دانش ادب کان پر آ غافل[4]

 

نه رهه ٻارن کان نا اميد هرگز

وٽن جي پاڻ وٽ ذهن رسا ناهه

چئي ڏي شيخ مڪتب جو ٿو ڄاڻين

سندن دل سيني اندر آهه يا ناهه

 

*              *

 

سيکارج پنهنجي پٽ کي دين و دانش

جو چمڪي چنڊ تارن جان نگين ٿي

سندس هٿ ۾ ڏين ٿو جي هنر بي

يد بيضا اهو در آستين ٿي [5]

 

نوان وٺ سينہ مرغ چمن کان

۽ خون لالہ سان سوز ڪهن کي

نه هن مڪتب نه هن دانش تي خوش ٿي

ڏئي ماني وڙهائي جان تن کي

 

*              *

 

خدايا رک دل درويش کي خوش

جو دلين جون ٽڙائي مکڙيون ٿو

ڏنائين طفل مڪتب کي دعا هي

”نه ٿي ڪو پيٽ ليءِ محتاج ڪنهن جو“

 

ٻڌو جنهن لااِلہ کي ڳنڍ ۾ آ

اُهو ملا ۽ مڪتب کان پري ٿيو

نه وڃ اُن دين يا دانش ڏي جيڪو

اسان کان اک، هٿ ۽ دل کسي ويو

 

*              *

 

ڏسين بي ٿو ته رهزن ڪاروان نيو

پڇين ٿو قافلو برباد ڪئن ٿيو

نه رهه اُن علم کان بي خوف جنهن کان

اسان جو روح قومي آ مري ويو

 

جوان خوش پوش ۽ رنگين ڪلاه آ

نظر شيرن جان اُنجي بي پناهه آ

مگر مڪتب ۾ رڍ جو علم پڙهندي

ٿيو حاصل وٽس برگ گياه آ

 

*              *

 

چيو صحرا ۾ اُٺ کي هئن ٿي گوري

ڏسان ٿو ڪيڪني پنهنجي خدا کي

چيس پي بيهه تنهنجو پير ترڪي

تون ڏسندين اُن کي ۽ پنهنجي لقا کي[6]

 

16

رزق جي تلاش

اُڏامڻ هڪ کان ٻي ماڙي مٿاهون

جوان ۽ شوق بازن ليءِ حرام  آ

انهيءَ نخچير کان جو مٺ پرن جي

مرين جي آشيان ۾ خوش مقام آ

 

*              *

 

ڏسڻ ليءِ پنهنجي رک اک محرمانہ

نظر پنهنجي اسان ليءِ تازيانو

ملي آهي تلاش رزق هن ليءِ

ته ٿي کنڀن جي کولڻ جو بهانو [7]

 

17

واڳو پنهنجي ٻچي کي

چيو واڳو چڱو پنهنجي ٻچي کي

اسانجي دين ۾ ڪفر آ ڪنارو

وڃي وڙهه موج سان ڀر کي ڇڏي ڏي

سڄي دريا ۾ تنهنجو آ گذارو

 

*              *

 

نه تون دريا ۾، پر هو آهه تو ۾

رهڻ طوفان ۾ جوهر آ تنهنجو

تلاطم کان جي آسوده ٿئين تون

اِهو درياهه غارت گر آ تنهنجو


 

18

خاتمو

بيان ساقي نه پيمانه جو لکيم

حديث عشق بيباڪانه لکيم

ٻڌايو مونکي جو اُمت جي پاڪن

اُنهي کي صاف ۽ رندانه لکيم

 

*              *

 

هلي اچ پاڻ ڏي دامان دل جهل

اُٿي وٺ سيني اندر پنهنجي منزل

زمين سيراب ڪر رت ساڻ پنهنجي

ڇٽيم جو ٻج اُنهي کان کڻج حاصل

 

حرم ري، قبلہ قلب و نظر ناهه

طواف اُنجو طواف بام و در ناهه

ڳجهي رمز آ اسان ۽ ڪعبہ وچ ۾

اِها روح الامين کي بي خبر ناهه[8]


[1] سنگ خاره – سخت پٿر

[2] زنار – جڻيو.

[3] طينت – طبيعت.

[4] پيرايه – سينگار.

[5] نگين – منڊيءَ جي ٽڪ.

بد بيضا – هٿ جي روشني. حضرت موسى عليہ السلام جي معجزي ڏانهن اشارو.

آستين – ڪڙتي جي ٻانهن.

[6] برگ گياه – گاه جا پن.

اشارو – اُٺ جي لاءِ عرب ۾ پهاڪو آهي ته الجمل لايعرف الحق اِلا عندالزلق

يعني اُٺ خدا کي نه ٿو سڃاڻي، جيساتئين اُنجو پير نه ترڪي.

[7] محرمانه – رازدار.

نخچير – شڪار.

[8] روح الامين – حضرت جبرئيل عليہ الاسلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org