سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :2

 

وايون

 

نکري پيو آڪاس-

راڻو آيو ڪاڪ تي!

ڪنول ڪڪوريا ڪاڪ تڙين اَڄ-

ڏئي وراڪا واس،

راڻو آيو ڪاڪ تي!

مٺڙي مٺڙي مُرڪ فضا جي-

سرهو سرهو سواس،

راڻو آيو ڪاڪ تي!

سج جون سونيون باکون جرڪن-

سون ورن احساس،

راڻو آيو ڪاڪ تي!

لڪ ڇپ جون ٿيون راتيون پوريون-

برهه پڄائي باس،

راڻو آيو ڪاڪ تي!

سرچي ڪانڌ ڪيو اَڄ آهي-

نيڻن منجهه نواس،

راڻو آيو ڪاڪ تي!


 

*

 

ڪوئل جي ڪُونجار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

هير ڀنيءَ جي اوٽ ۾

آئي جا هٻڪار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

پوپٽ نچندا ئي رهيا

رنگ رتي جهنڪار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

نيري نڀ جي گهورُ ۾

هيئن اُڪير اَپار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

وڻج نجوئي نورُ جو

تارن جي بازار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

ڪهڙيءَ ڌن ۾ ڌوڪبي

ويئي ڪيئن ڄمار-

مون نه جوانيءَ ۾ لَکي!

 

 

*

 

چانڊوڪيءَ جو چاهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

سهڻي اُجلي روپ ۾

ڪنهن سپني جو ساهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

ڏسندي ئي هرکيو هِنيون

نيڻن جو ويساهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

هلڪي جنبش سان هوا

واسيندي وڻراهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

ڪنهنجو ويڻيءَ واسطي

اَلبيلو اُتساهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

گوُنجي سرهي راڳڻي

مُرڪي شانت آٿاهه-

ڪئن نه چمي رابيل کي!

 

 

*

 

تنهنجو ناتو راڻا - مومل لئه سمجهاڻي!

 

کير ڀريا جي هٿڙا - اڄ سي هنجن هاڻا،

مومل لئه سمجهاڻي!

 

ڀؤنر ڀنڀوليا جن تي - سي ته ڪنوَر ڪوماڻا،

مومل لئه سمجهاڻي!

 

سانگ ڏسي سومل جو - ڳهريا نيڻ نماڻا،

مومل لئه سمجهاڻي!

 

ماڻن جي ماڳن تي - ورهه وسايا ڀاڻا،

مومل لئه سمجهاڻي!

 

ڪالهه پڇايو جن ٿي - اَڄ تن لاءِ پڇاڻا،

مومل لئه سمجهاڻي!

 

*

 

آءُ ڀُليءَ جي ڀاڻِ - گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

تنهنجي مُرڪ ڳراٽڙي - تنهنجو قرب رهاڻ،

گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

گيت سُرن ۾ جئن پرين! - ٻانهنِ ۾ اِئن آڻ،

گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

چانڊوڪيءَ جي گود ۾ - ٻهڪي جئن سرهاڻ،

گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

ڀاڪر ۾ سرهاڻ جي - مهڪي جئن چانڊاڻ،

گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

اُجلي سرهي رات ۾ - ڪاڻ وجهين ڇاڪاڻ؟

گڏجي گهاريون ڪي گهڙيون!

 

*

 

لڇندي گهاريم ساري رات-

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

سهڻي پونم رات سرءُ جي-

جاڳي جيءَ اندر جذبات،

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

چانڊوڪيءَ کي ڇاتيءَ لائي-

جاڳيس پئي مان ساري رات،

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

دل ۾ اُڻ تڻ لائي ويئي-

اِن ڪوڻين جي سرهي هات،

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

گهَرِي پيڙ، اَسيم سهائي-

جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

ڀيڄ ڀنيءَ جو ڪونج اُڏاڻي-

دک ۾ پاتي روح نجات،

نيڻين ننڊ نه جهاتي پاتي!

 

*

 

منهنجي ٻڌن نه دانهن-

خواب پڻ تنهنجا ٻوڙا!

ٻڏندي ٻاڪاريان پئي-

پر نه وڌائن ٻانهن!

خواب پڻ تنهنجا ٻوڙا!

رڙان ڇپر ۾ ڌرتتي-

ڪو جو ڏَينِم ڇانهن!

خواب پڻ تنهنجا ٻوڙا!

چوان اَچڻ جا ڏينهن ٿيا-

اُسريا سَرَ ۽ ڪانهن!

خواب پڻ تنهنجا ٻوڙا!

مان ليلايان، هو ڏسن-

آنهن ڪن يا نانهن!

خواب پڻ تنهنجا ٻوڙا!


 

 

 

*

 

رات پٺيان پرڀات-

اي دل، ماندين ٿين متان!

ان تارن جي ڇانو ۾-

گذري ويندي رات،

اي دل، ماندين ٿين متان!

کلندي ننڊ ڪليءَ جيان-

سانت به لنوندي لات،

اي دل، ماندين ٿين متان!

سُور ڇڏيندا ماڳ تي-

ڏکڙا ٿيندا ڏات،

اي دل، ماندين ٿين متان!

ڪري موت جي هنج مان-

هر هر هات حيات،

اي دل، ماندين ٿين متان!


 

 

 

*

 

جرڪِي پيئي جوُءِ-

چيٽ جي سوني اُس ۾!

سنڀران ڪونه ته اڳ ٽڙيا-

مگرا ههڙي روُءِ،

چيٽ جي سوني اُس ۾!

دل کي کنڀيو کنيو وڃي-

البيلي خوشبُوءِ،

چيٽ جي سوني اُس ۾!

سوڀيا جي روپا هئي-

اکين ڏٺي جا روُءِ،

چيٽ جي سوني اُس ۾!

گونجي پريان مڙهيءَ منجهان-

صاف سڱيءَ جي هُوءِ،

چيٽ جي سوني اُس ۾!


 

 

 

 

*

 

گهري گهري سانت-

گونج اڳاتي گيت جي!

آڌي رات، ڀني فضا-

تاريلي ايڪانت،

گونج اڳاتي گيت جي!

لهرائي لنءَ لنءَ اَندر-

بادل بجلي ڀانت،

گونج اڳاتي گيت جي!

ساز ڀڳل، چپ ڳائڻو-

مک تي ڪومل ڪانت،

گونج اڳاتي گيت جي!


 

 

*

 

پنهنجي ڀر ۾ جاءِ، پرين! ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

جنم جنم جي آهيان پياسي منهنجي پياس ٻُجهاءِ!

پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

تنهنجو چنڊ کڻي مان جاڳان منهنجو ديپ جلاءِ!

پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

تنهنجي پيڙ کڻي مان ڳايان منهنجو ساز وڄاءِ،

پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

دُور ڪريان مان جُڳه جي اوندهه کِن ٻه سندم چمڪاءِ،

پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

تنهنجي آهيان، تنهنجي آهيان پنهنجي مون کي بڻاءِ،

پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!

 

 

*

 

پيار ڪڻي ڪنهن ڀي نه ڏني، وو

در در آيو روح پِني!

نظرون اَٽڪيون تارن ۾، وو

تڙڦي ڀوُنءِ ميار ڏِني!

امرت ويلا، وِهُه جي وَٽَ، وو

اَڪ جُون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀِني!

وڻ تي ڇانگهيئه، تو سمجهيو، وو

ليڪن ڪنهنجي ڇانوَ ڇِني!

سُڏڪن تي جا شيام پَلي، وو

کلندي سا دل ڪئَن نه ڊِني!

 

*

 

دوُر دوُر هَئن دوُر - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

ڪُونجُون ڪري قطار اُڏاڻيون

دوُر اُفق کان دوُر - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

وٽڙي ويئي ڪجلي ڪڪري

مِڙندي هاڻ نه مُور - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

اُٻاڻڪي اُڀ ڏانهن نهاري

پيئي ڪهڙي پوُر - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

رات سهائي جمنا جرڪي

لهرُن ۾ وها - وُر - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

تارن پڻ ڪر موڙيا هاڻي

چنڊُ ننڊ ۾ چُور - اَلا،

اک ڇا ٿي ڳولي؟

 

*

 

هيءُ ڪنهنجي آڳنڌ-

مهڪيو ڦول گلاب جو؟

 

هلڪيون هلڪيون پنکڙيون-

هلڪي ڀني سڳنڌ،

مهڪيو ڦول گلاب جو؟

 

سرهيءَ واٽ ڇڪي اچي-

پهچايو هن هنڌ،

مهڪيو ڦول گلاب جو؟

 

سمجهي شيام سڳنڌ کي-

پرتان آيو پنڌ،

مهڪيو ڦول گلاب جو؟

 

*

 

جهرمر جهرمر روشني-

ڪنهنجي ياد اچي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

پن پن لرزي پپر جو-

اُس کي ڇانؤ ڇهي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

وڃي سڳنڌ به ڦهلبي-

گل جي شاخ جهڪي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

اُڏن پکيئڙا پر پٽي-

اُس به کين چمي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

وارن جو چلڪو، اَلا-

ڪامڻ جيئَن وڃي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

پاڇولو پاڻيءَ مٿان-

گويا نهر لڇي رهي

هلڪي هوا لڳي رهي!

 

دوها

*

 

ماڪ مثل روئندو رهيس - اونداهيءَ ۾ رات،

ڪرڻن سان ڳوڙها اُگهيهءِ - پرچائي پرڀات!

 

اڃا فضا ۾ پيو تري - مرليءَ جو آواز،

ڪُنج ڪُنج ڳولن سکيون برج جڳان جڳ راز!

 

گيتن جي ماڙيءَ منجهان - تڪي تڪي هَئن ڪير،

ليء جي ڏاڪڻ تان لهي - رکندو هڪ هڪ پير؟

 

چانڊوڪيءَ جي آرسي - روپهلي ايڪانت،

پنهنجي سونهن ڏسي ڏسي - ڳائي پيئي سانت!

 

ڇانئي چوڏس چاندني - ڌرتيءَ تي اِن ريت،

هردي تي جَئن ڇانئجي - نازڪ نرمل پريت!

 

ڪرڻن ۾ قابو ڪري - ڇڪي روح کي چنڊ،

سڌ ٻڌ وڃيم ڀلجندي - ڪونه منڊيوٿس منڊ!

 

پوُنهن جي هيءَ رات ۽ - آڌيءَ جي ايڪانت،

گهري چنڊ جي سانت يا - منهنجي دل جي سانت!

 

دلڪش لهر خيال جي - راڳ ناچ جو روپ،

جئَن چانڊوڪي رات ۾ - گنگا ڌار اَنوپ!

 

ٿيو اجالو پريم جو - ڪر موڙيا جذبات،

رات نه رات سهاڳ جي - جيون جي پرڀات!

 

ڏسندي صورت سانوري - وريو اکين ۾ آب،

ڄڻ روشن آئيندي جو - ڌنڌلو ڌنڌلو خواب!

 

وک وک کڻندي ناز مان - گهر ۾ گهڙي ڪنوار،

ڪلي ڪلي ٿي باغ ۾ - پيٺي مند بهار!

 

اِن پلڪن جي ڇانؤ ۾ - نرم نظر جي سيج،

ويٺي رات سهاڳ جي - ڪري اکين ۾ کيج!

 

مڌر روپ، مڌم مڌر - پائل جي جهنڪار،

ڦوهه جواني، ڄڻ وڄي - آڌيءَ رات ستار!

 

لڏيس هلڻ سان پئي ائين - ڊگها چلڪڻا وار،

تان تان هر وار تان - واري راڳ ملهار!

 

وک وک کڻي هلي وئي - ٿي جَئن ئي پرڀات،

تارو تارو ٿي - وئي شيام وهامي رات!

 

هر هر ڇو ڇڪجن اکيون - تو ۾ ڇاهي نيٺ،

سنڀران ڪا هن کان اڳي - توسان ڏيٺ نه ويٺ!

 

روپ وتي! آئينءَ ائين - گويا ٿي پرڀات،

ڀانيم ڇم ڇم ڇير جي - مٺي پکين جي لات!

 

روشن وارن ۾ سندءِ - صدين جو انڌڪار،

ياد اَجنتا جي ڏئي - تنهنجو هي سينگار!

 

تنهنجي چهري تي نچن - چڳون نزاڪتدار،

ننڍڙيون راتيون چيٽ جون - دل کي ڏين قرار!

 

رات ائين ها سيج تي - وٽڙيل تنهنجا وار،

ڄڻ شاعر جي ذهن تي - ربط بنان اشعار!

 

جڏهن جڏهن جڳ ۾ ڏٺم - سونهن ڀريو جنسار،

سونهن انهيءَ سرسو ڪيو - دل ۾ تنهنجو پيار!

 

درپن جان منهنجون اکيون - پوءِ به نهارين ڇونه،

عڪس ڏسي پنهنجو منجهن - وار سنوارين ڇونه؟

 

ڏسندي تارن ڏانهن تون - جڏهن وسارين پاڻ،

اُڀ ٿي هوند ڏسانءِ مان - نوَ لک نيڻنِ ساڻ!

 

راڄ اکين تي مڌ ڪري - هردي تي سنگيت،

سرس ٻنهي کان سندري - تنهنجو روپ ۽ پريت!

 

لڄ جي هيءَ لالي ڏسي - نکريو آهي نينهن،

شيام، لکائي جئَن شفق - اُڀريو آهي ڏينهن!

 

نظر نظر ۾ پريت - جا مرم مڙهيل اِقرار،

آهي چپن تي ئي فقط - مرڪ ڀريل ناڪار!

 

گهُرين ته بڻجي آرسي - شبنم جي هر بوند،

چنڊ به ڪرڻن جي ڦڻي - ٺاهي ڏيئي هوند!

 

گلشن مان گل، سمنڊ مان - موتي کنيم هزار،

جئَن ڀي چاهين دل وٽان - ڪر تون هار سنگار!

 

بادل مان بجلي لڇي - چمڪو ڪندي ضرور

هاءِ جواني چلولي - گهونگهٽ ۾ مجبور!

 

هن هُن پن سان پئي لڳي - مکڙي بڻي اڌير،

هاءِ جوانيءَ جي هوا - ڦڙڪي سڄو سرير!

 

لاتيون لنونديون ڪوئلون - انب جهلين ته ٻُور،

چاهينِ نه چاهينِ سي - مند ڪندن مجبور!

 

اُن جي ناز نهار جو - اي دل! ڪج نه وڌاءُ،

خاص نه آهي ڀونر لئه - گل جو رنگ هڳاءُ!

 

گذريو سک جو ڏينهن، يا - ڦٽي پرهه جي باک،

تنهنجي نيڻن ۾ شفق - ڇاجي آهي ساک؟

 

ڪا سهڻي صورت ڏسي - جهٽ دل ٿئي بيتاب،

ساڀيا بڻجي جئَن نه ڪو - آيو هجيم خواب!

 

بادل ڏٺس نه اک پٽي - نچيو گهڻو ئي مور،

اي البيلي گوپڪا - ڪيڏو شيام ڪٺور!

 

ٻارج لڙڪن جا ڏيا - روشن رکجنءِ لاٽ!

اي مومل، راڻو متان - ڀلجي مَٽي نه واٽ.

 

جاڳ جاڳ مومل مٺي - جاڳ سهاڳڻ جاڳ،

موٽي وڃي نه مينڌرو - پٺي نه ڏيئي ڀاڳ!

 

جڳ تي ڇانئي چاندني - جيءَ اندر جذبات،

هاءِ، مٺيءَ جان ننڍڙي - وڃي وهاميو رات!

 

ترسي رهندي ڪيترو - ويچاري هيءَ رات،

آءُ سڄڻ، هاڻي سگهو - تارن کي نه ثبات!

 

رات، صبح ڪيئي ٿيا - راهه تڪي تو ڪاڻ،

ٺاريم، ٻاريم شمع جا - ڀيري ڀيري ساڻ!

 

مون کي جڳ گذري ويا - راهه تڪيندي رات،

ملڻ گهڙيءَ لئي اُف رهي - آسائتي حيات!

 

چيٽ وريو يا يُگ وريو - آئي ”ڪنهنجي“ سار،

اڄ ڪئن اوڀاري هلي - شيام سمي جي ڌار؟

 

سارُن جي سرهاڻ سان - آئي سُرهي هير،

لڙڪن جي چانڊاڻ سان - چمڪي فضا سڌير!

 

ڦري اکين ۾ سا ڇٻي کلي ڪري گفتار،

شيام ڪنول تي ڀؤنر جئَن ڀِري ڪري گنجار!

 

سُرهي هير ٿڌي ٿڌي - سج جو نرم شعاع،

گل سان شبنم ٿي ڪَئي - ڪهڙي وقت وداع!

 

ويهه ته دل اوريون پرين! - باقي آهي رات،

هئَن نه وڃڻ لئه جلد ڪر - اڃان پري پرڀات!

 

لهر ڪناري ساڻ جئَن - تون ڀي ائن مون ساڻ،

گڏ گهاريندي هر گهڙي - پرين، ڇڏائين پاڻ!

 

وک وک تي پائل لڇي - ڪري پڪار: نهار،

جوڀن ته نه پابند ٿئي - سونهن به ڏينهن ٻه چار!

 

محب! ملون نه ملون وري - ياد رهي نه رهيم،

ويهه ٻڌي وڃ ڳالهڙي - من اُڊڪو ته لهيم!

 

ساٿ اسان جو جنهن ڏٺو - کولي نوَ لک نيڻ،

ڌار نه ٿي، نه ته رات سا - ورندي ڏيندي ويڻ!

 

نيڻ سڪايا ننڊ، من! - تون ته نه ڪر اُڌ ماند،

سپنن ۾ نه ته ڌيان ۾ - ”هن“ سان ٿئي هيڪاند!

 

آهه اوهان لئه اي اکيون - هنجون هارڻ راند،

پر اُس ڪهڙيءَ ۾ وڃي - آءٌ سڪايان پاند!

 

هڪ هڪ مٺڙيءَ مرڪ ۾ - شامل سؤ سؤ سوُر،

هنسي خوشي جي جئڻ جا - جڳ ۾ هي دستور!

 

ساٿ نه سورن جو ڇٽي - جيسين آهه پساهه،

ڪُرڪي يا مُرڪِي، مگر - ڪرڻو آهه نباههَ!

 

ڳاراڻو ڳڻتي ڪڏهن - دل کان ٿيا نه دور،

رهيو پرينءَ يا پيٽ جي - چنتا ۾ چت چوُر!

 

آٿت جي آشا رکي - پڪڙيم جن جو پاند،

ڳوڙهن سان آلو ڏٺم - انهن سڀن جو پاند!

 

ڪير ڏکيءَ کي ڏڍ ڏئي - پڪڙيان ڪنهنجو پاند،

ڳوڙهن سان آلو ڏٺم - بس جنهن تنهن جو پاند!

 

سطحي نظرن سان ڏسي - ڀانيم گهاءُ به ڦول،

ڏيکاريو گهريءَ نظر - پيڙ مرڪ جو مول!

 

ڪڪرن وانگي ڪن اکيون - سنهڙي سنهڙي ڇاٽ،

پيڙ کنوڻ جان تن منجهان - پل پل ڏئي چمڪاٽ!

 

بسنت جوڀن ڀوُنءِ جو - اُن جي پيڙ هڳاءُ،

ڦول ڦول جو هي ٽڙڻ - سيني جو ڄڻ گهاءُ!

 

هئا چپن تي رات جي - جي مکڙيون ۽ ماڪ،

بڻيا ڪنن تي صبح جي - ٽانڊا سيئي واڪ!

 

وقت ڇِتي ڏائڻ، مٿس - بک جو چڙهيو جنون،

چٽي لاش احساس جو - چٽي لاش تان خون!

 

وڄ لڇندي ڪهڙي ڪئي - هيءَ روشن تحرير؟

وڌيو انڌارو هانوَ جو - نيڻن هاريو نير!

 

راتيون جن جي ڀاڳ ۾ - چمڪن سندن چراغ،

مون کي ڏينهن نصيب ٿيا - چڻڪن دل جا داغ!

 

کيڏان اُسڙي ڇانوڙي - ڪير پيهندو جنڊ،

ڪير ٿڦيندو روٽلا - هي تارا يا چنڊ؟

 

جوڙي ڪرڻا چنڊ جا - روشن اُڻيم لباس،

پوءِ به نه چمڪي زندگي - نه ڪي ڍڪيو احساس!

 

مکڻ ڪير چوري ڪري؟ - ڪري مزوري شيام،

جُڳ گوپي آسائتي - راه تڪي ناڪام!

 

ڪيڏا دل ۾ پورُ ها - ماڻينداسين چيٽ!

گونچ ڦٽڻ کان ئي اڳي - اجڙيو سهڻو کيٽ!

 

آيا، گذري ڀي ويا - گل، مکڙيون ۽ مينهن،

ساوڻ چيٽ ڦريا، مگر - ڦريا نه پنهنجا ڏينهن!

 

صبح ڪٿي جنهن لئه تڪيم - راتيون جاڳي واٽ،

سڪن روشنيءَ لئه اکيون - ڪيڏي ڪاري ٻاٽ!

 

رات وئي ليڪن رهي - ڪڪرن جي ڪاراڻ،

هاڻ کپي طوفان ڪو - صبح سهائي ڪاڻ!

 

کسي گلن جي سونهن ئي - سونُهن جي ساڃاهه،

واٽهڙن کي ڪو ڪري - ڪنڊن کان آگاهه!

 

باريڪ بلاشڪ بڻيو - ڪوريئڙي جو ڄار،

پر نه سياسي ڄار جي - نظر اچي هڪ تار!

 

پيرا ڏسي ڀُلي متان - سمجهين واٽ سُواٽ،

اي پانڌي، خود گُمراهي - آهي ڪنهنجي واٽ!

 

اوجهڙ ۾ پيرا ڏسي - اڳتي وک نه وڌاءِ،

ڀٽڪي ڀُلن پوئتان - واٽ سنئين نه وڃاءِ!

 

سخت بڻيون جئَن حالتون - ڀڙڪي اٿيا دماغ،

شيام انڌارو جئَن وڌيو - چمڪيا سرس چراغ!

 

ڇوڙ پڳهه، گهِڙُ سمنڊ ۾ - ٻيڙيءَ کي هاڪار،

تڙ تان لهرن کي تڪي - ڪونه پڳو ڪو پار!

 

سوچي وٺ طوفان ۾ - مانجهي مرد! اُپاءُ،

ڪٿي ڪنارو، تون ڪٿي - ڪئَن سو ڪندو بچاءُ؟

 

روشن آئيندو گهرين - ڀڃ ماضيءَ جو منڊ،

وٺجي ويندو چنڊ، نه ته - وٺجي ويندو چنڊ!

 

لابارا پيا چيٽ جا - ته ٿي ڪتيءَ جي اون،

ڏينهن بدلجن پيا ائين - ساري ’ڪلهه‘ کي ڪونه!

 

شيام اکين تان ڪنهن طرح - تارن جي دز لاهه،

تنهنجي نظر نظر سندي گهرج ڀونءِ کي آهه!

 

جاڳيا فتنا جابجا - هرجا هاهاڪار،

ڳائي راڳ هنڊول اڄ - ٿڦڪي کين سمهار!

 

چوڌاري ٻارڻ ٻريو - سڙي سڄو سنسار،

سُر ساڌي اي ڳائڻا - مٺڙو ڳاءِ ملهار!

 

وقت ته تبديلي ڪندو - تون به ته ڪي ڳڻ ڳوت،

اُس ۾ گهرجي ڇانورو - اونداهيءَ ۾ جوت!

 

واڳ ورائي وقت جي - آڻيون اهڙي رات،

جنهنجي سهڻي شام ۽ - رنگ رتي پرڀات!

 

ڏسي بيوسي رات جي - کلڻ لڳي پرڀات،

سج جا ستم گهڻا سهي - ڪئي بغاوت رات!

 

دل ۾ عزم لڇي رهيو - آهه سجاڳ شعور،

پڪ ڄاڻ ته ناهي هنئر - شيام بغاوت دور!

 

سانت ڏسي هئن سطح تي - آڻين متان گمان،

پاسا بدلائي رهيو - تهه ۾ پڪ طوفان!

 

تارن جي زنجير ۾ - جڪڙي آهي رات،

آهه سجاڳ شعور جي - نظر نه کائي مات!

 

آهه ايوڌيا جي لڳي - سرحد لنڪا ساڻ،

کؤنس ڪري، راوڻ ڪندو - تباه پنهنجو پاڻ!

 

شيام سنائڻ لئه اَٿم - کنيو پراڻو ساز،

ساز پراڻو، سر نئون - يُگ مٽجڻ جو راز!

 

نيڻن جي کڙڪين منجهان - جهاتيون پائن خواب،

ساڀيا جي سنسار ۾ - اچڻ ڪاڻ بيتاب!

 

آهه حوادث بعد ڀي قائم - دل جي آن،

ٽڪري ساحل سان گهڻا - ماٺا ٿيا طوفان!

 

سج جا سادا ترورا - نکري ٿيا ست رنگ،

بادل جي آڏو پيا - رهجي ويا سي دنگ!

 

پتجهڙ باغن ۾ ڪيو - ڪيڏو غل غوغاءُ،

اِن هوندي ڀي گل ٽڙي - ڏيندا رهيا هڳاءُ!

 

جهڙيءَ ريت غريب جو - هت هُت ڊڪي خيال،

ڇو اَئن ڀٽڪي جابجا - پاڻ ڪرين بيحال!

 

سُور پرائڻ بعد ئي - پنهنجو لکيم وجود،

ان کان اڳ نه ته پاڻ کي - سمجهيم هست نه بود!

 

جِين جئَرن جان جيڪڏهن - ساٿي ٿيندا ڇونه؟

جئَري مردي کي ته ڪو - ڪلهو به ڏيندو ڪونه!

 

شيام مرڻ مان ڪي وري - ناه مرڻ کان عار،

آهه جئڻ جي واسطي - سارو ڪاروبار!

 

موت بڻيو سنسار ۾ - هئن سنسان مساڻ،

جيون ڌُن کي زور سان - بس گونجائڻ ڪاڻ!

 

لهرن جو لهرو وٺي - ناوڪ! ونجهه هلاءِ،

سيٽين سان طوفان جي - تال ملائي ڳاءِ!

 

جوت، پتنگ ٻئي جلن - جلڻ جلڻ جو ڍنگ،

پائي جيون جوت ۽ - ماڻي موت پتنگ!

 

الڳ تقاضا ڪن ٻئي - موسم ۽ ماحول،

ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن ٿيان - من ٿيو ڊانواڊول!

 

پار وڃي ٻيڙي وري - يا ٿي وچ ۾ غرق،

سنڌوءَ جي وستار ۾ - آيو ڪهڙو فرق؟

 

چمڪي چمڪي پيا سمهي - تارا آخرڪار،

تنهنجن نظرن کي مگر - آيو ڪونه قرار!

 

شيام ”سڀان“ جو جيڪڏهن - کيس تونکرو ناهه،

”اڄ“ جي هيڏي لوڇ جو - ڪهڙو ڪارڻ آهه؟

 

کين ٻڏڻ مان ڇا مليو - ٻڏلن کي سا ڄاڻ،

تارُن کي نه عميق جي - ناهي ڄاڻ پڇاڻ!

 

ڪنهن لئه آندو رات هي - سندر تارڪ هار،

ڪير ڏِسي ته وٺيس ڀي - آهه ستل سنسار!

 

نيڻن کي آيو نظر - چڱي مٺي ۾ فرق،

اڄ دل جي دريا دلي - تانگهي ۾ ئي غرق!

 

هن من اوٽپٽانگ جو - ڍوئي ڍوئي بار،

راتو ڏينهن هڄي هڄي - بدن بڻيو بيڪار!

 

ساڳي محور تي ڦري - هيءُ جيوت جو جنڊ،

ڦيرو ڦيري ۾ نه ڪو - آڻي سج يا چنڊ!

 

پئڻ گهريم ٿي گل سندو - جام ڪري ٽمٽار،

اُف، اوتيان ان کان اڳي - گذري ويوم بهار!

 

روح مند جو جي بڻيا - هيل نه آيا ڏينهن،

وسن ته اڄ ڀي پيا مگر - ڪٿي پروڪا مينهن؟

 

سُر مان نڪتل ساز جي - جيئن گگن ۾ گونج،

وڇڙي پنهنجي ولر کان - ائن ڀٽڪي هڪ ڪونج!

 

ڏسي چمن ۾ گل ٽڙيل - ٿيم ڇنڻ جو چاهه،

خالق رنگ هڳاوءَ جا! - منهنجو وڏو گناهه!

 

ڪيڏو نه اُڀ اَٿاهه، پر - سانڍي سگهيو نه سور،

آهون ۽ سڏڪا ڀري - روئي کوهي نُور!

 

هيڏي سڄي جهان ۾ - ڪُنڊ نه ڪا مون لاءِ،

آيس، وسيس، وسي مٽيس - هڪ بادل جي نئاءِ!

 

ڳائڻ چاهين راڳ جو - سُر ساڌي سو ڳاءِ،

شيام ملي نه ملي وري - موقعو ڳائڻ لاءِ!

 

پريت ريت جا ڏينهڙا - اي سار، سنڀاريج،

رنجهه ڪنجهه جون ڳالهڙيون - اڙي ڀُل، وساريج!

 

آهه اسانجي زندگي - ڌنڌلي ڌنڌلي جوت،

روشن روشن ڇانورو - ليڪن آهي موت!

 

اوندهه مان نڪري، وري - وٺي اجالي واٽ،

اوندهه ڏي نچندو وڃڻ - جئن کنوڻ جا ناٽ!

 

مٺ ڀيڙي گهارڻ، ڪلي! - ڪنجوسن جي ڪار،

رنگ ماڻ، سرهاڻ ڏي - گل ٿي جڳ ۾ گهار!

 

چنڊ، ستارا، ماڪ، گل - ڏين اهائي ساک،

سهڻي آهي راتڙي - سهڻي آهي باک!

 

جيان خوشيءَ جي ڪاڻ مان - مران خوشيءَ جي ڪاڻ،

ڀلجي سندم حيات تي - حرف نه غم جو آڻ!

 

لهندڙ سج جا ترورا - ڏئي خواب جا رنگ،

منهنجي روشن ڏينهن کي - ڪن ٿا رنگا رنگ!

 

مستن جي محفل اندر - ڇا کون هيءَ ڳڻ ڳوت،

آءُ، پيالو پاڻ کڻ - پاڻهي ان ۾ اوت!

 

ٽڙڻ گهُرن جي گل ٽڙن - ڪڍن رنگ پڻ ڌار،

مگر سڀن جي رنگ مان - بکي ضرور بهار!

 

تنهنجن مستن هي رچيو - آهي ڪهڙو سانگ،

ذرڙي کي دنيا سڏن - دنيا کي ڀڙ ڀانگ!

 

سپنن جي ئي تتو مان - آهه جڙو جنسار،

آهي شيام، حيات ڇا - ننڊ سندو وستار؟

 

ڪڏهن ته سمجهان شيام مان - ساڀيا هي سنسار،

هيءَ خوش فهمي آهه يا - وهم ڀريو ويچار؟

 

ڪڏهن ته سمجهان شيام مان - سپنو هي سنسار،

پنهنجي ڪم فهميءَ مٿان - کليو به ٿم سوَ وار!

 

وڄ جهڙُ ڀي عمر کي - آهي ڪونه جٽاءُ،

ڪو سڏ ڏيئي پيو چوي - دير نه ڪر جهٽ آءُ!

 

مان ڪئن سمجهائي سگهان - دنيا آهي گول،

ٻڌو هوم جو ڪنهن وٽان - ورجايم سو ٻول!

 

سارو ڏينهن ڪندا رهيا - ٻار نديءَ ڀر راند،

سانجهئهَ مهل ڇنڊي اُٿيا - واريءَ ڀريل پلاند!

 

گل پيمانا رنگ جا - مڌر رنگ جي سڳنڌ،

ڏس ميخانا رنگ جا - باغن ۾ هر هنڌ!

 

موران ڪين سهي سگهيو - اڄ گل جهڙا ويڻ،

جڳ جي جٺ ڦٺ تي ڪڏهن - جنهن نه ڀڄايا نيڻ!

 

[1] آهي شعر ”اياز“ جو - اوجل پونم رات،

[2] ۽ ڪوتا ”دلگير“ جي - رنگ رتي پرڀات!

 

چڻڪڻ ۽ چمڪڻ سندي - مون کان سک تون مام،

تارن جو هم راز مان - شاعر آهيان شيام!

 

ڏسندي گل ويا ويڙهجي - گهري اونده ساڻ،

مگر سندن سرهاڻ ڏئي - گلشن جو اهڃاڻ!

 

ساروڻيون چمڪي اٿيون ڦهليو - نورئون نُور،

وڌندي رات وڌي وئي - تارن کان ئي دوُر!

 

جئن جئن رات ڀني، تئن - اوندهه چمڪي شيام،

ڪير پروڙي مام هيءَ - ڪير پروڙي مام!

 

روشن رات اُماس جي - سيتل ۽ گنڀير،

وياڪل هنئڙي کي ڪيو - ڪنهنجيءَ سارَ سُڌير!

 

تارن ۾ چمڪي پئي - اونداهيءَ جي مُرڪ،

رات اڃايل روح کي - سانت پياري سُرڪ!

 

تارا گهڻو جليا، ڀني - رات به آخرڪار،

ڳائي ديپڪ راڳ ڪنهن - ڇيڙيو نيٺ ملهار!

 

گوُنگي آڌيءَ رات جي - پيڙ ڀري ايڪانت،

گهري گهري دک ڀني - ڀيڄ ڀنيءَ جي شانت!

 

ڀيڄ ڀني، دل دک ڀني - ماڪ ڀنا رابيل،

شيام، اکيوُن ڳوڙهن ڀنيون - سَرَسُ سڪڻ جي ويل!

 

ڀيڄ ڀني، دل دک ڀني - ماڪ ڀني سرهاڻ،

پاند پڄايان ڪاند جو - جيڪر لڙڪن ساڻ!

 

خوشبو سندءِ خيال جي - ماڪ ڀنل چانڊاڻ،

پوئين پهر سُڪوُت جي - روشن روح رهاڻ!

 

هلڪا جهؤنڪا هير جا - نرم گلن جو واس،

رڳ رڳ ۾ رنگت ڀري - شيام، کڻان جو سواس!

 

سهڻي سانتيڪي ڇَٻي - ڀانءِ ٽڙيل رابيل،

مرڪ ڀري مورت مٺي - ڀيڄ ڀنيءَ جي ويل!

 

مرڪي جئن سرهاڻ، يا - ٻهڪي پهرين باک،

ڇا نه تازگي روُپ جي - گل جي سرهي ساک!

 

نيڻ اَسُرَ جي اُفق جان - مک جي ڪومل ڪانت،

نظر نظر امرت ڀني - شيام ڏٺي من شانتِ!

 

هڪ اڻ ڄاتل ڦول جي - جهيڻي خوشبو جيئن،

تنهنجي مُرڪ سرل سَهي - اُڻ تُڻ لائي ايئن!

 

ڪاند ڇڪيس پاٻوهه مان - پڪڙيس ننڊ به پير،

هلي جهومندي مرڪندي - مومل صبح سوير!

 

رات کٿوري هرڻ جئن - ويئي ڏيندي ڇال،

ويئي پر ويئي ڇڏي - خوشبو ڀريا خيال!

 

ڳالهائڻ پاٻوهه مان - منهن تي مرڪ هميش،

محبوبي موجودگي - ڏِئي نينهن کي نيش!

 

منهن تي مرڪ هميش ۽ - نيڻن ۾ پاٻوههُ،

محبوبي مورت ڏسي - من ۾ جاڳي موهُه!

 

شهنائيءَ جا سُر مڌر - چوُڙين جي جهنڪار،

ڪئن نه ڪنواريءَ رات ڀي - شيام، لساريا وار!

 

نويڪلي رابيل جي - اُجلي اُجلي سوُنهن،

سامهون بيٺل چنڊ سان - ويٺي ڪري وروُنهن!

 

گونجي بنسي هير جي - چنڊ به چوريو چنگ،

سُرت بانوري ٿي پئي - ساري ڪنهنجو سنگ!

 

لڙڪ لڪايان ڪيئن مان - لڙڪ لڪايان ڪيئن؟

چنڊ چمڪندو هيئن جي - چنڊ چمڪندو هيئن!

 

پلٽي چوڏس چيٽ جي - جيءُ به  پياسي، ميتَ!

سُرهي چانڊوڪي پِيوُن - ڏيئي هڪ ئي ڳيتَ!

 

هلڪا هلڪا ٽهڪڙا - مٺڙي مٺڙي تانَ،

شايد ٻيا ڀي چنڊ جا - آهن ڪي مهمان!

 

وڻ وڻ تي هڪ چنڊ جي - نياري نياري ڇانوَ،

شيام، سٻاجهي ٻار جان - تنهنجا سؤ سؤ نانوَ!

 

مٿي نهار چنڊ ڏي - ڏٺم سمنڊ ڏي هيٺ،

ڪوڏن واري لهر جئن - تون ڀي ورندين نيٺ!

 

ويٺس واريءَ تي ڀري - مان ڪڏن سان جهول،

ڪوڏن واري لهر جئن - تون ڀي ورندين، ڍول!

 

شيام، ڪنارا سمنڊ جا - برهه ڪيا مجبوُر،

لڙڪن جي سنگيت ۾ - اورن دل جا سوُر!

 

ڪهڙو هيءُ سنياس، دل! - ڪهڙو هيءُ سنياس؟

نظر نظر رنگين گل - پراڻ گلن جو واس!

 

سمجهيو جن سنسار کي - خالي رائو رُڃ،

پائيندا ڇا ڪڪرن - مان لاهيندا ڪئن اُڃ؟

 

توڙي ناهه منجهس اهو - جنهن مان مٽجي اُڃ،

آهه چمڪ ڀي ڪا ته شيءِ - رڃ نه آهي سُڃ!

 

ان ۾ ناه گمانُ ڪو - لهندي هتان نه اُڃ،

دل کي مگر ڇڪيو وٺي - هيءَ چمڪيلي رڃ!

 

هڪڙي ساعت لئه ٽِڙي - ڇڻي ڪريو گل هيٺ،

هڪڙي ساعت لئه سهي - ٽڙيو ته هو گل نيٺ!

 

حُسن سراپا آرزو - عشق سراسر ماڻ،

ڪنهن کي ناز نياز مان - ڪهڙو پوندو ڄاڻ؟

 

جنهن کان وڇڙڻ سان رهيو - هنئڙو سدا اُداس،

ان سان شيام، ملي وڌيو - اَڄ غم جو احساس!

 

ڪؤڙي ڀاسي هر خوشي - سيبائي هر سوُر،

شايد پنهنجي زندگي - آهي نم جو ٻوُر!

 

اُڀ ۾ نڪتي اِنڊلٺ - ڪوئل ڳائي گيت،

شايد وري نه گڏ ملن - راڳ رنگ هئن ميتَ!

 

پکي وريا، ٻارن ڪيا - گهر ڏي پويان پير،

هوليءَ واري شام ڀي - واهيري جي وير!

 

هي ڏکڙا پيا اوربا - ٿيندا ڪونه تمام،

رات گهڻو گذري چڪي - آ ته ڪريون آرام!

 

اي دل، هر غمُ غم سهي - غم غم جو ڀي نانءُ،

سورُ سهي سڀڪو مگر - سهڻ سهڻ جو ڏانءُ!

 

هاڻ وراڪا وڄ نه ڏئي - ۽ نه ڪڪر ڪن شور،

ڪوئل ڪوُڪي ڪانه ڪا - تڪي نه اُڀ ڏي مور!

 

آهيان مرلي پاڻ، يا - ڪنهن مرليءَ جي تانَ،

هستي منهنجي آهه ڪا - يا آهيئي ڪانه؟

 

ڀڄندي پويان باز جي - اُڀ ۾ ڀٽڪان هيئن،

ڪيسين رهندس ڀٽڪندو - پيرو لڀندو ڪيئن؟

 

آهي مرڪ نه جوت جي - نه ڪا مرڪ جي جوت،

رات ڏينهن آهي رڳو - اونداهيءَ جي اوت!

 

انهيءَ عقل جو ٿئي ڀلو - حاصل ٿيو نه نينهن،

کامي سگهي نه رات ڪا - چمڪي سگهيو نه ڏينهن!

 

اڳيان پيچري تي رهيو - ڪنڊن جو اٽڪاءُ،

پٺيان لتاڙيل ڦول ڀي - ڏيندا رهيا هڳاءُ!

 

پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾ - جيئن ٿيو آواز،

ڀر تي بيٺل وڻ منجهان - پکيءَ ڪيو پرواز!

 

پيهي ويئي ذهن ۾ - ويڻا جي جهنڪار،

گهرائي سنگيت جي - ڄڻ ماضيءَ جي سار!

 

ساٿين سان کلندي پئي - ياد اوهان جي بات،

وڌو شفق تي شام تي - پنهنجو پاڇو رات!

 

هلڪا جهؤنڪا هير جا - نم جو نرم هڳاءُ،

شيام ٻپهري چيٽ جي - نرم مٺيءَ جو تاءُ!

 

صورت ڏنم خيال کي - صورت کي آواز،

رنگ ڀريم آواز ۾ - رنگ ڪيو اعجاز!

 

لنوي لڪي ڪوئل سگهي - ائن ته نه ٿيندو موُر،

لاتين جو هي سوجهرو - چمڪن وڻ، پن، ٻوُر!

 

سهڻيءَ ساهڙ سان رکيو - سو ڀي ڪوئي نينهن،

ويٺيون جئن وِيرِي وجهي - لهرُون سارو ڏينهن!

 

جن وٽ دل نه نسيم جي - شبنم جي به نه ديد،

گُل جي رنگ هڳاوَ تي - ڪنڊا ڪن تنقيد!


[1]  ”اياز“. سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز ڏانهن اشارو.

[2]  ”دلگير“. هند جي نامياري سنڌي شاعر هري دلگير ڏانهن اشارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org