سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :13

 

 

رباعيون

 

 

سندم شاخ امل جو آ ثمر ڇا؟

سندءِ تقدير جي مونکي خبر ڇا؟

کلڻ جي ليءِ پريشان آهه مکڙي

نسيم صبح فردا تي نظر ڇا!

 

*              *

 

فراغت بخش هن ڪار جهان کان

ڇٽان جئن هر نفس جي امتحان کان

ٿيو پيري کان شيطان ڪهنه انديش

گناه تازه آڻي هو ڪٿان کان [1]

 

دگرگون عالم شام و سحر ڪر

جهان خشڪ و تر زير و زبر ڪر

رهي تنهنجي خدائي داغ کان پاڪ

سندم بي ذوق سجدن کان حذرڪر

 

2

 

غريبي منهنجي محسود اميري

جو غيرت مند آ منهنجي فقيري

حذر اُن فقر درويشي کان جنهن آ

مسلمان کي سيکاريو گوشہ گيري[2]

 

خرد جي تنگ داماني کان فرياد

تجلي جي فراواني کان فرياد

وڻي اُن کي ٿو نظاره غير

نظر جي نا مسلماني کان فرياد

 

*              *

 

چيو اقبال هئن شيخ حرم کي

تهه محراب مسجد سمهيو ڪير؟

ندا مسجد جي ديوارين کان آئي

فرنگي بتڪده ۾ ڀليو ڪير؟[3]

 

پراڻو شور اُنجي آرزو سرد

بڻي مرد مسلمان جي لهو سرد

بتن کي منهنجي لاديني مبارڪ

جو اڄ آ آتش الله هو سرد

 

*              *

 

حديث بندهء مومن دل آويز

جگر پر خون، نفس روشن، نظر تيز

ميسر ٿي ڪٿان ديدار اُنجو

جو هو آ رونق محفل ڪم آميز[4]


 

تميز ”خار گل“ کان آهه ظاهر

نسيم صبح جي روشن ضميري

حفاظت گل جي ممڪن ئي نه آهي

ٿئي ڪنڊي ۾ عادت جي حريري

 

*              *

 

نه ڪر ذڪر فراق و آشنائي

جو اصل زندگي آ خود نمائي

نه دريا جو نه موتي جو زيان آ

دل دريا کان موتي جي جدائي[5]

 

 

سندءِ دريا ۾ طوفان ڇو نه آهي

خودي تنهنجي مسلمان ڇو نه آهي

اجايو شڪوه تقدير يزدان

وٽيءِ تقدير يزدان ڇو نه آهي

 

*              *

 

ڏسي جي عقل ڪجهه دل جي نگهه سان

جهان روشن آ نور لااِلہ سان

فقط هڪ گردش شام و سحر آ

وڃي ڏس هي فروغ مهرومہ سان[6]

 

ڪڏهن دريا تي هل ٿي موج وانگر

ڪڏهن دريا جي سيني ۾ گذر ڪر

ڪڏهن دريا جي ساحل تي لنگهي وڃ

خودي پنهنجي منزل فاش تر ڪر.

 

ملازاده ضيغم لولابي ڪشميري جو بياض

1

پاڻي سندءِ چشمن جو مصفا جئن سيماب

مرغان سحر تنهنجي فضا ۾ ٿيا بيتاب

اي وادئ لولاب!

 

گر صاحب هنگامه نه هي منبرو محراب

دين بندهء مومن جي ليءِ موت آيا خواب

اي وادئ لولاب!

 

آ ساز تي موقوف سندءِ درد ڀري ليءِ

ڍري آهه اگر تار ته بيڪار آ مضراب

اي وادئ لولاب!

 

بيدار ٿي دل جنهن جي فغان سحري کان

هن قوم ۾ مدت کان هو درويش آ ناياب

اي وادي لولاب!

 

2

موت آ هڪ سخت تر، جنهن جو غلامي آهه نانءُ

خواجگي جي مڪروفن کي ڪاش سمجهي ها غلام

جدت احڪام کي شرع ملوڪانہ ۾ ڏس

صور جو غوغا حلال آ، حشر جي لذت حرام

اي غلامي کان سندءِ جو روح آهي مضمحل

سينہء بي سوز ۾ ڳولهج خودي جو ڪو مقام[7]


 

 

 

3

اڄ اُهو ڪشمير آ، محڪوم، مجبور ۽ فقير

ڪلهه چيو اهل نظر جنهن کي ٿي ايران صغير

سينہء افلاڪ مان اُڀري ٿي آه سوز ناڪ

مرد حق ٿي ٿو جڏهن مرعوب سلطان و امير

ٿو ٻڌائي داستان بيدرديئي ايام جو

ڪوه جي دامن ۾ هو غمخانہ دهقان پير

آه! هي قوم نجيب و چست دست و تر دماغ

آ ڪٿي روز مڪافات، اي خدائي دير گير![8]


 

 

 

 

4

گرم جنهن دم ٿو ٿئي، محڪوم قومن جو لهو

ٿو ڏڪي اُن کان جهان چار سو ۽ رنگ بو

پاڪ بڻجي وسوسي کان ٿو ضمير انسان جو

راه اُنجي کي ڪري، روشن چراغ آرزو

هو پراڻا چاڪ جن کي عقل سبيو ڪينڪي

عشق تن کي ٿو سبي بي سوزن و تار رفو

ٿو ٿئي ساندهه ڌڪن سان نيٺ پرزا ۽ ٽڪر

حاڪميت جو بت سنگين دل، آئينہ رو[9]

 

5

شوڪت شاهين آ دراج جي پرواز ۾

ٿو ڏسي صياد حيران باز يا دراج آهه

اڄ تلاطم، آهه هر هڪ قوم جي افڪار ۾

آه! مشرق ٿيو قيامت کان به اڳ تاراج آهه

آه فطرت جي تقاضا حشر جي مجبور آ

لاش جو آواز اسرافيل جو محتاج آهه

 

6

رندن کي به معلوم آ، صوفي جي ڪمالات

هرچند جو مشهور نه آ تن جي ڪرامات

خود گيري و خود داري و گلبانگ انالحق

آزاد آ سالڪ ته هي اُن جا مقامات

محڪوم آ سالڪ ته اها اُنجي همه اوست

خود مرده و خود مرقد و خود مرگ مفاجات[10]

 

7

هلي اچ خانقاهن مان ادا ڪر رسم شبيري

جو فقر خانقاهي آ فقط اندوهه دلگيري

سندءِ دين و ادب اندر ڏسان ٿو  بوءِ رهباني

اِهوئي مرڻ وارن امتن جو عالم پيري

شياطين ملوڪيت جي اکين ۾ اُهو جادو

جو خود نخچير جي دل ۾ ٿي پيداذوق نخچيري

نوائ صبحگاهي کان سندم، گذرن ٿا بي پروا

ٿيا محروم، ستي کان سيہ چشمان ڪشميري

 

8

سمجهن ڦڙو جي رت جو اُن کي ته ڀل سمجهه

دل آدمي جي آهي هڪ جذبهء بلند

گردش مہ و ستاره اُن لاءِ نا پسند

دل پنهنجي روز شب جي هردم آ نقش بند

جنهن خاڪ جو ضمير آ آتش چنار

ممڪن نه آهي سرد ٿي هو خاڪ ارجمند[11]

 

9

کليو جئن چمن ۾ ڪتبخانهء گل

نه راس آيو ملا کي علم ڪتابي

هوا آ بهاري جي ڪيڏي نه دلڪش

غزلخوان ٿيو پير سن اندرابي

چيو لالہء آتشين پيرهن هئن

ته اسرار جان لي آهيان بي حجابي

سڏي موت خاڪ لحد کي ٿو جيڪو

لڪل انجي تعمير ۾ آ خرابي

نه آ زندگي سلسلہ روز شب جو

نه آ زندگي مستي و نيم خوابي

جلڻ پنهنجي ئي آگ ۾ آ حياتي

خوشي آهه هن نڪتي جي بازيابي

ملي چڻنگ جي آتش دل مان توکي

ته زير فلڪ آ سندءِ ڪاميابي[12]

 

10

آزاد جي رڳ سخت سدا آهه رگ سنگ

محڪوم جي رڳ نرم سدا آهه رگ تاڪ

محڪوم جي دل مرده و افسرده و پريشان

آزاد جي دل زنده و پرسوز و طرب ناڪ

آزاد جي دولت دل روشن نفس گرم

محڪوم جو سرمايہ فقط ديدهء نمناڪ

محڪوم آ بيگانهء اخلاص و مروت

توڙي جو هو منطق جي دليلن ۾ آ چالاڪ

ممڪن نه آ محڪوم ٿي، آزاد جو همسر

هو بندهء افلاڪ آ، هي خواجہء افلاڪ[13]

 

11

تمام عارف و عامي خودي کان بيگانہ

ڪوئي ٻڌائي هي مسجد آ يا ڪ ميخانہ

هي راز مون کان لڪايو آ مير واعظ ڇو

ته خود حرم آ چراغ حرم جو پروانہ

طلسم بي خبري ۾ ڪافري و دينداري

حديث شيخ و برهمن فسون و افسانہ

نصيب خط، ٿي يا رب هو بندهء درويش

رکي ٿو فقر ۾ انداز جو ڪليمانہ

لڪا رهن هي زماني جي اک کان ڇا ليءِ

گهر ٿي آب ولر جا تمام يڪدانہ

 

12

دگرگون جهان تن جي زور عمل کان

وڏا معرڪا زنده اقوام وارا

نجومي جي تقويم فردا آ باطل

ڪريا آسمان کان پراڻا ستارا

ضمير جهان ايترو آتشين آ

ڏئي موج درياهه پنهنجا ستارا

زمين کي فراغت نه آ زلزلن کان

نمايان فطرت جا نازڪ اِشارا

همالہ جا چشما اُٿن ڪيساتئين

خضر جي نظر ۾ ولر جا ڪنارا[14]

 

13

نشان آهي زماني ۾ اِهوئي زنده قومن جو

جو صبح و شام بدلائن پيا ٿا پنهنجون تقديرون

سندن صدق و مروت جو ڪمال آ زندگي تنجي

ڪري ٿي عفو فطرت بي، پون جي تن کان تقصيرون

قلندر جي ادا آهي، سڪندر جو جلال آهي

جهان ۾ اُمتون آهن، اِهي عريان شمشيرون

سڃاتي جنهن خودي اُنجو جلال آهي جمال آهي

ڪتاب آهي اِهو باقي ٻيون سڀ اُنجون تفسيرون

شڪوه عيد جو انڪار مون کي ڪين آهي، پر

قبول حق فقط دنيا ۾ مرد حر جون تڪبيرون

نه ڄاڻي راز ٿو منهنجي نوا جو صاحب حڪمت

پري عقل و خرد کان ٿي جنون وارن جون تدبيرون

 

14

قمار زندگي جي ڪافرانه ڇوڪڏين بازي

زماني سان ته ساز آهي، مگر خود سان نه آ سازي[15]

حرم جي مدرسن اندر، ڏسان ٿو ڪينڪي هاڻي

اُها جنيد واري دل، نظر جيڪا غزالي يا رکي رازي

چوي ٿو مفتي اعظم ته فطرت شي ازلي آ

حرام آهي ڪبوتر تي تڏهن ئي ڪار شهبازي

ازل جو ٿو چوي قاضي، اُهائي ڳالهه شاهين کي

زمين کان ڇو پري تنهنجي فلڪ ڏي آهه پروازي

حقيقت جي ٻڌائڻ کان ڀلا ڇا ليءِ ڪريان توبہ

اِنهي ڀؤ کان ته سلطان وٽ ڪري ڪوئي نه غمازي

اسان جي هٿ ۾ اڄ ڪاٿي سمرقند و بخارا آ

فقيرن جي دعا باقي اوهان ليءِ ترڪ شيرازي

 

15

ضمير مغرب آ تاجرانہ، ضمير مشرق آ راهبانہ

هتي دگرگون آ لحظه لحط، هتي بدلجي نه ٿو زمانہ

ڪنار دريا خضر ٿي مونکي، چيو چٽو ٿي محرمانہ

سڪندري يا قلندري آ، مڙئي طريقا هي ساحرانہ

حريف پنهنجو ٿا مون کي ڄاڻن، اِهي خدايان خاقاهي

اُنهن کي ڀؤ آ ته دانهن منهنجي، ڪري نه شق سنگ آستانہ

غلام قومن جي علم عرفان، جي آ اِها رمز آ شڪارا

زمين آهي جي تنگ ڇا هي، فضائي گردون آ بيڪرانہ

خبر نه آهي ته نانءُ انجو، خدا فريبي يا خود فريبي

عمل کان بيگانه ٿيو مسلمان، بڻائي تقدير کي بهانہ

سندم اسيري تي شاخ گل هيئن، چئي ٿي صياد کي رئاريو

ته اهڙي پر سوز نغمہ خوان جو گران نه مون تي هو آشيانہ

 

16

حاجت نه آ اي خطه گل شرح و بيان جي

تصوير اسان جي دل پر خون جي آ لاله

تقدير آ هڪ نانءُ مڪافات عمل جو

ڏي هر ڪو هي پيغام خدايان هماله

سردي جي هوائن ۾ آ عريان بدن اُن جو

ڏي جنهن جو هنر پاڻ اميرن کي دوشاله

اُميد نه رک دولت دنيا کان وفا جي

ڊڪ اُنجي طبيعت ۾ آ مانند غزاله

 

17

خود آگاهي سيکاريو آهه، جنهن کي تن فراموشي

حرام آهي، انهي مرد مجاهد تي زره پوشي[16]

 

18

عزم بلند سان گڏ، سوز جگر کي آڻج

شمشير پي جي چاهين، بازو پدر کي آڻج

 

19

غريب شهر ٿيس مان تون ٻڌ سندم فرياد

ٿين قيامتون تنهنجي به سيني ۾ آباد

سندم نوائ غم آلود آ متاع عزيز

جهان ۾ عام نه آ، دولت دل ناشاد

شڪايت آهه زماني جي ڪور ذوقي کان

جو سمجهي منهنجي ٿو محنت کي محنت فرهاد

صدائ تيشه که برسنگ ميخورد دگر است

خبر بگير که آواز تيشه و جگر است[17]


[1] فردا – سڀاڻي.

ڪهنه انديش – اڳ ڳڻتي ڪندڙ

[2] محسود – جنهن سان حسد ڪيو وڃي.

[3] فراواني – گهڻائي.

تهه محراب – محراب جي هيٺان.

[4] دل آويز – دل کي وڻندڙ.

ڪم آميز – گهٽ ملندڙ.

[5] حريري – ريشم وانگر، نازڪ

[6] فروغ مهرومہ – سج ۽ چنڊ جو اُڀرڻ ۽ لهڻ.

[7] خواجگي – آقائي ۽ سرداري.

جدت – نوائي.

صور- حضرت اسرافيل جي توتاري.

مضمحل – ٿڪايل.

بي سوز- بنا ڪنهن اثر وارو.

[8] غمخانه – ڏکن ڀريو گهر.

دهقان پير – پوڙهو ڪڙمي.

نجيب – شريف خاندان وارو.

روز مڪافات – بدلي جو ڏينهن.

ديرگير – دير سان وٺندڙ.

[9] چار سو – چار طرف.

بي سوزن و تار رفو – سئي ۽ رفو جي ڌاڳي کانسواءِ

آئينہ رو – چمڪندڙ منهن وارو.

چراغ آرزو – خواهش جو ڏيئو

چاڪ - ڦال ڪپڙو

[10] دراج – پکي، تتر جو قسم.

گلبانگ – وڻندڙ آواز.

هم اوست – صوفين جو اصطلاح، سڀ ڪجهه اُها ذات باري آهي.

[11] رهباني – دنيا کي ترڪ ڪرڻ.

چنار – ديال جي ڪاٺي، جنهن ۾ تيل ٿيندو آهي ۽ جنهن کي باهه جلدي وٺندي آهي.

نقش بند – چٽ ڪندڙ.

[12] ڪتبخانه – ڪتابن جي جاءِ، لئبريري.

اندرابي – اندراب بلخ جي شهر جي ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي، جتان جو هڪ سادات خاندان، لولاب جي وادي ۾ اچي رهيو. چيو وڃي ٿو ته اُن خاندان جا صاحب، سڄي ڪشمير ۾ پنهنجي علم ۽ فضل کان گهڻو مشهور آهن.

[13] رگ تاڪ – دل جي رڳ.

طرف ناڪ – خوشي وارو

[14] خطه – ملڪ

ڪليمانہ – حضرت موسى ڪليم عليہ السلام سان نسبت رکندڙ

ولر – ڪشمير جي مشهور ڍنڍ

[15] نوا – درد ڀريو آز.

قمار زندگي – حياتي جي جوئا.

[16] مڪافات – بدلو.

غزاله – هرڻ.

[17] صدائي تيشه – پٿر جي مٿان تيشي جو آواز ڪو ٻيو ناهي

خبر رک جو هي آواز تيشي ۽ جگر جو آهي.

هي شعر مرزا جانجانان مظهر عليه الرحمة جي مشهور بياض ”خريطهء جواهر“ ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org