سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :12

 

*

 

هٿ ڪلهن تي هڪ رکي ٻئَي سان مٿي کاڏي کڻي

منهنجي منهن ۾ مرڪندي هڪ ٽڪ ڏٺائين ڪئَن نه پئَي

هورڙيان لوڏي پڇيائين: هئَن رٺينءَ ڇاجي ڪري؟

ڦڙڪي ڦڙڪي اڌ کليا چپ پر ڪِي ڳالهايو به ٿئَي!

*

 

رسي ويهي رهي، ڏسندي رهي چپ چاپ سانول ڏي

نماڻا نيڻ سانول جا هٽيا هن جي نه مکڙي تان

اِئين اڌ رات ٿي ويئي ٻنهي کي کل اچي ويئي

جهُڪي کلندي جئين راڌا، لڳايس شيام سيني سان!

*

 

ڏينهن کان پوءِ آيو هوس

مشڪئَين شيام، ڏسي مون کي

ڪيئَن چوان احساس به ڪو

اُڀريو تنهنجي چهري تي!

*

 

توکي حال ٻڌائيندي مُون

هر هر پئَي تو ڏانهن نهاريو

ڌيان ڏئي ائن سانت رهئَين تون

تنهنجي سانت نه ڪجهه اظهاريو!

*

 

مون سمجهيو بدڪ ڄاڻ ويندي اُڏامي

پکيڙيائين پنهنجا ٿي پر جنهن نموني

گهڻي لاڏ سان پر پکيڙيائين، ليڪن

مٿي ٿي نه ڌرتي ڇڏي ڪنهن نموني!

*

 

هوا ڪنول کي رکي رکي

لوڏو ڪيڏو سخت ڏنو

پر نه پسايو پاڻيءَ سو

ڏانڊيءَ مان نه هوا کون ڇنو!

*

 

”اڃا پيو تون جاڳين، سمهين ڇو نه ٿو؟“

اِهو ئي ٻڌڻ لاءِ چيئِه هاڻ جو،

نه ورجائي ڪجهه، مسڪرايئَه فقط

الا، صبر ڪيڏو نگاهن ۾ هو!

*

 

بيهي آڳر ۾ وئي ڪجهه ڏسي گنڀير ٿي

صبح ڪيڏو پئَي لڳي من منجهيل اُڌماند ۾

چهنب پائي چهنب ۾ چپ ٻه پاريهل هئَا

پاڻ ۾ جهرڪيون ٻه پڻ ڄڻ وڙهيون پئَي راند ۾!

*

 

سانت هيءَ شيشي جي هڪ ديوار جان

ٻن دلين جي وچ ۾ آهي جا اُڀي

مُرڪ مٺڙي صرف هڪ، ان لاءِ کپي

چوُر ٿي ان سان ئي پٽ پوندي اچي!

*

 

رسامي ۾ ڳچ رات گذري وئي

تڏهن کين سرچڻ جي مس مس سجهي

ٺهيا، هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا

ڪئي کير واري جو ٺڪ ٺڪ اچي!

*

 

هٿ ۾ گراهه مرڪ چپن تي

پٽ کي هن جئَن کارايو پئَي

کائي ٻار ٿي منهن مچڪايو

سواد ماءُ کي ڄڻ آيو پئَي!

*

 

ٻار اڳيان هو ماءُ پٺيانئَس

شيءِ کڻندو، شيءِ ڪرندي ڀڄندي

ٻار کليو پئي گهر پئَي ٻهڪيو

پراڻ ويا هر شيءِ ۾ پئجي!

*

 

ممي ڏس ڪيتري مون مان

مٺي خوشبُو اچي پيئي

ممي جئَن ئي مُڙي، چارُو

پپي ڏيئي ڀڄي ويئي!

*

 

ڦل ها وڻ ۾ ڦول نه ها

ڇو نه اکين کي ڳالهه وڻي؟

ڪيڏو من کي موهيو پئَي

ماءُ گود ۾ ٻار کڻي!

*

 

منهنجو هٿ پختو جهليندين عمر ڀر

دل ۾ مون کي ايءُ پڪو وشواس هو

تنهنجي هٿ ۾ هٿ جو پگهريم لڄ وچان

تو نه ويڏيءَ وقت ئي کسڪڻ ڏنو!

*

 

نيڻ هن جا نچيا پئي سڀاويڪ ئي

يا نچيا ٿي اُهي ايئَن مون کي ڏسي؟

ڪئَن بنا تال ليه ۾ کنيئَه پير پئَي

کيس ڏسندي او منهنجي سياڻي سکي؟

*

 

نه ٿي ٿِي سگهيو جو سکي! جاڳندي

مون کان ننڊ ۾ ڪم اهو ٿي ويو

نه مان نرلڄي ۽ نه مان بي ڊپي

اِهو پيئَي سوچيان ته ائن ڪئَن ٿيو؟

*

 

الا، هيءَ دل ۾ ڪهڙي پيڙ آهي

اُڪاسي هئَن پئي ڪنهن واسطي دل؟

ڏٺل ناهيم، نالو ڀي نه ڄاڻانس

ڪٿي آهي، سڪي جنهن واسطي دل؟

*

 

آفيس کان جو موٽيس سونُو هيهءِ ڪلهي تي

بيچين ٿي، دريءَ مان بيٺي لياڪا پاتئَه

ڏسندي اُڇلجي آيو منهنجي هٿن ۾ سونُو

شرمائجي چيو تو: ڪيڏي نه دير لاتئَه!

*

 

تنهن ڏينهن نه چارُوءَ جي مڃيم ويٺي رسي ايئَن

ڳالهايو ته هن ڪينڪي روٽي به نه کاڌي

چارُو ته ٺهيو ٻار ٿي پر توکي چوان ڇا

جو صبح کان ڳالهائين نڪي کائين ٿي ڪجهه ڀي؟

*

 

ور دفتر ويو هوس نه اڄ، ڪجهه ناچاقائي ڪارڻ

جهٽ گهر موٽي جو کانئَس به نه دفتر ۾ ويٺو ويو

ايندي ليٽيل ور جي ڳلن کي هٿڙن ساڻ ڍڪيائين

مشڪي هٿ ڪجهه پٽي ڏٺائين ته ڏسندي ڦول ٽڙي پيو!

*

 

پڙهڻ هن کي، دفتر ۾ توکي هو وڃڻو

اٿي صبح ڌيءُ کي اُٿڻ لاءِ سڏيو تو

مٺي ڏيئي، مرڪي، رکي هٿ ڳلن تي

سندس منهن کي مکڙي بڻائي ڇڏيو تو!

*

 

دل ۾ آيم پُور ڪُونڊي مون به هڪ ورتي کڻي

جئَن دلا ڪونڊيون کڻي ڪنڀر لنگهيو پئي گهر وٽان

اوچتو اڄ ويٺي ويٺي مون جو ڪونڊيءَ جو پڇيو

گل ڇني ڪرتي ۾ منهنجي تو لڳايو پيار سان!

*

 

ڦوڪڻا رنگين آندا ڦوڪڻن واري هئَا

ان جي هوڪن تي ڪٺا ٿيا ٻار ساري بلاڪ جا

ماءُ جي هو هنج تي جو ٻارڙو معصومڙو

ڦوڪڻي جي لاءِ ان ڀي هٿ وڌايا پتڪڙا!

*

 

صبح ڪم تي ٿي ويس در تائين گڏ آئينءَ ڇڏڻ

پنهنجي وارن مان ڪڍي گل ڪوٽ منهنجي ۾ وڌءِ

شام جو موٽيس ته در تي منهنجي لاءِ بيٺي هئينءَ

ڪوٽ مان گل لاهي مرڪي پنهنجي چوٽي ۾ وڌءِ!

*

 

اگر جنم ٻئَي ۾ ٿي ڀائر ڄمون

وڏو آنءُ ٿيندس، ننڍو تون ٿجان

سهاڳڻ ٻڌي ور کي ورندي ڏني

وڃي پهرين شل مان وڏو ٿي ڄمان!

*

 

رات بجلي وئي ته اسٽؤ وٽ

ناچ اوندهه ٿي رنڌڻي ۾ ڪيا

مرڪ تنهنجي ڏسي اُهاءَ ۾ پر

ڦڙڪي ڦڙڪي ٿِي سا ته ڪئَن نه خفا!

*

 

چيم عمر ۽ سونهن جون ڳڻ نه ڳالهيون

هنئَر ڇاهي، مون کي جو ايڏو پڏايئن؟

رکي سر هيو ٻانهن منهنجيءَ تي ليٽيل

سري ٻانهن منهنجي گلي ۾ وڌائين!

*

 

ڀر ۾ ليٽيس جئَن وڃي سر هن جي پيرن تي رکي

پير منهنجا جهٽ ڇڪي لاتائين پنهنجي هانؤ سان

ٻوٽجي ويون اکيون سڌ ٻڌ نه ڪا تن جي رهيم

اڄ به هن جي دل ۾ ايڏو پيار، مان ٻيو ڇا گهران!

*

 

پنهنجي گڏيل ڪٽنب جي اڄ ياد ٿي اچيم

نالو نويڪلائي جو ڪنهن ڪنڊ ۾ نه هو

چاهيائين ڪجهه چوڻ ٿي، اڳيان ٻار ڪئَن چوي

ڪئَن بار بار مون ڏي اَٻالو ٿي هن ڏٺو!

*

 

ماءُ ڳالهايو ٿي پٽ سان، ننهن اچي بيٺس پٺيان

بند ٿي ويو سلسلو لفظن جو ائن ئي اوچتو،

منهن کڻي مٿتي ڏٺائين پٽ طرف ليڪن لڳس

مڙس جي ۽ زال جي وچ ۾ ٽيون ڪوئي نه هو!

*

 

سفر تان موٽي پٽ آيس ۽ گڏجي هو وٽس بيٺو چيائين ننهن کي مُرڪي: وائڙي ٿي هئَن ڏسين ڇاٿي

ڪڍي جهٽ ٽوال آڻي ڏينس ڪو هٿ منهن ڌئڻ جي لئه

چياين پٽ کي ٻيءَ کن: وڃ وڃي بدلاءِ ڪپڙا ڀي!

*

 

سس جي پيشانيءَ تي هلڪا گهنج ها، مشڪي به پئَي

نڻان ڳالهايو رُکو ۽ جهٽ هلي ويئي پريان

رشڪ مان پاڙيسرياڻي ڪئَن نه نڪ موڙي هلي

سڪ ٻڏل نظرون کڻي هُو جي سڏي مان ڇا ڪريان؟

*

 

تو سڏيم مومل ڪري، ان نانؤ جي جهنڪار تي

ڏينهن سارو ڄڻ هوا ۾ پئَي نچيس پوپٽ جيان

سج لٿو ليڪن خبر ناهي هئي اوندهه ڪٿي

مان ته گهيريل ئي رهيس تارن جي روشن مرڪ سان!

*

 

نيٺ جهلجي ئي پئينءَ، ڇا کون نٽايئَه روز روز

ائن چئي: ڳايان مگر ڳائڻ مون کي ايندو هجي

صبح گونجي پئي ڀنل آواز سان ڪئَن باٿ روم

تو ڦهاري هيٺ اڄ وهتو به ٿي، ڳاتو به ٿي!

*

 

هيڏي ساري چانڊوڪي ۽

ڦولاريل ليمن جي خوشبُو

ڀائر ڀينر، پيءُ جو پاڇو

ماءُ مٺيءَ جي مرڪ جو جادو!

*

 

سواد جي ڳالهه تان ئي ڪاوڙجي

منهنجو کڻندي ئي پليٽ کي اُڇلڻ

ٻڌي آواز، جهٽ ۾ رنڌڻي مان

تنهنجو ڊوڙي اچڻ، ڏسي مشڪڻ!

*

 

زال چپ چاپ سڀ ٻڌو بيٺي

جوش ۾ مڙس پئي چيو ڇا ڇا

ائن ئي در ڏي لڳي چتائي ڏسڻ

۽ ٿي ڪمري ۾ ويئي ماٺ صفا!

*

 

اکين ۾ موهه، چپن تي مرڪ

گهرُو ڪم ڪار سمورو وقت

مهانڊو سهڻو، نرم سڀاءُ

مگر هٿ تنهنجا کهرا سخت!

*

 

ٻارن جي ڀر ۾ ويٺينءَ اڱڻ ۾

اڄ اَن سڪائڻ پٽ تي پکيڙي

ٻارن جي وڙهه جهڙ، اَن تي ڪبوتر

هڪڙن کي هڪلي، جهڻڪين ٻين کي!

*

 

موج جي، چوڄ جي، ناچ جي، شور جي

دلڪشيءَ جي ۽ رؤنشي جي هڪ مُورتي

مون ته ٽپ ٽپ ڪندي اڄ اچانڪ ڏٺي

گهر جي دالان ۾ جهرڪڙي جهرڪڙي!

*

 

هيو ڏاڏيءَ جي ٻانهن ۾ ئي سونُو

چمڪ نيڻن ۾، مٺڙي مرڪ منهن تي

ڏٺو ور ور ڪري ڏاڏيءَ ٿي ڏانهنس

ڏٺائين گود ۾ شايد ٿي پٽ کي!

*

 

جئَن گهڙيس گهر ته پٽ جي دانهن ڏنئه:

”هر گهڙيءَ ٿو وڙهيم جِن بڻي.“

مون وڌي کيس جيئن جهليو ڪن کان

چيو توئي ”ٺهيو، ڇڏيوس کڻي.“!

*

 

ڪنهن ڏنس پٽ جي شرارت جي شڪايت اڄ جئَن

جهٽ سڏي هن کي سندس سامهون ڏنائين ڌمڪي

۽ چيائينس کلي: ”ائن نه ڪبو آ ڏاها...“

ٿي لڳو، ماءُ کي ناراض ٿي پڻ ٿِي ٿي خوشي!

*

 

تنگ ٿي نيٺ چيس ماءُ ته وڃ، نڪري وڃ

گهر ڇڏي نيٺ هلي ڪئَن نه ويو آڪڙ مان

موٽندي بند ڏسي در اچي سڏڪن ۾ پيو

روئي روئي پئَي سڏيائينس ته در کول اَمان!

*

 

ڪالهه تائين ٻچن کي کارائي

خوش هئي، تن ڪيو هيس گهيرو

اڄ ڇو جهرڪي اداس ويٺي آهه

آهه خالي ڇا اُن جو آکيرو؟

*

 

ڪيترا ڏينهن پيڙَ ٻار سٺي

رات ئي هو سمهڻ جي لاءِ ستو

شانت چهرو، سڊول سهڻو بدن

باهه! شايد تو دونهين ۾ نه ڏٺو!

*

 

ٻار جو ضد نه هو نه کيٽو هو

گهر ۾ ڪيڏي نه ماٺ ماٺ هئي،

پنهنجي مايوس مرد ڏانهن ڏسي

روئي ويٺي ڇو هاءِ ماءُ مُٺي؟

*

 

اي سکي، ڇا پئي اِئين سوچين؟

روئي ويٺي ٻڌڻ سان ماءُ مُٺي

”هاڻ ڪنهن جي لاءِ ڀيڻ! سوچينديس؟“

هي ٻڌي خود سکي به روئي اُٿي!

*

 

وئين، پاڻ سان حيات جي وئين روشني کڻي

آئي مٿان ٻي آهه اِجها مند مينهن جي

ڪيڏا نه آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙيا

بينوُر رات، روشني ڌنڌلي ٿي ڏينهن جي!

*

 

ڀر منجهان خوشبو ته آئي پئي، مگر

پوءِ ڀي خود گل نظر آيو نه پئي

تنهنجي گڏجڻ جي خوشي محسوس ٿي!

شيام، ليڪن تون هئَين مون وٽ ڪٿي!

*

 

اَسُوءَ جي ٽپهري، ڪري ڪانءُ ڪان ڪان

ڦٽاڪن جلائڻ ۾ ڪي ٻار پورا

دسهڙو ٿي گذريو، ڏياري به ايندي

جليا پئَي اُجالي جا سپنا اَڌورا!

*

 

ڦول ئي ڦول هوا ۾ خوشبو

ڀر وٺي خلق به پئي آئي وئي

بس ويو رنگ نظاري جو ڦري

اوچتو ڌوُڙ اڏي اک ۾ پئي!

*

 

اڳ به ائين هو، هاڻ به آهي، هن کان پوءِ به ائين ئي

ڏينهن ۽ راتيون وارو وٺندا، مندون ڦرنديون رهنديون

هي ڄاتم ٿي پر جو ڄاڻي ڀي نه ڪڏهن مون ڄاتو

ڪنهن جي لاءِ اَلا هئَن دل ۽ اکڙيون سڪنديون رهنديون!

*

 

پر سال کان وڌيڪ ٿڌيون هيل ٿيون مگر

آهي نه انتظار تڏهن ڀي بهار جو

اڄ زندگي ڪِ نقش ڪو ديوار تي چٽيل

گل جو نه ڪو هڳاءُ نه ڪو درد خار جو!

*

 

چيٽ جو صبح ڇانيل هئَو باغ تي

بس گهمي بينچ هڪڙي تي ويٺس اچي

ڪا مٺي ياد مون ساڻ اوري هيئَه

ويٺي ويٺي پئَي ياد اُن ياد جي!

*

 

سوچ ۾ رات وهاڻي منهنجي

سوچ کي صبح وئي ننڊ کڄي

باک ڦٽندي ئي ٿڌي هير گهلي

رنگ خوشبو جا اُٿيا گهنڊ وڄي!

*

 

سارون اڳوڻن ڏهاڙن جون سارون

دل کي انهن ڀرم ۾ بس ڀلايو

ڪمري ۾ ويهي اڪيلو لڳم پئي

ڄڻ ٻاهران هن جو آواز آيو!

*

 

گل تي ڀونري گونجاريو

ڪويل ڪوڪي انبن مان

هڪ ۾ مستي ٻئي ۾ پيڙ

ٿيو ڀلا ائن سو ڇا کان؟

*

 

رنگ ڪٿي اڄ ننڍپڻ وارا؟

شانت سڀاءُ نماڻي نُوري!

ڦول سفيد، گلابي مکڙي

جوهيءَ جهڙي منهنجي حُوري.

*

 

چهرو گنڀير، موهه نيڻن ۾

وار روپا سندس اَڇو پهراءُ

پنهنجي ننهن سان ڪيائين ڳالهيون پئَي

شيام رابيل جو هوا ۾ هُڳاءُ!

*

 

وهنجي سهنجي ور وٽ آئي سنڌر ساڻ کڻي

تلڪ ڏياري سينڌ ڀرائي ٻهڪي پئي ٻهه ٻهه

ور ورجايس هيڏي ٿي پڻ تلڪ ڏيارين هيئن...

هٿ پڪڙي آهستي چيائين: ”تنهنجي سالگرهه!“

*

 

صبح ويندس، چيم ته ڇو نه هينئر

اچان تنهنجي ڪري سلامي ڀي

مان سڏيان ئي سڏيان اڳي تنهن کان

تنهنجي کڙڪي وئي وسامي ڀي!

*

 

مڃين ها، کن وهين ها ٻي به، ڇا ٿئي ها

مگر پنهنجيءَ تي، صد ڪيڏو ٻڌي بيٺينءَ

چيئَه: ”هاڻي وڃان ٿو“، بس اٿئين هڪدم

وڃين در مان دريءَ تي هئَن اچي بيٺين!

*

 

ڄڻ رُسي تو چيو: ڇڏيو به کڻي؛

مون چيو: ضد ڇڏيو، کڻي پرچو.

منهنجي چرچي کي سمجهيو ساڀيان تو

تنهنجي ساڀيان مون کي لڳي چرچو!

*

 

پڪ سڀان نه ته پرينهن گڏباسين

وئين چوندو بنا نهارڻ جي

چنڊ چوڏس جو اُڀ ۾ بيٺو هو

ڪيڏو ننڍڙو لڳو ڏسڻ ۾ ٿي!

*

 

توکي ڀانيم ٿي اهو ڄاتم ٿي، پر

ڇوٿي ڀانيم هي نه ڳجهه سمجهي سگهيس

تو ۾ ڪجهه هو جو پسند آيم نه ٿي

اڄ ٿو سوچيان ۽ نه ڪجهه سمجهي سگهيس!

*

 

مان ته پيريءَ سان ئي هم آغوش هوس

اک ۾ نکريو روپ جوڀن جو ڪٿان!

بس سريو سنتوش، بيچئَني لٿي

تن ۽ من ٻيئَي ٽڙي پيا ڦول جان!

*

 

تو نهاريو مون نهاريو ڪالهه ائن ملندي لڳم

هيءَ ڪشش آهي اڳوڻي جنم جي ئي پيار جي

موڪلائيندي چيو اڄ تو پڪي وشواس سان:

هي اسانجو پيار رهندو هن حياتيءَ بعد ڀي!

*

 

ڏٺو جيسين نه هو تيسين ڏسڻ لئه نيڻ آتا ها

ڏسڻ کان پوءِ بڻايو گهيرو ٻانهن هن کي پائڻ لئه،

ڪٿي پوري ٿي دل هن کي جهلي ٻانهن جي گهيري ۾

سڄي ڪايا لڇي پئي، پاڻ ۾ هن کي سمائڻ لئه!

*

 

روپ تنهنجو اٿم اکين ۾ پرين!

ڪن ۾ تنهنجون اٿم مٺيون ڀڻڪُون

دل به تنهنجي اٿم جڙيل دل سان

ڪِي اڃا؟ سو ته پاڻ ئي ڏس تون!

*

 

”تون ته ڪاوڙ ڪڏهن ڪندو ناهين

اڄ ڇو تنهنجون ڏسان ٿي لال اکيون؟“

مون ته توکي چيو نه لفظ تکو

تنهنجون آهن سچي ڪمال اکيون!

*

 

سڀيئي ڀاتي اڃا تائين گهيري ويٺا کيس

هئي ته شام جو موٽي ڪنوار پيڪن مان

ڏسي، خفا ٿي چيو نيٺ مڙس آهستي:

”مٿي ۾ سور اٿم، چاءِ ڏيو ته پي ليٽان!“

*

 

نه ڳالهائين نه ويجهو ئي اچين ٿي

نهارين ٿي نه هونءَ وانگر کلين ٿي

چوان ڪئَن تون رٺي آهين جو ڀيڻين

اُٿي کلندي وئي، چؤ ڇا چوين ٿي؟

*

 

نه چنڊ ڏانهن نهارين نه آرسيءَ ۾ ڏسين

ڪنائين لات نه ڪويل جي، ماٺ ماٺ رهين

مگر ڪو پاڇو چري ٿو هوا جي جهوٽي سان

ته سيسراٽ ڀرين، دل ئي دل ۾ سُور سهسين!

*

 

ڪيڏو اکين ۾ پيار ڀري آئين مينڌرا

ڀاڪر ۾ تنهنجي، سڌ نه مون کي جيءَ جي رهي

هاڻي ڇڏي وئين ڇو نه مومل ۾ تنهنجي لاءِ

هڪ پريتما نه پر رڳو هڪ زال ئي رهي!

*

 

مومل مومل جي نه هجي ها

ڪاڪ جي هاڪ نه ايڏي ٿئي ها

جي راڻو به هجي ها راڻو

مومل ڇو هئَن ڏاگهه چڙهي ها؟

*

 

مورکن جان ڪرين ڪڏهن ڳالهيون

ٻول ٻولين ڪڏهن ته ڏاهن جان

علم جي روشني ڪري حاصل

سرس ڇا ۾ تون کڙکٻيتن کان!

*

 

ڪؤنروءَ گلي ۾ ٻانهن وجهي پاڻ ڏي ڇڪي

بس اڌ کليل چپن جون مٺيون دعوتون ڏنيون

جهڪندي ئي ڀرجي آيون چنيسر جون ڇو اکيون

ڪؤنروءَ جون هاءِ جن جي ڇلڻ سان اکيون ڀنيون؟

*

 

اڃا به ياد اٿم تنهنجو انتظار، مٺي!

پٺيءَ جي ٽيڪ ڏئي در تي جئَن هئينءَ بيٺي

لڏيئَه ٿي وار ۽ آڱر تي چڳ هيئَه ويڙهي

جهڪيهءِ اکيون ۽ کليئِه چپ پريان ئي مون کي ڏسي!

*

 

هوڏ ڪري پئَي ڇانگوُن ميڙيم ڪنڊو لڳي ويم

جهٽ پٽ ڊوڙي اندر ويئي آئي سئي کڻي

منهنجي هٿ مان ڪنڊو ڪڍندي هن کي سئي چڀي

اک ۾ ڳوڙها، مرڪ به منهن تي ڪيڏو نه پئَي وڻي!

*

 

پاڻ وٺي آئينم ڏسڻ لاءِ،

تون ئي هليو وئين ڇوهو ڇوهو!

دلڪش ناچ جون مُدرائون، اُف

پر پٿر ننگو ننگو هو!

*

 

ڪونه ٿيندءِ اَمر اِئين نالو

جي لکيئَه ڀي ٻه ٽي ڪتاب نوان

ڳول تارو هجي جو اڻ ڄاتل

ڇو ته سڏبو سو تنهنجي نالي سان!

*

 

زندگي معنا جيئَڻ، جئَري ته جيءُ

ان جي ٻي معنا نه ويهي ڳول ڪا

اُٿ ته جاڳايون انهن مُردن کي پڻ

جن جي پڪ ناهي ته ڪو آهن مئا!

*

 

لٿو سج، سنجها ٿي مٿان رات آئي

ڀني رات، منهن مير ٿي، سج به اُڀريو

اِئين موقعي لاءِ نهاري نهاري

گهڻو وقت گذريو؟ گهڻو وقت گذريو!

*

 

پنهنجي شعرن کي سڏيندو هو مٽيءَ جا ڍير شيام

پر انهن مان جنهن ڪڍي ٺڪريون ڪيون ويهي ڪٺيون

آهه حيرت پاڻ ۾ جوڙي رکڻ سان تن منجهان

ڪيتريون جوڙي وتيون تنهن خوبصورت مُورتيون!

*

 

چونڊي کنيو ڪتاب مون ڪيڏي نه شوق مان

ويٺيس دريءَ اڳيان ئي، پڙهڻ لاءِ ٺهي ٺڪي

پوءِ ڇا ٿيو ڪتاب کي، سڌ ناهه ڪا مون کي

پٽ تي پيو هو، مون جو دريءَ مان ڏٺو جهُڪي!

*

 

رنگ برنگي هي تصويرون جن ۾ سهڻيون عورتون

هر ڀت، ڇت، پٽ تن سان چمڪي، آهي ڪنهنجي جهوپڙي؟

اندر اهڙين تصويرن تي ليٽيل ڪوئي فقير هو

بابا، هي ڇا آهه؟ چيائين: جنت پنهنجي جهوپڙي!

*

 

[1] کاهيءَ ۾ سا مسيت وڏيري جي گهر اڳيان

ملا جي ٻانگ پنج لڱا روز مون ٻڌي،

ڪنهن ٻئي کي ڳوٺ مان اُٿي ويندو ڏٺم نه، ته به

ضامن سڀن جي لاءِ دلي ايمان جي هئي!

*

 

هُو اسانجي ڳوٺ جو المست مولائي فقير

ڪنهن کي ڏسندو ڪجهه ڪندو چوندس ته ريڌو رهه اِئين،

ماڻ ماڻڻ لاءِ ڏنو جيڪو اٿيئي جڳ ڌڻيءَ

جيڪي ڏيکاريئي ڏس، خوش ٿيءُ، ڀلو، جيسين جئين!

*

 

اَڻ لتاڙيل ئي سا ته واٽ هئي

گاهه ڪيڏو نه آسپاس هيو

جئَن لنگهيس اک وڃي گلن تي پئَي

پوءِ به من ڇو ٿيو اداس هيو؟

*

 

گل ڪڍي پڻ سگهياسين ڪين لڏي

ڪانه خوشبو ڏني ڪڏهن به اسان

۽ نه ڪنهن تي ڪئيسين ڇانؤ ڪڏهن

ٺوٺ پنهنجو وجود ٿوهر جان!

*

 

ڪنهن جو ريڊيو کليل هو پاڙي ۾

آيو آواز بنسريءَ جو پئَي

تنهنجي هٿ ۾ کليل هئي گيتا

شيام، ريڊيو مگر ٻڌو پئي!

*

 

ٻن هٿن ۾ ته ٻن چپن تي ڪڏهن

بنسري هڪ ڏسڻ ۾ آئي پئَي

نظر آيو نه ٿي مگر ڪوئي

ڪنهن اِئين بنسري وڄائي پئي؟

*

 

دوست، هر لفظ کي پنهنجي معنا هئي

پر به جنهن ڍنگ سان ڳالهه تو پئي ڪئي

اِئن به سمجهي سگهيو هوس اڳ ۾ ڪڏهن

سچ، وئين تون ته معنا کي معنا ڏئي!

*

 

شعر توسان رهاڻيون ڪندا قرب سان

مان نه هوندس ته ڇا ٿي پيو، اي پرين

آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي

شعر جي زندگي سج سنئين نت نئين!

*


[1]  کاهي: نارايڻ شيام جي جنم ڀومي. هيءُ ڳوٺ حيدرآباد کان سکر طرف ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي، نوشهروفيروز کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org