سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :14

 

اِشارا

حضرت ابوذر غفاري: حضرت ابوذر جو تعلق بني ڪنانہ جي هڪ شاخ غفار سان هو. اسلام جي قبول ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، ماڻهن کان پاسيرو گذاريندو هو، اُنڪري سندس زندگي فقيرانہ نظر ايندي هئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان هو مڪي شريف ۾ آيو، اُتي رسول خدا جي بابت ڪي ڳالهيون ٻڌائين. زيارت جو شوق کيس، حضور جي خدمت ۾ ڇڪي ويو. ملاقات ۽ حضور جي زباني هدايت جون ڳالهيون ٻڌائين، ۽ مسلمان ٿيو. اُن کانپوءِ هو مڪي ۾ گهڻو وقت نه رهيو. هجرت کانپوءِ هو خود بخود مديني شريف، حضور جي خدمت ۾ پهچي ويو. حضرت ابوذر، انهن اصحابن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن اسلام پهرين حاصل ڪيو هو. حضور پاڪ کيس بيحد محبت ڪندو هو. پاڻ فرمايو اٿن ته:

”هن نيري آسمان جي هيٺان زمين تي ڪو به انسان

ابوذر کان زياده صاف گو ۽ بيباڪ نه ٿيو آهي.“

اهڙيءَ ريت ٻي دفعي فرمايو هوائون:

”ابو ذر اڪيلو هڪ اُمت جي شڪل ۾ اٿاريو ويندو“

پاڻ ڪريم جن حضرت ابوذر کي فرمايو هو ته ”جڏهن مديني جي آبادي سلع تائين پهچي وڃي ته تون مديني کي ڇڏي ڏجانءِ“

حضرت ابوبڪر، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي خلافت جي شروع واري دور تائين، هو مديني ۾ رهيو. پر جڏهن مديني جي آبادي سلع تائين پهچي وئي، تڏهن حضرت عثمان کان جهاد جي لاءِ اجازت وٺي شام هليو ويو. حج جي موقعي تي جڏهن ايندو هو ته مديني به ويندو هو. هڪ ڏينهن مديني ۾ هن ڏٺو ته حضرت عثمان، مروان بن حڪم ۽ سندس ڀاءُ حارث کي بخشش طور وڏو مال متاع ڏئي رهيو آهي. هن هي به ڏٺو ته هو حضرت زيد بن ثابت انصاري کي هڪ لک درم ڏئي رهيو آهي. کانئس هي سٺو نه ويو. چئي ڏنائين ته ”دولت گڏ ڪرڻ وارن کي دوزخ جي بشارت ڏيو.“ مروان هيءَ سموري حقيقت حضرت عثمان تائين پهچائي. حضرت عثمان کيس پنهنجو خادم موڪلي، انهن ڳالهين ڪرڻ کان منع ڪئي. مگر حضرت ابوذر پنهنجي راست گوئي کان باز نه آيو ۽ اقتصادي قناعت جي دعوت ڏيندو رهيو. روايت آهي ته هڪ ڏينهن حضرت ابوذر حضرت عثمان جي ڪچهري ۾ ويٺو هو. اُتي حضرت ڪعب الاحبار به ويٺو هو. حضرت عثمان کانئس پڇيو، ”ڇا بيت المال مان امام کي قرض کڻڻ جي اجازت آهي. اِهڙي ريت جو جڏهن سندس هٿ چيو ڪري ته اُها رقم واپس موٽائي ڏي.“ ڪعب جواب ڏنو ته ”منهنجي خيال ۾، اهڙي قرض کڻڻ ۾ ڪو به حرج ناهي.“ هي ٻڌي حضرت ابوذر کي غصو اچي ويو ۽ حضرت ڪعب کي چيائين ته ”اي يهودي زاده، ڇا تون اسان کي اسان جو دين سيکاري رهيو آهين؟“ هيءُ ٻڌي حضرت عثمان غضبناڪ ٿي ويو ۽ حضرت ابوذر کي شام وڃڻ جو حڪم ڏنائين. حضرت ابوذر شام هليو ويو، جتي هو ساڳي وعظ ۽ نصيحت ڪندو رهيو ۽ حضرت معاويہ جي ڪن ڳالهين تي اعتراض شروع ڪري ڏنائين. حضرت ابوذر فرمائيندو هو ته ”شاهوڪارن کي غريبن جي حق تلف ڪرڻ کان ڊڄڻ کپي؟“ ماڻهو سندس واعظ کي ڌيان سان ٻڌندا هئا ۽ دعوت قبول ڪندا هئا. امير معاويہ کي ابوذر کان خوف ٿيڻ لڳو ته متان شام جا ماڻهو کانئس ڦري وڃن. هن حضرت عثمان کي اطلاع ڏنو. حضرت عثمان کيس لکي موڪليو ته حضرت ابوذر کي مديني موڪليو وڃي. امير معاويه حڪم جي تعميل سختي سان ڪئي. مديني پهچي، حضرت ابوذر وري به پنهنجي تبليغ ۽ اعتراضن کان باز نه آيو، جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو حضرت عثمان سندس ڳالهين کان تنگ اچي ويو. حضرت ابوذر کي مديني کان ٻاهر ”ربذ“ جي مقام ۾، رهڻ جو حڪم ڏنائين، جتي هي بزرگ اصحاب تنگدستي ۽ عسرت جي حالت ۾ دنيا مان رحلت فرمائي ويو. اِنهي ۾ ڪو شڪ ناهي حضرت ابوذر غفاري، اسلام جي حقيقي روح شان فقر جو پورو پورو حامل هو.

انالحق: انالحق جو آواز منصور سان منسوب آهي. هن مشهور صوفي جو نالو حسين بن منصور هو ۽ الحلاج جي لقب سان سڏيو ويندو هو. سندس ولادت جي تاريخ ۾ گهڻو اختلاف آهي پر اڪثر تذڪره نويسن جو چوڻ آهي ته هو سنه 244 هجري ۾ تولد ٿيو. ڪي کيس عربي نسل مان ٿا لکن ته ڪي کيس عجمي ٿا سڏين. هو سنه 244 هجري ۾، بيضاء (فارس) جي شهر ۾ پيدا ٿيو. ضروري تعليم جي تڪميل کانپوءِ، هو تصوف ڏي رجوع ٿيو. اُن وقت جي مشهور صوفين، سهل تستري، عمر مڪي ۽ حضرت عثمان جي صحبتن ۾ رهيو. سندس عمر جو گهڻو حصو بغداد ۾ گذريو. تصوف جي طريقي ۾ پختي ٿيڻ کانپوءِ سير ۽ سفر ۾ نڪري پيو ۽ 15 سال مختلف ملڪن ۾ دورو ڪندو رهيو. سندس سوانح نگارن لکيو آهي ته هو هندستان ۽ چين به ويو هو. سندس سير جي آخري ڪڙي حرمين شريفين جي زيارت هئي. حج کان فارغ ٿيڻ بعد سنه 297 هجري ۾ بغداد موٽي آيو ۽ هڪ نئين بحث ”وحدت الوجود“ جو بنياد رکيائين. هو اُن خيال ۾ ايڏو پختو ٿيندو ويو، جو سندس زبان مان اهڙيون ڳالهيون نڪرڻ لڳيون، جن کي اُن وقت جي عالمن برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. هوريان هوريان سندس مخالفت منهن ڪڍيو. هو انساني خودي جي منزل کي طي ڪندي ”همہ اوست“ جي مٿاهين تصور (صوفي تصور ۽ اُن کانپوءِ مشاهده جو قائل آهي) تي پهچي ويو. قال سان گڏ حال ترقي ڪندو ويو ۽ هن مشاهدي جي رتي تي پهچي ”انالحق“ جو نعرو بلند ڪيو. عالم سندس هن عجيب ڪلمي کان، جنهن مان اُلوهيت جي بوءِ اچي رهي هئي، بيحد بگڙيا. سندس هن گفتار جي خبر حڪومت کي پئجي وئي. کيس گرفتار ڪيو ويو. اٺ سال قيد ۽ بند جي سختين ۾ گذاريندو رهيو. نيٺ سندس مقدمي جي پيروي ٿي. بغداد جي قاضين جي مجلس کيس واجب القتل ٺهرايو. سن 308 هجري ۾ ماريو ويو ۽ سندس لاش به جلايو ويو. خطيب بغدادي ۽ علامہ سيوطي، پنهنجي تصنيفات ۾ کيس شعبده باز لکن ٿا، مگر سڀيئي صوفي سندس عظمت جو اقرار ڪن ٿا. مولانا رومي تي هيستائين به فرمايو آهي:

چون قلم در دست غداري بود

لاجرم منصور بر داري بود

حضرت بايزيد بسطامي: حضرت موصوف جو اسم گرامي طيفور بن عيسى بن آدم بن سروشان هو. سندس ڏاڏو آتش پرست هو، جو مسلمان ٿيو. سندس ولادت جي تاريخ اڪثر تذڪره نويسن 138 هجري کان 140 هجري لکيو آهي. بغداد جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ تولد ٿيو. سندس اوائلي تربيت، احمد خضرويہ ۽ ابو علي سنڌي جهڙن بزرگن جي نظر هيٺ ٿي. پنهنجي اُستادن لاءِ کيس ايڏي ته عزت هئي، جو وصيت فرمائي هئائين ته منهنجي قبر، پنهنجي اُستادن کان گهڻو هيٺ بڻائي وڃي. هو پنهنجي دور جو وڏو عالم ليکيو ويندو آهي. ديني علوم ۾ اجتهاد جي منزل رکندو هو. ڪن تذڪره نويسن کيس جناب امام جعفر صادق جي خليفن ۾ شمار ڪيو آهي. نتشبندي طريقي جو امام تصور ڪيو وڃي ٿو.

اڪثر تذڪرن ۾ هيءَ روايت آئي آهي ته جناب بايزيد بسطامي، مستي جي حالت ۾ سبحاني مان اعظم شاني جو ڪلمو چوندو ٿي رهيو. مريدن کيس هن حقيقت کان آگاهه ڪيو. پاڻ فرمايائون ته ”منهنجي زبان کان هن فقري نڪرنديئي مونکي قتل ڪيو وڃي.“ مريدن شيخ جي حڪم جي تعميل ڪئي، مگر ترار، اُن وجد ۽ ڪيف جي حالت ۾ کين ڪاٽي نه سگهي. والله اسلم بالصواب، سندس مشهور قول آهي ته ”الله تعالى جي سڃاڻڻ جو رستو ته آسان آهي، مگر اُن کي حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي.“

سندس وفات جي تاريخ ۾ به اختلاف آهي. ڪو مورخ 234 هجري لکن ٿا ۽ ڪي 261 هجري لکن ٿا. اڪثر مورخ ۽ تذڪره نويس سن 261 هجري تي متفق آهن. حضرت بايزيد جيئن چيو وڃي ٿو، 133 ورهين جي عمر ۾ وفات فرمائي. مرڻ وقت پاڻ فرمايائين ٿي ته:

”خدايا مان تنهنجي يادگيري ڪرڻ ۾ وڏي غفلت ڪئي. نقصان کانسواءِ مان تنهنجي ڪابه خدمت ڪري نه سگهيس“ اِئين چوندي چوندي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. صوفي بزرگن کيس، پهرين طبقي جي صوفين ۾ شمار ڪيو آهي. علامہ اقبال پنهنجي تصنيفن ۾ جا بجا سندس ذڪر ڪيو آهي.

پرويز: ايران جي مشهور شهنشاهه نوشيروان جي موت (578ع) کانپوءِ ساسائين جي شهنشاهيت ڏينهون ڏينهن زوال ڏي رخ رکندي وئي. نوشيروان جو فرزند انوشه زاده عيساين جي بغاوت ۾ ماريو ويو. سندس جانشين هرمز چوٿون بڻيو. هن بادشاه پنهنجي محسن بهرام چوبين جي خلاف منصوبو رٿيو. بهرام جو سندس سڄي فوج جو سپہ سالار هو، هرمز جي ناروا هلت کان باغي بڻجي ويو. سندس هن بغاوت ۾ خود هرمز جو پٽ خسرو پرويز به شامل هو. پرويز پيءُ جي خوف کان قسطنطنيه جي قيصر وٽ وڃي پناهه ورتي. هرمز ۽ بهرام چوبين جا پاڻ ۾ مقابلا ٿيندا رهيا، جن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو هو آخر قتل ٿي ويو. هرمز جي قتل ٿيڻ کانپوءِ پرويز ايران ۾ موٽي آيو. سندس حڪومت جو دور 590 کان 627ع تائين هليو. سندس حڪومت جو پويون دور فسادن جو مرڪز بڻيو رهيو.

پرويز جي حڪومت جي دور ۾ نبي ڪريم صلعم مختلف ملڪن جي بادشاهن ڏي تبليغ اسلام جي لاءِ وفد موڪليا هئا. حضور پرويز ڏانهن به هڪ خط مبارڪ حضرت عبدالله بن حذافہ جي هٿ موڪليو هو. خط جي عبارت هيٺين هئي:

”بسم الله الرحمان الرحيم. محمد رسول الله (صلعم) جي طرف کان ڪسرا ايران جي بادشاهه ڏانهن. سلاميت آهي، اُن شخص تي جو هدايت جو پوئلڳ ٿيو. خدا ۽ اُنجي رسول تي ايمان آڻي ٿو ۽ هيءَ شاهدي ڏئي ته خدا فقط هڪ آهي ۽ خدا مونکي سڄي دنيا لاءِ پيغمبر ڪري موڪليو آهي، جيئن هو هر زنده انسان کي خدا جو خوف ڏياري. تون اسلام قبول ڪر ته سلامت رهندين، ٻي حالت ۾ مجوسين جو وبال تنهنجي ڳچي ۾ رهندو.“

پرويز هن خط جي عبارت کان ڀڙڪي اُٿيو. خط کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين. حضرت عبدالله کيس چئي ڏنو ته جيئن هن خط کي ڦاڙيو آهي، ائين عجم جي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي. پرويز يمن جي گورنر باذان کي لکي موڪليو ته هڪ شخص حجاز ۾ نبوت جي دعوى ڪئي آهي، اُن کي گرفتار ڪري اسان ڏي ڏياري موڪليو. باذان مدينہ منوره ڏي ٻه ماڻهو موڪليا، جن حضور کي سڄي حقيقت عرض رکي. هن وچ ۾ پرويز کي سندس پٽ شيرويه قتل ڪري ڇڏيو. پرويز پنهنجي عظمت کان دنيا ۾ ياد ڪيو ويندو آهي.

جامي: عبدالرحمان جامي، فارسي زبان جو مشهور شاعر جام ۾ سنہ 888 هجري ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي نظام الدين احمد هو. هو اصل اصفهان جو رهندڙ هو، جتان هجرت ڪري هرات جي نزديڪ رهيو. جامي ۾ ننڍيئي، بزرگي جا آثار موجود هئا. هرات ۾ مولانا خواجہ علي سمر قندي جي درس مان، علوم مذهبي جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وٽس ئي قرآن شريف کي حفظ ڪري ورتائين. ظاهري علوم جي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سمرقند ۾ وڃي خواجه سعد الدين جي خدمت ۾ باطني ڪمال لاءِ حاضر ٿيو، جتي رهي وڏيون رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائين. مرشد جي خدمت ۾ وڏي جذب جي ڪيفيت حاصل ڪيائين. اُن کانپوءِ ناصر الدين عبيدالله احرار نقشبند جي صحبت ۾ ظاهر ۽ باطن ۾ تڪميل ڪري ورتائين. هرات کانپوءِ سير ۽ سفر تي نڪري پيو. نيشاپور ۽ سبزوار کان ٿيندو بغداد شريف ۾ پهتو، اُتان حجاز ۾ پهتو ۽ حج کان مشرف ٿي، پوئتي موٽيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org