سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :3

 

 

 

بحضورحق

چڱو راهي نه سامان کي کڻي ٿو

نصيحت دوستن جي گهٽ ڳڻي ٿو

سندس پرسوز دانهن ڏي هنيون ڏي

جو اُنجي آه سان سؤ غم ڇڻي ٿو.

 

بحضورحق

1

اسان بيدل جي دلين کي کسي ويا

اُجهايل شعلي جان چمڪي جهڪي ويا

هلي اچ عام سان گڏجي گهڙي رهه

چڱا ميخانه مان مٽ ميء جو پي ويا[1]


 

 

 

 

 

 

سخن آ هئڻ ۽ نا هئڻ پنهنجو

ندامت کان ٽڙڻ منهنجو آ آهنجو

سڃاڻي زنده مردن جو ٿو سجدو

سندن سجدي کان پرکج حال دل جو

*              *

سندم دل هن ۽ هن سان پائبند آه

مہ و پروين کان اک اُنجي بلند آه

ڀلي دوزخ ۾ ڏي ويرانه هن کي

جو هي ڪافر عجب خلوت پسند آه[2]


 

 

 

 

 

 

هي ڪهڙو شور آب و گل ۾ آهي

پيو من عشق کان مشڪل ۾ آهي

گهڙي هڪڙي نه آرام آ ميسر

ڪرم جو ياد تنهنجي دل ۾ آهي

 

*              *

 

ڪيءِ پيدا جهان هي پاڻ کان ڇو؟

جمال اُنجي جو جلوه هئن عيان ڇو؟

چوين ٿو مون کي شيطان کان حذرڪر

مگر پالي ڪيءِ اُن کي جوان ڇو؟[3]

 

 

 

2

سندم آزاد دل کي پيچ و تاب آ

نصيبن ۾ عتاب آ يا خطاب آ

نه رنجايم دل ابليس جي مون

خطا منهنجي ڪڏهن ڪار صواب آ؟

 

*              *

 

صبنت الڪاس عنا اُم عمرو

وڪان الڪاس مجرا ها اليمينا

اِها جي آهه رسم دوستداري

ته هڻ ڀت سان حرم جي جام و مينا[4]

 

ڏکويل بند ۾ دل جي رهن ٿا

سڄائي سور، ڦڪيون نا مڱن ٿا

مون کان سجدو گهرين پر شاه ڪاٿي

زمين ويران مان دل کي وٺن ٿا

 

*              *

 

وڃان اُو واٽ جنهن کي ناهه منزل

اُهو ٻج جو وجهان، اُن کي نه حاصل

ڊڄانٿو دردوغم کان ڪين، ليڪن

نه ڏي غم اُو جو دل جي ناهه قابل[5]

 

 

سندم مي تنگ جامن کان بچائج

ڪڙو هي پخته، خامن کان بچائج

نيستان دور چڻگن کان چڱو آهه

ڏئي خاصن کي عامن کان بچائج

 

*              *

 

نه توکي ڪشمڪش جي ڪا طلب آ

نه توکي درد و داغ و تاب تب آ

ڀڳس مان لامڪان کان هن سبب جو

نه اُت ڪائي فغان نيم شب آ[6]

 

 

منکان ڏي شور ۽ لڙ هن جهان کي

دگرگون ڪر زمين ۽ آسمان کي

اسان جي خاڪ مان آدم نئون آڻ

ڪهي ڇڏ بندهء سود و زيان کي

 

*              *

 

جهان هي سج هوندي بي اونداهو

چڱائي آ سڄي اُنجي برائي

نه ڄاڻان سج کي ڏيندين هي ڪيتر

بني آدم جي رت سان روشنائي[7]


 

 

 

 

 

 

غلام آهيان، رضا تنهنجي ئي گهرندس

ڏسين جا راه ٿو، اُن تي ئي هلندس

مگر نادان هن کي جي چوين تون

8 گڏهه کي چؤ تون گهوڙو، ڪين چوندس

 

3

 

اٿم سيني ۾ دل، پر بي سرور آ

نه منهنجي خاڪ ۾ سوز آ نه نور آ

ثواب آ، هي سڄوئي بار مون تي

منکان وٺ جو نماز بي حضور آ[8]


 

 

 

 

 

 

چوان ڇا قصهء دين و وطن کي

چوڻ ظاهر ڪٺن آ هن سخن کي

نه ٿي ناراض! بي مهري کان تنهنجي

بڻايم ساڳيو دير ڪهن کي

 

*              *

 

مسلمان بند ۾ افرنگ جي آ

سندس دل هٿ اچي آسان نه آهي

پرائي در تي پيشاني کي مهٽيم

سجود بوذر و سلمان نه آهي [9]


 

 

 

 

 

 

نه چاهيان، هن جهان يا هن جهان کي

اِهو بس آ ته ڄاڻان رمز جان کي

سرور ۽ سوز وارو ڏينم سجدو

ته آڻيان وجد ۾ ڪون و مڪان کي

 

گهرين ڇا مرد آسايش طلب کان

لڳي جيڪا هوا اُن ساڻ همڪار

ڏٺم جاويد سجدي ۾ سحر دم

سحر اُنجي سان منهنجي شام سينگار[10]


 

 

 

 

 

4

 

گهران توکان ڪشايش قوم اُنجي

فقيه آ، بي يقين جنهن جو ۽ رسوا

مصيبت تي مصيبت مون ڏٺي آ

”مونکي اي، ماءُ جيڪر نا ڄڻي ها“

 

نظر تنهنجي عتاب آلود ڇا ليءِ!

صنم هي حاضر و موجود ڇا ليءِ!

بتن جي گهر ۾ اولاد براهيم

رهي ٿي سائل نمرود ڇا ليءِ![11]


 

 

 

 

 

 

ويو جو ساءُ موي يا نه موٽي

حجازون واءُ موٽي يا نه موٽي

ٿيو درويش هن جو وقت آخر

ٻيو داناءُ موٽي يا نه موٽي

 

*              *

 

وري اچڻو جي ڪو دانائي راز آ

ته ڏي اُن کي نوائي دلگذاري

ڪري ٿي اُمتن جو پاڪ اندر

ڪليمي يا حڪيمي ني نوازي[12]

سندم دولت دل درد آشنا آ


 

 

سندم قسمت فغان نا رسا آ

سندم مرقد مان لالہ آه بهتر

اُهو خاموش ۽ خونين نوا آ

 

5

 

هٿون ڪنهنجي نه دل آڻڻ ٿي ڄاڻي

نه غم کي سيني ۾ سانڍڻ ٿي ڄاڻي

رڳو دم پنهنجي کي مٽي ۾ ڦوڪي

پڇين جي هي مرڻ کائڻ ٿي ڄاڻي[13]

 

 

اسان جي دل وئي پهلو مان نڪري

رڳو صورت رهي معنى آ وسري

اسان کان هو تڙيل تنهنجو آ بهتر

اسان کي تو ٻڌو پر اُن تي گذري

 

نه ڄاڻي جبرئيل اُن ها ۽ هو کي

سڃاڻي ڪٿ مقام جستجو کي

اچي پڇ بندهء بيوس کان هي ڳجهه

جو ڄاڻي نيش و نوش آرزو کي[14]

 

 

 

سنواريم رات مان هن انجمن کي

ڦريم گردش ۾ پنهنجي، چنڊ جان ٿي

تغافل جون سندءِ ڳالهيون هليون ٿي

پئي نڪرڻ جي پر هي فال مون تي 15

 

*              *

 

نه دور آسمان اهڙو ڏٺو ڪنهن

جو جبريل امين جي دل ڏکائي

مڙهي اهڙي هتي ٺاهي وئي آ

نمي مومن مگر ڪافر بڻائي[15]


 

 

 

 

 

6

 

عطا ڪر شور رومي، سوز خسرو

عطا ڪر صدق، اخلاص سنائي

هري ويس بندگي ۾ ايترو مان

نه وٺندس جي ڪرين بخشش خدائي

 

7

 

مسلمان فاقه مست ۽ خرقه پوش آ

مٿائنس جبريل اندر خروش آ

اچو نقشو ٻيو، ملت جو ٺاهيون

جو هي ملت جهان ليءِ بار دوش آ[16]


 

 

 

 

 

 

 

اُها ملت جا ڄاڻي ڪاري پنهنجي

اُها ملت جا نيڪ ۽ بد کي سمجهي

ٿئي اُو هڪ جهان تي ڪين راضي

دو عالم کي کڻي پنهنجي ڪلهي تي

 

*              *

 

کپي اُو قوم ذڪر لااِلہ سان

ڪري دل رات جي مان صبح پيدا

سڃاڻي سج اُنجي منزلن کي

ٻهاري ڪهڪشان رستا اُنهيءَ جا


 

 

 

 

 

 

8

 

جهان هٿ ۾ پيو اڻ لائقن جي

ٿيا انسان تابع ناڪسن جي

هنرور هن جهان جي ڪشمڪش ۾

حوالي عيش ٿيو آهي ڳجهن جي

 

*              *

 

ارادتمند بکئي شيخ کي چيو

خدا کي حال پنهنجن جي خبر ناه

اسان کي آهه شهرڳ کان به ويجهو

مگر هو پيٽ کي نزديڪ تر ناهه


 

 

 

 

 

9

 

دگرگون ڪشور هندوستان آ

دگرگون هي زمين و آسمان آ

اسان وٽ ڪٿ نماز پنجگانه

غلامن کي صف آرائي گران آ

 

*              *

 

غلامي کان مسلمان خود فروش آ

گرفتار طلسم چشم و گوش آ

غلامي کان رڳون ٿيون سست بت ۾

اسان ليءِ شرع و آئين باردوش آ[17]


 

 

 

 

 

 

ذرا ماپي ته ڏس سودو زيان کي

ڪري ڇڏ جاودان جنت جهان کي

ڏسين ٿو ڪين هن مٽي جي پيدا

سينگاريو آهه سهڻو خاڪدان کي

 

10

 

تون ڄاڻي ٿو حيات جاودان ڇا

نه پر ڄاڻين ته مرگ ناگهان ڇا

سندءِ اوقات مان گهٽ ڪين ٿيندو

ٿيان جي جاودان مان چؤ زيان ڇا[18]


 

 

 

 

 

11

 

جڏهن اتمام تي پهچي جهان هي

ٿئي تقدير هر مخفي عيان هي

حضور خواجه ڪج رسوا نه مونکي

عمل جاچج سندم اُن کان نهان هي

 

*              *

 

بدن هت جان آهي ڊوڙ ڊڪ ۾

هلي اُن شهر ڏي بطحا کان گذري

هتي هج تون ۽ خاصن ساڻ گڏ رهه

نه مون کان منزل محبوب وسري[19]


[1] جهڪي ويا – گهٽ ٿي ويا.

[2]  پروين – ڪتي (ستارن جو ميڙ).

[3]  گل مٽي.

[4]  صبنت الڪاس – گي شعر عرب جي مشهور شاعر عمرو بن ڪلثوم الغلبي جو آهي، جو جاهليت جي شاعرن ۾ وڏو درجو رکندڙ هو. مڪي شريف جي سبعه معلقات مان سندس قصيدو هڪ آهي. سنه 585ع ڌاري هو وفات ڪري ويو. هن شعر ۾ شاعر پنهنجي معشوقہ اُم عمرو جي ناانصافي جي شڪايت ڪندي چوي ٿو ته ”تو اسان کي شراب جي پيالي کان محروم ڪري ڇڏيو، ڇو ته وارو کٻي طرف جي ويهڻ وارن جو هو.“

[5] ڪٿي کي سري ۾ ڪاٿي به چيو ويندو آهي.

حاصل – پيدائش.

[6] ڪڙو- شراب (ڪوڙي شيءِ)

نيستان – ڪانن جو ٻيلو.

نوٽ- تنگ جام کان مقصد آهي حاسد.

[7] نوٽ- سج مشدد به ڪم ايندو آهي ۽ غير مشدد به.

[8] ”گڏهه کي چؤ تون گهوڙو“- انسان جي خداداد عظمت جو دليل هيءُ آهي ته روشني کي روشني سمجهي ۽ اونداهي کي اونداهي.

رومي فرمائي ٿو:

هر هلاک اُمت پيشين که بود

زانکه بر جندل گمان بردند عود

اڳين اُمتن جي هلاڪت جو سبب هيءُ هو، جو اُنهن معمولي ڪاٺي کي چندن پئي سمجهيو.

[9] بوذر- حضرت ابو ذر غفاري رضي الله تعالى عنہ

سلمان – حضرت سليمان فارسي رضي الله تعالى عنہ.

دير ڪهن کان مطلب آهي، هيءَ دنيا.

[10] جاويد – جاويد اقبال ڏانهن اشارو آهي.

[11] ابراهيم عليہ السلام.

نمرود اُر عراق جو بادشاه، جنهنجي دور ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام ٿي رهيو. مونکي……ڄڻي ها- سعدي جي شعر

”مرا اي کاش کي مادر نہ زادي“ جو ترجمو

[12] ڪليمي – حضرت موسى عليہ السلام ڏانهن اِشارو.

حڪيمي نيءِ نوازي – رومي جي شاعري.

[13] نارسا – نه پهچندڙ

[14] تڙيل – هن کان مقصد آهي شيطان.

[15] سنواريم… فال مون تي – انساني تخليق جي ڪهاڻي. انسان کي اشرف ڪري بڻايو ويو، مگر بهشت مان به کيس ئي نڪرڻو پيو.

[16] باردوش- ڪلهي تي نه کڻڻ جهڙو بار

[17] صف آرائي – قطار ۾ بيهڻ (نماز يا جماعت).

آئين – دستور، طريقو.

[18] خاڪدان- زمين.

[19] اتمام – پڄاڻي.

بطحا – مڪہ معظم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org