رباعيون
جو اِسم وڻي تنهنجو ٿو توکي سڀ کان
اِن اِسم سان توکي ٿي مخاطب، ٿو چوان
رک دور بديءَ کان، ڀلي گهرندو سا هجان
ڪر مائل نيڪي ڏي گهران يا نه گهران!
*
تنهنجي صنعت ڏسي ڪو گلزارن ۾
تنهنجي عظمت ڏسي ڪو ڪهسارن ۾!
دنيا آرام ۾ سمهيل آهه جڏهن
توکي ڳولي تڏهن ڪوئي تارن ۾!
*
ڪڏهين نه ٿئي چنڊ کان ڪرڻو ٿو جدا
ڪڏهين نه ٿئي ننڊ کان سپنو ٿو جدا
تو منهنجو به ناتو ته ٿيو تن جهڙو
پر توکان رهان آنءَ ڀلا ڇو ٿو جدا؟
*
اک ئي نه هجي، نگاهه خوش خواب هجي؟
چانڊوڪي هجي، کڙيل نه مهتاب هجي؟
مان مان ئي هجان، تون ڀل هجين يا نه هجين؟
ممڪن جو حباب سان نه گڏ آب هجي؟
*
دنيا ۽ اُن ۾ شيام، هستي جو خواب؟
ڌرتي تي، عرش هيٺ هستي ناياب!
هستي ۽ بي بقا شين جي وچ ۾؟
هستي ڪهڙي حُباب تي، زير حباب؟
*
اي شيام سراسر ٿي اها دنيا خواب
سي خود به ٿيا خواب لهن جي ٿا خواب،
هي ڪنهنجو ٿيو خواب؟ سمهيل آهي ڪير؟
دنيا جو ڏسي ڪير ٿو حيرت زا خواب؟
*
اظهار ڪري ذات جو دنيا ٿي مٿي
دنيا کان مگر ذات، وسوڙا، ٿي مٿي،
اظهار ٿو معنيٰ جو ٿئي لفظن ۾
لفظن کان مگر ڪيترو معنيٰ ٿي مٿي!
*
ڪئن ساه تي ويساهه رکيو مون جڳ ۾
پويان ٿي هليس، کيس ڪيو مون اڳ ۾،
جيوت جون گهڙيون اُن ئي لٽايون سڀ ئي
ويساهه رکيم سونهين جو، ڦورو ٺڳ ۾!
*
ناڪار، ڪلڇڻا اسين جو ڪجهه آهيون
اي ٻاجهه ڀريا، ٻاجهه سندءِ ٿا چاهيون
اي سائين، لياقت جي اسانجي ڏسندين
چونري ۽ تڏي جي به ته لائق ناهيون!
*
ڪنهن سهڻي عمل تي نه ٿيس مان عامل
تحصيل ڪري علم، ڪيم ڇا حاصل؟
اي شيام ڪريان ڇو نه شڪايت، ليڪن
جيڪي نه مليم، اُن جي هجان ڀي قابل!
*
بگڙيل نه تون سمجهه منهنجي تقدير جا خط
تحرير جا خط منهنجي جبين تي جي غلط
ظاهر ڪيان نقاش جي دل جي حالت
منهنجو ڇا منجهس؟ آنءُ ته تصوير فقط!
*
ڀلجي به مصيبت ۾ نه فرياد ڪندس
خودداري ڪڏهن پنهنجي نه برباد ڪندس!
جو عيش طرب ۾ نه ڪڏهن ياد ڪيم
ڇا رنج اَلم ۾ سو هينئر ياد ڪندس؟
*
هِن هُن کي جهڪي، ڇو ڪرين هِت هُت سجدو؟
ڪي سمجهين به ٿو نيٺ ڪرين هي ڇا ٿو؟
آداب عزازيل کان سک سجدي جا
هڪ جو رڳو هڪ جو ۽ نه هِن جو، هُن جو!
*
مغرور ٿيس توڙي خوددار ٿيس
دم آنءُ خدائي جو هڻي خوار ٿيس
بس غرق ٿيس ”نيل“ ۾ ”فرعون“ بڻي
منصور ٿي سوريءَ جو سزاوار ٿيس!
*
گل پن مان وجهي واجهه پريشان ٿين ڇو؟
خورشيد مان، شبنم مان نمايان ٿين ڇو؟
ڇا لاءِ هتان هتان ليا پيو پائين؟
پنهان نه رهي سگهين ته پنهان ٿين ڇو؟
*
هستي ۾ آيس جڳ جِي هستي سان
جيتوڻي پل ٻن ليءِ اُڀران، نسران
مان آهيان، جڏهين کان پهرين پرڀات
وڻ مان ڦل، ڦل مان ٻج ۽ وڻ ٻج مان!
*
وڻ ٽڻ جي لڏي، ڦول ٽڙي، ميوو نچي
دل هيج منجهان ناچ نچي، رنگ رچي!
اي شيام، ٺهيل آهه مٽيءَ مان جنهنجي
تالاب اُنهيءَ مان سو گهڙو ڀرجي اچي!
*
هن بزم تماشا ۾ رهي ڪِي نه سگهيس
فڪرن ۾ سفر جي ئي ته ترسي نه سگهيس،
مينا هِي ڀريل نور ۽ نظاري جي
اکڙين جا پيالا ٻه ڀري پي نه سگهيس!
*
مايا جي تکي تاب ڇڏي جهوري نظر
آڏو جو هئم گس نه رهي اُن جي خبر
اڄ عشق بڻيو راهنما، گهر ٿو وڃان
اَنڌي کي وٺي اَنڌو پهچائي ٿو گهر!
*
ٿي مکڙيون ڦٽيون، ڦول ٽڙيا، ماڪ وسي
ٿي ٽهڪ ڏنا هيج مان پن پن سان گسي!
هنگاما ڀري فضا ۾ ڪن تائين شيام!
آواز ضمير جو سگهيو ڪئن ٿي رسي؟
*
جا لهر چڙهي لاڏ ڪندي لوڏ ڪندي
کلندي سا لٿي کيج ڪندي ڪوڏ ڪندي!
اولڙ ۾ ٿئي خوش جا رهي وير ۾ خوش
جا ويل سڃاڻي اها ڪئن هوڏ ڪندي؟
*
ڇو، موت کان سڀ رهن سدا هيسايل؟
نالي کان سندس، ٿيا ڪنبايل!
ڇو، چور جيان خوفزده سڀ آهن؟
آهن ڇا حياتيءَ جون گهڙيون چورايل؟
*
سج وڻ جي مٿان، پاڙ ۾ وڻ جو پاڇو
جي وڻ ئي وڃي، پو نه رهڻ جو پاڇو
سنسار ۾ اِن ريت هي آدي سج هيٺ
اي شيام مرڻ آهه جيئڻ جو پاڇو!
*
پوپٽ کي جهليم مٺ ۾، ڪري ناداني
کولڻ سان وٺي مون کي وئي حيراني
رنگين ڀڳل ٻن پرڙن جي بدلي
اُف، رت ۾ ٻڏل دل هئي هڪ انساني!
*
هڪ جيت کي پيرن ۾ ڇڏيم چيڀاٽي
ڌيري سرندو ٿي ويو واڙي ڏي
جئن پير کڻي شيام هليس ٿي ته ڏٺم
انسان جي دل هاءِ، اُتي ڦٿڪي ٿي!
*
ڄڻ ستيه جا ويچار، هي روشن تارا
تن وانگي سي اَنڌڪار ۾ جهڳمڳ وارا
جئن رات جو پيغام ٿو سمجهڻ چاهيان
اوڀر کان اُجالي جي ڦٽي ٿي ڌارا!
*
ڌرتيءَ ۾ کپي اکيون ويس شرم وچان!
مرڪيائين به ٿي چپن ۾ ئي مرم وچان!
ڳالهايان، مگر الائجي ڇا سمجهي
نالو به پڇيس نه مون اُنهيءَ ڀرم وچان!
*
چاهيم جو پڇڻ، کولي پڇي ڪين سگهيس
ڪجهه هٻڪي چيم، پورو چئي ڪين سگهيس
شرمائجي ورجايو تو، ليڪن، قسمت!
دل ايترو ڌڙڪي جو ٻڌي ڪين سگهيس!
*
گنڀير ائين منهن تون بڻائين ڇو ٿي؟
هٿ ڏيئي، اکيون پنهنجون لڪائين ڇوٿي؟
لُڪڙي ڇو مٿي هيٺ ٿئي ڇاتيءَ تي؟
دل ۾ ڪي اَٿي، مون کائين ڇپائين ڇو ٿي؟
*
نوڙڻ ۾ نزاڪت ڇا ڇڙيل وارن جي!
پياري ٿي لڳي هرڪا اَدا پيارن جي!
جئن ساهه کڄي سيني تي وٽجي جوڀن
ڌڙڪڻ ٿي لڳي ڇاتي نظر وارن جي!
*
ڇو ڊيٺ سڏي مونتي ڇنڊين ڇوهه اڃا؟
منهن پنهنجي ۾ ڏس مرڪ مڙهيل موهه اڃا!
جيڪي نه چوين ٿي، چؤ، دل سان ٿي چوين؟
آهي جي ائين ڏينم ڀلي ڏوهه اڃا؟
*
چهري تي خوشي، اک ۾ ڳرائي آهي
هر بات ۾ شيام، چلوِلائي آهي!
ڏس ڪيئن نه پيرُ پيرَ ۾ پائي پئي اچي
آئيني ۾ منهن پڪ ڏسي آئي آهي!
*
آهسته اُٿي، ٿي مون وٽان جئن ته وَئِي
ڇا ٻانهن جي سندري مڙي لوڏ ڪئي!
ڪمري ۾ ويئي پکڙجي سپنن جي سڳنڌ
ٻوُڪيل ول واءُ ۾، لڏي شيام پئي!
*
سامهون رهي دل کيس ڏسڻ لاءِ سڪي
منهن لوڪ لڄا کان نه سگهان هاءِ پٽي!
هڪ کن ۾ ئي گهونگهٽ هي جلائي مان ڇڏيان
اکڙين ۾ اگر آب بجا آگ هجي!
*
بي چين ٻنهي جي دل ۾ آشائون هزار
لب بند، مگر ڪڇڻ بنا ڀي نه قرار
چهرو پيو ٽڙي، بڻيون نگاهون ئي لفظ
اِن پريت لڄاري تان هو خالق به نثار!
*
اڄ آئي محبت سندي برڪات جي رات
برسات جي سا رات ملاقات جي رات!
اي ڪاش، اها رات ٿئي ها ڪِي وڏي
اُف اهڙي رهي رات فقط رات جي رات!
*
دل کولي ڪئيسون نه اڃا رات رهاڻ
منهن تي ته اڃا مرڪ ئي آئي هئي هاڻ
شوڪارو ڀري اوچتو پرڀات پڇيو
اي شيام اجهو هاڻ کِلئَين ٿي ڇاڪاڻ؟
*
هڪ هڪ ٿي ويون ڳالهيون پراڻيون وسري
سڪ، صحبتون ۽ روح رهاڻيون وسري
پر ڪين سگهيون ناز ڀريل نيڻن جون
پياريون سي پڇائون ۽ وراڻيون وسري!
*
گهاريم اُن ساڻ، جي گهڙيون ٿي شادان
دنيا معلوم ٿي ٿي جنت سامان!
موٽي ايندو وري اڳيون اوج نه ڇا؟
اي دنيا! اي حيات! اي دؤر زمان!
*
ڪو گل جي ٽڙي، دل پوي منهنجي به ٽڙي
اکڙين ۾ اچي آب تري ماڪ ڏسي
احساس خوشيءَ جو نه محبت ۾ رهيو
غم منهنجو نه غم ۾ ۽ نه خوشي منهنجي خوشي!
*
ڪئَن پنهنجا فلڪُ رنگ مٽائي ٿو هنئر
ڏسجي ته سو ڇا شيام پسائي ٿو هنئر
بادل به کنوڻ ساڻ اچي ٿو گڏجي
ڏسجي ته وسي ٿو ڪي وسائي ٿو هنئر!
*
ڇا هير جي جهُلڪن کان وڻن ۾ چرپر
جهڙ ٿيندي پرندن جي دلين ۾ هر کر
برسات جي ڦُڙ ڦُڙ ۽ پکين جون لاتيون
ڇلڪي ٿي فضا، ڀريل ڪٽوري وانگر!
*
ساوڻ ۾ ڪٿان آئي نزاڪت، رنگت
دنيا تي لٽيرن ڪئي آهي شفقت
يکشن جي خزاني کي هنيو کاٽ هوا
ابر آيو لٽي اندر سڀا جي دولت!
*
اکڙين ۾ ڀريل لڙڪ ۽ ساجن به پري
ساوڻ جو نظارو هي اثر ڇا تي ڪري؟
وڃ، وڃ، وڃي ٻئي هنڌ ڪٿي وس بادل!
موتين سان ڌڻي شال سندءِ جهول ڀري!
*
بس سج به لٿو رات مٿان ٿي ڪاري
دنيا تي خموشيءَ جو سمو ٿيو طاري
تارا به کڙيا، درد به دل ۾ جاڳيو
اک قلب ٻنهي کي ئي رهي بيداري
*
جي آهه ته آهه آرزو تنهنجي فقط
ياد آهه ته آهه، خوبرو! تنهنجي فقط
ڳولي ٿي نگاهه دل ۾، دل اکڙين ۾
۽ آهه ٻنهي کي جستجو تنهنجي فقط!
*
تنهنجو ئي ٿيو پيار حياتي جو مدار
هي دم به اٿم تيسين ڏئين جيسين پيار
سگهندين نه مون کان ڌار ٿي منهنجي جئري!
حيلا جي ڪرين پاڻ ڇڏائڻ ليءِ هزار!
*
توکي ئي ڏسڻ بعد نه اکڙين ڪي ڏٺو
هاڻي سي ڏسڻ جو ٿيون ڏين دوکو رڳو
ڏيکاري سگهن دل کي نه ڪو عڪس نئون
دِل جيڪو ڏٺو عڪس اڃا ڏسجي اُهو!
*
تن ڀٽڪي سڄو ڏينهن وسنئَن ۽ بن ۾
۽ رات سڄي من ٿو ڦري سپنن ۾
دن رات تلاش آه فقط تنهنجي شيام!
سنڀران نه گهڙي گذري نه جا پنڌن ۾!
*
سپني ۾ هيس ٿي مان اَڀاڳي ڀاڳي
کوليم جو اکيون هيس اَڀاڳي ساڳي
جهڙو ٿيو سمهڻ سڀاڳ تهڙو جاڳڻ
”سسئي“ جي سمهي ته مون وڃايو جاڳي!
*
جي هُئَن نه اچين، خواب ۾ من گڏجين دم
تبديل تبسمُ ٿئي رنج ۽ غم!
ڪئن تن کي ٿين خواب خوشيءَ جا حاصل
ڳوڙها ٿا ڳڙن جنجي ڳلن تان پيهم!
*
دک منهنجي کي دلڪش جي بڻائين ته مڃانءِ
لڙڪن ۾ جهلڪ پنهنجي پائين ته مڃانءِ!
اي شيام رئڻهارڪي هيءَ منهنجي حيات
گل ماڪ ڀنل وانگي کلائين ته مڃانءِ!
*
ڇا اُن کي گهرائڻ ٿيو اهڙو تهڙو
پر منهنجي ٻڌي ڇو، دل جو ڪم ڪهڙو!
ايندو مون دکياري جي داهُن تي شيام
يا ڪين مڃيندو، ٿيندو دک جهڙو؟
*
صد شڪر ڀلي آئي ڀلي آئي عيد
اڄ ديد جي برثواب ٿيندي اُميد!
ٻي ريت نظر جي نه ملائي ٿا سگهون
ها، گڏجي هلال عيد وٽ من اڄ ديد!
*
هي درد جي دنيا هيڪر ڏس ته سهي
ڪجهه ٻيو ته نه ٿو چوان مگر ڏس ته سهي!
هي حال ڪيو تنهنجي تغافل جنهن جو
اُن دل جي طرف هيڪر پر ڏس ته سهي!
*
هن دل جي وفائن کي وٺي ساڻ تون وڃ
اُلفت جي صدائن کي وٺي ساڻ تون وڃ
اي شيام چون ٿا ته سفر ٿو اُسهين
منهنجي به دعائن کي وٺي ساڻ تون وڃ!
*
دنيا ۾ خدا ڪري، ڪو مفلس نه بڻي
سڀني جي ٿئي اکين ۾، ڪنهن کي نه وڻي!
دنيا جي نگاهه ۾ جڏهن ڪوئي ڪريو
اُن ڏانهن تڏهين ڇو ڪوئي آڱر به کڻي؟
*
يا عمر غريبي ۾ نه شل ڪوئي جئي
ايمان کي، ڪافر ٿي، طلاقون ٽي ڏئي
درويش چون سچ ٿا، ”غريبي گلزار“
لاڳيتي هلي شيام ته ڀڙڀانگ ٿئي!
*
نيڪي کي سڪِي لوڪ گهڙي جا گهارين
شيطان تي آدم جي شرافت وارين!
لوئينِ سچا جيڪي ٿا ڌن وارن کي
ڌن کي ملي هوند سي ٻارڻ ٻارين!
*
سمجهايو هي ماڙين ۾ رهڻ وارن کي
هيسايو نه مجبور ۽ ويچارن کي!
ان خاڪ نشينن کان ڪريو خوف ذرا
ڀونڪمپ ڇڏي ڀوري ٿو ڪُهسارن کي!
*
اسباب جڏهن عيش خوشي جا نه رهيا
دل پيٽ گذر لاءِ تڏهن پهه ٿي پهيا!
گلشن مان ويو چيٽ، ڪتيءَ پير وڌو
ڦلواڙيون ڇُٽيون، ڪڻڪ جا ٻارا ٿي ٺهيا!
*
ڇو روئي ڪرين پاڻ کي دنيا ۾ خراب
وٺ، کل ته کلي توسان زمانو به شتاب!
اي دوست، پيالي کان زرا پاسي ٿجانءِ
ڳوڙها ڳڙي کارو ته نه ڪن منهنجو شراب!
*
جيڪا به پڄيس هر ڪوئي ڪار ڪري
هيڏي جو نه هيڏڙي جو ويچار ڪري
تارن نه ته کڙکٻيتڙن جئَن چمڪين
وت سارو ڪري سگهين جو، ڏيکار ڪري!
*
عادت ۾ رک انقلاب، خصلت به ڦري
اي شيام هلت ڦِري ته فطرت به ڦِري
اِنسان ته رهنما ٿيو پنهنجو پاڻ
جي پاڻ ڦري ته ان جي قسمت به ڦِري!
*
سِر ناهه سو سِر، ناهه ڪا غيرت جنهن ۾
دل ناهه سا دل، ناهه ڪا همت جنهن ۾!
بيڪار اُهو بحر به ڇا بحر ٿيو؟
طوفان اُٿارڻ جي نه طاقت جنهن ۾!
*
جي دل ئي نه ٻڌبي ته ڪَرڻ ڇا ايندو؟
دريا ۾ گهڙڻ ڌارا ترڻ ڇا ايندو؟
هو روئي رڳو موت گهرڻ وارا ڏس
آيو نه جيڻ جن کي مرڻ ڇا ايندو؟
*
جيڪر نئين دنيا هجي، خورشيد نئين
هر روز نئون جلوه هجي، ديد نئين،
هستي ٿئي سچ پچ نئين هستي، جي شيام
هر روز نئين دل هجي، اُميد نئين!
*
جيسين نه بِهي ڪوئي اِنهيءَ جي آڏو
آئيني ۾ عڪس، چؤ، ڏسي ڪئَن سگهبو؟
اِن عڪس جي ڪجهه نه ڪجهه حقيقت آهي
آئينه خيال جي ۾ ڏسجي جيڪو.
*
هڪ کن ۾ ڪٿان کان ٿو ڪٿي پهچي خيال
ڌرتيءَ تان اُڏي، عرش پُڄي، ماڻي وصال!
ڇو ڪين ٿيس خيال، توکان وڇڙي
ناهيان جو خيال، آهيان اُنهي کان بي حال!
*
راحت ئي ٿيو اصل ۾ جنت جو خواب
خود آهه هي جنت به ته راحت جو خواب!
رنگين ۽ شيرين حياتي ٿيندي
خواب آهه ته ٿي شال محبت جو خواب!
*
ويران ته توئي ڪيو راحت مون کي!
آباد ورائي ڪيو محنت، مون کي!
ڀلبي نه ڪڏهن تنهنجي غلامي، او هوَس!
آباد ورائي ڪيو الفت، مون کي!
*
تارن کي اِشارن سان کجائينِ اکيون
غنچن کي نگاهن سان کلائينِ اکيون!
راتين جي جواني ۽ گلستان جي سونهن
پلڪن سان ڍڪي جڳ کي سڪائينِ اکيون!
*
بيتاب سڀن کي سا بڻائي ٿي ڇڏي
دردن جي دُهين دل ۾ دکائي ٿي ڇڏي،
ها، چنڊ جي ڪرڻي جان ٿڌي آهه، مگر
هي نرم نظر آگ لڳائي ٿي ڇڏي!
*
جيسين نه هئي دل، هئو هي پيار ڪٿي؟
پر پيار بنان دل جو هو آڪار ڪٿي؟
سج ڪين هئو جيسين، ڪٿي ڏينهن هئو؟
پر ڏينهن بنان سج ٿيو نروار ڪٿي؟
*
اَي شيام محبت ۾ جو دل ساهه کڻي
اميد انهي ساهه جو ويساهه بڻي!
اُميد محبت جي رسائي ٿي اُتي
پهچڻ جو تصور به جتي دم نه هڻي!
*
چپ تي نه اچڻ ڏنو حيا حرف سوال
پر دل جو ٿيو راز لڪائڻ به محال
سائل جي مٿي تي هُو پگهر جي هر بوند
داتا جي اڳيان شيام ٿي آئيني مثال!
*
اي دل، ڪڏهن اظهار تمنا نه ڪجي
اُلفت کي، چڱو آهه ته، رسوا نه ڪجي!
اُلفت هجي جئن صبح جي سانتيڪي هوا
طوفان ٿي واويلا ته بيجا نه ڪجي!
*
اِئن سوز محبت ۾ جلائج جيءَ کي
باقي جي بچي ڪجهه ته فقط خاڪ بچي
پاپِي هُجِي، دوزخ جي نه ڊڄ باهه ڪنان
چوَ، خاڪ کي ڪجهه ڇاتي ڪري باهه سگهي؟
*
جنت ئي ڏني، منهنجي محبت جي عيوض؟
گهوريان هي محبت انهيءَ راحت جي عيوض؟
سوداء جو کنيم بار ڇا ان ليءِ سر تي؟
جنت نه ملي ها ڇا عبادت جي عيوض؟
* |