سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :4

 

 

 

حضور رسالت ؐ

 

ادب جي جاءِ زير آسمان آ، عرش کان نازڪ

نفس کي جت وڃائن ٿا جنيد و بايزيد ايندي

عزت بخاري

 

 

حضور رسالت ؐ

1

اُٿي خيمہ نشين، خيمو ڇڏي ڏي

ڪئي ٻاهر وڃي سونهين آ منزل

ڪجائي کي هلائي عقل مشڪل

ڏيان ٿو واڳ پنهنجي توکي اي دل[1]


 

 

نظر ۾ منهنجي آهي جوهر دل

تپي آرام ورتم در بر دل

ڀڳس شهري ۽ ڳوٺاڻي هوا کان

هوا ۾ دشت جي کوليم در دل

 

*              *

 

نه ڄاتم دل شهيد جلوهء ڪنهنجي

گهڙي هڪڙي قرار اُن کي نه حاصل

ويس رڻ ۾ وٺي مايوس ٿي وئي

رني ويتر ڏسي، دريا جو ساحل [2]

 

نه پڇ ڇا؟ ڪاروان جلوهء مستان

نه جن وٽ آ، جهان جو ڪو به سامان

وڌو آواز گهنڊ جي تن ۾ آ شور

جئن موج نسيم اندر نيستان

 

*              *

 

ره يثرب کي هن پيري ۾ ورتم

سرور عاشقي سان گڏ نوا خوان

پکي جئن شام جو صحرا ۾ کولي

پرن کي آشياني ليءَ پريشان[3]

 

 

2

 

گناه عشق و مستي عام ڪيائون

دليل پختگي کي خام ڪيائون

حجازي سر ۾ ڳايان ٿو هي مصرع

”ته اول مي کي اندر جام ڪيائون“

 

*              *

 

نه پڇ منهنجي مقامات نوا کي

ڪٿان آيس، نه ڄاڻن منهنجا ندما

ڪيم ميدان هن ۾ پنهنجي منزل

سرايان اُنجي خلوت ۾ ٿو تنها[4]

 

 

3

 

چيم اُٺ کي صبح آهسته ڪجهه هل

جو توتي خستہ ۽ بيمار پير آ

قدم مستانه هڻ ڀل جيئن وڻيئي

سندءِ پيرن ۾ واري بي حرير آ

 

*              *

 

مهار اُن کي ٺهي ٿي، ڪين اُوٺي

اسان جان جان اُنجي پڻ بصير آ

سڃاڻان ٿو سندس مان خوشخرامي

طلسم دل ۾ هو، مون جان اسير آ[5]


 

 

سندس ڪارين اکين ۾ لڙڪ آهن

جلائي اُنجي آه صبحگاهي

اُها مي جا جياري قلب منهنجو

ڏئي ساندهه سندس تازه نگاهي

 

4

 

عجب صحرا آ، جنهن ۾ قافلو ٿو

پڙهي صلواة ۽ محمل هلائي

سندس واري تتي تي سجده ڏيئي

جلائج نرڙ کي، تان داع پائي [6]

 

 

عجب اُو شام صحرا صبح خند آ

ننڍي آ رات، ڏينهن اُنجو بلند آ

قدم اُت راهرو آهسته رکجاءِ

زمين، اُنجي اسان جان دردمند آ

 

5

 

امير ڪاروان! هو اعجمي ڪير؟

عرب جي سر کان جنهن جو سازدور آ

ٻڌائي نغمو اُو جنهن جي تري کان

بيابان ۾ ٿڌي دل سان جين ٿا [7]

 

 

مقام عشق اُنجي آهه منزل

رکي ٿي آگ اُنجي آب ۽ گل

نوان هر دل سان اُنجي سازگار آ

جو هر سيني ۾ تقسيم اُنجي آ دل

 

6

 

لڪل غم ري چوڻ جي بي عيان آ

زبان تي پر جي آيو داستان آ

ڏکي آ راه، راهي آ ٿڪايل

چراغ اُنجو وساڻل شب مٿان آ

 

 

 

بهار آئي چمن ۾ لالہ نڪتو

هنيو رڻ پٽ ۾ خيمو آهه يارن

وڻي تنها نشيني جو کسي دل

ندي ۽ ڪوهسارن جي نظارن

 

7

 

ڪڏهن شعر عراقي کي پڙهان ٿو

ڪڏهن جامي جي نغمي سان جلان ٿو

نه ڄاڻان ٿو عرب جي ساز سر کي

مگر اوٺين جي سر سان گڏ هلان ٿو.

 

غم راهي نشاط آميز تر ڪر

فغان اُنجي جنون انگيز تر ڪر

ڊگهي آ واٽ اُن کي وٺ اي اوٺي!

سندم سوز جدائي تيز تر ڪر

 

8

 

هلي اچ هم نفس گڏ ٿي ۽ روئون

جمال اُنجي جا تون مان ڪشتہ آهيون

ٻڌايان حرف ٻن ۾ حال دل جو

اکيون خواجہ جي قدمن ساڻ لايون[8]

 

 

حڪيمن جي بها ڪمتر رکيائون

سرور ۽ ڪيف نادان کي ڏنائون

عجب خوش بخت ۽ وڻندڙ زمانو

در سلطان، گدا لئي کوليائون

 

*              *

 

جهان چار سو ڀاڪر ۾ منهنجي

هوا آ لامڪان جي سر ۾ منهنجي

بلند اُن بام کان گذري ويس مان

عجب پرواز اُوچو پر ۾ منهنجي[9]

 

 

اِنهي وادي ۾ وقت آ جاوداني

سندس مٽي مان پيدا ٿي معاني

حڪيمن سان ڪليمن جو آ ميڙو

هتي ڪير آ، هڻي جو لن تراني

 

9

 

مسلمان اُو فقير ڪج ڪله آه

سندس سيني ۾ سوز ۽ آه آهي

سندس دل ٿي روئي، ڇا کان نڄاڻي

نگاهي يا رسول الله نگاهي[10]


 

 

سمورو دل جو سوز غم آ تنهنجو

نوا منهنجي ۾ پنهان دم آ تنهنجو

رئان ٿو، ڇو ته اندر ڪشور هند

ڏسان ٿو، ڪين ڪو محرم آ تنهنجو

 

*              *

 

غلام هند جي شب کي سحر ناهه

مٽي هن ۾ ڏسان سج جو گذر ناهه

نظر ڪر مهر جي اوڀر ۾ ٻيو ڪو

مسلمان پاڻ کان مظلوم تر ناهه

 

 

ٻڌايان ڇا، فقير آ، هي ڏکايل

مسلمان پاڪ گوهر آ ستايل

خدايا ڪر مدد هن سخت جان جي

ڪري جو آ، مٿان کان هيٺ آيل

 

*              *

 

چپن تي حال ڇا اُنجو مان آڻيان

ڏسين ٿو سڀ لڪل ۽ آشڪارا

سندس صدين کان روداد آهه ساڳي

قصائي جان سندس دل سنگ خارا[11]

 

 

اڃا هي چرخ نيرو ڪج خرام آ

اڃا هي قافلو دور از مقام آ

چوان ڇا بي نظام آ ڪار اُنجي

تون ڄاڻين ٿو ته ملت بي امام آ

 

*              *

 

نه رت ۾ ڪا رهي اُنجي حرارت

نه اُنجي پوک ۾ لالہ جو نيشان

مياڻ اُنجو سندس کيسي جان خالي

ڪتاب اُنجو مٿي آ طاق ويران[12]


 

 

سندس دل قيد ۾ آ رنگ و بو جي

نه ڄاڻي ذوق، شوق ۽ آرزو کي

سڃاڻي ڪين شهبازن جي ٻولي

رڳو مڇر جي ڀون ڀون ڏي ٿو ڪن ڏي

 

*              *

 

مٿس دل جو نه دروازو کليو آ

خودي مٽي جي مٺ ۾ ڪين آئي

نه آ تڪبير جو آواز هن وٽ

حريم ذڪر ۾ حرڪت نه ڪائي

 

 

گريبان چاڪ بي فڪر رفو آ

نه ٿو ڄاڻان ته ڇو بي آرزو آ

نصيب اُنجي ۾ آهي موت بيوقت

مسلمان ٿي ۽ بي الله هو آ

 

*              *

 

ڏيو حق اُن کي مسڪين ۽ اسير آ

گهڻو غيرت ڀريو آ، پر فقير آ

مٿس ميخاني جو در بند آهي

مسلمان ملڪ هن ۾ تشنه مير آ[13]

 

 

وري پاڪيزه ڪر هن آب و گل کي

جهان نئون ڏي سندس بيدار دل کي

هوا تيز آهه، دامن ۾ سوين چير

جهڪي ڏيئي کي تازي روشني ڏي

 

*              *

 

عروس زندگي سان ساڻ آ غير

مقام نيستي ۾ اُنجو آ سير

مرڻ کان اڳ ئي خاطي قبر ۾ آ

نڪير اُنجو ڪليسا، منڪر آ دير[14]


 

 

 

 

 

 

سندس اک ۾ نه نور آ، نا سرور آ

نه دل سيني ۾ اُنجي نا صبور آ

خدا امداد هن اُمت جي ڪر ڪا

جو اُنجو موت بي جان حضور آ

 

*              *

 

مسلمان زاده ۽ نامحرم موت

ڏڪي ٿو موت کان اُو تا دم موت

بنا دل جي سندس آ سينہء چاڪ

سندس دم ۾ نه دم آ پر غم موت[15]


 

 

ملوڪيت سڄي آ شيشہ بازي

نه اُن کان امن ۾ رومي، حجازي

ٻڌايان غم ٿو يارن جو مان سائين!

اُميد آهي، ٿئي من دل نوازي

 

*              *

 

مسلمان مرد جو بت پايدار آ

سندس پيڪر جو بنياد استوار آ

طبيب اُنجي نگاهن مان ڏسي پر

خودي اندر ۾ اُنجي رعشه دار آ[16]

 

 

مسلمان بي ڪلاهي کان شرمسار

سندس دين آهه مرده خانقه ڪار

جهان ۾ پنهنجي آ ميراث ڄاڻين

فقيري بادشاهي جي نگهدار

 

*              *

 

پڇين احوال مون کان انجو ڪهڙو؟

زمين دشمن آهي، جيئن آسمان آ

پکي انجير تي جو پاليو تو

ٿيو اُن لاءِ داڻو بي گران آ[17]

 

 

ٻڌايم نڪتو اُن کي اڄ سڀان جو

سندس اکين ۾ کوليم زندگي کي

چوان ظاهر ڪري اسرار جان ٿو

عرب جي ڏي زبان هن اعجمي کي

 

*              *

 

مسلمان وٽ نه لشڪر يا سپاهي

ضمير اُنجو ضمير بادشاهي

اگر اُنجو مقام ان کي ٿي حاصل

جمال انجو جلال بي پناهي

 

 

متاع شيخ اساطير ڪهن هو

حديث اُنجي سموري شڪ ۽ ظن هو

اڃا اسلام اُنجو آ جڻي پوش

حرم ڄڻ دير ۽ هو برهمن هو

 

*              *

 

ڪيو ابتر آ لاديني جهان کي

ٻڌائن ٿا بدن جي ڳالهه جان کي

ڏنيءِ صديق کي جو فقر سائين

اُهو ڏي شور هن آسوده جان کي[18]

 

 

حرم کي دير کان آ رنگ ۽ بو

اسانجو بت ڪراڙو، گنده مو آ

اسان بدقسمتن جي هنج ۾ ڪا

نه دل روشن نه نور آرزو آ

 

*              *

 

هئا مسجد ۾ جيتر فقر وارا

شهنشاهن جا سينا ٿي وڍيائون

جڏهن هو آگ سيني ۾ جهڪي ٿي

تڏهن دربار جون ڪاڻيون ڪڍيائون[19]

 

مسلمان پاڻ هڪ ٻي ۾ وڙهن ٿا

سندن دل تي دوئي جو نقش آهي

رئن ٿا سرجي مسجد مان کڄي ٿي

مگر خود اُن کي ويٺا دل تان لاهي

 

*              *

 

نرڙ کي پيش غير الله جهڪايون

دوئي جي نقش کي ٿا دل تي ٺاهيون

رئان ٿو ڪين ٻي کان، پاڻ کان ئي

جو تنهنجي شان جا لائق نه آهيون

 

 

هٿن ۾ ميڪشن جي جام خالي

نه ڪو ساقي کي مجلس ۾ فراغ آ

نظر ۾ سينه اندر آهه فرياد

اِنهي دونهين جو گهر اِهو چراغ آ

 

*              *

 

ٿيو مٽ مي کان خالي خانقہ جو

ڪري مڪتب پراڻي واٽ کي طي

ويس شعرا جي مجلس ۾ پريشان

ڪري آواز مرده ٿي سندن ني [20]

 

مسلمان مان ٿيس هر ملڪ مجبور

نه آ هن خاڪدان سان ڪارڪائي

نه آهي زور، اُن هوندي به لرزان

جو غير الله سان ٿئي منهن مکائي

 

*              *


[1] اُٿي خيمہ نشين… ڏي – منوچهري جي شعر ”الايا خيمگي خيمہ فروهل“

جو ترجمو.

[2] دربر دل – دل جي ڀاڪر ۾

[3] يثرب – مدينہ عالي جو اصلوڪو نالو.

تيستائين – ڪانن جو ٻيلو.

[4] ’اول…ڪيائون،- عراقي جي مشهور شعر

”نخستين باده کاندر جام کردند“ جو ترجمو.

سرايان – ڳايان.

[5] حرير – ريشم.

بصير – ڏسندڙ.

[6] محمل – ڪجائو.

[7] اعجمي – عجم جي رهڻ وارو

تري – آلاڻ.

[8] نشاط آميز – خوشي وارو.

جنون انگيز – سؤدا سان ڀريل.

[9] پر واحد آهي، پر جمع ۾ به ڪم ايندو آهي. مثال طور: ”ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ“، ”اک ڏيکارڻ“، ”پير موڙڻ“ وغيره.

[10] ڪج ڪله ڏنگي ٽوپي وارو.

[11] سنگ خارا – سخت پٿر

[12] دور از مقام – مقام کان پري

[13] تشنه مير – اُڃ ۾ مرندڙ.

[14] خاطي- خطا وارو.

منڪر – قبر ۾ حساب ڪتاب وٺندڙ ملائڪ.

ڪليسا – عيساين جي ديول

دير – باهه جي پوڄارين جي مڙهي.

[15] نامحرم – اڻ ڄاڻ

[16] رعشه دار – ڏڪڻيءَ واري.

استوار – مضبوط.

[17] خانقه – صوفين جي رهڻ جو مقام

[18] اساطير ڪنهن – پراڻي زماني جون ڳالهيون ۽ افسانا.

[19]  گنده مو – بدبو وارا وار.

[20] نئ- نڙ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org