سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :15

 

مولانا جامي پنهنجي دور جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس خمسہ گهڻو مشهور آهي. سندس شعر جو وڏو حصو نعت ۾ آهي. هو عاشق رسول شمار ٿئي ٿو. سندس تصنيفون چاليهه کن شمار ٿين ٿيون. بزرگ جامي سنه 928 هجري ۾ وفات ڪري ويو. وفات وقت سندس عمر 50 سالن کان مٿي نه هئي. رحمة الله عليہ.

حضرت جنيد بغدادي: حضرت جنيد جو لقب، سيد الطائفہ آهي ۽ کيس طائوس العلما به سڏيندا هئا. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي، محمد بن جنيد هو، جو شيشه جو واپار ڪندو هو. حضرت جنيد بغداد ۾ تولد ٿيو. ظاهري علوم جي تربيت کانپوءِ شيخ سري سقطي جي مريدن ۾ داخل ٿيو. معرفت جي منزل کي طي ڪرڻ کان پوءِ هو ان درجي تي پهتو، جو هڪ ڀيري شيخ سري سقطي کان ڪنهن پڇيو ته ”اهڙو ڪو مريد اوهان کي سجهي، جنهنجو درجو پنهنجي مرشد کان بالاتر هجي؟“ شيخ جواب ڏنو ته ”جنيد“. روايت آهي ته حضرت جنيد ٽيهه سال سانده، سڄي رات هڪ پير تي بيهي گذاريندو رهه ۽ صبح جي نماز، عشا جي نماز سان پڙهندو رهيو.

حضرت جنيد، شريعت جو پورو احترام رکندڙ هو. سماع ۽ وجد کان بلڪل پرهيز ڪندڙ هو. پنهنجي مريدن کي به سختي سان ممانعت ڪندو هو. حسين بن منصور حلاج حضرت جنيد جو همعصر، هڪ ڀيري، پنهنجي مرشد عمرو بن عثمان مڪي کان ناراض ٿي، حضرت جنيد جي خدمت ۾ آيو. حضرت جنيد کيس پنهنجي مرشد جي مخالفت لاءِ تنبيهه ڪئي. حسين کيس عرض ڪيو ته ”صحو (هوش ۾ هئڻ) ۽ سڪر (مدهوشي) طالب جون ٻه منزلون آهن، ۽ اُنهن ئي صفتن سان هو پنهنجي خالق ۾، فاني ٿي وڃي ٿو“. حضرت جنيد کيس چيو ته ”منصور جا پٽ، غلط ڳالهائي رهيو آهين. تون صحو ۽ سڪر کي سمجهي ئي نه سگهيو آهين. صحو جي عبارت جي معنى آهي، ٻنهي جهانن جي حال جي صحت. سڪر واري طالب وٽ، نيڪ ۽ بد جي تميز ڪهڙي؟ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تون فضول ڳالهيون ڪري رهيو آهين، جنهن جو نتيجو ڪو چڱو نه ٿيندو“. مٿئين سوال، جواب کان مطلب هو ته حضرت جنيد جي سڄي رهت، شريعت تي مدار رکندڙ هئي. تصوف جي آسمان جو هي آفتاب سنه 298 هجري ۾ هن جهان کان موڪلائي ويو.

مرزا جانجانان عليہ الرحمتہ: مرزا مظهر جانجانان، شاهجهان آباد ۾، سنه 1699ع ۾ پيدا ٿيو. روايت آهي ته سندس پيدائش وقت شهنشاهه اورنگزيب، سندس والد مرزا جان جي نسبت سان مٿس جانجانان نالو رکيو. مذهبي علوم کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن دنيا کان ترڪ ڪري، تصوف، شعر ۽ ادب جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي.

شيخ عبدالاحد سرهندي عرف شاه گل جي مريدن ۾ داخل ٿيو. مرزا صاحب ڪيئي ڪتابن جو مصنف هو، مگر سندس مڪتوبات گهڻو مشهور آهن، جن ۾ هن حضرت مجدد الف ثاني تي ڪيل اعتراض جا جواب ڏنا آهن.

مرزا مظهر جانجانان، فارسي ۽ اردو ۾ شعر چوندو هو ۽ ڪيترن اردو شاعرن جي ريخته گوئي ۾ تربيت ڪئي هئائين؛ جن مان ولي دکني هڪ آهي، جو اُردو شاعرن جو پهريون شاعر شمار ٿئي ٿو.

مرزا صاحب کي وڏي عمر ۾ هڪ شيعه مخالف، سنه 1780ع ۾ گولي سان شهيد ڪري ڇڏيو.

چنگيز خان: ٻارهين صدي عيسوي جي آخر ۾ ايشيا جي گوبي جي رڻ پٽ جي خانه بدوشن ۾ هڪ ٻار تموچن جي نالي سان پيدا ٿيو، جو اڳتي هلي دنيا جو فاتح بڻيو ۽ چنگيز جي لقب سان مشهور ٿيو. سندس پيءُ تاتارين جي هڪ قبيلي جو سردار هو، اُن جي مرڻ کانپوءِ چنگيز اُن جو جانشين بڻيو. هوريان، هو خانه بدوشن جي قبيلن کي پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جڏهن هو ڪافي منظم ٿي ويو، تڏهن خطا جي چيني شهنشاهيت کي ختم ڪري هن پنهنجي نئين سلطنت جي بنياد کي رکيو. قراقورم جبلن جي دامن ۾ هن نئين شهر جو بنياد رکي، اُن تي خاراخوطو جو نالو رکيو. اِهو شهر سندس گادي جو هنڌ بڻيو.

سلطان علاوالدين محمد خوارزم شاه جي غلط قدم سبب هو اسلامي دنيا تي ڇانئجي ويو.

سمرقند، بخارا، نيشاپور جهڙا شهر، جي اُن وقت تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فضل جا مرڪز هئا، تباهه ۽ برباد ٿي ويا. خود علاوالدين محمد خوارزم شاه، ڪئپسين سمنڊ جي قريب، هڪ ڳوٺ ۾ ڪس مپرسيءَ جي عالم ۾ دنيا کان گذاري ويو. تاتاري ڪوه قاف کان گذري يورپ ۾ داخل ٿيا. ماسڪو کي اُجاڙي پوئتي وريا. چنگيز ۽ سندس پٽ، تولي خان، علاوالدين محمد خوارزم شاه جي پٽ جلال الدين خوارزم شاهه جو ڪيئي سال مقابلو ڪندا رهيا.

ايشيا جي وڏي حصي کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ چنگيز خان پنهنجي تخت گاه ڏي موٽيو، جتي سن 1227ع ۾ مري ويو. سندس سفاڪي جو داستان، تاريخ ۾ هميشہ زنده رهندو.

مولانا حسين احمد مدني: مولانا حسين احمد صاحب، جنهن کي ”شيخ الحديث“ جو لقب هو، ديوبند جي مشهور شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو حضرت مولانا محمود الحسن صاحب ديوبندي جي تربيت يافتن مان هو. تحريڪ خلافت جي زماني ۾، جڏهن مولانا محمود الحسن صاحب کي مالٽا ۾ نظربند رکيو ويو هو، تڏهن مولانا حسين احمد صاحب، مديني شريف ۾ وڃي مقيم ٿيو. اُتان موٽڻ بعد ديوبند جي دارالعلوم ۾ حديث جو استاد ٿي رهيو. ڪانگريس جي تحريڪ جو وڏو مويد ٿي رهيو. سنه 1922ع ۾، مولانا محمد علي سان گڏ جيل به ويو، جنهن کي ”ڪراچي ڪيس“ سڏجي ٿو.

علامہ اقبال، مولانا جي هڪ تقرير کان متاثر ٿي، ”حسين احمد“ جي عنوان سان نظم لکي هئي. مولانا 9 جنوري سنه 11938ع تي باڙه هندوراءِ دهلي ۾ اِها تقرير ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو هئائين ته:

”موجوده زماني ۾ قومون وطن سان ئي ٺهنديون آهن، اُنڪري مسلمانن لاءِ لازم آهي ته هو هندن سان گڏجي گڏيل قوميت بڻائين.“

علامہ اقبال، پنهنجي نظم ”حسين احمد“ جنهن ذهني اضطراب سان لکي آهي، اُهو اُن مان ظاهر آهي، خطاب به تند آهي، پر اُن ۾ تعجب ڇو هئڻ گهرجي. مسلمان پنهنجي آزادي برقرار رکڻ لاءِ ڪڏهن به غير جو محتاج نه بڻيو آهي:

خريدين نہ هم جس کو اپني لهو سي

همين عار هي وه بادشاهي

امير خسرو عليہ الرحمة: امير خسرو جو ترڪن جي لاچين قبيلي سان تعلق هو. سندس والد سيف الدين محمود، بلخ جي اميرن مان هو. چنگيز خان جي فتني جي زماني ۾ بلخ مان هجرت ڪري هندستان ۾ آيو. امير خسرو نه 605 هجري ۾ پيدا ٿيو. ننڍي عمر ۾ ئي ديني علوم کان فارغ ٿي ويو، جڏهن جواني جي سن کي پهتو ته اُن وقت، غياث الدين بلبن دهلي جي تخت تي هو، سندس فرزند بغرا خان جي معرفت سندس واقفيت شاهي دربار سان ٿي. هو بغرا خان سان بنگال تائين ويو، مگر دهلي جي ڪشش کيس نه ڇڏيو. شاهي دربار جي توسل سان، هو سلطان محمد خان (جنهن کي خان شهيد به تاريخ ۾ سڏجي ٿو) جي دربار جو امير بڻجي ويو. هن زماني ۾ امير خسرو جي شاعري جو وڏو شهرو هو. سلطان محمد کيس ۽ امير حسن دهلوي کي ملتان وٺي ويو. پنج سال هو خان شهيد جي دربار ۾ رهيو. جڏهن سلطان محمد مغلن جي هٿن کان شهيد ٿي ويو ته امير خسرو ۽ امير حسن جنگي قيدين جي حيثيت ۾ وڃي بلخ پهتا. ٻن ورهين کانپوءِ امير حسن جنگي قيدين جي حيثيت ۾ وڃي بلخ پهتا. ٻن ورهين کانپوءِ امير خسرو ۽ امير حسن، تاتارين جي بند مان ڇوٽڪارو لهي دهلي ۾ آيا. امير خسرو، خان شهيد جي مرڻ تي جو مرثيو لکيو هو، اُن کي سلطان غياث الدين جي دربار ۾ پڙهيائين. سلطان تي اُن مرثيه جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو کيس بخار ٿي پيو ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ فوت ٿي ويو. سلطان جي وفات کانپوءِ سندس جانشين سلطان ڪيقباد کيس پاڻ وٽ آڻڻ گهريو پر امير انڪار ڪيو.

سلطان جلال الدين خلجي ۽ سلطان علاؤالدين خلجي وٽ به سندس بيحد عزت هئي. اُن زماني ۾ امير صاحب، حضرت خواجہ نظام الدين اوليا جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ خاص مريدن جي درجي تي پهتو. مرشد کي مريد سان جا محبت هئي ۽ مريد کي جا مرشد سان عقيدت هئي، اُها عشق جي منزل تي هئي. خواجہ صاحب، امير صاحب کي ترڪ الله جي لقب سان سڏيندو هو. سن 725 هجري ۾ حضرت خواجہ نظام الدين وفات ڪئي. ان وقت امير صاحب بنگال ۾ هو، مرشد جي وفات جي خبر ٻڌي، هڪدم دهلي ۾ آيو. جو ڪجهه به وٽس پيسو هو، خواجہ صاحب جي نالي تي لٽائي، ڪارا ڪپڙا پهري، خواجہ صاحب جي مزار تي مجاور ٿي ويٺو ۽ ڇهن مهينن کانپوءِ اُن حال ۾ وفات ڪري ويو.

امير صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. موسيقي ۾ به کيس وڏو ڪمال حاصل هو. سندس تصنيفات تمام گهنيون آهن. شعر ۾ کيس ايڏو درجو حاصل هو، جو کيس ”طوطي هند“ جو لقب حاصل هو.عرفي سندس شان ۾ چيو آهي:

بہ روح خسرو ازين پارسي شکر دارم

کہ کام طوطيء هندستان شود شيرين

جلال الدين رومي: ايشيا جو هي وڏي ۾ وڏو مفڪر شاعر سن 604 هجري مطابق سن 1207ع ۾ بلخ جي شهر ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي، شيخ بهاوالدين هو. خوارزم شاهه تڪش جي زماني ۾، علوم ديني جي تدريس ۾ ٿي رهيو.  روايت آهي ته خوارزم شاهه جي حسد سبب، شيخ بهاؤالدين پنهنجي وطن کي ترڪ ڪيو. مولانا جلال الدين رومي جي عمر اُن وقت ڏهن سالن کان زياده نه هئي. هي مهاجر قافلو جڏهن نيشاپور ۾ پهتو، تڏهن شيخ بهاؤالدين جي ملاقات اُن وقت جي نامور صوفي شاعر ”فريد الدين عطار“ سان ٿي. هو ننڍڙي جلال الدين کي ڏسي بيحد خوش ٿيو. کيس دعا ڪيائين ۽ پنهنجي تصنيف ”اسرار نامہ“ کيس تحفي طور ڏنائين. حج ڪرڻ کانپوءِ شيخ بهاؤالدين روم جي قونيہ نالي شهر ۾ پهتو، جتي مستقل طرح سڪونت اختيار ڪيائين. مولانا رومي پنهنجي تعليم، پنهنجي والد ۽ شيخ برهان الدين ترمذي جي نگراني هيٺ پوري ڪئي. سن 628 هجري ۾ پيءُ جي موت کانپوءِ هو پاڻ اُستاد جي ڪرسي تي ويٺو. شمس الدين تبريزي، جنهنجو لقب ”پرنده“ هو. سن 642 هجري ۾ قونيه ۾ آيو ۽ مولانا رومي سان سندس گهرو ناتو ٿي ويو. رومي کيس پنهنجو مرشد ڪري ورتو. مگر افسوس جو مرشد ۽ مريد جي محبت گهڻو وقت نه رهي. مولانا رومي جي مريدن کي شمس تبريزي تي حسد پيدا ٿيو ۽ اُن مرد خدا کي شهيد ڪري وڌائون. مولانا رومي کي ان جو سخت ڏک ٿيو. هن باقي عمر درس تدريس ۽ يادالاهي ۾ گذاري ۽ سن 672 هجري ۾ وفات ڪئي. مولانا رومي جي تصنيقات ۾ ”ديوان شمس تبريزي“ ۽ ”مثنوي“ کي دنيا جي عظيم تصنيفات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

رازي: امام فخر الدين ابو عبدالله ممد بن عمر بن حسين الرازي، جنهن کي مڪتلمين جو امام چيو وڃي ٿو، سن 1220ع ۾ ري جي شهر ۾ پيدا ٿيو. هي اُهو زمانو هو، جڏهن اسلام جي ٻن فرقن، معتزلہ ۽ اشاعره ۾ وڏا بحث هلي رهيا هئا. امام صاحبن اشاعره جو مددگار بڻيو ۽ منطق، فلسفي ۽ علم ڪلام ۾ وڏو درجو حاصل ڪيائين. سلطان ملڪ شاه سلجوقي، سندس بيحد معقد هو. سندس تصنيفون گهڻي انداز ۾ آهن، جن مان ”شرح اشارات“، ”مباحثه مشرقيہ“ مشهور آهن. سڀني تصنيفات ۾ سندس قرآن پاڪ تي لکيل تفسير وڏي اهميت ٿو رکي.

حضرت سلمان فارسي رضہ: حضرت سلمان فارسي ايراني نسب مان هو. هڪ ڀيري جڏهن کانئن سندس نسب لاءِ پڇيو ويو هو ته پاڻ فرمايو هئائون، ”سلمان بن اسلام“. سندس ولادت جي جاءِ رام هرمز چيو وڃي ٿو: جو ايراني تختگاه مدائن جي ڀرسان هو. حضرت عبدالله بن عباس جي روايت آهي ته حضرت سلمان، شروع ۾ مجوسي مذهب ٿي رکيو، پنهنجي والدين جو بيحد پيارو هو. هڪ ڀيري، هڪ ديول ۾ عيسائين کي نماز پڙهندي ڏٺائين. کيس عبادت جو اِهو طريقو پسند آيو. سندس والد کي جڏهن خبر پئي ته هو عيسائي مذهب جو شايق آهي ته کيس گهر جي چوديواري ۾ قيد ڪري رکيائين. مگر هو ڪنهن ريت شام ڏانهن ويندڙ قافلي سان همراهه ٿي حق جي تلاش ۾ وطن کان نڪري پيو. هو شام جي وڏي راهب وٽ وڃي پهتو ۽ پنهنجي مذهب جي تبديلي جي ساڻس حقيقت ڪيائين. هن کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، مگر هو راهب وڏو بدترين انسان هو. ماڻهن کان صدقي جي نالي ۾ وڏو مال گڏ ڪيو هئائين. جڏهن هو مري ويو، تڏهن سندس جانشين هڪ نيڪو ڪار شخص مقرر ٿيو. هو وڏو زاهد ۽ عابد هو. مگر هن به ستت وفات ڪئي. مرڻ وقت هن حضرت سلمان کي وصيت ڪئي ته هو موصل جي راهب وٽ وڃي رهي، جو اُن وقت اڪيلو هڪ نيڪ نفس عيسائي هو. حضرت سلمان موصل پهتو، اُتان عموريہ جي پادريءَ وٽ ويو، جنهن کيس مرڻ وقت ٻڌايو ته هاڻي هڪ نبي مبعوث ٿيڻ وارو آهي، جو پٿرائتي زمين تي، کجورن جي شهرن ۾ پيدا ٿيندو، جيڪڏهن توکي طاقت آهي ته وٽس وڃ. سندس ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ نبوت جي مهر هوندي. هن خوشخبري ملڻ کانپوءِ هو عرب جي سفر تي نڪري پيو. بنو ڪلب جي هڪ قبيلي سان گڏجي، مدينہ عالي ۾ آيو، جتي هن کجورين جي شهر کي سڃاتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org