سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :6

 

* گهڙو ڀڳو ته ڇاهي

 

گهڙو ته آخر هرڪو ڀڄندو!

 

سٺا ڪِي سادا گهڙا گهڻيئَي

هڪ هڪ ٿي بس ڀڳا سڀيئِي

بچيو ڀڄڻ کان ڪونه اڳي ڪو

۽ نه ڀڄڻ کان هاڻي بچندو،

گهڙو ته آخر هر ڪو ڀڄندو!

 

اُس ۾ جرڪي نير نديءَ جو

ڄڻڪ گهڙي ۾ نُور پوي ٿو،

تون به اَچي ڀَرِ، ڀڳو ته ڇاهي

روشن لهرن ساڻ ته لڳندو!

گهڙو ته آخر هرڪو ڀڄندو!

 

* سار

 

مڌ ڪوش ۾ سمائِي سا مستيءَ ڀري مهڪ

جيڪا بهار ۾،

ماڻڪ ۾ ئي سمائي سموري چمڪ دمڪ

جا ڪوهسار ۾،

موتيءَ ۾ ئي سمائي سڄي جوت ۽ جهلڪ

جيڪا منار ۾،

 

مستيءَ ڀري مهڪ

ساري چمڪ دمڪ

سڀ جوت ۽ جهلڪ

انهيءَ کان به سرس ڪِي

ٻن مرڪندڙ نفيس چپن ۾ ويمُ مِلي!

دنيا کان جو ملي نه ها ساري ڄمار ۾

اي روپ لڪشمي، تو ڏنو هڪ نهار ۾!

 

* مڌر هيڪاند

 

ملائي ڳل اسين بيٺا هئَاسين آرسيءَ آڏو!

خوشي دل ۾، چپن تي مرڪ، نازڪ نينهن نيڻن ۾،

ڏٺوسين آرسيءَ ۾ پئي، اسان جو عڪس روشن هو!

 

مون سوچيو پئي ته سا ڪيڏي نه هوندي پريم جي مستي

اَنوپم روپ ڌاري اَرڌناريشور جو شو شڪتي

مڌر هيڪاند جو آنند تن اَنڀؤ ڪيو هوندو!

 

* سنجوڳ

 

پريه ساجن! يا هئَين هڪ خواب تون

جو وڃايو هوم ڪاري رات ۾،

يا ڪا ڌنڌلي آرزو بيتاب تون

جي ڪنبيِ پئَي چمڪندڙ پرڀات ۾.

 

اڄ سچو سپنو ٿي آئين روبرو

اچ ته ڳر لائي ڏيان توکي مٺي،

توکي پاتم منهنجي روشن آرزو!

ڪنهن نه تو جهڙي مڻيا سج ۾ ڏٺي.


 

 * دل جو وشواس

 

مڌ ڀريل نيڻن سان پنهنجي تون پيار

مان به پنهنجي پياسي نيڻن سان پيان

پنهنجا چپ هيڪر چپن منهنجن تي آڻ

پوءِ ڏس امرت به جي ڀلجي گهران

آهه دل پياسي نه ڪر پياسي نراس!

 

تنهنجي لاءِ آندا اَٿم هي گل ٻه چار

دل جو ڏس وشواس جنهن سان ٿو ڏيان

پراڻ پائيندا جي کڻندينءَ واس ڪاڻ

کين اِئن سُرهو ڪندينءَ سچ ٿو چوان

۽ منجهن رهندو ته رهندو تنهنجو واس!


 

* اُهي اکيون

 

شيام، منهنجي روبرو

مون ۽ مکڙين جي وچان

شاعريءَ ڄي آرزو

سونهن، ڪومل ڀاوَ جان

ٻاهران ڪلهه باغ جي

مُرڪندي ويئَي لنگهي!

 

اوچتو اڄ گهر وٽان

کيس ويندو مون ڏٺو

ڪئَن نه هڪ ئي گهُور سان

دل کي هن گهائي وڌو

ڇا ته سي سهڻيون اکيون

جن کي ڳولن ٿيون اکيون!

 

* ناز

 

سونهن تان صدقي وڃان

ان ناز تان صدقي وڃان!

 

روپ راڻي اڄ اڱڻ مان گل ڇني آئي کڻي

آرسيءَ آڏو بيهي ان گل کي چوٽي ۾ هڻي

جهٽ لڳي مون کان پڇڻ:

چؤ ڪير گل؟ هيءُ ڪِينَ مان؟

ان سونهن تان صدقي وڃان!

 

مون چيو گل آهه گل... ان تي اچي ائَن ڪاوڙي

گل ڪڍي چوٽي منجهان ۽ مهٽي هڪ هڪ پنکڙي

جهٽ لڳي مون کي چوڻ:

هان! مان ٿي وارن ۾ رکان!

ان ناز تان صدقي وڃان!

 

 

* بي فڪري

 

ڀل ڇڏايو هن اُهو گهر ساهه سيباڻو، جتي

ڪلپنا چندن جي دُونهين جا مٿي چڙهندي رهي

ڇا ٿيو جي پيڪو گهر اڄ ناهه منهنجو گهر، جتي

ماءُ جي پاڇي ۾ گهاريم پنهنجي البيلي وهي!

 

زندگي منهنجي سندس ٻانهُنِ ۾ سوگهي آ جهليل

وقت جون لاهيون ۽ چاڙهيون جي بڻيون اوکيون ته ڇا

هٿ جهلي هڪ ٻئي جو قابو ڌيرج ۽ وشواس سان

همقدم بڻجي پهاڙي پنڌ پنهنجا جهاڳيا!

 

پوهه آهي، چيٽ آهي، ڇاهي؟ مون کي سڌ نه ڪا

سيءَ جو، سرهاڻ جو ناهي مون کي احساس ڪو

هن جي نازڪ دل سان هم آغوش آهي منهنجي دل

ڌار هن جي سواس کان آهي نه منهنجو سواس ڪو!

 

 

  * زال اڳي پوءِ زال

 

پيڪي ويئي پياري سونهن، سونهن نجوئي نينهن،

رس چس واري ناهه ورونهن، ڇا ته وڌِي پيو ڏينهن!

 

چهرو سج جان پيو ٻهڪيس، مشڪي منهن تي چيٽ،

جسم گلن جان پيو مهڪيس، چيٽ ۾ مهڪي کيٽ!

 

سونهن الولڪ ۽ ٻي لوڏ نيڻ حيا کان هيٺ،

ديوي! ڪيان ڪئَن توسان ڪوڏ، ماڻهو آهيان نيٺ!

 

شڪجي جيئَن وڌائين ٻانهن، لڄ کان مکڙو لال،

چوريءَ ڪئَن نه ڏسين مون ڏانهن... زال اڳي پوءِ زال!


* ڪمل ۽ ڪماري

 

ڏس ڪمل کي آب ۾

جنهنڪري بکي هي آب

ڏس شگفتہ هر ورق

ان جو آهه عطر بيز!

 

حسن ڏس شباب ۾

جنهنڪري بکي شباب

هر ادا سندس بحق

شيام آهه نغمہ ريز!

 

* سامهون جو ٽڙيو گل هو

 

ڀاڪر ۾ مون کي گهيري

وچ ۾ نه رکي ويڇو

مشڪيائين، ڏٺائين پَئي،

ڳالهيون به ڪيائين پئَي،

دلداري ڏنائين پَئي،

سامهون جو ٽڙيو گل هو!

 

* توکي سمجهي نه سگهيس

 

ڪڏهن ڀي ڪين پُوري ريت مان سمجهي سگهيس توکي!

 

ڏسي ڏوران ئي مقناطيس وانگر بس ڇڪين مون کي

وڌي جئَن مان اچان ويجهو ڇهڻ ئي ڪين ڏين مون کي!

 

چوين ڪڏهين ته مان آهيان فقط تنهنجي فقط تنهنجي

چوين ڪڏهين ته آهي ڇا، ڇڏيندين ڀي پچر منهنجي؟

 

خوشيءَ ۾ جي ڏسين مون کي ته چيڙائي رئارين تون

ڏکارو جو ڏسين مون کي کلائين دل ڌُتارين تون!

 

بتي ٻاريان اکيون پُوري چوين: مون کي نه ٿي گهرجي

وسايان سا ته جهڻڪين: ڪئَن ٿي اُونداهي وڻي توکي!

 

اڳيان وڌندو وڃان تڪڙو چوين: منزل اچي ويئي

اڃا بيهان چوين: ٿورو ئي باقي پنڌ آهيئَي!

 

ڪڏهن ڀي ڪين پوريءَ ريت مان سمجهي سگهيس توکي!

 

* سو رُئڻ

 

شيام، ايندڙ چيٽ جي درين منجهان

ٻهڪندو ٿو کيت جيوت جو ڏسان

ڇا نه هن موسم جو آهي رنگ رُوپ

پوهه جا پارا وساري ٿو وهان!

 

ڪرشڻ پک ۾ چيٽ جي شڀ راتڙي

ڏائي پاسي ۾ سمهيل مدرا کشي

پريم ٻج ۾ جا ڪلِي ننڊاکڙي

ڌيري جاڳائي رهي ان کي مٺي!

 

پوهه جي هڪ سرد ڪاري رات جو

وقت هوندو منهنجي لاءِ فڪرات جو

بس ٻڌڻ ۾ ايندو چنتائن ڪندي

اوچتو ڪنهنجو رئڻ پرڀات جو!

 

سو رئڻ، جو رنج ۾ راحت ڏئي

ڍرڪندڙ هن جيءَ کي جيوت ڏئي

پنهنجي هستي ساڻ هن سنسار ۾

منهنجي هستيءَ کي سچي عظمت ڏئي!

 

* اوسيڙو

 

شام جي وعدي ڪرڻ وارا آءُ

ٿا ٻڏن هڪ ٻئَي پٺيان تارا، آءُ

ڇاتي ڌڙڪي ٿي الائي ڇا کان

ٿو هينيون هاڻ ٻڏي پيارا آءُ!

 

ڇا لهي دل تان وئي ڳالهه اَٿس؟

ڪنهن ته اهڙي نه چئي ڳالهه اَٿس؟

مان نه ڄاڻان ته نه آيو ڇا کان،

ياد شايد نه پئي ڳالهه اَٿس!

 

بس اجهو ڄاڻ اجهو باک ڦٽي

هن جي وعدي تي ڏئي سج نه کلي،

پهر پوئين جا تون ئي چنڊ! چوينس

رات باقي رهي آهي ڪا گهڙي!

 

هن بنا رات اِئين خام وئي

آس پڻ هاءِ، ٿي ناڪام وئي،

باک ڦٽندي ئي لڙي لڙڪ پيا

آس پوئين به ٻڏي شيام وئي!

 

* ڇا وري ڪڏهن به نه؟

 

اِئين ئي ديواَر تي رکئَي، هاءِ

چنگ کي هاڻ زنگ لڳندي،

۽ منهنجي گهر ۾ اها لڳاتار ماٺ رهندي؟

۽ هڪ وهاڻي تي ليٽندي، نيٺ

وار منهنجا سفيد ٿيندا؟

۽ شمع هڪڙيءَ جي ئي اُجالي ۾

سونهن منهنجي ٿي ويندي ڌنڌلي؟

ڪڏهن به هن بعد، ڪانڌ! منهنجي

اڱڻ ۾ ڪرهو اچي ته ٻَڌندين؟

 

* در کليو پيو هوندو

 

عمر! مون لاءِ ور جو گهر ٿيو ماکيءَ جو مانارو

ڪڙا ڪل عيش ڪوٽن جا، مٺو مون لاءِ گهر منهنجو!

 

وڇائي ريشمي چادر پٿاري پنکڙيون گل جون،

سمهان ڪئَن سيج تي، جڏهين سمهي واريءَ تي ور منهنجو!

 

وسيل ڪڪرن جيان، ڇيليون ۽ ٻڪريون ڊوڙنديون هونديون

سويرو جهنڊ ساهيڙين جو هوندو منتظر منهنجو!

 

ترائيءَ جي ڪنڌيءَ ٿوهر، ڪجاوا ايئَن ڏاچين تي،

ڪڏهن ٿيندو مٿن ڏهرن مان ور سان گڏ سفر منهنجو؟

 

ڀريم پَئي ڀرت پنهنجي ڪنجريءَ تي سٽ ۽ ڪاوَن سان،

سڏيندو پوٽلو هوندو، سئَي، ڌاڳو ۽ ڏر منهنجو!

 

سهيلين جي سڏن تي تڙ تڪڙ ۾ ئي اُٿي نڪتس،

ڪڙو پڻ مون ڪٿي پاتو، کليل هوندو سو در منهنجو!

 

ڪنڊيون ڪرڙيون ڇا چونديون من ئي من هونديون، لڄي هونديون

اُهي راهون، جتان هر روز هوندو هو گذر منهنجو!

 

* سکيون آيون اکيون ڀري

 

جوڀن جي بار هيٺ هلي جئَن ڪا سندري

مڌبن ۾ هير صبح جو ڌيري گهلڻ لڳي،

جمنا ڪناري شيام وڄائي ٿي بنسري

هر لهر ۾ امنگ جي گنگا ڇُلڻ لڳي!

 

ڇا نار ڇا خمار، سندس هر نهار ۾

گهنشيام جا هي نيڻ نشيلا ڪ پوئين رات!

سپنن جي سونهن، سانت، چڙهاؤ ۽ اُتار ۾

آلاپ بنسري جا رسيلا ڪ پوئين رات!

 

سنگيت، سونهن، جل جي، ترويڻي پئي وهي

گهاگهر ڀرڻ سکيون ويون، آيون اکيون ڀري،

جي ۽ ڪنهن کي نه جهان جي سڌ ٻڌ ذرا رهي

ورنن انوپ ڀاؤ جو، چؤ ڪير ڪئَن ڪري؟

 

* شرد پونم

 

سهائي شرد پونم آهه ۽ جمنا ڪنار آهي!

هوا متوالي ڪئَن هلندي ٿي ڪک پن تان به ٿاٻڙجي

ڀلا مڌبن ۾ ڪو آيو نه جنهن کي ٿيو خمار آهي؟

 

گگن مان چنڊ اُڇلي روپي لُڪڙي کيس آ پاتي

بکي ٻهه ٻهه پئي جمنا جي ڪومل نيلمي ڇاتي،

سٻاجهي سانوريءَ سان چنڊ جو ڪيڏو نه پيار آهي!

 

هوا جي جهوٽي جهوٽي تي چڙهيو سرهاڻ جو جادو

گلن ٻوٽن جي رنگن کي لڳو چانڊاڻ جو جادو

اکين تي ڪئَن نه ڇانيو ننڊ ۽ نيراڻ جو جادو

نظارو اڄ ته چانڊوڪيءَ جو ڪيڏو دل ڌتار آهي!

 

اچانڪ ڪونج بن مان ڪن پوي آلاپ بنسيءَ جو

فضا ۾ رات جي سو پيار جو آلاپ گونجي ٿو

انهيءَ آلاپ ۾ آهي اچڻ جي لاءِ سنديشو

سڻي ساجن جو سڏ آهي ڪا، جنهن کي گهر مٺو لڳندو؟

هتي ڪهڙو قرار ايندو، هُتي دل جو قرار آهي!

 

* ائين ڇو؟

 

مون کان به لڪائين ٿي؟

دل ۾ ڪيِ اَوس اَٿئي

ڇو ڪين ٻڌائين ٿي؟

 

ڪِٿ مرڪ مٺي تنهنجي؟

اڳ هئَن ته نه ويڳاڻي

مون شڪل ڏٺي تنهنجي!

 

لڄ ۾ ڇو لڪين پيئَي؟

هنجُون ڇو ائين هارين

ڪنهن لاءِ ته سڪين پيئي؟

 

ڀڻ ڀڻ هي سنهي تنهنجي

 ڪَنَ ڪِينَ کڻي ٻڌندا

پر دل ته ٻڌي وٺندي!

 

* اچرج

 

جهرمر تارن جي ڇايا ۾

هڪ مکڙي جيون پائي ٿي

وڻ جي بي ترتيب پنن جي

کڙ کڙ ان کي هيسائي ٿي

سنهڙا ڪنڊا اُڀري چڀنس

جي لڄ کان سر نئَڙائي ٿي

چپ چپ تارن ڏانهن تڪيندي

سُور سڀيئي سهسائي ٿي

تنهن هوندي ڀي اچرج آهي

صبح ٿيڻ تي مسڪائي ٿي!

 

 

* آرسيءَ سامهون

 

ملائي ڳل اسين بيٺاهئاسين آرسيءَ سامهون...

هئي پاڇن لڙي جي مهل، اُڀ ۾ سج به چمڪيو پئي،

خوشي دل ۾، چپن تي مُرڪ، گهرو نينهن نيڻن ۾

ڏٺوسين آرسيءَ ۾ پئي، اسانجو عڪس ٻهڪيو پئي!

 

ملائي ڳل اسين بيٺا هُئاسين آرسيءَ سامهون...

اکين ۾ پيار جي پهرين ڏهاڙن جي چمڪ آئي،

لٿو هو يا چڙهيو هو سج سمڪ ڪائي نه ٿي پيئي

هئي نظر ۾ جوڀن جي اڄاڻائي ۾ اُوڻائي!

 

ملائي ڳل اسين بيٺا هئاسين آرسيءَ سامهون...

نظر عڪس تان اُڏندي وقت جي اُن ماڳ تي ويئي

جتي ايندڙ سڀان جي صبح جو پرڪاش سونهري

ائين ڦهليو، اسان جي شام سوني شام ٿي پيئَي!


 

 

* رات جي انڌيري ۾

 

رات جي انڌيري ۾ ڪير پيو تڪي مون کي؟

چمڪندڙ نگاهن سان

ڪوته ٿو تڪي مون کي!

 

رات جي انڌيري ۾ ڪير پيو سڏي مون کي؟

بار بار دُوريءَ تان

ڪوته ٿو سڏي مون کي!

 

رات جي انڌيري ۾ ڪير پيو ڇڪي مون کي؟

پاڻ ڏانهن حجت مان

ڪوته ٿو ڇڪي مون کي!

 

رات جي انڌيري ۾ ڪير پيو ڇڪي مون کي؟

ڪنهن پراڻي واقف جان

ڪوته ٿو پڇي مون کي!

رات جي انڌيري ۾ ڪير پيو ڇڪي مون کي؟

ڪير پيو ڇڪي مون کي!

ڪير پيو سڏي مون کي!

ڪير پيو تڪي مون کي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org