انتساب
هي ڪتاب ”نکريو آهي نينهن“
نارايڻ شيام جي دوست
شيخ اياز جي نانءِ!
جنهن شيام لاءِ لکيو هو:
هي سنگرام
سامهون آ نارائڻ شيام
هن جا منهنجا ٻول به ساڳيا
قول به ساڳيا
هي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي ۽
منهنجا رنگ رتول به ساڳيا
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان....
مصطفيٰ نانگراج
شاعري،
شيام ۽ سندس شعري مجموعا
مصطفيٰ نانگراج
هڪڙن ماڻهن يعني ڏاهن ماڻهن جو خيال آهي ته سُونهن بدلجندڙ
شيءِ آهي، جنهن کي ڪوئي دوام ناهي!، اُها وقت ۽
حالتن سان گڏ گهٽجندي، مُرجهائبي ۽ آخر ۾ ختم ٿي
وڃي ٿي، جيئن ڪليءَ مان گلاب، گلاب مان پنکڙيون ۽
آخر ۾ ڇڻي زمين ۾ ملي مدفون ٿي ويل گلن جو ڪيرو.
چَوڻ وارا ائين به چَون ٿا ته محبت/ عشق به خود
ڪائي شيءِ ناهي بلڪ محبت جاندارن جي جنسي خواهشن
مان ڦُٽي نڪتل هڪڙو جذبو آهي، هڪڙو اُڌمو آهي،
هڪڙي رَڙِ آهي؛ جيڪا جنسي خواهشن سان گڏ اُٿي ٿي.
ايستائين جو فطرت ۽ قدرت سان انسان جي محبت وارو
جذبو به ڇُهڻ، ويجهي ٿيڻ، ملڻ ۽ ٻکجڻ ڏانهن ئي
اشارو ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح هڪڙن فلاسافرن جو وطن
پرستيءَ تي به اختلاف آهي ته وطن پرستي محدود ذهني
سطح رکندڙ ماڻهن جو فڪر آهي، ڇاڪاڻ ته هر هنڌ هڪڙا
اهڙا ماڳ، مڪان، جايون، جڳهيون، رسمون، رواج ۽
ماڻهو وغيره هوندا آهن، جيڪي نه ڏسڻ ۽ نه وڻڻ جهڙا
هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي وري ڪنهن ٻئي وطن ۾ ڪئي دل
کي گهائي ۽ ڦٿڪائي وجهڻ جهڙيون شيون هونديون آهن،
ته ان لحاظ کان اصل انساني جذبو ته ”چڱ پرستي“ ئي
اڀري ٿو ائين ئي انسان لاءِ به ڪِن جو پنهنجو
انوکو ۽ نرالو نظريو آهي ته انسان جيڪو فطرت جي
اوک ڊوک ڪري رهيو آهي، سو خود پاڻ ئي ڇسو ۽ بنهه
وڏو گند جو ڍير آهي ۽ پاڻ ئي مڙني مسئلن جي جَڙَ
آهي، جنهن خوبصورت ۽ معصوم فطرت کي پنهنجي ڪيل
ڪارنامن سان بدصورتيءَ جي باهه ڏانهن گهليو آهي.
انسان جي فطرت جي کوجنا لاءِ ڪوشان رهڻ واري جراحي
ئي فطرت جي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي. پر حتمي
ماڻهو اهي به ناهن ۽ انهن جي راءِ به حتمي ناهي،
ڏاها ٻيا به گهڻا آهن، جن جا خيال ڪي ٻيا آهن جيئن
ان لاءِ ئي ڪن جو چوڻ آهي ته انسان ۽ فطرت ٻه الڳ
شيون ناهن، انهن جو جز ۽ ڪل وارو رشتو آهي، اُهي
ٻئي هڪ آهن، انسان دراصل فطرت جو ئي حصو آهي ۽
فطرت جا خود متحرڪ آهي ۽ بدلجڻ ۽ بدلائڻ، وڌڻ ۽
گهٽجڻ جهڙيون خاصيتون رکندڙ آهي، سا پنهنجي جُز
يعني انسان ذريعي تبديليون آڻي رهي آهي.
سونهن، سچ، عشق، وطن، انسان، فطرت، ڪُلُ ۽ جز وغيره، جي ادب جا
بنيادي موضوع آهن، تن تي ”بحث“ ابد کان وٺي عقل ۽
فهم/ پيار ۽ پنهنجائپ/ چڙ ۽ ساڙ وچان ڳالهائيندو
آيو آهي ۽ ازل تائين اهو بحث جو ساڳيو سريلو سفر
جاري رهڻو آهي.
موضوع، جي بنهه ئي گهرا آهن، تن تان بحث جيئن جيئن اسرارن جا
پردا وڃي ٿو هٽائيندو، تيئن سي وڃن ٿا اڃان ئي
گهرا ٿيندا مٿي جن موضوعن جي حوالي سان ڪن فڪري
بحثن جا اشارا ڏنا ويا آهن، سي جيتوڻيڪ پنهنجي
دليلن ۾ سؤ سيڪڙو صحيح آهي، پر پوءِ به اهي حتمي
ناهن، ڇو ته انهن جي رد ۾ به ڪيئي وڏا فڪري بحث
آهن، جن کي وري پنهنجا سگهارا عقلي دليل آهن ته
اسرارن تان جيئن پردا کڄن ٿا ته آهي ته ان ئي وڌيڪ
ڳوڙهي ڳجهارت ٿيندا ٿا وڃن. اسرارن اندر اسرار لڪل
آهن. پر سقراط جنهن جڏهن به بحثن جي ڀريل بازار ۾
دليلن جي بارش ڪئي، ته تڏهن ٻڌندڙ سرمستيءَ وچان
جهومي اٿيا ۽ هر دليل تي واهه واهه ٿي، پر پوءِ به
سقراط سدائين بحث ائين چئي سميٽيندو رهيو ته هي سڀ
ڪجهه حتمي ناهي، اسرارن تان پردا اڃا به کڄندا
ليڪن ائين ئي کڄندا، جيئن اسان ڳالهايو سقراط جي
ڳالهين جو ڳهير هو، تنهن وٽ سليقي سان ڳالهائڻ ئي
سندس جيون جي ڪل ميراث هئي ليڪن سچ اهو آهي ته سڀ
ماڻهو سقراط جيان ڳالهائي نٿا سگهن، سڀ ماڻهو اهو
سليقو نٿا ڄاڻن پر پوءِ به ماڻهو اسرارن مٿان پيل
انهن ميرين گَرُ جهڙين چادرن جي ڍيرن کي هٽائڻ ٿا
چاهن ۽ هُنن کي به اظهار گهرجي ڪو نئون ۽ نرالو
اظهار - هُو به فطرت جي بحث جو حصو بنجڻ ٿا چاهن ۽
پوءِ ادب، موسيقي، مصوري وغيره سندن سهارو ٿين ٿا.
پر انهن سڀني وسيلن مان وري شاعري انسان جي اظهار
جو بنهه ئي سُريلو، دل ۽ دماغ ۾ پيهي ويندڙ ذريعو
آهي، جو سقراط جهڙو داناءُ شخص به جڏهن زهر جي
پيالي پيئڻ کان پهرين ”روح سدا حيات“ بابت بحث کي
پنهنجي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ وارو ٿئي ٿو ته کيس
هومر جي نظم جو سهارو وٺڻو ٿو پوي؟
”تمام پري،
ڌرتيءَ اندر سڀ کان وڌيڪ اونهي کڏ آهي.“
۽ ائين ئي هُن پوڙهي هندستاني پروفيسر گُرو رجنيش، جنهن ٻين کان
علاوه خود پرستن جي ملڪ آمريڪا جي سُڃن ماڻهن کان
ويندي اُمرائن ۽ شرفائن تائين جي دلين کي به بحثن
وسيلي باهه لڳائي هئي، تنهن شخص کي به پنهنجي
اڪابريءَ جي حشمت جي هڪڪرائيءَ لاءِ ميران، نانڪ،
ڪبير وغيره جي شاعريءَ جو سهارو وٺڻوئي ٿي پيو-
رجنيش جي ڳالهين جو سحر پنهنجي جاءِ تي ليڪن پوني
(گُرو رجنيش جي آشرم واري جاءِ) ۽ ٽنڊو ڄام جي تار
ڪبير جي دوهي ذريعي ئي ڳنڍجي ٿي؛
ڪبيرا کڙا بجار ۾ ليئي لُڪاٺِي هاٿ
گهر باري جو اَپنا چلي هماري ساٿ
۽ پوني جي پوڙهي جي پياڪ پيروڪارن تي خماري به چڙهي ئي تڏهن ٿي
جڏهن هو سندس واتان تحت اللفظ گيت ٻڌن ٿا:
ڪڀي مندر سي ڀي اُٺني دو اذان ڪي آواز
ڪڀي مسجد ڪي گهنٽيون ڪو ڀي بج جاني دو
پنجري ڪي طوطون ڪو دُهراني دو جهوٽي باتين
اپني مينا ڪو تو پَرِ کول چهچهاني دو
اُن ڪوڪرنِي دو مُراد رسمون ڪي بربادي ڪا غم
همين نئين زمين نيا آسمان بنانِي دو
ايڪ دِنِ اُن ڪو اُٺا لين گي اِن سر آنکون پر
آج ذرا خود ڪي تو پائون ڪو سنڀل جانِي دو
گيت ڪو اُٺنِي دو اور ساز ڪو ڇِڙِ جاني دو
ذرا سنڀلني دو ميران ڪي ٿڙڪتي پايل
ذرا گوتم ڪِي سڌهي پائون بهڪ جاني دو.
۽ شيام ان ليکي تمام وڏو خوش نصيب شخص هو، جو شاعري سندس اندر
جي اڻتڻ جي اظهار جو وسيلو ٿي- شيام سنڌي شاعريءَ
جو محبوب هو- هُن شاعريءَ سان ڪئي انگل آرا ڪيا ۽
شاعريءَ وري عاشق زهر پياڪن جيان، سندس سڀئي حجتون
سٺيون- سندس سڀئي انگل آرا کنيا- اها ڪنهن ڪنهن
ماڻهوءَ جي ئي خوشنصيبي ٿيندي آ جو ان کي اظهار جو
اهڙو رستو ملي ويندو آهي، جو نه رڳوان جي اندر جو
اورڻ هوندو آهي، بلڪ ان جي ئي پيرن جا نشان ٻين جا
به سونهان ٿي پوندا آهن- ۽ نارايڻ شيام سان به
اُهوئي ٿيو، جو هو شاعر ٿي پيو- هاڻ کيس زمانا پيا
ڳائيندا ۽ سندس اظهار ٻين جو به واهر ۽ وسيلو ٿي
پوندو؛
آدمي ٿو جئي بس ڳڻيل ڏينهن ڪي،
شعر جي زندگي سج سنئَين نت نئَين!
شيام گهڻ رخو شاعر هو- هونئن به ڪيفيتن جا انبار ئي ته شاعريءَ
جي خوراڪ ٿي ٿئي- هُن شاعريءَ جي پراڻي گلدان ۾
شعرن جا ايترا ته نوان گل رکيا جو سنڌي شاعري نه
رڳو رات راڻيءَ جي خوشبوءَ جيان مهڪي اٿي، بلڪ
شاعريءَ جو هڪ نئون نڪور ۽ رنگ برنگي ڪهڪشان جُڙي
پيو؛
شيام ان ۾ ڪڏهن ته گل رکبا،
مليو گلدان، سُوکڙي آهي!
مون جڏهن شيام جي سموري شاعري پڙهي مٿئين شعر جي ڪيفيت تي سوچيو
هو ته مون کي ائين لڳو هو، ڄڻ شيام کي اهو گلدان
ڀٽائيءَ سوکڙي ڏنو هجي ۽ هو سارو جيون جتي به هو
ويڳاڻي دل سان، پنهنجي محسن جي ڏنل سوکڙيءَ ۾ شعرن
جا گل وجهندو رهيو
۽ ٻئي پاسي اسان جي بيحسي اها هئي جو اهڙي شخص کي پنهنجي اکين
سامهون، پنهنجي ئي هٿن سان جلاوطنيءَ جي جهنم ۾
اُڇلي ڇڏيوسين، ڄڻ هُن سان ڪوئي سڱ سياپوئي ڪونه
هو!- ۽ هو چوندو ئي رهجي ويو؛
جواني جنم ڀوميءَ کڻي نڪرڻ کي اڄ سارين
ٻنهي مان ڪنهن بهاني ڀي ڏسي هاڻي نه ڪا سگهبي!
اُها ٻي ڳالهه آهي ته بدنصيبيءَ جي آنڌيءَ اسان جي به درن تي
دستڪ ڏني وطن ۾ بي وطن ئي رهياسين، نه آئي ڪڏهن ڀي
گلن جي موسم، سدائين خزان ئي رهي- شيام چواڻي؛
انقلاب آيو، مگر آيو نه، آئيي جهڙو.
ان کان پوءِ جيئَن جيئَن حالتن جي سوڙهه، گُهٽ ۽ ٻوسٽ وڌي،
تيئَن ٻوليءَ ۽ ادب سان محبت جو ماڻهن ۾ جذبو
اُڀريو، سندس ئي هڪڙو دوهو آهي؛
سخت بڻيون جئَن حالتون- ڀڙڪي اُٿيا دماغ
شيام انڌارو جئَن وڌيو- چمڪيا سرس چراغ!
۽ ائين شيام طبعي طور ته نه پر سندس ٻوليءَ ۽ وطن لئه اون واري
شاعري اسان تائين پڳي؛
الا ائين نه ٿئي جوڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
۽
روئي- روئي هاءِ- مون جا چانڊوڪي ڇڏي
تون ئي چنڊ ٻڌاءِ- اڄ ڀي آهي سنڌ ۾!
۽
اڄ شاهه جي رسالي‘ تي نظرون کُپي ويون
موٽي صدين کان پوءِ ٿي ڄڻ سنڌ مون ڏٺي!
جيتوڻيڪ اها اُنهن حالتن جي نزاڪت هئي/ آهي، جو اهڙي شاعري سڀني
جي دل جي درن کي وطن ۽ ٻوليءَ جي محبت لئه ٺڙاڪ
ڪري کولي ٿي ڇڏيو/ کولي ٿي ڇڏي، پر جتي ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ ۾ مارئي جون وطن ورڻ لئه آهون ۽ دانهون؛
پر آشوب ۽ پر عزم آهن، اتي مومل جون ميارون، آزيون
۽ نيازيون به نياريون آهن- ۽ هن عورت عاشقن جي
اڳواڻ سهڻي جو ميهر لئه وچ سير ۾ ڪچي گهڙي هليو
وڃڻ، ڇا ڪنهن کان وسريو آهي!؟- ۽- اڄ به اسان جي
محفلن جي پڄاڻي راڻي سان ئي ٿئي ٿي، جا اسان لئه
ڄڻ صدارتي راءِ هجي ٿي.
عشق فطري جذبو آ، جو ابد کان هئو ۽ ازل تائين رهندو- هونئن ڀلا
ڪوئي ڪيئن زماني جي ستمن جي ڀاري هَڙَ جو بارُ کڻي
سگهندو؟- روز ٿي دردن جي نئين بارش ٿئي ۽ رز ٿيون
گردن جُهڪائڻ لئه سنگينون اُٿن ۽ روز ٿا خواهش جا
ٽٽل شيشا پيرن کي ڦٽن- تڏهن جيون گهارڻ لاءِ شيام
جي هڪڙي سادي پر وسيع فارمولا ئي نه رڳوهڪ پَلَ
بلڪ ساري جيون جا سمورا حساب ڇڏائڻ لئه آٿت ٿي
بڻجي؛
سونهن آٿت بڻي، پيار ويسر ڏني،
دک ڀري زندگيءَ جا ڪٽيا ڏينهڙا!
شيام تي مون جڏهن سال کن اڳ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، تڏهن منهنجي
سامهون ٻه مقصد هئا؛ هڪ ته شيام جي سموري شاعري هڪ
هنڌئي هتي سنڌ ۾ ڇپجي پڌري ٿئي، جيئَن ذوق سخنور
کيس تبصرن، مضمونن، حوالن ۽ ڪچهرين جي آڌار تي نه
سڃاڻن، جيئن هيل تائين ٿيندو آيو آهي- شيام هتي
سنڌ ۾ چند ماڻهن جي ئي ميراث رهيو آهي، جيڪي چاهين
ته ڪنهن کي ٻڌائين جي نه چاهين ته ڪنهن کي نه
ٻڌائين. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي نه رڳو پاڻ سان بلڪ
خود شيام سان. سندس ئي هڪڙو بيت آهي؛
دل ۾ عزم لڇي رهيو- آهه سجاڳ شعور،
پڪ ڄاڻ ته ناهي هينئر- شيام بغاوت دور!
ته شاعري شيام جي، اَک هُنن جي ۽ ڏسون اسين--! ائين ڪيئَن ٿي
سگهندو!؟- شاعري ڪليءَ مان گلاب ٿيڻ جي وچ واري
مهل جو احساس آهي - ڪلي ڪيئن ٿي گلاب ٿئي! ڪلي
ڪيئن ٿي شبنم جهٽي! اهو ٻيو ڪوئي ڪيئن ٻڌائي
سگهندو؟- اهو ڪير به ٻڌائي نه سگهندو.
اڄ تائين سنڌ ۾ ٻٽن مضمونن، هڪڙي ننڍڙي 64 غزلن جي مجموعي
”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ (ڇپجڻ جو سال 1987ع، پاران
سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، سنڌ.) ۽ تازو
مون پاران شيام جي سمورن غزلن جي سهيڙيل مجموعي
”راهون پنڌ پيون“ (ڇپجڻ جو سال 1998ع، ڪانفرنس
ڪوٺائڻ کان سواءِ ٿيو ئي ڇاهي! پاڻ ماڻهو سچ ته
خود فريبيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃون- جڏهن ته
هندستان ۾ سندس شاعريءَ جا ڏهه مجموعا ڇپيا آهن.
۽ هن ڪم لاءِ ٻيو وڏو مقصد منهنجي سامهون شيام جي سموري
شاعريءَ کي سهيڙڻ سان گڏ نئين ترتيب ڏيڻ هو- اُهو
اِن ڪري جو هيل تائين سندس جيڪي شعري مجموعا ڇپيا
آهن، تن ۾ ڪيئي ڪميون پيشيون رهجي ويون آهن-جنهن
جو مثال سندس پهريون شعري مجموعو ”ماڪ ڦڙا“ (هري
دلگير سان گڏ) 1953ع ۾ آشا ساهت منڊل، اجمير پاران
ڇپايل آهي، جنهن ۾ هڪ ته شاعري صنفوار ترتيب سان
ناهي رکيل ۽ ٻيو ته سڀني شعرن مٿان عنوان ڏنا ويا
آهن، جنهن سبب پڙهندڙن کي سولائيءَ سان پتو پئجي
نٿو سگهي ته انهن ۾ ڪهڙو نظم، ڪهڙو آزاد نظم، ڪهڙو
غزل، ڪهڙو سانيٽ ۽ ڪهڙو گيت وغيره آهي؟ جو اُهي ڄڻ
ته هڪڙي صنف مان ڦري ٻي صنف بڻجي پئي آهي، جنهن جي
ڪري رڳو اهو ته عام پڙهندڙ مونجهاري جو شڪار ٿئي
ٿو، بلڪ ائين به ٿيو آهي ته شيام جي شاعريءَ جو
اڀياس لکندڙ اُن مجموعي کي گهڻو ڪري ’نظم‘ ڪري پيش
ڪيو آهي. جڏهن ته هن مجموعي ۾ نظم سان گڏ خوبصورت
گيت صنفون به آهن. سندس هن مجموعي جو ’پريت‘ گيت؛
ڦاڳ آيو، بسنتي هير گُهلي
ڇو ڪين کُلي هيءَ دل جي ڪَلي؟
گيت زبان تي، پِريت اندر ۾، مُهر چپن تي خاموشيءَ جي
سانڍيل سو سو سورن جا اڄ لڙڪ اکين ۾ آيا ڀرجي
سي شال ڇُلي ٻاهر نه پون
سنسار جا ماڻهو جئن نه کِلن
دنيا کي کلڻ جو وجهه ڇو ملَي؟
تون چاهين کلڻ کل شيام ڀلي (ص. 145)
يا ’سپنن جي دنيا‘؛
ان جي اکڙين ساڻ اکڙيون ۽ سندس دل ساڻ دل
مان ملائيندس سکي! سُڌ ٻُڌ ڀلائيندس، سکي!
جي مري وينديس، نه وينديس ان جي سپنن مان مگر
نينهن جو ناتو مرڻ تي ڀي نڀائينديس، سکي!(ص. 167)
هڪڙا اهڙا بيمثال گيت آهن، جن کي پڙهڻ سان ماڻهوءَ جي جسم مان
سيسراٽيون نڪري ٿيون وڃن ۽ سچ ته ماڻهو سُڌ ڀُلجي
ٿو وڃي.
ان کان سواءِ ”ماڪ ڦڙا“ جي صفحي نمبر 156 تي آيل ’محبت‘ نظم
ڇپيل لکيت جي اعتبار کان هيٺين ريت آهي؛
ٿڙڪي،
ڦڙڪي،
ڪنبي، ڌڙڪي،
کُلِي، ڇُلي
ڇُلي ڪِري
ائين ڪري جئن ندي ڇُلي
وڃي سمنڊ سان ملي جُلي!
اُوءَ ٿڙڪي پر انگ نه ٿڙڪيا!
اُوءَ ڦڙڪي پر چپ ته نه ڦڙڪيا!
- - - - - - - - - - - - - - - - - -
- - - - - - - - - - - - - - - - - - -
پر ان مٿئين لکت جي آڌار تي ان کي نظم نٿو چئي سگهجي، جيئن ڪن
اڀياسڪارن هن نظم کي آزاد نظم سڏيو آهي- ٿي سگهي
ٿو ته انهن وٽ ڪي دليل هجن، پر مون کي اها ڳالهه
ڪجهه آئڙي ڪونه ٿي، بلڪ منهنجي خيال ۾؛
ٿڙڪي، ڦڙڪي، ڪنبي، ڌڙڪي
کُلي، ڇُلي، ڇلي ڪِري
اِئين ڪري جئن ندي ڇُلي
وَڃي سمنڊ سان ملي جُلي!
- - - - - - - - - - - - - - - -
- - - - - - - - - - - - - - - - -
واري ترتيب ئي هن نظم جي اصل ترتيب آهي ۽ جيڪا پابند نظم جي ئي
اُڻت آهي، جنهن ۾ شاعر چار ڀيرا فعلن استعمال ڪيو
آهي- ۽ ائين شيام جي ڪتابن ۾ لکيت وارو مونجهارو
کوڙ هنڌن تي نظر اچي ٿو- جيئن سندس ٻئي شعري
مجموعي ”نه سو رنگ- نه سا سرهاڻ“ (ڇپجڻ جو سال
1987ع، پاران سنڌي ٽائيمس اُلهاس نگر.) جي صفحي
نمبر 25 تي آيل پابند نظم ’توکي سمجهي نه سگهيس‘
جي آخري سٽ هيٺئين ريت ڇپيل آهي؛
ڪڏهن ڀي ڪين
پوريءَ ريت
مان سمجهي سگهيس توکي!
منهنجي خيال ۾ فقط هڪ سٽ جي ترتيب ڦيرائڻ سان، اِهو نظم جيڪو
مڪمل پابند نظم آهي، سو آزاد نظم ٿي نه سگهندو!!
ان کان علاوه ” ماڪ ڦڙا“ ۾ عنوانن وارا غزل به آهن، جيئن؛
1 ڳايان ڪئن مان؟ (ص.104)
2 فنا ڀائنجي پئي!_ (ص.105)
3 جاڳ او جاڳ! (ص.123)
جيڪي گيتن ۽ نظمن جي به وچ ۾ رکيل آهن، جنهن ڪري ئي شايد اهو
مونجهارو پيدا ٿيو آهي ته اهي نظم آهن، پر اهو
مونجهارو دراصل اڳتي هلي شيام پاڻ ئي حل ڪري ڇڏيو
آهي، جو هُن پنهنجي ترتيب ڏنل آخري غزلن واري
مجموعي ”ڏات ۽ حيات“ (ڇپجڻ جو سال 1988ع، پاران
اجنتا پبليڪيشن اجمير.) ۾ مٿين غزلن کي شامل ڪيو
آهي- ان ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن مجموعي
يعني ”ماڪ ڦڙا“ ۾ صنفن واري ترتيب جي تفريق کان
سواءِ ئي شاعري رکي وئي آهي- ساڳيءَ طرح شيام جي
هڪ ٻئي مجموعي ”روشن ڇانورو“ (ڇپجڻ جو سال 1962ع،
پاران ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي.) جي دوهن ۽ سورٺن جو
حال آهي- هن ڪتاب تي سڳن آهوجا صاحب جو مهاڳ لکيل
آهي ۽ ان مهاڳ کان پوءِ شاعريءَ جي ابتدا دوهن ۽
سورٺن جي ڀاڱي سان ٿئي ٿي، جنهن جي اڳيان ’دوها ۽
سورٺا جي عنوان وارو صفحو لڳل آهي يعني پهرين دوها
پوءِ سورٺا، جنهن لئه اصول ته اهو آهي ته جيئن ئي
صفحو اٿلائجي ته پهريان دوها ۽ پوءِ سورٺا پڙهڻ
لئه ملن، پر هن ڪتاب ۾ ائين نظر نٿو اچي، بلڪ
ابتدا هيٺئين سورٺي سان ٿئي ٿي؛
ساجن! تون آڪاس- آءٌ کير ڌارا بڻيس،
منهنجو هرهڪ سواس- تنهنجي سيني ۾ کڄي! (ص.5)
۽ وري ائين به ناهي ته اڳيان وري ڪو سورٺا لاڳيتا هلندا ٿا هلن-
هيٺيون اُن ئي صفحي يعني صفحي نمبر5 جو ٽيون شعر ڏسو، جيڪو دوهو
آهي!
ماڪ مثل رئندو رهيس- اونداهيءَ ۾ رات،
ڪرڻن سان ڳوڙها اُگهيئه- پرچائي پرڀات!
مون جتي ترتيب دوران شيام جي شاعريءَ کي وري وري غور سان پڙهڻ ۽
پرکڻ جي پنهنجي سمجهه آهر ڪوشش ڪئي آهي، اُتي شيام
تي لکيل عالمن جي مقالن، تقريرن ۽ مضمونن وغيره
مان به رهنمائي حاصل ڪرڻ ضروري ڄاتي اٿم، ليڪن مون
کي اسان جي عالمن / ليکڪن جي ڪم مان گهڻي قدر
مايوسي ٿي آهي-هري دلگير صاحب 11-12 فيبروري 1989ع
دوران آديپور (ڪڇ) ۾ ڪوٺايل ’نارايڻ شيام سيمينار‘
۾ پڙهيل پنهنجي مقالي؛ علم عروض ۽ نارايڻ شيام جو
شعر‘ ۾ چئي ٿو ته؛ شيام جي شعري مجموعي ”ماڪ ڦڙا“
۾ ڏهاڪو سانيٽ آيل آهن_‘ جڏهن ته ان جي اُبتڙ
مجموعي ۾ صرف اٺ سانيٽ آهن ۽ نائون ’مان وساريل ئي
چڱي‘ جي عنوان سان ٻارنهن سٽن جو نظم آهي، ها ائين
ضرور آهي ته اڳتي هلي شيام ان ساڳئي نظم ۾ ٻن سٽن
۾ اضافو ڪيو آهي، جنهن ڪري اُهو سانيٽ ٿي پيو آهي-
جيڪو، ”نه سورنگ- سا سرهاڻ“ واري مجموعي جي صفحي
نمبر 69 تي ساڳئي عنوان ’مان وساريل ئي چڱي‘ سان
آيل آهي- پر ”ماڪ ڦڙا“ ۾ شامل ڪيل ٻارنهن سٽن واري
نظم کي بهر حال سانيٽ نٿو چئي سگهجي- هونئن به
شيام پاڻ ئي سانيٽن کي چوڏيسيون سڏيون آهي، جيڪو
چوڏهن سٽن واري پابنديءَ ڏانهن چٽو اشارو آهي.
مون شيام جي شاعريءَ کي ترتيب وقت گهڻو ڪري پنهنجو رستو ورتو
آهي، شاعريءَ سان منهنجي پنهنجي به پراڻي نيازمندي
آهي، ان ڪري جتي جتي مون کي شيام جي ٻين پارکن سان
اختلاف ٿيو آهي، اُتان مان شاعريءَ جي اصولن ۽
قاعدن تحت گذريو آهيان، جيئن مان جناب سڳن آهوجا
صاحب سان ان ڳالهه تي متفق نه ٿي سگهيس، جنهن ۾
هُن، شيام جي ”روشن ڇانورو“ واري مجموعي جي مهاڳ
۾؛ سردار ڪري واپار- سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي!‘ کي
نظم سڏيو آهي، جڏهن ته اُهو ٻوليءَ، خيال، روانيءَ
۽ اُڻت جي لحاظ کان مڪمل گيت آهي_ اُن ڪري مون اُن
کي گيتن واري حصي ۾ ئي رکڻ صحيح سمجهيو- اها ٻي
ڳالهه آهي ته ڪو مون سان به ڪٿي اختلاف رکي ۽ ان
ڳالهه جو کيس به اُوتروئي اختيار هوندو جيترو مان
پنهنجو پاڻ کي ڏيان ٿو، بلڪ جيڪڏهن ڪا مدلل راءِ
آئي ته مان اُن کي کُليءَ دل سان قبوليندس-
پر ائين ڪيئن ممڪن آهي ته جن گيتن جي مٿان عنوان ڏنل آهن، اُنهن
کي صرف عنوان هُجڻ جي ڪري گيت مڃڻ کان ئي انڪار
ڪري ڇڏجي- جيئن ڪن دوستن جو خيال آهي ته گيتن مٿان
عنوان ناهي ٿيندو، حالانڪ گيت کي عنوان ڏئي سگهجي
ٿو، جيئن مختلف لوڪ گيت جهڙوڪ: بادليو، مڻهيارو،
ڪانگلڙو وغيره آهن.
بس پيارو شيام عجيب شخص هو جنهن سان جنهن کي جيئن ٿي وڻيو تنهن
تيئن ٿي ڪيو- هُن يا ته پنهنجي سڀني ڪتابن کي پاڻ
ترتيب ڏنوئي نه هو يا وري ڇپائڻ وارن يارن پنهنجي
مرضي هلائي ڇڏي ۽ هو يارن جي ياريءَ آڏو ڪڇي ڪين
سگهيو!- نه ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ’واين‘ جي
وچ ۾ شيام ’گيت‘ رکي ڇڏي!؟- جيئن ”ماڪ ڀنا رابيل“
(ڇپجڻ جو سال 1964ع، پاران اجنتا پبليڪيشن اجمير.)
واري مجموعي جو پهريون حصو، جيڪو واين لاءِ مخصوص
ڪيو ويو آهي، اُن حصي جي صفحي نمبر 12 تي؛
پاڻ لڪائين ليئَڙا پائين!
۽ صفحي نمبر 19 تي؛
ٽانڊاڻي جي لاٽ _ رات انڌاري، پنڌ گهڻو!
وارا دراصل گيت آهن، جيڪي واين جي وچ ۾ ڏنا ويا آهن، جن کي مون
گيتن واري حصي ۾ رکيو آهي- جڏهن ته ان ئي ڪتاب جي
آخري نظم واري حصي ۾
1. ويٺو ڪوئي نهاري. (ص. 120)
2. ڪنهنجي تات ۽ ڪنهنجو نينهن. (ص.123)
3. پُونهن جو چنڊ. (ص. 124)
4. ياد توکي ٿو ڪريان. (ص. 182)
به پڻ هر لحاظ کان گيت ئي آهن- مٿي ذڪر ڪيل گيتن منجهان
’ٽانڊاڻي جي لاٽ- رات انڌاري، پنڌ گهڻو! ۽ ’ڪوري‘
جي ته گيتن طور جناب هري- دلگير صاحب به نشاندهي
ڪئي آهي- هُن صاحب بمبئي مان نڪرندڙ ماهوار ادبي
رسالي ”ڪونج “ جي آڪٽوبر- نومبر 1966ع واري
’نارائڻ شيام‘ خاص شماري ۾ ڇپيل پنهنجي مقالي
’شيام جي شخصيت سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ انوکي چيز آهن.
هن قسم جا گيت سنڌيءَ ۾ اڳي ڪونه آيل آهن ۽ هڪ
اتساهه ڏيندڙ اضافو آهن.“
ترتيب سان گڏ ترتيبڪاريءَ ۾ گرامر جون چُڪون، شيام جي ٻين
مجموعن جيان سندس نظمن ۽ غزلن واري ڪتاب ”آڇيندي
لڄ مران“ (ڇپجڻ جو سال 1972ع، اجنتا پبليڪيشن
اجمير.) ۾ به نظر اچن ٿيون- هن مجموعي جي شروعات
’نظمون‘ جي عنوان واري پيج سان ٿئي ٿي، جيڪا ڳالهه
سنڌي وياڪرڻ جي لحاظ کان درست ناهي نظم جو جمع
نظمَ ئي ٿيندو آهي، هونئن به اسان غزل جي جمع کي
غزلون ناهيون لکندا بلڪ غزل ئي لکندا آهيون- جڏهن
ته ان ئي ڪتاب جي غزلن واري حصي جي عنوان واري
صفحي تي ’غزل‘ ئي لکيو ويو آهي نڪي ’غزلون‘ – هن
ڪتاب جي ٻي جيڪا وڏي چُڪ آهي، سا اِها ته ڪتاب جو،
’نظم‘ وارو حصو جيئن ئي شروع ٿئي ٿو ته پهريون
جيڪو شعر ملي ٿو، سو نظم ناهي بلڪ اُها وائي آهي:
پنهنجي ڀر ۾ جاءِ، پرين! ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!
جنم جنم جي آهيان پياسي- منهنجي پياس ٻُجهاءِ!
پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ! (ص. 7)
ان کان علاوه صفحي نمبر 12 تي؛
پيار ڪڻي ڪنهن ڀي نه ڏني وو
در در آيو روح پِني!
۽ صفحي نمبر 13 تي؛
دور دور هئن دور - الا،
اک ڇا ٿي ڳولي؟
آيل پڻ هيئت جي لحاظ کان وايون آهن- جيڪي هن ڪتاب ”نکريو آهي
نينهن“ جي واري حصي ۾ شامل ڪيون ويون آهن.
بيت
اوسنگيت سُڄاڻ، ٻڌ - او سنگيت سُڄاڻ،
ڏيڏر، ڪوئل ساڻ - شرط رکي ڳائي رهيو!
ذرڙو ذرڙو ڀونءِ جو - پاڻ چمڪندو هاڻ،
اُڀ جي ڪهڙي ڪاڻ - ڳڻي کڻي سج ترورا!
گل جي لاءِ گهڻي هئي - هلڪي هلڪي ماٽ،
ڇو هي ڇوهي ڇاٽ - کيس نهوڙي ئي ننيو!
ڊاهي مانارو سندن - ماکي سندن لُٽين،
پوءِ به جي ڏنگين - ڏوهاري سڏجن مکيون!
مندر ۾ ڀڳوان لئه - بجلي اوت پروت،
چؤواٽي تي جوت - انسانن لئه وٿ وڏي!
چوندي پنهنجي منهن به ٿو - هاڻي شرم اچيم،
جئَن سو ياد پويم - عرض ڪرڻ ڪنهنجي اڳيان!
ڏسيو هزارن رهبرن - هڪ ئي راهگذار،
رستا هيئن هزار - هڪڙي گمراهيءَ ڪڍيا!
ايڏي ڦهلي روشني - اُس ٿي ايڏي سخت،
پنهنجي ڇانوَ درخت - ويو سميٽي پاڻ ۾!
ڪڻ ڪڻ جرڪي پوءِ ڀي - هاءِ اَکين جي اُڃ،
هيءُ هرڻ ۽ رڃ - واريءَ جون واٽون وڏيون!
ورکائي واٽون هنئر - پانڌين لئه لوچين،
سڃ ڏسي سوچين - ڇا سڀ ڀلجي ماڳ ويا؟
سورڻ ويٺي راتڙي - تارن جي تسبيح،
ڪهڙي ڪار قبيح - ڌرتيءَ وارن کان نه ٿي؟
ڀت تان چاپوڙا لٿل - در جا شيشا چور،
سج پچائي پورُ - خالي هاڻ مڪان ۾!
مستقبل جي راهه تي - هُئو وقت جو پير،
ساٿ ڇني ويو ڪير - اڄ ماضيءَ جي موڙ تي؟
گلي ملي طوفان ۾ - ڊوڙي رک رک ساڻ،
قبرستان مساڻ - مرڪيا پئي پاٻوهه مان!
ڏس جهونجهڪڙي جي اُفق - ننڊ نهوڙيا، جاڳ،
اَنبر ڀنءِ جو ڀاڳ - چميو چمي ڪئن چوڄ مان! |