سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :10

 

9

خودي

خودي آ پاڻ نور ڪبريائي

ڪري اُنجي رسائي، نا رسائي

جدائي کان مقامات وصال آ

وصال آهي مقامات جدائي

 

*              *

 

جڏهن ڪا قوم گذري گفتگو کان

مٽي ۾ پنهنجي آڻي آرزو کي

خودي شمشير بڻجي آرزو کان

سندس ئي دم کسي ٿو رنگ بوکي

 

وجود حق، خودي جو ئي وجود آ

نمود حق کان اُنجو شان ظاهر

نه ٿو ڄاڻان هجي ها ڪٿ هي موتي

سندس جي ڪين دريا بڻجي ها گهر

 

*              *

 

جڏهن دل صحبت گل کي وٺي ٿي

مٿس ٿي ننڊ جي لذت جو غلبو

ڪري تخليق ”مان“ کي ۽ ٿي جاڳي

جڏهن ”مان“ تن جي تابع ٿي مري ٿو[1]

 

اسانجو وصل، وصل اندر فراق آ

اسان وٽ حل اُنجو ري نظر ناهه

تهه دريا ۾ موتي ٿو رهي گم

مگر پاڻي سندس آب گهر ناهه

 

*              *

 

مٽي جي مٺ رکان ٿو اُنجي در جي

گل وريحان سندم، اُنجي ڪڪر کان

نه مان ڄاڻان ٿو ”مان“ کي ۽ نه ”اُن“ کي

فقط ڄاڻان ٿو اندر ۾ اٿس ”مان“


 

 

10

جبر ۽ اختيار

يقين سان ٿو چوان هڪ ڏينهن حضرت

ترازي ۾ وجهي هن ڪاخ ڪو کي

ڊڄان ٿو، مان سڀان ”روز قيامت“

نه مونکي يا ڪه هن کي فائدو ڏي

 

*              *

 

چيو هئن روم ۾ هڪ راهب پير

اٿم نڪتو اُهو جو آهه اڪسير

ڪري هر قوم پيدا موت پنهنجو

توکي تقدير ماريو، مونکي تدبير [2]

 

11

موت

ٻڌم هئن موت خالق کي چيو ٿي

عجب مٽي مان بي نم ديده ڄايو

وٺان ٿو ساهه اُنجو لڄ اچي ٿي

مرڻ کان پر نه اُن کي عار آيو

 

*              *

 

ثبات اُن کي ڏيو مير جهات آ

سندس هٿ ۾ مهار ڪائنات آ

لڄي ناهي خواري موت جي کان

وٽس ڪا شئي نه ناموس حيات آ[3]

 

 

12

چئو ابليس کي

ڏيو ابليس کي منهنجو نياپو

جلڻ هي ڪيستائين زير دام آ

وڻي هي خاڪدان مونکي نه هرگز

جو هنجي صبح کي تمهيد شام آ

 

*              *

 

عدم کان جيئن جهان جو ٿيو ظهورو

ضمير اُن کي ٿڌو، بي حس ڏنائون

اسانجي جان ري هو سوز ڪنهن وٽ

اِنهيءَ آتش مان توکي خلقيائون

 

جدائي شوق ليءِ نور بصر آ

جدائي شوق کي جويا بڻايو

نه ٿو ڄاڻان ته تنهنجو حال ڇا هي؟

مون کي سڀ آب و گل پنهنجي ٻڌايو

 

*              *

 

ڌڪيائون آستان پنهنجي کان توکي

رجيم و ڪافر و طاغوت چيائون

مگر صبح ازل کان مان پريشان

اُنهيءَ ڪنڊي کان جو دل ۾ هنيائون[4]


 

تون ڄاڻي ٿو سندم نيڪي بدي کي

خراب اُن پوک مان داڻو نه ڄايو

ڪيو تو درد مندي کان نه سجدو

گناه بي حساب آ مون تي آيو

 

*              *

 

هلي اچ راند هي شاهانه کيڏيون

جهان چار سو ڳاريون ۽ ڊاهيون

هنر ۽ رمز سان ڪک ۽ پنن مان

فلڪ جي هيٺيان جنت کي ٺاهيون

 

13

ابليس خاڪي ۽ ابليس ناري

ڀريل هي دور شر سان آشڪار آ

بدي کان جنهن جي دنيا شرمسار آ

اگر ذوق نظر ٿي توکي حاصل

ته هر شيطان سندءِ خدمت گذار آ

 

*              *

 

ڏسان هر هنڌ رهزن ديد و دانش

دلين کي جي سدا تاراج ڪن ٿا

گران قيمت گناه آ ڪوڏين سان

جو واپاري اِهو سستو ڏين ٿا

 

 

عجيب شيطان! خرام اُنجو خرابي

ڪري جادو سان اک تنهنجي کي انڌو

مئل شيطان مان اُن کي ڳڻيان ٿو

وجهي لاچار تو جهڙي کي ڦنڌو

 

*              *

 

عجب زهراب اُنجي جام ۾ آ

وٺي جان کي ۽ تن اُن وٽ نه شي ڪا

چٽو ڏسجي ٿو حلقہء دام اُنجو

مگر دام آ نه داڻي کان هويدا[5]


 

ڪري ٿو جي بشر پنهنجي جڳهه کان

وٽس قوت جي لائق ئي فساد آ

گنہ لذت کان دور ۽ سرد بڻجي

سندءِ ابليس جي خاڪي نهاد آ

 

*              *

 

نه ٿي هن عصر جي شيطان جو نخچير

خسيسن واسطي جو سازگار آ

اصيلن ليءِ اُهو شيطان بهتر

خدا ڄاڻي ٿو ۽ ڪامل عيار آ[6]

 

حريف ضرب اُنجو مرد ڪامل

جو هو آتش نسب والا مقام آ

نه هر خاڪي سندس آهي مقابل

شڪار اُن کي جي ڏٻرو آ، حرام آ

 

*              *

 

خسيسن کان گهڻو هي ڄاڻ دور آ

مگر نڪتو ٻڌائڻ هي ضرور آ

پري رهندو نئين ابليس کان، جو

گنهگار آهه پر طبع غيور آ

 

يارانِ طريق سان

هلي اچ ڪار امت جي بڻايون

حياتي جي ڪڏون مردانہ چو سر

اِئين هن شهر جي مسجد ۾ روئون

جو دل ملا جي ڳاريون سينہ اندر

 

يارانِ طريق سان

 

قلندر تيز باز آسمان آ

ڳرو اُنجي پرن سان نرم رو ٿي

فضائي نيلگيون، نخچير اُنجو

ڦري هو ڪين پنهنجي آشيان کي

 

*              *

 

ڏنم جان نغمہ الله هو کي

سندم هستي ڀريو آ چار سو کي

وٺج اوساز مونکان جنهن جون تارون

ڏين پر سوز ڳوڙها آرزو کي

 

دل فطرت ۾ لڙڪن جان ٽمان ٿو

تپان ٿو تان اکين سان اُو ڏسان ٿو

چمڪ منهنجي اُنهي جي پنبڻين کان

جو گهٽ مان گاهه جي پن تي پوان ٿو

 

*              *

 

اچي منطق کان مونکي بوءِ خامي

دليل اُنجو دليل نا تمامي

مٿم دروازه کوليو آ ٻه بيتن

چيو آ، جن کي رومي يا ڪه جامي

 

هلي اچ مون کان وٺ اُو دير سالہ

جو بخشي روح ٿو خاڪ پيالہ

سندم شيشي مان پاڻي ڏئين جي اُن کي

قد آدم وڌائي شاخ لالہ

 

*              *

 

هٿن ۾ منهنجي اُو ديرينہ چنگ آ

جو اُنجي دانهن دلڪش رنگ رنگ آ

نهن سان شينهن جي اُن کي وڄايان

جو اُنجي تار، تار سخت سنگ آ[7]

 

چئو هن دور جي پرويز کي هئن

ته فرهاد آهيان تيشو رکان مان

اُنهيءَ ڪنڊي کان جو سيني ۾ آهي

دليون سؤ بيستون جون ٽوڙيان مان

 

*              *

 

فقير آهيان سندم سامان نگهه آ

اکين ۾ ڪوه يارن جو به ڪهه آ

چوان ٿو ڪانءُ مرگهٽ جو آ بهتر

اُنهي جره کان جو دست آموز شهه آ[8]

 

در دل کي نه ڪنهن تي بنديان ٿو

نه يارن کان نه خويشن کان ڇڄان ٿو

نشيمن پنهنجي سيني ۾ ئي ٺاهيم

سدا هن چرخ هيٺان خوش رهان ٿو

 

*              *

 

نه هن گلشن ۾ آب و جاه مونکي

نصيبن ۾ قبا نا ڪي ڪلہ آ

سڏي گل چين، بد آموز چمن، پر

ڏني مون چشم نرگس کي نگهه آ[9]


 

 

 

سوين داناءَ محفل ۾ چئي ويا

سخن نازڪ سندن برگ سمن کان

مگر اُو ديده ور ڪهڙو ڀلا آ

ڏسي ڪنڊو ڪري واقف چمن کان

 

*              *

 

نه ڄاڻان ٿو مان نڪتا علم و فن جا

مقام ئي ٻيو ڏنم پنهنجي سخن کي

وڌائي ڪاروان ۾ سوز کي مان

ڏنم وک تيز پيران ڪهن کي

 

نه ڄاڻج صبح جو آهيان پکي مان

حياتي ٿي گذر آه و فغان ۾

نه ڇڏ دامان منهنجي کي لهين تان

ڪليد باغ منهنجي آشيان ۾

 

*              *

 

جهان منهنجي نظر ۾ رهگذر آ

سڀيئي راهرو ڪو همسفر ناهه

لنگهي ويس ميڙ خويشن کان اڳاهون

جو پنهنجن کان پوءِ ٻيو بيگانه تر ناهه

 

اِنهيءَ نابودگي سان سک هئڻ کي

وڌائڻ پنهنجي هستي جي بها سک

سندم نغمہ جي دريا ۾ اچي پؤ

رهڻ طوفان ۾ موتي جان سدا سک

 

*              *

 

قديم آهيان پليل هن خاڪدان جو

مگر منزل کان پنهنجي دل گران مان

اگرچہ فيض نم کان اُنجي اُڀريس

زمين کي پر چوان ڪئن آسمان مان

 

گهرين ڄاڻڻ ته وڃ ٿي محرم مرد

جو زنده دل بڻائي ٿو دم مرد

نظر ۾ اُن کي آه و نالہ پنهنجو

جو خود دار آهه مردن جان غم مرد

 

*              *

 

نظر پيدا ڪري ڏس جان بدن ۾

نون ٽارين ۾ نڪتل ياسمن ڏس

وگر نه، تير وانگر رهه ڪمان ۾

نشان پنهنجي کي بڻجي تيز زن ڏس

 

خرد بيگانہءَ ذوق يقين آ

قمار علم و حڪمت بد نشين آ

اُنهيءَ نادان سان بو حامد ۽ رازي

نه پهچي، جنهن جي چشم راه بين آ

 

*              *

 

وٽس ڪجهه ناهه چاندي، لعل، گوهر

حسين ٻانهو، ڪمر سوني سان حاضر

دو عالم کان خدا جيئن بي نياز آ

ثمر اهل هنر کي هي ميسر

 

خوديءَ جي لاءِ منهنجو ڪيف هوش آ

تڏهن ميخانہ منهنجو بي خروش آ

سندم مي جي نه آهي صاف ته به پي

جو اُنجي تهه ۾ باقي مي جو جوش آ

 

*              *

 

سندءِ خرقہ ۽ عمامہ سان ڪار آ

لڌي مون پاڻ مان بوئي نگار آ

سندم سرمايو آهي نڙ جي ڪاٺي

نه چوب منبر آ يا چوب دار آ[10]

 

ڏٺم جئن جوهر آئينہ پنهنجو

بڻايم خاص خلوت سينہ پنهنجو

ڀڄي بي ذوق هن دانشورن کان

کنيم سر تي غم ديرينہ پنهنجو

 

*              *

 

هليس هن خاڪ کان بستر ٻڌي جئن

چيو سڀني اسان سان آشنا هو

مگر ڪنهن ڪين ڄاتو هن مسافر

چيو ڇا ٿي، چيو ڪنهن کي ۽ ڇا هو

 

2

 

اگر داناءِ دل، صافي ضمير آ

نه چؤ خالي فقير آ، هي امير آ

قبا بي دين منعم کي ڏسين جا

اِها آٿر اٿي، توڙي حرير آ

 

3

 

ڪري سجدو وڃي دارا ۽ جم کي

نه ڪر اي بيخبر رسوا حرم کي

فرنگي وٽ نه ئي حاجت ڪڏهن بي

پري ڪر طاق دل تان هن صنم کي[11]

 

ٻڌايو بيت هي هڪ مرد پوڙهي

چوان روشن ضمير اُن کي بجا آ

رکي جو مفلسي پنهنجي نظر هيٺ

دو عالم جو فقير اُو پادشا آ

 

*              *

 

سندءِ ڪم جو لڪل آ حل هن ۾

مقام عشق منبر ناهه دار آ

براهيمي ڊڄي نمرود کان ڇو؟

جو چندن خام، شعلي جو شڪار آ[12]

 

نه لالہ ڪنهن ۾ ڳولهج غمگساري

رکج اندر سان مون جان، پنهنجي ياري

لڳي سيني کي جيڪا بي هوا، پر

پراڻي داغ جي ڪج پاسداري

 

*              *

 

ٻه سمجهاڻيون ڏنم، پوڙهي نه وسرن

جيڻ ري جان جي زيبا نه توکي

خسيس آهي پري ڀڄ مرد اُن کان

رکي جو جان گرو ۽ جسم پوڄي[13]

 

ڪناري کي چيو موج پريشان

ڪيو فرعون کي مون ئي شڪار آ

ڪڏهن ٿي نانگ وانگر پيچ کاوان

نچان ڪڏهين جو ذوق انتظار آ

 

*              *

 

چوين ٿو جي فرنگ آ تنهنجي عزت

ته پيشاني وڃي رک اُنجي در تي

رسي اُنجي ڪلي سان ٻڌ تون پنهنجي

گڏهه ٿي فخر ڪر پالان گر تي [14]

 

فرنگي وٽ نه آهي دل جي دولت

سندس مطلب رڳو آ ملڪ، دين ناهه

عجب مالڪ! سندس طوف حرم ۾

رڳو ابليس آ، روح الامين ناهه

 

*              *

 

دل و دين کان اسان ۽ تون نه واقف

ٽٽو آ بوي گل جان خود کان رشتو

مئي دل، دين مرده ٿيو اِنهيءَ سان

ڪيو سون موت ٻن سان پنهنجو سودو[15]

 

مسلمان سمجهيو جنهن رمز دين کي

نه آڻي پيش غير الله جبين کي

فلڪ اُنجي نه مرضي سان هلي جي

رضا پنهنجي سان ڦيرائي زمين کي

 

*              *

 

دل بيگانہ جو ڇا خاڪدان سان

شب و روز اُنجو دور آسمان ناهه

قيام اندر تون پنهنجي دل کي ڳولج

نماز عشق و مستي کي آذان ناهه[16]

 

مقام شوق بي صدق و يقين ناهه

يقين بي صحبت روح الامين ناهه

کڻي صدق و يقين کان پنهنجي قسمت

قدم بيباڪ رک، ڪو در ڪمين ناهه

 

*              *

 

مسلمان ليءِ اِهو عرفان و اِدراڪ

ڏسي جو پنهجي اندر رمز لولاڪ

قياس اندر ڪٿي ماپي خدا ٿو

سڃاڻج جو چوي ٿو ما عرفناڪ[17]

 

فرنگي بت کي تو پنهنجي ڏني دل

مئين نامرد ٿي بتخانہ اندر

خرد بيگانہء دل، سينه پر سوز

وڏن جي مي نه ٿي توکي ميسر

 

*              *

 

نه هرڪو خود گر آ يا خود گذار آ

نه هرڪو مست ناز اندر نياز آ

قبائي لااِلہ خوني قبا آ

جا نامردن تي ناموزون، دراز آ[18]


 

 

جلي مومن ٿو پنهنجي سوز کان ئي

اِهو هر عقدي جو حل ۽ ڪشود آ

قيام اُنجو جلال ڪبريائي

جمال بندگي اُنجو سجود آ

 

*              *

 

پڇين ڇا ٿو نماز عاشقانہ

رڪوع آ، سجده وانگر محرمانہ

سندس الله اڪبر جو تب و تاب

نه ماپي در نماز پنجگانہ [19]

 

سندس قراءت صلا آ دوجهان جي

مسلمان لايموت آ رڪعت اندر

ڪٿي هن دور جو ڄاڻي ٿو ماريو

قيامت جا سندس قد قامت اندر

 

5

 

فرنگ آئين رازقي کي ڄاڻي

ڪڏهن ڏي ٿو، ڪڏهن واپس وٺي ٿو

ڏئي شيطان کي روزي ائين هو

جو يزدان اُن کي حيران ٿي ڏسي ٿو [20]

 

ڏيان ڇا طول مان هن داستان کي

ٻڌايان حرف ۾ راز نهان کي

ڏنم پنهنجو جهان سوداگرن کي

نه ڄاڻي لامڪان قدر مڪان کي

 

*              *

 

حرم جي پاڪ هستين ليءِ بهشت آ

بهشت آ، صاحب همت جي دولت

چئو هندي مسلمان کي ته خوش رهه

ملي پڻ في سبيل الله جنت


 

قلندر کي نه آ تقرير جو شوق

اٿم هڪ نڪتہ اڪسير حاصل

انهيءَ ويران پوک اندر نه آ ڪجهه

نه جنهن کي آهه خود شبير حاصل

 


[1] نمود حق – حق جو ظاهر ٿيڻ

تخليق – پيدا ڪرڻ.

[2] راهب- پادري.

[3] جهات - طرف

[4] جويا – ڳولهيندڙ.

طاغوت – جنهن جي غلط عبادت ڪئي وڃي.

[5] هويدا – ظاهر.

[6] خاڪي نهاد – انسان

ڪامل عيار – حقيقت کي ڄاڻندڙ.

[7] ديرسالہ – پراڻو.

[8] ڪهه – ڪک

مرگهٽ – پارسين جي لاشن رکڻ جي جاءِ (کوهه).

جره – باز جو قسم.

دست آموز – سيکاريل.

[9] ڪلہ – ٽوپي (ڪلاه جو اسم تصفير).

[10] چوب دار – ڦاسي جي ڪاٺي.

[11] منعم – شاهوڪار.

حرير – پٽ جو ڪپڙو

[12] پادشا – بادشاهه جو اسم تصغير.

[13] گرو – گروي.

[14] پالان- آٿر يا جهل. پالان گر – آٿر ٺاهيندڙ.

[15] طوف – طواف ڪرڻ

روح الامين – جبرئيل عليہ السلام

[16] جبين – پيشاني.

خاڪدان – مٽي جو جهان.

[17] ڪمين – لڪڻ جي جاءِ.

لولاڪ لما خلقت الافلاڪ – تون نه هجين ها، ته آسمان پيدا نه ڪيان ها.

ماعرفناڪ – ماعرفناڪ حق معرفتڪ: جيئن توکي سڃاڻڻ کپي تيئن توکي نه سڃاتم.

[18] خود گر – پاڻ کي ٺاهيندڙ

خود گذار – پاڻ لاءِ مرندڙ

[19] ڪشود - کوليندڙ

[20] صلا- دعوت.

لايموت – نه مرندڙ، غير فاني.

قد قامت- نماز شروع ٿي وئي جو آواز.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org