سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :16

 

بنو ڪلب وارن کيس هڪ يهودي جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو. حضور جڏهن هجرت کانپوءِ مديني ۾ تشريف فرما ٿيا، تڏهن قبا جي مقام ۾ حضرت سلمان مسلمان ٿيو. اُن کانپوءِ بارگاه نبوت کان متفيض ٿيندو رهيو. حضرت عمر رضہ جي زماني ۾ مدائن جو گورنر رهيو. عهد فاروقي ۾، وفات فرمايائين. رضي الله تعالى عنہ.

حڪيم سنائي: ابو المجد مجدود سنائي، غزني جو ويٺل هو. بهرام شاه غزنوي جي درباري شاعر هو، مگر پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي وڃي گوشہ نشين ٿيو. سندس تائب ٿيڻ بابت هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪرڻ ۾ ايندو آهي. روايت آهي ته هڪ ڀيري حڪيم سنائي هڪ قصيده لکي، بهرام شاه جي دربار ڏانهن ٿي ويو. واٽ ۾ هڪ حمام وٽان گذريو، جتي هڪ مجذوب رهندو هو. سندس عادت هوندي هئي ته شراب خانن مان شراب آڻي، اُتي پيئندو هو ۽ پيءَ خمار ۾ الوٽ پيو رهندو هو؛ انڪري کيس ”لائي خوار“ چوندا هئا. حڪيم سنائي کي اُتي ڳائڻ جو آواز آيو.

ٻڌائين ٿي ته ”لائي خوار“ ساقي کي ٿي چيو ته ”ابراهيم شاه جي انڌائي جي صدقي ۾ شراب جو پيالو ڏي“. ساقي کيس چيو ته ”ڇو ٿو بڪين، هو ته عادل بادشاه آهي؟“ مجذوب کيس چيو ته ”غزني جو پورو انتظام نه ڪيو اٿس، هاڻي وري هندستان تي چڙهائي ٿو ڪري. هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي حماقت ٿيندي.“ ائين چئي پيالو کنيائين ۽ پي ويو. اُن بعد وري ساقي کي چيائين ته ”سنائي جي نابينائي جي صدقي ٻيو به پيالو ڏي.“ ساقي چيس، ”سنائي هڪ خوش فڪر شاعر آهي، اُنجي برائي ڇو ٿو ڪرين؟“

مجذوب چيس ته ”هن کان وڌيڪ سندس ٻي ڪهڙي حماقت ٿيندي، جو ڪوڙيون ڳالهيون ڪري، پنهنجي عمر ضايع ڪري رهيو آهي. قيامت جي ڏينهن خدا جي اڳيان ڪهڙو جواب ڏيندو؟“ حڪيم سنائي تي اُنجي گفتگو جو وڏو اثر ٿيو ۽ هو وڃي گوشہ نشين ٿيو. شيخ ابو يوسف همداني جي مريدن ۾ داخل ٿيو. حڪيم سنائي جي مشهور تصنيف ”حديقہ“ آهي جا تصوف ۽ اخلاق جي نڪتن سان ڀريل آهي. سندس وفات جي تا ريخ ۾ اختلاف آهي پر اڪثر تذڪره نويسن سن 546 هجري لکيو آهي.

سوز قرات: سوز قرات، کان حضرت عمر رضي الله عنہ جي ايمان آڻڻ واري واقعي ڏانهن اِشارو آهي. ابن اسحاق اُن واقعي لاءِ لکي ٿو ته حضرت عمر جي ڀيڻ، فاطمہ سعيد بن زيد جي گهر واري هئي. هي ٻئي مسلمان ٿي چڪا هئا. حضرت عمر کان هيءَ ڳالهه ڳجهي رکي هئائون. خباب بن ارت اصحابي، اڪٿر حضرت عمر جي ڀيڻ کي قرآن پڙهائڻ ويندو هو. هڪ ڏينهن حضرت عمر تلوار ٻڌي حضور کي قتل ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪتو. حضور ان وقت صفار جي ڀرسان هڪ مڪان ۾ تشريف فرما هئا. حضرت کي راهه ۾ نعيم بن عبدالله هڪ اصحابي مليو. نعيم کي جڏهن حضرت عمر جي ارادي جي خبر پئي، تڏهن، حضرت نعيم کيس چيو ته ”اي عمر قسم آهي خدا جو، توکي تنهنجي نفس فريب ڏنو آهي، تو اِهو خيال ڪيو آهي ته جيڪڏهن تو محمد صلعم کي قتل ڪيو ته بني عبد مناف توکي ڪڏهن به زمين تي رهڻ نه ڏيندا. پر اُن کان اڳ ۾ توکي پنهنجي گهر جي خبر رکڻ گهرجي. تنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو ٻئي مسلمان ٿي چڪا آهن“. حضرت عمر هي ٻڌي پوئتي موٽيو ۽ سڌو ئي پنهنجي ڀيڻ جي گهر آيو. ان وقت حضرت خباب، بيبي فاطمہ سوره طہ پڙهائي رهيو هو. حضرت عمر جي پيرن جو آواز ٻڌي، جناب خباب ته ڪوٺي ۾ وڃي لڪيو مگر حضرت عمر جي ڀيڻ، ان ڪاغذ کي لڪائي ڇڏيو، جنهن تي قرآن شريف جو حصو لکيل هو، حضرت عمر سندن آواز کي ٻڌي چڪو هو، هن گهر ۾ گهڙڻ سان پڇيو ته ”اِهو ڪهڙو آواز ٿي آيو؟“ سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جواب ڏنو ته ”هت ته ڪجهه نه هو، اوهان ڪنهن ٻي جو آواز ٻڌو آهي؟“ حضرت عمر ڪاوڙ مان چيو ته ”معلوم ائين ٿو ٿئي ته اوهان مسلمان ٿيا آهيو.“ ان کانپوءِ هو پنهنجي ڀيڻيوي کي مارڻ لڳو. پنهنجي مرد کي سندس ڀيڻ ڇڏائڻ لاءِ وڌي ته اُنجو به مٿو ڦاڙي وڌائين. هي حالت ڏسي هنن گڏجي کيس چيو ته ”اسان برابر ايمان آندو آهي، توکي جو ڪجهه به ڪرڻو هجي ڪر“.

ڀيڻ جي مٿي مان رت وهندو ڏسي حضرت عمر کي ندامت ٿي. هن ڀيڻ کي چيو ته اِهو ڪاغذ مونکي ڏي، پر هن کيس ڏيڻ نه ٿي گهريو. حضرت عمر جي قسم کڻڻ تي هن کيس ڏنو. سندس ڀيڻ سوره طہ کي نهايت سوز سان پڙهڻ شروع ڪ يو. حضرت عمر جي مٿان ايڏو ته اثر ٿيو، جو هن پڪاري چيو ته ”هيءُ بيشڪ خدا جو ڪلام آهي“. اُن کانپوءِ هو حضور جي خدمت ۾ پهچي، مسلمان ٿيو.

عراقي: فخرالدين ابراهيم عراقي حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو ڀاڻيجو هو. همدان جي شهر ۾ پيدا ٿيو. تعليم ۽ تربيت لاءِ بغداد ۾ آيو ۽ پنهنجي مامي شيخ شهاب الدين سهروردي وٽ ديني علوم جي تڪميل ڪيائين. جواني ۾ قلندرن جي هڪ گروه سان سير ۽ سفر لاءِ وطن کان نڪري پيو. جدا جدا ملڪن کان ٿيندو ملتان ۾ آيو، جتي حضرت بهاؤ الدين ذڪريا جي مريدن ۾ داخل ٿيو. ڪيترا سال شيخ جي خانقاه ۾ رهي، ملوڪ جون منزلون پوريون ڪيائين ۽ خلافت جي خرقه کان مشرف ٿيو. شيخ بهاؤ الدين جي وفات کانپوءِ حاسدن جي حسد کان تنگ ٿي، ملتان کان موڪلائي، حرمين شريفين جي زيارت لاءِ نڪري پيو. مديني منوره ۾ هن پنهنجي تصنيف ”لمعہ“ تصنيف ڪئي. حج جي زيارت کانپوءِ، مصر روانو ٿيو، جتي به ٿورو وقت رهي، دمشق ۾ آيو، جتي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اِتيئي وفات ڪري ويو.

سندس وفات جو سال سن 688 هجري چيو وڃي ٿو. عراقي جي سڄي حياتي عشق ۽ مستي جي رنگ سان ڀري رهي.

عزت بخاري: عزت بخاري جو اصلي نالو عبدالولي هو. سندس والد جو اسم گرامي سعدالله هو، جو ترڪن جي هڪ قبيلي سان واسطو رکندڙ هو. هي شخص اورنگزيب عالمگير جي اميرن مان هو. عزت پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ مرشد آباد هليو ويو ۽ بنگال جي حاڪم علي وردي خان جي دربار ۾ رسائي حاصل ڪيائين. سن 1756ع ۾ جڏهن نواب وفات ڪئي ته عزت، بنگال کي ڇڏي حيدرآباد دکن ۾ وڃي رهيو جتي وفات ڪري ويو.

امام غزالي: امام غزالي (111 – 1058) جو سڄو نالو امام ابو حامد، محمد بن محمد هو. حجة الاسلام سندس لقب آهي، جو سندس معاصرين کيس ڏنو هو. طوس جي ٻهراڙي جي هڪ ننڍي ڳوٺ غزاليہ ۾ تولد ٿيو، جنهن ڪري امام غزالي جي سادي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت نيشاپور جي مشهور استاد امام الحرمين ابوالمعالي جويني جي درسگاه ۾ ٿي. ننڍي ڄمار ۾ علوم منقول ۽ معقول تي دسترس حاصل ڪري ورتائين ۽ استاد جي سامهون تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. جلد ئي مشهور استادن ۾ شامل ٿيڻ لڳو، جيستائين سندس استاد جيئرو رهيو، اُن جي خدمت کان جدا نه رهيو. استاد جي وفات کانپوءِ نيشاپور کان سڪر جي شهر ۾ آيو، جتي سندس ملاقات سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان جي مشهور وزير نظام الملڪ سان ٿي. وزير موصوف سندس علم کان بيحد متاثر ٿيو ۽ کيس نظاميہ ڪاليج بغداد ۾ اُستاد مقرر ڪيائين. اوچتو ئي اوچتو امام صاحب سڀ ڪجهه ترڪ ڪري حج تي ويو. حرمين شريفين جي زيارت کان فارغ ٿي، دمشق ۽ بيت المقدس کان ٿيندو اسڪندريہ ۾ پهتو. واٽ تي جهنگلن ۽ بيابانن ۾ بيحد رياضتون ۽ مشقتون ڪڍيائين. هن سفر کان موٽي پنهنجي وطن طوس ۾ موٽي آيو ۽ باقي حياتي درس تديرس ۽ تصنيف ۾ گذاري سن 1111ع ۾ فوت ٿي ويو. امام صاحب جي تصنيفات جو وڏو سلسلو آهي، هو يوناني فلسفي جي لادينيت جو وڏو مخالف هو. سندس تصنيفون اخلاق ۽ فلسفه جي متعلق آهن.

مزدڪ: مزدڪ جنهن کي ايراني مورخن، حڪيم مزدڪ ڪري لکيو آهي، پنجين صدي عيسوي ۾ ايران ۾ قباد بادشاه جي دور ۾ اصطخر جي نزديڪ پيدا ٿيو هو. هو زردشت ۽ ماني جي تعليم کان گهڻو متاثر هو. سندس عقيدو هو ته يزدان (خدا) دنيا ۾ مساوات قائم ڪرڻ گهري ٿو، مگر اهرمن (شيطان) انسان ذات کي حسد، ڪيني، بغض ۽ نفرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اُن ڪري منجهن اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. هنن ناپاڪ جذبن کي فنا ڪرڻ لاءِ هي ضروري آهي ته دنيا ۾ زن، زر ۽ زمين کي يڪسان طرح ورهايو وڃي. ائين ڪرڻ سان هر هڪ انهن نعمتن کان فائدو وٺي سگهندو؛ پوءِ ڪنهن کي به رقابت، نفرت ۽ عداوت پيدا نه ٿيندي. جيئن ته قباد جو ڀاءُ جاماسپ، جو پاڻ حڪيم هو، مزدڪ جو هم خيال هو، اُن ڪري مزڪيت جي تحريڪ زور وٺندي رهي. قباد جي حڪومت جو پوئين دور ۾ سندس فرزند نوشيروان، جو پوءِ ايران جو بادشاهه بڻيو ۽ عادل هو، سن 528ع ڌاري، مزدڪ ۽ سندس پوئلڳن کي دارالسلطنت مدائن جي هڪ باغ ۾ دعوت ڏئي گهرايو. ظاهر ۾ هن پاڻ کي مزدڪ جو گهڻگهرو چوايو. باغ ۾ جڏهن مزدڪ ۽ سندس پوئلڳ اچي گڏ ٿيا، تڏهن کين بيدردي سان قتل ڪرائي ڇڏيائين. جڏهن پاڻ تخت تي ويٺو ته مزدڪين جو قتل عام شروع ڪري ڏنائين ۽ اهڙي ريت هن تحريڪ جو خاتمو ٿي ويو. جيڪڏهن ائين چئجي ته هيءُ حڪيم دنيا ۾ اشتراڪيت جو پهريون دعوت ڏيندڙ هو ته بجا آهي.

مسعود: سر سيد راس مسعود سر سيد احمد خان جو پوٽو ۽ سر سيد محمود جو فرزند هو. سر سيد احمد خان پنهنجي هن پوٽي کي ابتدائي تعليم، پنهنجي زير نگراني ڏياري. ڏاڏي جي وفات کانپوءِ مسعود گويا يتيم ٿي ويو. سيد محمود جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي، اُن ڪري علي ڳڙه مسلم ڪاليج جي پرنسپل سر ٿيوڊور ماريس جي نظر هيٺ سندس پرورش ٿيڻ لڳي. ڪاليج جي ابتدائي منزل تي هو جو کيس گورنمينٽ اسڪالرشپ ڏيئي آڪسفورڊ تعليم لاءِ موڪليو، جتي هن ڊگري حاصل ڪري بيريسٽري جي سند به حاصل ڪئي. پنجن سالن کانپوءِ هندستان موٽي اچي پٽني ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پر هن پيشي ۾ سندس دل نه لڳي. گورنمينٽ کيس پٽنه جي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستري جي آڇ ڪئي، جنهن کي هن قبول ڪيو. ان کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج ڪٽڪ ۾ پروفيسر ٿي ويو. سن 1915ع ۾ سر اڪبر حيدري جي ڪوشش سان حيدرآباد دکن جي رياست جي تعليمي محڪمي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ٻارهن سال اُتي رهي رياست جي تعليمي نظام کي هن وڏي اوج تي پهچايو. ان کانپوءِ هو جاپان ۽ ڪوريا جي سفر تي ويو ۽ اُتان موٽڻ کانپوءِ رياست جي نوڪري کان سبڪدوش ٿي انگلنڊ هليو ويو. انگلنڊ جي سفر کان جئن موٽيو، کيس علي ڳڙهه يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. سندس زماني ۾ يونيورسٽي وڏي ترقي ڪئي. مگر هو يونيورسٽي ۾ گهڻو وقت رهي نه سگهيو. ڀوپال جي نواب کيس پنهنجي رياست جي تعليم لاءِ مشير اعلى جي حيثيت ۾ گهرائي ورتو. افغانستان جي امير نادر خان جي دعوت تي علامہ اقبال ۽ سيد سليمان ندوي سان گڏ افغانستان جو سفر ڪيائين. سن 1937ع ۾، هندستان جو هي تعليمي ماهر وفات ڪري ويو. علامہ جا ساڻس خصوصي تعلقات هئا. سندس ياد ۾ پرسوز مرثيو لکيو اٿس، جنهن مان سندس غم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

منوچهري: منوچهري جو نالو احمد ۽ سندس ڪنيت ابوالنجم هو. سندس اصل وطن دامغان هو، پر دولت شاه پنهنجي تذڪري ۾ بلخي لکيو آهي. هو امير منوچهري بن شمس المعالي جو درباري شاعر هو ۽ انجي نالي جي نسبت سان منوچهري جي وفات کانپوءِ سن 411 هجري ۾ سلطان محمود جي درباري شاعر عنصري جي سفارش سان سلطان محمد بن محمود جي دربار ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. سن 421 هجري ۾ سلطان محمد جي گرفتاري کانپوءِ سندس ڀاءُ سلطان مسعود جو درباري شاعر بڻيو. منوچهري آل محمود جي زواليت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، ۽ سن 432 هجري ۾ وفات ڪري ويو. منوچهري جو اڪثر شعر، عرب شاعرن جي تلقيد ۾ چيل آهي.

معزول شهنشاه: معرول شهنشاه کان اشارو آهي، انگلينڊ جي شهنشاه ايڊورڊ اٺين ڏانهن، جنهن هڪ آمريڪن خاتون مسز سمپسن سان شادي ڪرڻ ٿي گهري، مگر وزيراعظم  آرچ بشب آف ڪئنٽربري ۽ قوم سندس مخالفت ڪئي، جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو بادشاه 7 ڊسمبر سن 1936ع تي پنهنجي ڀاءُ جارج ڇهين جي فائدي ۾ تخت تان دستبردار ٿي، مسز سمپسن سان شادي ڪئي. هاڻي هو ڊيوڪ آف ونڊسر جي لقب سان مشهور آهي ۽ سياحانہ حياتي گذاري رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org