|
|
سيڪشن؛ شاعري |
ڪتاب:
نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام) |
صفحو :9 |
|
تصويرون
ڌرتي ۽ آڪاس،
ويچاري درويش جو
هيءُ ئي آهه لباس!
*
رات وڏي ۽ سيءُ؛
اُڀ ٽڪيل، ڌرتي ٿڌي،
سائين، پردو ٿيءُ!
*
وڄن نه سنک نه گهنڊ؛
هن بستي جي خلق جي
چؤ، ڪئَن ڦٽندي ننڊ؟
*
ڪيئَن ڇنان هي ڦول؛
ٽڙيل اِئين ئي شاخ تي،
سائين، پوي قبول!
*
تاريلي ۽ ايڪانت؛
لنگهندي ٻُڌ وِهار کان
سرهي سرهي سانت!
*
دريا ۽ مهتاب؛
لهرن سان لائوُن لڌيون
شايد منهنجي خواب!
*
آهه جهليو نم ٻور؛
چنڊ مٿانئس ماٺ ۾
نانئي نرمل نوُر!
*
ڏنم ڏئي کي ڦوُڪ؛
در جي ٻيڪڙ مان ڪئي
هوا سهانيءَ ڌوُڪ!
*
هلڪي هلڪي هير؛
ڦول چنبيليءَ جا ڇڻن
چنڊ کڙو گنڀير!
*
تاج ٿڌو ڄڻ برف!
چنڊ ٽڪيو سج ڏانهن، پر
ڪنهن به ڪُڇيانه ٻه حرف!
*
تارن سندي برات؛
سبنڌيون خواه سهاڳڻيون
ماڻن ساڳي رات!
*
تارا سهس هزار؛
هوُ ماناري تي مکيون
ٽپڪي روشن لار!
*
نورُ ڀري نيراڻ؛
چنڊ ڇڏي ڪنهن ٻئي تڪيو
تارن کي ڇاڪاڻ؟
*
ڏيئي ڪنڌ کي ٻانهن؛
کٽ تي ليٽي پئي تڪيءِ
رات ستارن ڏانهن!
*
ڏينهن پٺتان ڏينهن؛
گذري ويا، ڳچ ڏينهن پيا
ٿيا پراڻا نينهن!
*
بجليءَ جا چمڪاٽ؛
ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ وئي
چيري ڪاري ٻاٽ!
*
سانوڻ سارو مينهن؛
ڪڪرن مان اڄ اوچتو
چنڊ نچوڙيو نينهن!
*
موڪل واري ڏينهن؛
چانئٺ تي بيٺس اچي
اَڄ به اَچي پيو مينهن!
*
موڪل واري ڏينهن؛
سنبريس نڪرڻ واسطي
اَچي ننيو جو مينهن!
*
کنوڻين جي چمڪار؛
هئي اڳهڻو الهندي
هاڻي اوڀر پار!
*
ڏينهن جو پهريون خواب؛
آهه ٽڙيو اوڀر طرف
سونو لعل گلاب!
*
اَڻ ڄاڻئي جي ڄاڻ؛
هيروُن منهنجي هانوَ ۾
ڇڏي ويون سرهاڻ!
*
ڀيڄ ڀنيءَ جي ويل؛
سنهڙو سنهڙو چندرما
ماڪ ڀنل رابيل!
*
ڪر موڙي تالاب؛
ڪومل باکن ۾ بکي
ڪمل ڪليءَ جو خواب!
*
نظر پئي ناگاهه؛
مهڪيو پئي رابيل ۾
ڪنهن سپني جو ساهه!
*
ڇڻي نمن جو ٻوُر؛
نيڻ جهڪائي سندري
پئي پچائي پوُر!
*
هوند هجان ها ڳوٺ؛
ساٿين کي، اُڏندي هتان
مٺڙي ڪونج، نه ڪوٺ!
*
خالي منهنجو جهول؛
گذري رات، پرهه ڦٽي
سپنا ڊانوا ڊول!
*
گهرج ڏنا جي ڏنڀ؛
اُڏري پر آجا ڪريان
ڪٿان اچن پر کنڀ؟
*
راڌي راڌي شيام!
بنسي ڪانه وڪامجي
آنو آنو دام!
*
ساگر ۽ اڻهوُند؛
پاڻي پاڻي هر طرف
پر نه پئڻ لاءِ بوُند!
*
ڪهڙي ڳالهه ڏسيانءِ؛
ٻوُٽا صرف نه، ڦول ڀي
کائي ويئي گانءِ!
*
هر هر رڪجي پير؛
قدم قدم تي گل ٽڙيا
چؤ ته نه ڏسندو ڪير؟
*
لام لام تي ليڙ؛
[1]
منساديويءَ جي ڪنڊي
آسائن جي ڀيڙ!
*
پوپٽ جو خوش خواب؛
ور وري ڏئي پيو پڇان
ڪو جو ڏئيم جواب!
*
تيز چتا جو داهه؛
هاٺيون ئي ميڙي ڪبيون
گنگا ۾ پرواهه؟
*
هي گنگا جا گهاٽ؛
هاٺيون، گلِ ٻيڙيون، ڏئا،
لهر لهر تي لاٽ!
*
جيجل! مٺڙي لوءِ!
سنڌي لوليون ننڊ ۾
ٻڌبيون هن کان پوءِ!
*
گل ته رهيا کن ڪاڻ؛
آهه سمايل ساهه ۾
اڃا سندن سرهاڻ!
*
پنکڙيون هر هنڌ؛
مون پئي سمجهيو هير کي
بوجهل ساڻ سڳنڌ!
*
ڇا ته پپر جي ڇانوَ!
ويهي هڪڙي ٽار تي
چهنب اُگهي پئي ڪانوَ!
*
ڏس ته پکين جا ڏانوَ!
اڏندي هڪ جي ٻئي مٿان
ڪئن نه پوي ٿي ڇانوَ!
*
ڀل ڪن لهرون لوڏ؛
ڇڏيو ڪناري تي وڃن
ههڙا ههڙا ڪوڏ!
*
پوپٽڙا رنگين؛
ٻار ته گڏجي ماءُ سان
هاڻي هلندا ڪين!
*
ڇڻيل گلن جو ڍير؛
نئڙي پٽ تان پنکڙيون
چُونڊي ويٺو ڪير؟
*
ساز رکيل ڀت ساڻ؛
بند اکيون، چپ ڳائڻو
راڳن ساڻ رهاڻ!
*
ساز بنا ڀي آس؛
بند اکيون چپ ڳائڻو
راڳ رسيا آڪاس!
*
سن ۾ سرت سماءُ؛
دوُنهون چندن ڌوپ جو
هلڪو سرد هڳاءُ!
*
جوڳي سُن سماڌ؛
نيڻ نميل ننڊاکڙا
سپنا اگم اگاڌ!
*
دوُر اُفق کان دوُر؛
منهنجي منزل آهه ڄڻ
ڪو شاعر جو پوُر!
*
ماٺو آهي واءُ؛
روڪي ساه ٻڌم، مگر
سڏ نه ڪو پڙلاءُ!
*
هڪڙي اُس، ٻي لوُءِ؛
رڻ راهي جوڳيئڙا
ڳولن ڪهڙي جوُءِ؟
*
دوُنهيُون دکن پرار؛
چڻڪن مينهن جا چڙا
پهر نه ڪا هن پار!
*
واجهائي اُڀ ڏانهن؛
سنڌي ڳولي شاهه پئي
بيهي ڀٽ مٿانهن!
*
شنک ڌُنيءَ جي گونج؛
نماشام مندر مٿان
هيءَ اڪيلي ڪوُنج!
*
ٺاڪر شانت سروُپ؛
کامي رک بڻجي ڪري
کن کن چندن ڌوُپ!
*
شو مندر چپ چاپ؛
جهرڪيون اَٽڪيوُن اوچتو
سانت سهي سنتاپ!
*
سينور چڙهيل تلاءُ؛
ڏيڏر ٽپ ڏنو مگر
لهرين جو نه لکاءُ!
*
پري هيترو شهر؛
هن بنواسي نانگ ۾
هيڏو سارو زهر!
*
اکڙيون هيئن درخت؛
ڦان ٿي باز ڪريو مٿان
آنڌي آئي سخت!
*
هِن لاءِ ڪهڙي ووءِ؛
ڪهڙو پن، پُڇ واءُ کان
ڇڻندو هن کان پوءِ؟
*
پن پپر ۾ هيئن؛
هن جو نالو هيِر کي
چؤ ته ٻڌايان ڪيئن؟
*
جهوُنجهڪڙي جي وير؛
منهنجا سنهڙا چنڊَ، اڄ
ڪيڏي لاتئه دير!
*
گل وٽ ڀونر نه قيد؛
ليڪن سُرخ سُڳنڌ جو
ڇني ته سنهڙو پيد!
*
هي ڪنهنجي جهونگار؟
ڏينم ته ماکيءَ لار سان
مان به ملايان تار!
*
هر ڇر، سَرَ ۽ ڪانهن؛
ڪئن ڇڪجي آيس هتي؟
ويس پئي ڪيڏانهن؟
*
جملن جو ڦهلاءُ؛
هر هر ورق ڪتاب جو
اُٿلايو ٿي واءُ!
*
تارا ڪيڏو دوُر؛
پهرئين پهرئين پيار جا
پيارا پيارا پوُر!
*
رات اَنڌاري سرد؛
وئي ٿڌي ٿي جوت ڀي،
گهرو گهرو درد!
*
آڌيءَ اُڀريو چنڊ؛
هڪ جوڙي جي سيج ڏي
گهوُري ڪئن نه اهنڊ!
*
صاف کليل آڪاس؛
رنگ، واس ۽ راڳ جو
رليل مليل اَحساس!
*
سرهو سرهو سواس؛
ڪومل رنگ هڳاوَ جو
دل ۾ ٿئي احساس!
*
رنگ رتي سرهاڻ؛
روح به قالب کي ڇڏي
اُڏريو پوپٽ ساڻ!
*
ڦوليو ڦڳڻ ماس؛
لنءَ لنءَ ٿي ڪانڊارجي
اچي سِرِنهن جو واس!
*
ڀنڙي ڀنڙي مرڪ،
تازن تازن گلن مان
ڀونر به پيتي سُرڪ!
*
ڇو ٿي ڇوڙين ڇير؟
سهڻيءَ واريءَ چال تي
پنهنجا پير نه هير!
*
پايل جي جهنڪار،
پراڻ پون ڄڻ ڀونءِ ۾
پير کڻي جئن نار!
*
نار، ڪچي ڪچنار؛
گهر جي ڇت اُس ۾ رڱيل
ڇانوَ ڇپيل ديوار!
*
سس نُنهن پوڄا ڪاڻ،
ڏيئڙا ٻاريا پپر تي
پنن ڪڍي ساواڻ!
*
هڻ پٽ، پچ پچار،
ڪير رهي سنسار ۾
پر هي مٺڙا ٻار!
*
ڌوپ، اُهاءُ، هڳاءُ،
چڙ ۾ گهٽ وڌ ٻار کي
ڳالهايو پئي ماءُ!
*
ما ڏنس پئي مار،
پوءِ به چنبڙي ماءُ کي
سڏڪيو پئي جو ٻار!
*
ڍنڍ ڪناري ڪنگ،
ڪاغذ تي اونڌا سنوان
ٻار لکيا پئي انگ!
*
آءُ نه کيڏون کيل؛
ماءُ بنا موڳي چڙي
مون وٽ ناهه گليل!
*
گليءَ گليءَ ۾ شور،
اونهاري جون موڪلون،
ٻار، لغڙ ۽ ڏور!
*
صبح، شفق جو رنگ،
کڏ تي هڪڙو ڇوڪرو
اُڀ ۾ سندس پتنگ!
*
هي ويچارو جهرڪ،
ٻارن ۾ ڦاٿو اچي
ڀري اچانڪ ڇرڪ!
*
وسيو اَسر کان مينهن،
کڏ تي کينهون ٻار جو
پُسيو سڄو ئي ڏينهن!
*
جمنا ۾ اشنان،
ٻُڪ ۾ چمڪيو سج پئي
ٻالڪ جو اَڀمان!
*
ماءُ بنان حيران؛
پوپٽ پڪڙيا ٻار پئي
رئندي ڀي نادان!
*
کڙڪي، آفس روم،
مرليءَ جي آواز تي
جهوم، وسيهر، جهوم!
*
نيڻن منجهه سوال،
خالي هٿ ڦهليل اڳيان
آهه جواب محال!
*
سج، شفق، گوڌول،
آفس کان گهر موٽندي
من ڇو آهه ملول؟
*
سکڻا سکڻا ٽار،
پن ڇڻيا، اَڏريا پکي
وڻ ها ڇايادار!
*
هيڏا اسريا گاهه!
راڻي ڌاران ڪاڪ جي
ڪير لتاڙي راهه؟
*
کنڊهر پراسرار؛
وک وک تي وڌندو وڃي
آهٽ جو آڪار!
*
منجهند، چمڪي رُڃ؛
آئي ڪي آئي اِجها
ڇالون ڏيندي اُڃ!
*
منجهند، ليٽيل آنءُ؛
ڪنڊي تي ڳيرو ڪِريل
نم تي ڍرڪيل ڪانءُ!
*
خالي کنڊهر جاءِ؛
ڳيرو گهگهلائي رهيو
هيءَ ويراني، هاءِ!
*
ڊٺل ڦٽل ديوار؛
وچ ۾ بيٺل پپر وٽ
واٽهڙو ٽي چار!
*
هڪ اُڪرس، ٻي ٻاٽ؛
ڪنهن ڪنهن مهل هِتان هُتان
ٽانڊاڻي جي لاٽ!
*
تنهنجي راند نه راند؛
گهر ٺاهيو، ڊاهيو وري
وارِي پائين پاند!
*
مِليو هُئين مون سان به؛
تنهنجي مشڪ مٺي مون کي
آهي ياد اڃا به!
*
وري ڏسڻ جي پياس؛
مُڙي نهاريم موڙ ڏي
دل ۾ رهي اُڪاس!
*
گل پوپٽ جي پريت؛
جو پوپٽ جو گل هجي
سڀ سان ساڳي ريت!
*
هيءَ گونگي چانڊاڻ؛
هڪ جوڙي ويٺي ڪئي
ڪلهه هت روح رهاڻ!
*
چند هنيو پڙ هيئن؛
هوُ ٻه پکي آڪاس ۾
ننڊ به ايندي ڪيئن؟
*
سرد پورنما رات؛
بنسي بٽ جي گهاٽ تي
راس نه رس جي بات!
*
ريڊيو. سنڌي راڳ؛
چاءِ پيالي چپن تي
نيڻن ننڊ نه جاڳ!
*
مٺي مٺي سرهاڻ؛
کن لاءِ ڀاڪر ۾ کڻي
چانڊوڪي ۾ آڻ!
*
در کڙڪايو واءُ؛
کوليم پر ڪنهن کي کلي
چوان ته اندر آءُ!
*
ڇڻي ڪنڊيءَ جو ٻورُ؛
نم جا پيلا پن ڪِرن
واءُ وڃي وهَلُور!
*
اوچو اُڀ ۾ باز؛
هوُ ٻه ڪبوتر ڀت مٿان
ڳِٽِ ڳِٽِ جو آواز!
*
ڍنڍ پکين جو گنج؛
ڪيڏي ڀڀڪي سان اُڏيو
جهٽڪو ڏيئي هنجُ!
*
هلڪي هلڪي هِيرَ،
ڀر تي بيٺل ڪنگ جا
پير ڇُتا پئي نيِر!
*
چِتر چِٽڻ جو موهه؛
ٿي ئي ويو منهنجي هٿان
رنگ رتو اڄ ڏوهه!
*
پڪڙيم پئي پوپٽ؛
سهڻي سهڻي ڦول کي
ايئن لڳي ويو جهٽ!
*
هوليءَ جي پرڀات؛
ڪيڏا يگ ڏيئي ويا
رنگ رتي سوغات!
*
نڪتو چيٽي چنڊ،
هيءَ حقيقت حال جي
هي ماضيءَ جو منڊ!
*
ڪوئل جي ڪونجار؛
رکي رکي ٻڌجي ڪٺي
تترن جي به تنوار!
*
کيڙيل آهه زمين؛
هي هاري، هَرُ ۽ ڍڳا
چُرندا ڏٺا ته ڪين!
*
اُڀ ۾ ڦڙڪن کنڀ؛
دوُر دوُر هڪ گانءِ جي
هلڪي هلڪي رنڀ!
*
کنيو ويا پئي سَرُ؛
هاري گهر ڏي پئي وريو
ڏئي ٻنيءَ کي هَرُ!
*
ڪوئل جي ڪونجار؛
دوُنهون جيٽ جهاز جو
هيءَ جمنا جي ڌار!
|
نئون
صفحو --
ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
هوم پيج
-
-
لائبريري
ڪئٽلاگ |
|
|