سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :7

 

 

10

خلافت ۽ بادشاهي

عرب جليو هو نور مصطفى سان

تڏهن ئي اُن ڏيو مشرق جو ٻاريو

خلافت گم ڪندي پر راه پنهنجي

سبق مومن کي شاهي جو سيکاريو

 

*              *

 

خلافت پنهنجي عظمت جي گواهي

حرام آهي اسان تي بادشاهي

ملوڪيت سڄي آ مڪر و نيرنگ

خلافت حفظ ناموس الاهي[1]

 

ملوڪيت سان اٽڪي پيو ڪليم آ

فقير آ، بي ڪلاه آ، بي گليم آ

مگر تقدير جي بازي ڏيکاري

بڻائي باد صر صر جي نسيم آ

 

*              *

 

اڃا آدم جهان اندر غلام آ

نظام آ خام ۽ ڪم ناتمام آ

غلام اُن فقر شاهنشهه جو آهيان

جو جنهن جي دين ۾ شاهي حرام آ[2]

 

نظر کان اُنجي الفت پايدار آ

طريقي عشق و مستي جو عيار آ

مقام آ عبده اُنجو، مگر هو

جهان شوق جو پروردگار آ[3]

 

11

عثماني ترڪ

وطن ۾ پنهنجي عثماني امير آ

سندس دل باخبر ۽ اک بصير آ

نه ڄاڻج بند افرنگي کان آجو

اڃا اُنجي طلسم ۾ اسير آ

 

*              *

 

سندس جن سحر ٽوڙيو مرد آهن

فرنگي جي نه ڪنهن دوکي منجهايا

ڇڏي ڏي نااُميدي پاڻ کي ڄاڻ

جو اهڙا مرد ڪيئي اڳ به آيا

 

نئين ترڪن کي حاصل آرزو ٿي

سندن ڪم جي بنا ڪا ٻي رکيائون

مسلمان پر ڪٿي آ، جو نهاري

ته ڪئن تقدير تان پردو کيائون.

 

12

ملت جون نياڻيون

نياڻي ڏي ڇڏي هن دلبري کي

مسلمان ڪين ڄاڻي ڪافري کي

جمال غازه کان دل کي پري رک

نظر کان پنهنجي سک غارت گري کي

 

*              *

 

نظر تنهنجي آ تلوار خدا داد

سندءِ ئي زخم سان حق جان ڏني آ

دل ڪامل سندءِ نيوپاڪ جان کي

جو شمشير حيا توکي ملي آ

 

ضمير عصر حاضر بي نقاب آ

سندس جلوه نمود رنگ و تاب آ

جهان تابي پروڙج نور حق سان

تجلي سان به اُو اندر حجاب آ

 

*              *

 

جهان کي ماءُ کان ئي محڪمي آ

وجود اُنجو امين ممڪنات آ

نه ڄاڻي جا سگهي هي قوم نڪتو

نظام اُنجو سڄوئي بي ثبات آ[4]

 

جنون هي عقل پرور ڪنهن ڏنو مون

نگاه پاڪ مادر جي ڪرامت

ڪٿي مڪتب مان حاصل چشم و دل ٿي

سڄي او سحر، افسون جي عمارت

 

*              *

 

مبارڪ آهه او ملت جو ان کان

قيامت ڪائنات اُنجي ڏسي ٿي

سندس ڇا پيش آيو يا ڪ ايندو

جبين مادر مان سڀ هي سڌ ملي ٿي

 

نصيحت گوش ڪج درويش جي هي

ميون سڀ امتون هڪ تون ئي ڪامل

بڻي رهجان بتول (رضه) ۽ عصر کان ڀڄ

ته ڀاڪر ۾ ڪرين شبير (رضه) حاصل

 

*              *

 

اسان جي شام مان آڻج سحر کي

وري قرآن ڏي اهل نظر کي

تون ڄاڻين ٿي ته تنهنجي سوز قراءت

ڇڏيو بدلائي تقدير عمر (رضه) کي

 

13

عصرِ حاضر

عجب هي عصر جنهنجو دين دانهين

هزارين قيد آزادي ۾ آهن

وڃايو رنگ و بو آ آدميت

غلط چٽ اُنجي بهزادي ۾ آهن

 

*              *

 

چٽي اُنجي نظر ٿي ڪافري کي

ڪمال اُنجي هنر جي آذري آ

ڇڏي ڏي اُنجي واپارين جو حلقو

جوا آهي ڪٿي سوداگري آ[5]

 

 

جوانن لاءِ بدآوموز دور آ

شب ابليس جو هي روز، دور آ

سندس دامن تي شعلي جان ڪرانٿو

جي بي نور آهه ۽ بي سوز، دور آ

 

*              *

 

مسلمان فقر و سلطاني ملايو

سندس دل باقي و فاني ملايو

مگر هن دور حاضر کان امان آ

جو سلطاني کي شيطاني ملايو [6]

 

ٻڏايان ڇا ته تنهنجو نقش ڇا آ؟

حشيش آهي، نشاط اندرون ڪٿ؟

فرنگي جي وٺي پٺ کي هلين ٿو

رڳن ۾ تنهنجي او طغيان خون ڪٿ؟[7]


[1] ملوڪيت – شخصي حڪومت.

نيرنگ - جادو

[2] بي گليم – بنا گودڙي جي

صرصر – رڻ پٽ ۾ لڳندڙ طوفاني هوا.

[3] عيار – پارکو.

[4] محڪمي – مضبوطي.

ممڪنات – ٿيڻ واريون شيون (هيءَ دنيا).

[5] بهزاد – هندستان جو مشهور نقاش

[6] بدآموز – بڇڙائي سيکاريندڙ.

[7] حشيش – ڀنگ

طغيان - سيلاب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org