آئنده جون اُميدون گهڻيون، خواب گهڻا
ناخرچ ٿيل عيش جا اسباب گهڻا
دردن سان ۽ لڙڪن سان هنئر دل ۽ نيڻ
غدار ٿيڻ ليءِ ٿيندا بيتاب گهڻا!
*
ڏس راهه وٺي ڪنهنجي هلي آهي دل
ڪئن چئجي ته ڇا دل ۾ سٽي آهي دل!
هڪ آس تي ٻي آس اُڀاري هردم
ڇا ڪار نه ٻي ڪابه ڪندي آهي دل؟
*
آهيس جي دل، غريب پڻ آه غني
دل ساڻ برابري نه ڪن دُر عدني!
ڇا فائدو ڏينم ٿو گهُر لعل هزار
گوهر شڪني نه پر ڪيءِ دل شڪني!
*
ٿيو ساهه سنئون جيءَ جو جيارو ڀارت!
ڇا ساهه سنئون؟ ان کان به پيارو ڀارت!
قسمت تي سندس ڇانيون گهٽائون ڪاريون
تڏهين به اکين جو آهه تارو ڀارت!
*
اي هند، نصيباً ائين الله ڪري
جو تنهنجو وري ڀاڳ، ٿئي رنج پري
شاعر جي تصور ۾ ٽڙن جي گل ٿا
تن ساڻ ڌڻي شال سندءِ جهول ڀري!
*
پوپٽ نه رڱيا پاپ ۾ هٿ پنهنجا ٻئي!
ڇا ڪار - منهائي نه هئي ڀؤنر ڪئي؟
مکڙين جي وئي باغ ۾ عصمت لٽجي!
پاڙوسي ها، پاڙي جي نه لڄ جن کي پئي!
*
گهر منهنجو اُهو، هاءِ، اهو منهنجو اَڱڻ
ننڍو ڇا وڏو، خوش هو منجهس سيڻ سڄڻ
ساڀيا کان، گُڏين جي هو حياتي ۾ مزو
افسوس زمانو سو گهُران موٽي ڏسڻ!
*
بي سمجهه مگر سُکِي وَهِي طِفلاني
جئن عمر وڌِي، وڌي هُو سرگرداني،
پيريءَ جي ڪريان نثار دانائي، شيام
ٻاراڻي ملي سگهيم جي ناداني!
*
افسوس جواني ۾ زمانو اُهو، آهه!
پيري جي مصيبت کان نه هي دل آگاهه!
ماڻڻ جي ڪري عيش مسرت نه گهٽيا
اُميد نه ٿي عمر سبب ڪجهه ڪوتاهه!
*
آداب! شراب جي او خالي مينا
آداب! چنيسر جي وڇوڙيل ليلا!
سو رنگ ڪٿي، راڳ ڪٿي، ناچ ڪٿي
رونق نه رهي تنهنجي حياتي ۾ ڪا!
*
ڪنهن لاءِ هندورو ٿي لڏي لام پئي؟
ڇا ڪنهن جي مٺي ننڊ ڦٽي شيام پئي؟
ها، سک ٿي سمهي لاڏلي گلشن جي نه ٿي
هو ننڊ ڦٽل ڏس ته ڪلي ڪام پئي!
*
پاڻي ۾ رهي ڪين مٽي جن جي اُڃ
هرطرف اُنهن واسطي ٿي گويا سڃ
هڪ جلوي کي، ٻي بوند سوائي کي سڪي
اک لاءِ ۽ سپ لاءِ ٿيو آب به رڃ!
*
لولي ٿي ڏئي ماءُ، روئي پوءِ به ٻار
شرنايون وڄن ڄڃ جون ۽ روئي ڪنوار!
اي شيام، اهي لڙڪ سڪي ويندا سگهو
اکڙين جي اڳيان ڄاڻ کليو سپُن - دوار!
*
ڪجهه چاهين ڏسڻ، ڏس وڃي اڄ شيام جو گهر
فردوس نشان، عيش ۽ آرام جو گهر!
ڀر نهر جي، مي، نغمه، مغني، ساقي
[1]
گهر شيام جو هي آهه ڪ خيام جو گهر!
*
ڪر تور ڀلي ماڪ ڦڙن جي اي شيام!
اٿئي جي تري گل جي پنن جي اي شيام!
احساس ڀري دل جي ڪڏهن آهيئي
ڪر پرک ڀلي شعر سخن جي اي شيام!
*
اڌ رات جي چپ چاپ ۾ گهنشيام ڏسو
راڌا جي اچي در جو کڙڪايو ڪڙو!
آواز جو ڏاڍيان ٿي ٻڌڻ ۾ آيو
دهڪو هئو دل جو يا ڪڙي جو کڙڪو؟
*
هڪ رات، ٻي برسات ڀريل، ڇا نه وڃان؟
دم تي نه ڪو ويساهه، پو ڀيرو ڇو ڀڃان؟
اک ساڄي ڦَري پيئي، ڇڪي دل پيئي
مان ڪنهن کي مڃان، هن کي مڃان هُن کي مڃان؟
*
اڄ گهاٽ تي حالت ڪا ٿيئه، ساهيڙي!
گهاگهر ٿي کنيئه، هوش ويئه، ساهيڙي!
گوڏي تي رهي گهاگهر، بيٺينءَ بت ٿي
ڪا ڇانو پيئه، ياد پيئه، ساهيڙي؟
*
ڪٿ وڃبو مرڻ بعد؟ چئي ڪئن سگهجي؟
گڏباسين اُتي يا نه؟ ڏسي ڪير سگهي؟
اِنسان جو وجود آهه مگر جيسين هتي
گڏباسين پيا نرم چپن تي اُن جي!
*
اَلاپ، مڌر تان ۾، اي روپوَتي!
تبديلي ڪيم تنهنجي مٺي سونهن سڄي
سنگيت ۽ جيوَ - ڪنٺ جيسين هوندا
گهٽبي نه سندءِ سونهن رتي، چندر مکي!
*
ڪي گيت مون ايڪانت ۾ ڳايا آهن
ڪي گيت مون دنيا کي ٻڌايا آهن
ميٺاج حياتي جو مگر تن ۾ آهه
جي گيت چپن تي ئي نه آيا آهن!
*
چمڪي سج جي ڪري گگن منڊل ٿو
[2]نرملتا
کان ڪمل جي جرڪي جل ٿو
ڪنهنجي موجودگيءَ جو هي آهه اثر
چمڪي نت چهرو، رهي من نرمل ٿو!
*
چانڊوڪيءَ جي شهر ۾ آيا آهيون
بيخود پوئين پهر ۾ آيا آهيون
گيتن جي دريا جو ڀڳو بند سُڪوت
لڙهندا ليءِ جي لهر ۾ آيا آهيون!
*
چانڊوڪيءَ جو صاف ۽ شفاف تلاءُ
چوطرف ڪمل، هير ۾ ڪملن جو هڳاءُ
لهرن تي لڏي هيج مان ڪن هنس ڪلول
اڄ روح هليو اوهري سنگيت جي نانءُ
*
هن چاهه ڀريل چيٽ جي شادابيءَ ۾
سرهاڻ ڀريءَ رات جي بيخوابيءَ ۾
اي شيام، نگاهن جي دوتاري مان متان
ڪا دانهن نه نڪري وڃي بيتابيءَ ۾!
*
ڇا چنڊ جي نوراني رسيلي چپ چاپ!
مخمور ستارن جي نشيلي چپ چاپ!
اي شيام، اگر تون به هجين ها ڀر ۾
چپ چاپ به ٿئي ها چمڪيلي چپ چاپ!
*
سڀ بند ٿيا دنيا جا ڪم ڪاريون
هيءَ رات سڄي ننڊ بنا ڪئن گهاريون؟
اي دل، باقي پاڻ کي ڪرڻو ڇاهي؟
ويهي ڪنهن کي ساريون، هنجون هاريون!
*
بازاريون سڀ بند، گهٽيون سڀ سنسان
گهر جا ڀاتي ننڊ ۾ بلڪل غلطان
گونگي وانگر چنڊ کڙيو بيٺو آهه
واقع آهي شور ڪ دل جو ئي گمان؟
*
خوشبو جون پياليون پي ٿي مست هوا
چانڊاڻ ۾ گل گل تي بکيا ماڪ ڦڙا
اڌ رات جي خاموش ۽ پرڪيف فضا
اي ڪاش، اتي تون به اچي نڪري ها!
*
سُرهي سُرهي هير، گلن تي چانڊاڻ
شبنم ڀي رنگين، سهائي سرهاڻ
پونهن، پويون پهر، متان چورين چنگ
نيڻين هوندو نير، ڳلن ٿي آلاڻ!
*
هلڪي هلڪي هير ڏکڻ جي آئي
جنهن سؤ سنهڙا تير هڻي دل گهائي
ڀنڀرڪي جي مهل، فضا ڀي ڀاري
ويئي دل جي ڌيرَ، الا، تنهائي!
*
نيڻن ۾ بهار ڇا نه اُلهاس ڀريو!
هر سواس ۾ هير ڪيڏو احساس ڀريو!
احساس جو جادو ڪوئي ڪئن سمجهائي؟
انگ انگ ۾ رنگ رنگ جو واس ڀريو!
*
خاموش فضا ۽ شام ڌنڌلي ڌنڌلي
سڌ ناهه ته ڪنهن مهل ويم ننڊ کڄي
آڌيءَ وڳڙي اکيون کليون جئن منهنجون
ڇانيل اڌ هنڌ تي هئي چانڊوڪي!
*
سيتل سيتل ماڪ ڀنل هير سُڌير
چنچل تارن جا به مهانڊا گنڀير
اَمرت ويلي ڀانءِ ته بجلي آئي
لنءَ لنءِ لرزي شيام، مگر شانت سرير!
*
جهرمر آڪاس ۾ ڪٺا ٿيا تارا
نوراني وڻج جا ونهيا وڻجارا
کوليائون کڻي هِتي هُتي بازاريون
ليڪن آيا به ڪي خريدڻ وارا!
*
سپرين جو نيٺ هو اَچڻ جو اقرار
ڇا ماکيءَ ميٺ هو اَچڻ جو اقرار
اَسرونديون اکيون تَڪن ساري رات
هُن تاري هيٺ هو اَچڻ جو اقرار!
*
ساجن کي، سکي! ڪئن به منائي سُمهجانءِ
اَڄ پنهنجو ڦٽل ڀاڳ بڻائي سُمهجانءِ
سنسار سمهيل آهه، ٻڌڻ وارو سجاڳ
جو دل تي ٿي گذريو سو ٻڌائي سُمهجانءِ!
*
تنهنجن وارن جو ئي مٿان سايو رهيو
هي ئي سايو رات سڄي ڇانيو رهيو
جئن جئن نيڻن روئي لُٽايا تارا
وڌندو تئن تئن رات جو سرمايو رهيو!
*
دل منهنجي ازل ڏينهن ڏٺائين واندي
مان صدقي، اچي حُسن اُکيلي پاندي
نظرن ۾ کنيائين الف ليلي قصو
زلفن جي هئي رات ڊگهي هيڪاندي!
*
هيءَ هوءَ هر دل عشق ڪرڻ لئه ناهي
ان لئه ڪا ڪا خاص بڻايل آهي
جئن سنڌي ڪافي مستيءَ سان معمور
يڪتاري تي ڳائي، جو ڳائڻ چاهي!
*
اوٺي! اوٺي! هوريان هوريان اُٺ ڪاهه
هونگاريندي ڳالهه نه هيءَ دل تان لاهه
تنهنجي اُٺ تي ساهه سريکو سپرين
منهنجي دل تي بار وڇوڙي جو آهه!
*
بڻجي هرڪا نار نه مومل پوندي
هر موسم ۾ لات نه ڪوئل لوندي
راڻا، پنهنجي هوڏ نه ڇڏ پر دنيا
توکي ته صدين بعد به پاڳل چوندي!
*
جاڳڻ نه ٿيو هاڻ سجايو ڪنهن رات،
ڪجهه ننڊ بگاڙيو نه بڻايو ڪنهن رات
جاڳڻ ٿيو جاڳڻ نه هنئر ننڊ ٿي ننڊ
راڻو نه ڪي موٽي نڪي آيو ڪنهن رات!
*
سهڻي، سهڻي هئي ته بس ميهر لئه
هن جو دريا ترڻ، ٻڏڻ هو ور لئه
ڪنهنجو هو چنڊ؟ چاندني ڪنهنجي ٿي؟
ڪارو ڪارو ڪلنڪ سهڻي گهر لئه!
*
ٻيڙيءَ کي ڌڪي لهر ويئي ساحل ڏي
راهيءَ کي سڌي راهه ڇڏيو منزل تي
اي شيام، دکن هيٺ دٻيل ڪين رهي
بس عرش مٿي آهه پڄايو دل کي!
*
تن تنها هئن ڪير پيو شيام، رئي
روئي دل مان داغ اميدن جا ڌئي!
پنبڻيون لڙڪن ساڻ ڀريائين رئندي
ڪنڊن ۾ ڇو ماڪ ڦڙا ڪوئي پُئي!
*
دنيا ۾ سنگيت جو ڇانيو جادوُ،
کهبني جو چٽڪو به ڪري دل قابوُ،
ڄائو، پرڻو، مرڻو سڀ گيت ئي گيت،
لوليون يا لاڏا يا دردي ماروُ!
*
سپنن جي هيءَ ماڙي ڊهندي ٺهندي،
اک ان کي، هيءَ اک کي ڳولي لهندي،
ڏسندي ڏسندي ويندس دنيا ڇڏي،
دنيا ڀي ڪنهن شيام کي پائي رهندي!
*
دريا جي لهرن تي تري پئي ٻيڙي،
ترندي ويئي دور نظر کان نڪري،
ڏسجي لهرن تي نه هنئَر ڪوئي نشان،
ڪئَن چئجي ته ٻيڙي هتي آئي هوندي!
*
سڀني جي حياتي ئي وڃي ٿي گذري،
ڪنهن هڪ به گذاري نه حياتي پنهنجي،
ڪنهن ننڊ نه پوري ڪئي ان ڪارڻ، شيام،
ڪا رات زياده نه گهڙي هڪ ترسي!
*
مونن ۾ وجهي منهن اِئين ڇا پيو سوچين؟
اُٿ ڳول ته ڪي پائين، وهڻ مان نه وٽين؛
ڇا ڪينڪي پائين ٿا ڳولڻ وارا؟
ڪو ڳولي ته جيڪر لهي دنيا به نئين!
*
جيئَن ڀوُنءِ بڻي، ڇا هو مٿس ڪو رستو؟
ڪوئي نه هلي جيسين، بڻي ڪئَن گس ڪو؟
جي راهه اَڳي ناهه ته ڪڍ هاڻ تون ئي،
وک اَڳتي کڻڻ لاءِ بڻئَين بيوس ڇو؟
*
ٿئي موت جو ڪارڻ به ٿي هيري جي ڪڻي
پر جوت سبب پوءِ به اَنمول بڻي،
ڏس سونهن، نه ڳڻ ڳوت، اکين کي نه سڪاءِ،
هر چيز جيئَن آهه مٺي آهه گهڻي!
*
هر ڪنهن کي مري جڳ ڇڏڻو پيو آهي،
توکي پر جو موهه ۽ ڀؤ ٿيو آهي!
جئَندي به مرين، مري مري ساهه کڻين،
هي موت ته خود توئي خلقيو آهي!
*
موٽي ايندا ڪين وري اهڙا ڏينهن
کلمک بڻجي جيءُ ۽ ڪر سڦلا ڏينهن
جهوراڻو ۽ جهانءِ ڇڏن مت ماري
سرهائي جا ڏينهن ئي ڏاهپ جا ڏينهن!
*
ڏس جوتشي هُشيار به تارا ٿو ڳڻي
۽ عاشق لاچار به تارا ٿو ڳڻي
ڪيڏو نه مگر فرق ڳڻڻ ۾ تنجي!
ائن شيام، ته هڪ ٻار به تارا ٿو ڳڻي
*
يا ساز کي پنهنجي سُر مطابق تون وڄاءِ
يا ساز جي ڌُن ساڻ تون سُر پنهنجو ملاءِ
درت ليءِ ۾ وڄي ساز، ولمبت ڳائين
اهڙو اٿئي خيال، بيشڪ ائين ڳاءِ!
*
ڪنڊن جي آزار کان بيزار ٿيس،
گلشن کي ڇڏڻ لاءِ به تيار ٿيس،
جئَن شوخ گلن شيام، نهاريو مشڪي،
ڪنڊن جي سهڻ واسطي لاچار ٿيس!
*
سرمست ٿئڻ جو به ته ڪو ڏانءُ نه آهه،
هڪ سُرڪ پئَڻ جو به ته ڪو ڏانءُ نه آهه،
کِن عيش جي ۽ خون خرابيءَ جي ڄمار،
ماڻهن کي جئَڻ جو به ته ڪو ڏانءُ نه آهه!
*
آ، رنگ لٽڻ واسطي ڌاڙيل بڻون،
سرهاڻ جي ديوار ۾ اَڄ سرنگهه هڻون،
اُف، خون جي لالاڻ، مرض جي پيلاڻ،
چَو دوست! هتان ڇا کڻون، ڇاڪاڻ کڻون؟
*
لِيڙن ۾ جوانيءَ جي اَچڻ تي ڦٿڪَي،
پوتيءَ جو پلؤ سيني ڍڪڻ لاءِ ڇِڪَي،
جئَن آه ڀري، ڦاٽي تهائين چولي
ڍڪجي ٿي غريبي نه جواني ٿي لِڪَي!
*
محنت ڪري جن شيام، بڻائي مالي
محتاج رهيا سي ۽ ٻيا ٿيا والي!
دنيا ڪوئي ميخانو ته ناهي، جنهن ۾
ساغر ٿيا سرشار ۽ شيشا ٿيا خالي!
*
ناڻي جي ڪري خوش نه ٿي تون پاڻ وڪڻ،
ڪي سوچ، نه ائن ماڻهپي جو ماڻ وڪڻ،
ڦاسائي خريدار ڪو چالاڪ بڻي
ايمان، او واڻيا، نه وکر ساڻ وڪڻ!
*
حيوانن وانگر جي ڳهن دنيا ۾،
انسانن وانگر جي سهن دنيا ۾،
نرڳي بڻجي عمر گنوائن جيڪي
سي جنّت جا خواب لهن دنيا ۾.
*
ڇڪتاڻ کان دنيا جا الڳ ٿي نه سگهي،
دل دام ۾ دنيا جي به ڦاسي نه سگهي،
هي لوڪ ۽ پر لوڪ ڇڏيائين تو لاءِ،
پر پوءِ به افسوس، ٿي تنهنجي نه سگهي!
*
سمجهاڻيون اُپديش اَجايا ئي ٿيا،
ٻوڙي ڪنين ڊپ ڊاوَ جهنم جا پيا،
جنت جي سڄي عيش جي لالچ هوندي
ٿيڻا جي هئَا ڏوهه اُهي ٿي ئي ويا!
*
طوفان لڳو پئَي ۽ هئي آنڌي ڀي،
وسڪار به ٿي ۽ چمڪي بجلي ڀي،
جُهڙ آيو ٺهي شيام، تڏهن سڀ ڪجهه هو،
پئجي ٿيو پورو، ويو هُو ڀي هي ڀي!
*
ساوڻ ۾ من مور ٿي جهمريون پائي،
رنگين پرن ساڻ فضا چمڪائي،
نچندي به نمعلوم ته ڇو ڪنهن ڪنهن مهل
گهنگهور گهٽائن ڏي پيو واجهائي!
*
رم جهم لاتي مينهن، پرين ياد پئَام،
کانئَن وڇڙئي ڏينهن به ڪيڏا نه ٿئَام!
ٻوساٽيو اڄ ساهه وِڄُن ونگ وجهي،
دل ۾ چڻڪي نينهن گهڻا گهاوَ ڪِئام!
*
مون ڀي ٿي ڪڏهن درد ڀريا گيت ٻڌا،
ڇا آهه مگر درد، هئم ٻوجهه نه سا،
اَڄ درد جڏهن گهرڪيو منهنجي دل ۾
بس، درد ڀريا گيت ٻڌا ڪين ويا!
*
مان ڪالهه ويس پُور پچائيندو پَئي،
سامهون تو سڏيو اچتو ئي رستي تي،
ڦيرائي ڇڏيُءِ سلسلو ويچارن جو،
ڪو ڳائڻو جئَن مينڍ ڏئي سر بدلي!
*
تو واسطي سپنن جو مڙهيل هار کڻي
مان آيس گيتن ۾ ڀري پيار کڻي،
وٺندي ئي اکيون منهنجون چپن ساڻ ڍڪيءِ،
موٽيس ٿي جيوت جو سچو سار کڻي!
*
ڪيڏو نه، جبل ۾ اڻ گهڙيل بُت هر هر
ڳولين پيا سنگتراشن جي نظر!
ائن تنهنجي نظر لاءِ سدا واجهائين
منهنجي دل ۾ شيام، لڪل جي جوهر.
*
هُو پينگهه لڏڻ ساڻ ڇڙيل وار لڏن،
ڪوئل جون ڪونجارون فضا ۾ گونجن،
جئَن پينگهه وڌائيندي بدن لچڪائي
نيري اُڀ ۾ ڀانءِ ته بجليون ورڪن!
*
ان ڀِنڀ ڀِرُن هيٺ مڌر شانت بکي،
ڇا نرم نگاهن ۾ ٿي شرڌا چمڪي!
تلسيءَ تي چڙهائي جل، گهر جي ديوي
سنسار لاءِ تازگيءَ جو وردان گهري!
*
سانجهن ويلي گانءِ ڏُڌي پئي راڌا،
روپا ڪرڻا ٿڻن منجهان پئي نڪتا،
چؤنري مان پيس هارجي سڀ چانڊوڪي
ٻڌندي ئي آلاپ مٺا مرليءَ جا!
*
راڌا! پايل ڇوڙي ڇو اُڇلائين؟
مڌبن کان ڪو پنڌ نه مٿرا تائين!
”پايل ۽ بنسيءَ جو نازڪ ناتو
سمجهين ته سکي! هوند نه هئَن سمجهائين!“
*
راڌا راڌا هر هر راڌا راڌا،
راڌا بن ٻي وائي اَٿي وات نه ڪا،
راڌا به اَسان جهڙي گوالڻ آهي،
ماڌو! تو منجهس نيٺ ڏٺو آهي ڇا؟
*
هڪ ڀيرو اي شيام، مون کي مرلي ڏي،
ڪنهن
کي سُر وستار ته مون جهڙو اَچي!
تنهنجيءَ مرليءَ موهيو من سڀني جو،
منهنجي مرلي موهي مَن موهن کي!
*
ان سانوري صورت ڪري مون ماٺ ڪئي،
دل کي ئي نصيحت ڪري، مون ماٺ ڪئي؛
سچ پچ ته هئَم شيام، شڪايت تنهنجي،
دنيا جي شڪايت ڪري مون ماٺ ڪئي!
*
جي منهنجن پنبڻين تي موتي چمڪيا،
هڪ ڀيري ڀي نه تو چپن سان چونڊيا،
ويجهو هوندي به ٿئين پَرينِ کان ئي پري
منهنجا سڏڪا ڪڏهن نه تنهنجي ڪَنِ پيا!
*
اي دوست، هتان ڀي ته ڪڏهن ٿيندو وڃ،
هان، مرڪ جي موتين جي لڙهي نيندو وڃ؛
ڪا پيڙ، ڪوئي درد، ٻه آنسون ئي سهي،
ڏيندو وڃ، ڏيندو وڃ، ڪِي ڏيندو وڃ!
*
|