سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نکريو آهي نينهن (نارائڻ شيام)

صفحو :7

 

 

آزاد نظم

 

 

* ساڳي لات

 

ها، ڪيترو

جنهنجي ٻُڌي عرصو ٿيو

آهي عجب، آڻي نه تر جو فرق ڪو

هڪڙو پکي اڄ هُو بهُو ساڳي تنواري لات ٿو!

 

هن ئي ٻنيءَ تي ايندي مون کي سال ڏهه يارنهن ٿيا

هاري اُهو، ساڳي ٻني، سوُنهين به سا

ساڳيو سِرنهن، نم ڀي اها

مٽ سٽ نه ڪا!

 

ليڪن پکي

هيءَ لات ٿي جنهنجي مٺي

آهي اهو ساڳيو اڳوڻو ڪينڪي؛

ها، هوُ ته ويو ڪنهن چيٽ گذريل ساڻ گڏ معدوم ٿي!

 

* پهرين ۽ پوءِ

 

پهرين پوپٽ جي مٺي...

سمجهه توکي ڪا ذري سُڌ ناهي

منهنجو منهن، غنچو سندءِ

پنکڙين ساڻ سٿيل ڪئَن آهي،

هِت مِٺي هُت مِٺي جئَن ڄاڻ پويم

ڪوئي آهي جو مون کي ٿو چاهي،

۽ پوان لال! ٽڙي...

 

ڀؤنر جي پوءِ مٺي...

سمجهه ڪنهن ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت

آئين گنجار ڪندو

واري ويٺينم اچي دل جو تخت،

آنءُ گل ڪئَن ڪري اِنڪار سگهان

رس پيڻ ويٺين ٿيو سورج است،

مان به ڪوماڻل گل...


 

 

* ڪهڙي آئيني ۾؟

 

منهنجي صورت هيءَ نه هُئي،

خاموش

ڏکاري ههڙي

ههڙي سنهڙي!

 

منهنجا نيڻ ته هي نه هئا،

ويران

ته جن ۾ چمڪو

يا ڪو سپنو!

 

هي چَپ پنهنجا ڪين هُئَا.

هِئن تلخ

شڪايت وارا

نفرت وارا!

 

هي هٿ پڻ منهنجا نه هُئا،

ڪمزور

نَسُن نيرين سان

خالي رت کان!

هيءَ پنهنجي دل ڪِئَن سمجهان؟

ڀَئَه ڀيِتِ

ذرا سوچڻ کان

شڪل ڏسڻ کان...

 

مونکي لَکَ به نه پيئي

سچ پچ،

ماٺ ميٺ ۾ ٿيندي ٿيندي

هيڏي تبديلي ٿي ويئي،

ڪهڙي آئيني ۾

منهنجي اصلي صورت

گم ٿي ويئي؟

 

* جئَڻ کان ته ڇُٽو

 

موڪل. ڪناٽ پليس وڃڻ جو هُئُم خيال...

آزاد مارڪيٽ. بس اسٽاپ. انتظار.

ان وقت ڪنهنجي ارٿي، اڳيان پئي کڄي وئي،

ڪوئي ٻُڍو مُئو هو جو گڏ بئنڊ پڻ هئي.

بيٺو هو منهنجي ڀر ۾ اسٽاپ تي جو ٻار

جهٽ ان جا پير بئنڊ جي ڌن تي کڄڻ لڳا.

بيٺا هئا جي شخص اُتي

پاڻمرادو مشين جان

پرڻام لاءِ کن ۾ سندن هٿ جوڙجي کڄيا...

(بس جي اچڻ جو آيو آواز ايتري ۾)

بس وٽ چڙهڻ لاءِ سڀ ڊُڪي ڳاهٽ اچي ٿيا.

هيءَ ڀڄ ڀڄان جي زندگي

هيءَ زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان،

ڏيڻو پوي ٿو اُن ڏي ئي هر وقت سارو ڌيانُ!

بي سُود بي ٺڪاڻي ڪشاڪش حيات آهه

جاکوڙ هيتري

۽ ڊڪ ڊوڙ هيتري

هَڻ پَٽ ڪري ڪري ته بدن ئي هڄيو پوي

ڪنهنکي ٿو سُک ملي؟ ڀلا ڪهڙو ٿو سُک ملي؟...

هيڪر وري به ارٿي نظر آئي بس منجهان

ڪنهن سرد آهه هڪ ڀري ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيو:

”ڀَل سرڳ ڏي وڃي نه وڃي

جئڻ کان ته هي ڇُٽو!“

 

* سمنڊ ڪناري

 

هيءُ منهنجو جيون!

سمنڊ ڪناري چمڪي ريت

طرحين طرحين چِٽ چِٽجن

لهر لهر سان مِٽجن!

 

هيءُ منهنجو آواز!

سمنڊ ڪناري پورو شنک

واءُ لڳڻ سان گُونجي ڌُن

لرزي سوز ڀري سُن!

 

هيءُ ئي منهنجو ڀاڳ!

هيڏو سارو سمنڊ اَجهاڳ

نيڻ نهارن نِت هُن ڀَر

هِن ڀَر ويسر ويسر!


 

 

* مومل مومل

 

هڪ مومل

ڪنهن به ڪاڪ جي ماڙيءَ تي ڏسبي

ڪوئي به راڻو جنهن کي

پائي، ماڻي، ڇڏي سگهي ٿو.

 

ٻي مومل

مومل ئي آهي

جنهن کي پائڻ محض خيال

جنهن کي ماڻڻ خالي خواب

جنهنجو تياڳ نه ممڪن

هوءَ ته آهي

مومل مومل!

 

* پر مان ڀڄي نڪتس اتان

 

منهنجو دشمن ئي ته هو

هي ڪٿان آيو جو منهنجي ڀر ۾ هئَن بيٺو اچي؟

ڏند ڪرٽي، چپ ڀڪوڙي، شوخ نظرن سان

سندس مُنهن ۾ نهاريم منٽ لاءِ،

بس، پوءِ منهن ڦيري ڇڏيم.

پر تڏهن ڀي هُو نجس بڻجي اُتي بيهي رهيو

۽ هئن لڳو مون کي چوڻ:

”ڪنهن ڏهاڙي

بس جڏهن هي دؤر ويندو ختم ٿي

۽ اسان وٽ ڪا بچيل بارود جي گولي نه هوندي

جيڪڏهن هوندي به ڪا

ته به هي ڦٽيل هٿ

 ان کي ڇهڻ جي لاءِ به چُرندا ڪينڪي - پوءِ

پاڻ کان شايد پڇون آخر لڙياسين ڇو پئي؟

۽ نه ڪوئي اُن سمي ڪارڻ ڏسي اُن جو سگهون؟

هڪ ٻئي کي ٿي ڌڪاريوسين

اها پڻ هڪ پرولي ٿي پوي!“

اِئين چئي هُو

منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ جي آس ۾ بيهي رهيو

پر مان ڀڄي نڪتس اُتان

ڇو ته ترسان ها جي ڪجهه

پڪ گلي لايان ها کيس.

 

* واريءَ ڀريو پلاند

 

رڻ جي هيءَ خاموش فِضا

واري واري چوڌاري

واري سکڻي واري

نِرجَن ريگستان

هتي وڻ ٽڻ جو بس نانءُ نه ڪوئي

ڪونه پکي ڀي ڏسجي اُڏندو

ليڪن

منجهند جي نٽهڻ اُس ۾

ڪئن لهرائيندي هڪ نهر هلي ٿي

روشن نهر

بَکي ٿي جنهنجي هڪ هڪ لهر

اچانڪ واريءَ ۾ ڄڻ پراڻ پوي ٿو...

هڪ البيلو ريگستاني

ٻُڪَّ ڀري واريءَ جا

ويٺو

پنهنجو ڪئن نه پلاند ڀري

گويا روشن لهرن جو منظر ميڙي ان ۾ کڻندو!

ٿيندي ٿيندي سج به لڙيو

تابش به گهٽي

رڻ جي خاموش فضا

چوڌاري واري واري

سکڻي واري ئي واري!

 

* مٺڙي!

 

منهنجي ڪوتا جو

ڇا روپ ڏسي ڀرمائينءَ؟

ڪيئَي سندر چهرا

تن مان جهاتيون پائن پيا،

پر پوءِ به تون شرمائينءَ ڇو؟

هر چهري تي نکريل

تنهن جي دل جا ڀاؤ ته هئا،

نيڻن ۾ هئي

تنهنجي ممتا

تنهنجي پريت جي گهرائي،

ڇند ڇند ۾

تنهنجن نُورن

تنهنجين چُوڙين جي جهنڪار هُئي!

صبح جو سنڀري گهر مان نڪران

آفيس ڏانهن وڃان مان

آفيس مان ٿي ڀيڙ ۾ ڀٽڪي

سانجهيءَ جو گهر موٽان

توڻي ڏٺم سؤ صورتون سهڻيون

واٽ تي ايندي ويندي

ليڪن هي هُئو صرف تماشو

منهنجي موهه مَئِي! جئَن

منهنجن ٻانهن ۾

تئن منهنجن گيتن ۾

تون ئِي، تون ئي، تون ئِي!

 

* پر پوءِ ڀي

 

ديوار،

وڻ جي ڇانوَ

بس اسٽاپ،

شاهراهه،

هر چيز ائن ته اڄ به اڳي جان لڳي پئي،

پر پوءِ ڀي

ڪجهه آهه

جو

اڄڪلهه هتي نه آهه!

سانيٽ

 

* ڏاتار

 

عطا ڪرينم نظر سان ڏسي سگهان جنهن سان

... ... سٽا جي تجلي سدائين دنيا ۾،

جڳهه نه اهڙي ڪا تنهنجو نه نوُر جنهن جا ۾،

هٽاءِ جهل جو پردو هيُ منهنجي اکڙين تان،

سرن جي ڪاج جڳت جا ته سڀ سرن تو مان

چڙهي ٿي تنهنجي ڪرم جي ئي وِير دريا ۾

وسي ٿي تنهنجي ڪرم جي ئي بوند صحرا ۾

ڪڪر جيان تون جدا باغ کان ۽ برپٽ کان:

 

نه چيز ڪابه ننڍي، تُنهنجي سڀ وڏائي ٿي

وڏائي تنهنجي عيان آهه ڪوهسارن ۾

هزار رنگ مٽي ٿي چِٽي سٽا تنهنجي

جڳي ٿي تنهنجي ڏيا جي جوت تارن ۾

جي آهه ڪوبه نيارو مقال کان، تون ئي!

جي آهه ڪوبه مٿانهون خيال کان، تون ئي!

 

* سوال

 

ڀلاءِ، ڀوُنءِ کي ڏيئي ملهار جي نعمت

ته ڪوئلن جي سڙيل دل سندي اُساٽ لهي

سُواتي بوُند بنان سِپ نه ڪا نراس رهي

۽ پائي پاند ۾ ٽوٻو منار جي دولت!

اکين کي گهوٽ جي سندر ڪنوار جي صورت

سدا ڪنوار کي ور جوئي پيار بخشي ڏي

نصيب شل ٿئي سپنن ۾ محو جوڙي کي

سنيهه، سونهن ۽ جوڀن جي خواب جي راحت!

 

هجي ڪو انگ اگهاڙو نه ڪوئي پيٽ بکيو

رهي نه نانءُ هتي منگتي ۽ داتا جو

رُلي ٿئي نه مٿي ڇانوَ لاءِ ڪوئي ڏکيو

رهي وطن تي سدا سايو تنهنجي ڪرپا جو!

سڀن جو مرڪي پيو منهن نه ڪو اُداس هجي

اکين ۾ آس، دلين ۾ سدا هلاس هجي!

 

* ڪلي ٿي پاڻ ئي گل

 

چمن ۾ ٻوٽي جي هڪ لام تي پنن هيٺان

پرهه جي هير کان وانجهيل هئي ڪلي هڪڙي

اِنهيءَ ڪري سا ڪلي اڻ ٽڙيل رهي، نه ٽڙي

اڄاڻ گل جي هئي سهڻي رنگ، خوشبو کان؛

انهي ئي ٻوٽي ۾ ٻي شاخ تي اڳئين جي مٿان

عجيب حسن نزاڪت سان بيٺو ڦول کِڙي

مڌوُ مکيون، ڪجهه پوپٽ ڪي ڀونر آيا مڙي

ڏٺو ٿي ڪئن نه ڪليءَ بار بار حيرت مان!

 ڇڏيو ڪليءَ کي ڪري مست، رنگ بُو گل جي رڙهي رڙهي، وڌي پيرن ۾ گل جي پوءِ جهڪي

ڪيائين عرض تمنا، ته مرڪي ڦول چيس؛

”ڪيو ڪليءَ کي وياڪل ڇو آرزوُ گل جي؟

”پرهه جي هير جو جهوٽو به کائي ڏس ته سهي!

”ڪلي ٿي پاڻ ئي گل، بيقرار گل ڇو ڪَيُس؟“

 

* سنڌو ساگر

 

هماليه جي مسرت جا مجّسم قهقها، سنڌو!

بَهاريءَ جا سدا من ڀاوندا انمول آئينا!

تون ئي وادين جي عظمت ۽ پرندن جي مڌر وينا

جڳت جي آد جنهن سان روح تنهنجو سا اُشا، سنڌو!

 

تنهنجي لهرن سندي لس ليٽ آهي ڇا نه لاثاني

مئل دل کي جياري کن ۾، تنهنجي امرتي ورکا،

نظارو سرڳ جو تصوير تنهنجيءَ مان ٿئي پيدا

تنهنجي هر لهر ٿي ڪنهن اپسرا جي ڄڻڪ پيشاني!

 

تنهنجون لهرون، ڪٽوريون يا، ڀريل وحدت جي مڌرا سان؟

”سچل“ ۽ ”شاهه“ جي محفل جي اَي روح روان ساقي،

رهي شل تنهنجي رحمت ۽ محبت جي نظر باقي

خوشي رهواسين جي، ملڪ جو نالو ٻئَي توکان،

 

مجسم فيض ٿي آئين، ڪرم ڪيڏو ڪرين سنڌو!

اپار آنند سان نت سنڌ جو هردو ڀرين سنڌو!

 

 

* فرصت غنيمت

 

گلن جو ٻارو، صراحي به وچ ۾ آهه رکي

اڪيلي سر ئي پيان جي نه آهه هم صحبت

ٻيو جي ڪين، ڏيان چنڊ کي ئي ٿو دعوت

اُهو ۽ مان ۽ سندم پاڇو، ٽن جي محفل ٿي...

 

وجود پاڇي جو ڪهڙو، وٺي نه چنڊ چُڪي

مگر وڃائجي ڪهڙي طرح هٿان فرصت؟

پِيو پِيو هلي هلندي بهار ڳچ مدت؟

ڏنائون جهڙي به صحبت اها قبول ڪبي.

 

فلڪ تان نئَڙي ٻڌي چنڊ جئَن کلان ڳايان

نچان ته پاڻهي مون ساڻ گڏ نچي پاڇو،

ائين انهن سان پيڻ وقت پاڻ وندرايان

پيڻ کانپوءِ سڀن جو جدا جدا رستو.

 

۽ سين - لوڪ ۾ گڏجون وڃي وري جيسين

اننت شانت ۾ بس ٽيئي گم رهون تيسين!

 

* سندري

 

گڏجندي ئي جا اُڪنڊين جي چپن تي ٿي نچي

سون ورني نار! تون آهين مِٺي ان مرڪ جان،

موڪلائيندي اُڪنڊين جي اکين ۾ جو اچي

تون نفيس آهين سراپا اي مٺي ان لڙڪ جان!

 

ننڊ جان نيڻن کي وس ٿي تنهنجي سندرتا ڪري

ڇا نه ان آڏو پکيڙيو رس ٻڏل سپنن جو ڄار،

سرس چنچل دل ۾ هڪ احساس آلس جو ڀري

ڇانئَجي هر انگ تي راحت جو البيلو غبار!

 

ڪئَن نه اِن انڀو ڪندي دل ۾ جاڳن ولولا

تنهنجي ان جادو ڀريل نيڻن ڏي شل هر هر ڏسان

ها، انهن جادو ڀريل، متوالي نيڻن ڏي سدا

شل ڏسان، هر هر ڏسان، ڏسندو رهان، ڏسندو رهان!

 

خواب سونهري بڻي نيڻن ۾ آئينءَ سندري!

چاهه بڻجي دل جي ڌڙڪن ۾ سمائينءَ سندري!

 

* بسنتي هير

 

بسنتي هير جا جهُوٽا سرير کي ٿا لڳن

ڪ وشو موهنيءَ جي اُن چنيءَ جي آهه ڪنار

ڇهاؤ جنهنجي مهاديو کي به لائي لگن،

کڄي ڇو ساهه تکو، نيڻ ڇو ٿيا رتنار؟

هر انگ انگ ۾ شرنايون دل ڌتار وڄن،

کُلن اکين اڳيان ٿا سنهري سپن دُئار

رسيلي سپن ۾ لؤلين پرش لائون لهن

ڪري سِنگار ٿي هر نار ڪلپنا ۾ ڪنوار!

 

وليون وڻن تي وريون ۽ ٽڙيون ولين تي ڪليون

هوا ڀريندي سندن رنگ ۽ هُڳاؤ جي ساک،

ورائي ٻانهون ولين جئَن ڪيون ڪي رنگ رليون

ڀري ڪو ڦول اسان جي به رنگ ڀاؤ جي ساک!

ائين وڃاءِ نه وَجُهه ۽ ائين نه بيهي نهار

سنگار ڪهڙو ٻيو سونهن آهه تنهنجو سنگار!

 

* ڪير؟

 

نيل جل جمنا ڪناري ڪير مون کي ٿو سڏي

دل کي ڪَنِ بيچئَن سيتل چندرما جا ترورا

۽ مٿان تارا اشارن ۾ ٻڌائن ڳالهه ڪا

ڪنهن جي ڇڪ هئَن رات جي وڳڙي پَئي دل کي ڇڪي؟

 

ڦاڳ ۾ پڻ ڪير ٿي بيچئَن پيو ڳولي مون کي

ساري مڌبن ۾ جتي گاين کي چارن گوال ٿا،

۽ مڌر بنسيءَ جي تانن ۾ سنيها پيار جا

ٿو هوا جي ريشمي جهونڪن وسيلي موڪلي؟

 

ڳائي ڳائي اوچتو جئَن سانت ڪويل ٿي ڪري

ڪنهن جي دل ۾ ٻاري ٻارڻ ٿي ڇڏي سا دل جلي

بنسري چپ سان لڳائي هوُ کڻي، ڏس بيڪلي

دردوَندي دل جي دانهن سان فضا کي ٿو ڀري،

 

ٿي صدا پهچائي دل جي دل کي، محرم راز جي

بنسري صورت سراپا سوز جي ۽ ساز جي!

 

[1]* روپ مايا

 

ها، تپوبن ۾، وڻن جي هڪڙي جهڳٽي ۾ ڪٿي

ٽاريون ٽارين سان مليل، ڪٽيا جِي ڇت ڀاسيون پئي،

ٿڙ ۽ ٽارن تي وليون ڄڻ ڪنهن ورايون هيون رٿي

جن مٿان لٽڪي، هوائن سان ڪيون هاسيون پئي!

 

ڪنهن سمي ۾ تياڳ وشوامتر راجائي ڪري

قدرتي ڪٽيا ۾ اُن بن جي، رهيو ٿي شانت چت،

گود ۾ پرڪرت جي، مانو جڳت کان ڳچ پري

پنهنجي جپ تپ ساڌنا ۾ ٿي رهيو اُو لين نت!

 

ڌيري ڌيري اُن کي حاصل ٿي تپسيا جي سِڌي

مهرشيءَ جي پد تي آخر ساڌنا ساڌي رسيو

اُنجي وس ۾ ٿي رهي هرڪا رِڌي

پر جهلڪ ”جوتي ڀون“ جي ڪينڪي ماڻي سگهيو!

 

جي اکيون ڪيئي لڱا هرکيون ڏسي ٻاهر جي سونهن

اڄ ڏسڻ چاهي ٿي تن ٻاهر ڇڏي اندر جي سونهن!

 

هاڻ بس ويئي سندس جيءَ کي اِها جهوري لڳي

انڪري ئي هو نئين سر ساڌنا ساڌڻ لڳو،

ساڌنا ڪيڏي به هي پر کيس سا ٿوري لڳي

جسم جي سک سهنج جو اُن کي رهيو اونو نه ڪو!

 

مهرشي جي گهور تپ کان اِندر آسڻ ويو لڏي

هي ڏسي ساري سڀا هڪدم وئي گهٻرائجي

هٿ ڏئي سر کي، ويو سُرپِت به چنتا ۾ ٻڏي

روپ، رس ۽ راڳ ۾ دنيا وئي ڪومائجي!

 

هي ڏسڻ سان ئي مدن پنهنجو سنڀاليو جهٽ ڌنش

مينڪا، ماڌو ٻئي شامل وٺي هڪدم اُٿيو،

۽ چيائين: سُرپِتي! آخر منش آهي منش

۽ منش جي من جي ورتيءَ کي مٽڻ ناهي ڏکيو!

 

واسنا من جي اِها جا اِندرين جي واسنا

اِندريون ڪنهن ورلي جيتي تن جي مٽِي واسنا!

 

بن ڪلاونتن جي بن اَندر سڀ اَدڀت لڳي

هلڪيون هيرون ٿي لڳيون ۽ سنهڙيون شاخون ٿي لڏيون

وڻ کان وڻ ڏي، شاخ کان ٿي شاخ ڏي اُڏريا پکي

گنڌرون جون ڄڻ مڌر پرتکش تانون ٿي اُڏيون!

 

گل ٽڙڻ، مکڙين ڦٽڻ، ڪوئل جي لاتين جي مٺي

آئي رت دل ۾ اُٿارڻ ڪلپنا ۽ ڪامنا

نڪري ڪٽيا مان رشي پرڪرت جي ليلا ڏٺي

هير جي جهونڪڻ اُڀاري دل ۾ مبهم چاهنا!

 

ڪئن نه ڪومل ننڊ جان ۽ خواب وانگر ڌنڌلو

بن ۾ گونجيو ٿي مڌر پڙلاؤ هڪڙي گيت جو

ڌيري ڌيري جئن ٽڙي مکڙيءَ مان بڻجي ڦول ٿو

اُڀريو اُن جي ذهن ۾ ائن ڀاؤ هڪڙي گيت جو!

 

مست ٿي بنواسي اُن لئه ۽ تال تي ڳائڻ لڳو

ماڌوي مايا سان چنچل دل کي بهلائڻ لڳو!

 

جهومندو، ڳائيندو، گل ڇنندو ۽ اُڇليندو هليو

ڏس ته اُڇلايائين ڪئن ٿي ڦول گهوري ڦول تان

اڄ سندس جهل جو نه هو من ۽ نه هن اُن کي جهليو

هڪ تپسويءَ جي اندر ۾ آئي چنچلتا ڪٿان؟

 

پنهنجي ڌن ۾ ڪيترو ڪٽيا پٺيان آيو ڇڏي

هڪ ولين جي ويڙهه ڏسندي هٽڪي او بيهي رهيو

کيس ائن ڀاسڻ لڳو ڄڻ اڳ به آيو هو هتي

پر ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو هو، نه سوچي سگهيو!

 

پوپٽن جو ناچ، گل، گنجار ڀونرن جي مٺي

۽ ولين جي ويڙهه، سڀني ٿي ڏياريس ياد ڪا!

جاءِ هيءَ هن عمر جي سانڀر ۾ ناهي مون ڏٺي

پر سڃاتل ٿي لڳي، هي آهه ڪهڙي ماجرا!

 

ائن رشي سوچيندي سوچيندي ويو حيران ٿي

ڪين ليڪن ڪنهن طرح اُن کان سگهيو هي ڳجهه کُلي!

 

ٿي اڳيان شفاف پاڻي جي ندي وهندي وئي

جل هئو يا چنڊ جي جل روپ اوجل چاندني؟

مهرشي ڇرڪي ڪناري ڏي نظر ٻيهر ڪئي

ڇا، منش جي روپ ۾ سپنن ٿي ڏيکاري ڏني؟

 

سونهن ڦلواڙي جي آئي ڪير هن بن ۾ کڻي؟

مرڪندي، شرمائبي هوءَ روپ جي ديوي اچي

ڏس ٽڙيل گل جي جواني ڪئن نه ڪنڊن ۾ کڻي

ماڪ مکڙين تي وسي جئن پير ائن کڻندي اچي!

 

ڇا نه اُڀريل انگ هي، هڪ هڪ مان سوڀيا ٿي ڇڻي

چيٽ جي الهّڙ هوا جو عرش تي آهي دماغ

رس ۽ خوشبو ڦهلجي، جئن پير هوءَ اڳتي کڻي

ڦوهه جوڀن ڄڻ ڪوئي اَنبن جو ٻوڪيل آهه باغ!

 

ناز مان وک وک کڻي ائن سونهن واري ٿي اچي

مکڙي مکڙي ٿي چمن ۾ ڄڻ بهاري ٿي اچي!

 

وار چوٽيءَ ۾ ٻڌل ساڀيا ٿي سندر سپنن جان

جئَن ئي ڇوڙيائين، ويا سي رات وانگر ڦهلجي

جئَن گهڙي وچ نهر ۾ وارن پکڙجي جل مٿان

روُپ مايا چور نظرن کان ڍڪي هيٺان رکِي!

 

ڪئَن نه ترندڙ اُپسرا جي نرم اَنگن کي لڳي

نهر جون لهرون هٽي پٺتي، چڙهي ڪجهه مٿڀرو

ٿورڙو وَرُ کائي وسِهر وانگي، پاسيرو مڙي

جسم کي ٻيهر ڇهي، نڪري ويون ٿي اڳڀرو!

 

نهر مان ٻاهر اچي جئن لڱ سڪايائين پئي

پنهنجو جوڀن پاڻ ڏسندي شڪجي شرمائڻ لڳي

روپ جي هڪ چال ڏس، ڪئن ٻيءَ کي اُپما ٿي ڏئي

مُرڪ لڄ چمڪائي ٿي، لڄ مرڪ ٻهڪائڻ لڳي!

 

گل ڇني هٿ ۾ جهلي، پاڻي ۾ پاڇي تي ڏسي

ناز مان وارن ۾ پائي، پاڇو ئي ڏسندي رهي!

 

من جي ورتِي کي لڪائي، مهرشي گنڀير ٿي

اڳڀرو ٿي ڪامني کي هئن چيو پاٻوهه مان

”سونهن جا سپنا مٺا! اي سونهن سپنن جي مٺي

روپ پنهنجي جو چٽين ٿي چتر ڇا پاڻي مٿان؟“

 

نرگسي خودبيني مان ڇرڪي اُٿي سا سندري

[2] سپنن اَنڀؤ ۾ ڀريل اکڙيون کليون اهڙي طرح

اوچتو ئي اوچتو بس هير جو جهونڪو لڳي

بيخبر پوپٽ جي پرڙن کي پٽي جهڙي طرح!

 

مهرشي کي سامهون ڏسندي ٿي وئي هڪدم وسي

[3] ۽ چيائين، آبدار اکڙيون کڻي، ”کميا ڪريو!

[4]يوگ جي شانتي نڪيتن ۾ اچي رخنو وجهي

[5]مون ڪيو اپراڌ، اپراڌي مٿان ڪرپا ڪريو!“

 

هٿ ٻڌي بيهي رهي ائن عجز اکڙين ۾ ڀري

روپ جي نئَڙت ڇڏيو هٺ يوگ کي نهٺو ڪري!

 

گهريون گهريون، ڪاريون ڪاريون سي اکيون نظرون سرل

ساڌنائون يوگ جون بس پر ڪري سڀئي ويون،

باک ڦٽندي ئي اُٿي ڪر موڙي جئن دنيا ستل

هڪ نظر سان دل ۾ ائن جاڳي تمنائون پيون!

 

دل جليل کي ئي ڏسي ڏس روپ جي پرڀاؤ کي

ڪوئي سمجهائي سگهي ڪئن؟ ڪئن سگهي ڪوئي ڏِسِي؟

جئن کنوڻ جي چال جو چؤ عڪس ڪئن ڪوئي ڇڪي

کن ۾ سائو کيت سڙندڙ آهه اُن جي آرسي!

 

جهٽ رشي مُرڪي چيو، ”ڇا واسطي هيڏو هراس؟

سچ ته شانتي ههڙي بن ۾، سو به هن ريت ۾ ڪٿي؟

نهر جي ڪلڪل، پکين جي لات، گل جو رنگ واس

ڪافي ناهن من جي، ڇا، شانتي لٽائڻ واسطي؟“

 

ائن چئي ڪا کن پلڪ سُن ۾ رهيو بس مهرشي

کيس پنهنجي زندگي ۾ ڪا ڪمي محسوس ٿي!

 

”ڇا، مان واقف ٿي سگهان ٿو هن اَلوڪڪ روپ جو؟“

نيڻ نيڻن سان ملائي، ائن ڪئي يوگيءَ پڇا،

سر جهڪائي لڄ وچان آهستي هئن رمڻيءَ چيو،

”هي ديامي ديو، داسِي کي سڏن ٿا مينڪا!“

 

هلڪي وارن جي ڀنل خوشبو سان دل بي خود ٿيس

هٿ مٿي تي نار جي، آسيس ليء يوگيءَ [6] ڌريو،

بس ڇهڻ سان ئي بدن ۾ ڄڻڪ وڄ ڊوڙي ويس

ڪئن نه رمڻيءَ جي مڌر واڻي ڪيس ويتر چريو!

 

”مون کي ڪرپا جو ڪَيوَ پاتر ڪري پنهنجي ديا

ورنه آهيان نرتڪي مان، منهنجو کيتر واسنا!“

مهرشي بيخود ڀري هڪ آهه ورجايو ته، ”ها،

تنهنجو کيتر واسنا ۽ منهنجو کيتر ساڌنا!

 

موت ۽ اُن بعد ڇا ٿيندو، ڳڻي ڳڻتيون اهي

دل ۾ پيدا ٿي حقارت هن حياتيءَ واسطي!

 

ڦول سان ڪنڊا ڏٺا مون چنڊ ۾ ڪارنهن ڏٺي

هاءِ اکڙيون! وهم جو ڪيڏو نه هو تن تي اَثر

رنگ بوُ ماڻيم نه پاتم ڌار امرت جي مٺي

هاءِ منهنجي سمجهه! دنيا کي مون سمجهيو دک جو گهر!

 

ڪئن نه سک جي ڪلپنا ۾، مون رلايو پاڻ کي

ڪلپنا جي سک پٺيان ساڀيا جو سک تياڳي ڇڏيم

زندگي جو سار شانتي سمجهي مان آيس هتي

بن وسايم، ڪرم کان ڪانئَر ٿي دنيا کي ڇڏيم!

 

شاخ کان ٿي ڌار ڪنهن مکڙي نه ماڻيو رنگ بوُ

ڦول بڻجڻ ٿيو پري مورڳو گنوائي پاڻ کي

ڌار دنيا کان ٿيس مان دل ۾ پائي آرزو

پاڻ پائڻ ليء اچي ويٺس وڃائي پاڻ کي!

 

هيءَ اڪيلائي ئي جئري موت جو ڪارڻ بڻي

ٿو گهمان پنهنجي ڪلهن تي لاش پنهنجو ئي کڻي!

 

تنهنجي آئي، آئي بن ۾ ماڌري جيون اُشا

هر اَڻي کي ڪئن نه چمڪائي سندءِ موجودگي

جئن وسيل بادلن کي سينگارين سج جا ترورا

تنهنجون نظرون ائن ڀرن رنگينين سان زندگي!

 

گڏجندي ئي جا اُڪنڊين جي چپن تي ٿي نچي

سون ورني نار! تون آهين مٺي اُن مرڪ جان

موڪلائيندي اُڪنڊين جي اکين ۾ جو اچي

تون نفيس آهين سراپا اي مٺي، اُن لڙڪ جان!

 

ننڊ جان نيڻن کي وس ٿي تنهنجي سندرتا ڪري

ڇا نه اُن آڏو پکيڙيو رس ٻڏل سپنن جو ڄار

سرس چنچل دل ۾ هڪ احساس آلس جو ڀري

ڇانئجي هر انگ تي راحت جو البيلو غبار!

 

خواب سونهري بڻي نيڻن ۾ آئينءَ سندري!

چاهه بڻجي دل جي ڌڙڪن ۾ سمائينءَ سندري!

 

ويڙهي ڏسڻيءَ جي مٿان ڪومل گلابي پنکڙي

ڌيري ڌيري چپ تي نرمي سان گهمايائين پئي

خالي نظرن ساڻ البيلي ڏسڻ گل کي لڳي،

ٿي لڏي لمڪي، وراڪا جئَن گلن جي بُو ڏئي!

 

”ڀونر آئي ڏس ته گل جا انگ ڪئَن مهڪڻ لڳا

بانورو ٿي ڪئَن نه اوُ اُن جا چمي مڌ سار چپ!“

ڏسندي هلڪي مسڪراهٽ ساڻ چپ ٻهڪڻ لڳا

پنکڙين جان نرم، سنهڙا سي مڌر رتنار چپ!

 

”تنهنجي ڪومل مڌ ڀري ايءَ مسڪراهٽ ڇا چوان

آءٌ ڄڻ سا پريم ميء ۽ شانت ميء سنجها رتول،

ڪي اڇن پاريهلن جون جوڙيون جنهن ۾ چاهه مان

چهنبون چهنبن ۾ وجهي ڪن پريت جا ويهي ڪلول!

 

سمجهه سمجهائي نيئَڻ دل کي گهري ٿي تياڳ ڏي

سونهن تنهنجي اُن کي هر کائي نَئين انراڳ ڏي!


 

 

ڦول کان سندر ڪماري هي ڪڏهن سوچيو اَٿي

سونهن هيءَ ڇاجي ڪري توکي ملي سنسار ۾؟

ڀونر ۽ پوپٽ گلن تي چؤ، ڀِرن ڇاکان اچي؟

آهه مطلب ڪهڙو گل جي رنگ ۽ هٻڪار ۾؟

 

ڪو اچي ٿورن سيارن بعد جي توکان پڇي

چيٽ جان تنهنجي اڳوڻي ٻهڪندڙ صورت ڪٿي؟

مرڪ منهن ۾ اڄ نه ساڳي جوت نيڻن ۾ بکي

ڇا ٻڌائيندينءَ انهي کي ماڌري مورت ڪٿي؟

 

آه! ڏس هُو ڦول پن پن ٿي ويو ڪومائجي

تنهنجي سواسن جان مڌرهاڻي ڪٿي اُن جو هڳاؤ؟

ڪو ورائي کيس اڄ ڏيئي نه سگهندو تازگي

ماڪ جِي ڪَڻ، صبح جون هيرون، نڪي سج جو اُهاؤ!

 

هاءِ هيءَ سوڀيا ڏسي سگهبي نه جيوت ۾ وري

ماڻبي ٻيهر نه گذري جا گهڙي راحت ڀري!


 

پر اياڻي ناه پرڪرتي ٿي اُن کي جئن ڏسين

ڪئن نه سانڍي ٿي رکي ڦل ۾ ڪنول جو رنگ روپ

مرڪندي تون ڀي اُنهيءَ جان شال ورجائي سگهين

منهنجي هن جيوت جي جيوت آه هي ٻالڪ اَنوپ!“

 

سونهن جي معصوم دل ۾ ڪشمڪش ڪيڏي پئي

ڀاوَ ساگر ۾ ٿي ڇلڪيون سهسين لهرون اَڻ لکيون

هڪ نئين احساس سان بس دل سندس ڀرجي وئي

بي ارادي پرش ڏي پاڻهي کڄيون اُن جون اکيون!

 

هٻڪي هٻڪي ڪجهه چياءِ ٿي ته دل ڌڙڪيس ائين

ايندي ايندي لفظ چپ تي ئي اچي رهجي ويس!

تيز ساهن کي دٻايائين، کڄيس ڇاتي تيئن

لڄ کان نِوڙيس ڪنڌ، لڙڪي وار ڇاتيءَ تي پيس!

 

پاڻ ڪوئي شرم کان ول وانگي وَرُ کائڻ لڳي

ڏائو هٿ ساڄي ڪرائيءَ تي سا ڦيرائڻ لڳي!

 

”لڄ جو گهونگهٽ لاه، ڪيڏو چاهه نيڻن ۾ ڇُلي

سج لٿو، هوءَ رات آئي، ائن نه بيهي پير مَل

نرم جهونڪن سان هوا جي، ٿي گلن جي اک کُلي

ورنه بيٺل نير ۾ ٻوٽيل رهن، ٻوٽيل ڪنول!

 

ڪئن نه ان اَنڀو ڪندي ئي دل ۾ جاڳن ولولا

تنهنجي اِن جادو ڀريل نيڻن ڏي شل هر هر ڏسان

ها انهن جادو ڀريل متوالي نيڻن ڏي سدا

شل ڏسان، هر هر ڏسان، ڏسندو رهان، ڏسندو رهان!

 

منهنجي نظرن سان تون ڏس، مان تنهنجي نظرن سان ڏسان،

ڌڙڪي ٻن جسمن ۾ هڪ دل، جاڳي هڪ ئي ڀاونا

پنهنجو جيون تنهنجي جيون سان ملائڻ ائن گهران

پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃون جئن جسم دل ۽ آتما!

 

شانت ۽ واڻِي ۾ تنهنجي منهنجي جيون جو سنٻنڌ

جئن نه ٻن بينن جون لاتيون، ٻن گلن جي جئن سڳنڌ!“

 

خود بخود ماٺي هوا بڻجي ٿي چنچل هير، پر

هير جون مٺڙيون وٺي مس مس ٿِي مکڙي گل بڻي

گل بڻي ڀي هير سان نہ نہ ڪري هر هر، مگر

اُن جي اِن نہ نہ منجهان ئي هير ٿي خوشبو کڻي!

 

چيلهه تي جئن ئي رکيس هن هٿ، وئي هيسائجي

ائن ڏڪيس ڇاتي ٿي، جئن ڇيڙي ڪوئي هنڊول راڳ

پريم جي ڀاڪر ۾ ڪنبدڙ جسم ويو بس سانت ٿي

ڌيري ڌيري ڄڻ ويو خاموش ٿي هنڊول راڳ!

 

ٿي گهُلِي سيتل پون، گل گل جو مهڪيو انگ انگ

پرٿوي پاسي پئي پرڪرت جي مسڪان جان!

بادلن جي گود ۾ نکريو گگن تي رنگ رنگ

خوش خوشيءَ ۾ ٿي ٿيو آڪاس ڀي انسان سان!

 

ڪئَن نه آئنده جي گهاٽي جهڙ مان وڄ جئَن وَر ڪندي

ڀاڳ ريکا، شيام، ڪاليداس جي ٽمڪڻ لڳي!


[1]  نوٽ: ’روپ - مايا‘ جي عنوان هيٺ آيل هي ڪل سورنهن سانيٽ آهن، جن کي عام طور تي طويل نظم سڏيو ويو آهي. پر اصل ۾ هن عنوان هيٺ هر هڪ جدا سانيٽ آهي. انڪري ئي سانيٽن سان گڏ رکيا ويا آهن. (مرتب)

[2]  اَنڀو: تجربو، آزمودو.

[3]  کميا: تپسيا (ٻوڌي عبادت)

[4]  شانتي نڪيتن: مها ڪوي ٽئگور جو جوڙايل آشرم/ يونيورسٽي.

[5]  اپراڌ: پاپ، اپراڌي: پاپي.

[6]  يوگي: ٻوڌي عبادت گذار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org