سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:9 

 

اکين منجهه اوتُون ۽ جوتُون غضب جُون،

بِنا سُرڪ جي ڀي خماريو وتي ٿو.

 

اتي ڇا پُڄي چاندني، روشني ڪا،

سندي سونهن جا سج، اُڀاريو وتي ٿو.

 

سُپيريان سندو تاب، ڪو ڪو جهلي بس،

گهڻن جا ڏٺي ڏِيل ڏاريو وتي ٿو.

 

سُجهي ڪين ٿو مَٽُ، لکن ۾ سندس ڪو،

سڄو تَر ۽ پَر هي اُجاريو وتي ٿو.

 

شڪاري نه آ پر دونالي نظر سين،

جتان ٿي گذر کوڙ ماريو وتي ٿو.

 

وڃي ٿو ٿِي ماحول سارو ئي مُعطر،

فضا ۾ عنبر مشڪ هِاريو وتي ٿو.

 

’پريل‘ تي پرين جي خصوصي نوازش،

اسان کي ته اُڀَ تي اُڏاريو وتي ٿو.

 

*

انتها کان عشق جي ڪئي ابتدا،

وئي پُڄي هِڪ پلڪ ۾ پنهنجي صدا.

 

”اناالحق“ جي اسم سان آلاپ تي،

پاڻ وَٽِ پهتا اُڏي شاهه و گدا.

 

پاڻ کي ٿي ڪرب پيڙا مان نجات،

سُخنور محبوب جي اهڙي ادا.

 

ٻي ڪا ٻولي ناههِ من جي موج ۾،

ڪن ٿيون تن جون تارون ”تون هي تون“ سدا. 

*

نِجُ امرتا ۾ ٻُڏل مرندو نه آ،

لعل پاڻيءَ ۾ لڪل ترندو نه آ.

 

ماڳ ماڻڻ لئه ڀلي دوکا مِلَن،

واٽ تان پانڌي ڪڏهن ورندو نه آ.

 

جو به آيو عشق جي آهي اري،

ڪير چئي ٿو درد سو چرندو نه آ.

 

ڪيئن پاڻيءَ تي هلي گاڏي پئي،

آب سان ڏيئو ڪڏهن ٻرندو نه آ.

 

هڪ خدا جو ’پريل‘ کي ڊپ ڊاءُ آ،

ڏيهه ڏاڍن کان صَفا ڏرندو نه آ.

 

دل فريبيء ساڻ ’دايي‘ کي لُٽيئي،

پر مٺا دوکو يڪو ڦَرندو نه آ.

*

قَلب کي اَڄُ قرار ٿيو آهي،

خود مهربان يار ٿيو آهي.

مرحبا ڪئي گُلن وڻن مان لڏي،

مَنُ هي باغ و بهار ٿيو آهي.

دِل چَري کوڙ زخم کاڌا هِن،

هي ڪو پهريون نه وار ٿيو آهي.

چنڊ سان چاهه لاءِ ٿو اُڏرين،

هو ستارن ڏي تيار ٿيو آهي.

ڪيئن گدرا لتاڙي ٻارن جا،

ڏاڍ گهوڙي سوار ٿيو آهي.

سُڃ آهي مگر سَناٽي مان،

سون جو ڪوته ڳار ٿيو آهي.

اُڀُ روئي پيو انڌير پَسي،

مينهُن بيجا خوار ٿيو آهي.

تون ته گُل آهين تنهنجي تحفظ لئه،

هي بندو پاڻ خار ٿيو آهي.

پيگ هڪڙي سان ’پريل دايي‘ کي،

اڄ ته ڏاڍو خُمار ٿيو آهي!

*

درد دل ۾ دٻائجي ڪهڙو؟

يار کان ڳُجهه لڪائجي ڪهڙو؟

 

چؤطرف ڄارُ آهي ڪنڊن جو،

هٿ گلن ڏي وڌائجي ڪهڙو؟

 

جو پکي پيار مان لهي پِڙ تي،

ٽاهُه ڏيئي اُڏائجي ڪهڙو؟

 

جو ڪري قول ٿو وڃي مُڪري،

پو ڀلو تنهن کي ڀانئجي ڪهڙو؟

 

نه جنهن ۾ سُرُ، سواد انگڙائي،

گيت اهڙو سو ڳائجي ڪهڙو؟

 

مان ته سادو سڌو ۽ مولائي،

پاڻ ’پريل‘ پَڏائجي ڪهڙو؟

*

وک وک تي واسينگن جا ور ويڙهي ۾،

جهانگيئڙن جا ڳوٺ سَڄا ئي جهيڙي ۾!

 

ڪُونڌ ڪُسي وِيا قوم جو مُقدر ڪين مَٽِيو،

ڪانه سا جرئت اڄ جي ليڊر ليڙي ۾.

 

نفرت جي ٻوٽن کي پاڙؤن پاڻ پٽي،

آ ته ورهايون محبت مُرڪون ميڙي ۾.

 

محبوبن جي مدح لکڻ لئه سمنڊ کپي،

قلم ڪندو ڇا مَسُ جي ٽيپي ٽيڙي ۾.

 

هُن جي ڳاڙهي ڳل مان جو ميٺاج مليو،

سونه گهوٽڪي يا ميهڙ جي پيڙي ۾.

 

سِرُ گهورڻ جي سوچ رکي سو ساڻ هلي،

ٻيو نه چَڙهي ڪو ’پريل‘ پنهنجي ٻيڙي ۾.

*

کيس چِيري صفا چَٻاڙي ڇڏيان،

دل جو گلشن سڄو، اُجاڙي ڇڏيان.

 

هُن نه سمجهو صَبُر اسان جي کي،

هوند هستي سندس لتاڙي ڇڏيان.

 

ڪوڙ، ٻِيائي جتي پناهه وٺن،

ڇو نه سو آستان ساڙي ڇڏيان.

 

هاڻ برداشت کان چڙهي ويو ڪم،

هِن تي لکيل سٽون به ڦاڙي ڇڏيان.

 

جاتي جاتي وڻن ٿنڀن تي ٽنگيل،

اِهي تصويرون ئي بِگاڙي ڇڏيان.

 

تون چوين ٿو اڃا به ”خاموشي“،

لُڙڪ لِڪَ ۾ ڀلا ڇو لاڙي ڇڏيان.

*

هان وَٺُ ڏُڌ جو ڍُڪ ته پيءُ،

پيءُ اسان سان گڏجي جيءُ.

 

جام صُراحي کي ٺڪرائي،

ڪر تون کير مکڻ کي جيءُ.

 

سنڌ جي سونهَن رنگن ۾ رهندي،

پاڻ به مٺڙو ماکي ٿيءُ.

 

تنهنجو ’پريل‘ تنهنجي آئي،

هٿ ٻڌيون آ بيٺو هِيءُ.

 *

تن ۽ من جي تار ٻُري ٿي،

سڪ اندر ۾ سُري پُري ٿي.

 

ساڙ نه ساڙي، موت نه ماري،

چاهت جڳ ۾ چُري پُري ٿي.

 

”اڄ ته مٺي ڏي مُرڪي مون کي“،

دل هي توکان دانُ گهري ٿي.

 

پرت ڀلي پَر ڏکي جدائي،

سُک کسي ٿي چين ڦري ٿي.

 

تنهن کي ’پريل‘ ڪيئن وساريان،

هَرهَر هنئڙي منجهه هُري ٿي.

*

ڪنڌ پُٺ تي کڻي نهارين هان،

ٻِي نظر سان وري جيارين هان.

 

هو پکي پيار مان لٿو تو وٽ،

ٽاهه تنهن کي نه ڏئي اُڏارين هان.

 

ڇا ٿيئه هان جي اک جي ساگر مان،

ڪا سِپِي سُرڪ جي پيارين هان.

 

مان مڃان ها ڪَوي تڏهن توکي،

ڏات سان سج جڏهن اُڀارين ها.

 

ڪيئن ڪاراٽيو سماج سڄو،

تون ته اوندهه ’پريل‘ اجارين ها.

*

هو چون ٿا ته ڪو چريو آهيان،

مان ته اونداهه ۾ ٻريو آهيان.

 

پنڌ پنهنجي ۾ پاڻُ گرم رکيو،

ڪانه ساهي پٽي ٺريو آهيان.

 

سوچ بدلي نه واٽ بدلائي،

ڪيئن چئين ٿو ته ”مان کريو آهيان!“

 

کوڙ خطرا ۽ خوف جهاڳيا هن،

پر نه ڪنهن کان ڪڏهن ڏريو آهيان.

 

ورد ساڳيو ئي اهو ”جيئي سنڌ“،

سُرت ساڃهه جو مَٽُ ڀريو آهيان.

 

ڪي ڀَڳا ڪي ٻُڏي مري به ويا،

مان ته سيڻاهه ري تريو آهيان.

 

سال ٿيا ڪئين سُڃاڻ پنهنجي کي،

پوبه ساڳيو اُهو ”پريو“ آهيان.

*

”ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي وِڪاڻا“،

رهيا پٻن تي سَپُوت سياڻا.

 

مِليو نه جن کي سڌو ڪو رستو،

اسان کي ڏين ٿا متيون اياڻا.

 

ٻرن ٿا ٻرندا اونداهه جيسين،

اڃا نه پنهنجا ڏِيا اجهاڻا.

 

نااهل مالٰهي نه مُور ڄاتو،

ته باغ جا ڪِئَن گُل ڪُوماڻا.

 

اُميد آهي سنڀار لهندا،

ضرور ايندا اديون اَباڻا.

 

پَتو ڇا پوندو ’پريل‘ تڏهن ڪو،

رُنا ڪي مون لئه مُئي پڄاڻا.

پهرين سٽ جديد سنڌي شاعريءَ مان متاثر ٿي کنيل

*

هي عيد موٽي آئي، مُرڪون اڃا نه موٽيون،

پُر ٿيندا هاسين پِي پِي، سُرڪون اڃا نه موٽيون.

 

وکريل ٿا وار پَسجن، چهري تي چَمڪ ناهي،

ٽهڪن ٽڙن جو ماڻهو، خوشيون اڃا نه موٽيون.

 

اکڙين نه پاتو سُرمو، سنڌڙيءَ کي سُوءَ ساڳي،

مارُن جون ڳيچ ڪنهن تي، جُهمريون اڃا نه موٽيون.

 

پائي ڳچيءَ ڳِراٽيون، پائيندا هاسين ’پريل‘،

سي چاهه واريون چُميون، چُسڪيون اڃا نه موٽيون.

*

پرِين! توکي سنڀاريان ٿو،

تنهنجون ڳالهيون پچاريان ٿو.

 

اَندر جي پيڙ پڌري ڪَن،

اَکين مان لُڙڪ هاريان ٿو.

 

ٻُڌي آمد اوهان جي جو،

وري واٽون نهاريان ٿو.

 

سجائي گهر سڄو تو لئه،

اڱڻ سارو ٻُهاريان ٿو.

 

اوهان جي آس ۾ جاڳي،

صبح جو سج اُڀاريان ٿو.

 

پڙهيا جي پرت پاڙڻ لئه،

اکر سي ئي اُچاريان ٿو.

 

سَڙي ڇو ڏيهه ٿو سِڪ تي،

جي پنهنجو پاڻ ڳاريان ٿو.

 

وٺي نالو چرين وانگي،

’پريل‘ توکي پُڪاريان ٿو.

*

اکين اکين ۾ سلام ٿي ويو،

انهي ادا سان ڪلام ٿي ويو.

 

عطا ٿي مئه جي سُرڪ اهڙي،

ڪو جام تي ئي جامُ ٿي ويو.

 

جڏهن ڀَڻي ڀُون تڏهن کان توسان،

ائين رهڻ جو انجام ٿي ويو.

 

نه دل اَڙيءَ جو ڪو اگهه ٿئي ٿو،

دايو تو دَرَ جو غلامُ ٿي ويو.

 

دنيا دٻائڻ جي ڪئي گهڻي پر،

’پريل‘ جو نالو ته عام ٿي ويو.

*

تنهنجو خـــــــيـــــــال آهــــــي،

جيئڻ مــــــــحـــــــال آهـــــــي.

 

ڪڏهين ته تُون پُڇين هان،

تان ”ڪهڙو حـــــــــال آهـــــــي؟“

 

غربت جون عيدون ڪهڙيون،

ڏٻــــــــــرو عَـــــيـــــال آهــــــــــي!

 

سياست ۾ سڀ ٿيو جائز،

ڪنهن شيءِ جو ڪال آهي!؟

 

’پريل‘ کي جڳ سَهي ڇو؟

مسڪين ٻــــــــــال آهـــــــــي!

*

ڌار توکان رهي نه سگهنداسين،

سُور ايڏو سهي نه سگهنداسين.

 

سَتَ پيڙهيون ڳريون غلامي ۾،

هاڻِ ويتر وهي نه سگهنداسين.

 

ڪيئن مولا نصيب بدليندو،

جي ڪُڇي ڪجهه ڪَهي نه سگهنداسين.

 

ايترو وِڙهه وَري مِلي به سگهون،

ويڙهه کانپو ٺَهي نه سگهنداسين.

 

منهنجي مارُن تي، اکيون ڦوٽارين!

ايئن گڏجي رهي نه سگهنداسين.

 *

لوهه کي لوهه ڪٽيندو آهي،

ڏاڍ کي ڏاڍ سَٽيندو آهي.

لڻندو آهي سوئي سڀڪو،

جيڪو ٻج ڇٽيندو آهي.

سياڻن موجب سِينڍو ڪُتو،

هٿ ۾ ئي ته پٽيندو آهي.

ڪڏهن ته هيڻو سچ جي سگهه سان،

ڏاڍن کان به کٽيندو آهي.

ڀاڙيو ماڻهو نيٺ وڪامي،

پنهنجو پاڻ سٽيندو آهي.

ڪم نَسلو ڪم ظرف ٿو بڻجي،

توڙي نمڪ چٽيندو آهي.

اڪثر گيدي مڙسن آڏو،

پنهنجي مُڇ وٽيندو آهي.

ماڻي ٿو سو مڃتا جيڪو،

ٻين جا سُور جهٽيندو آهي.

ڇا به هجي پر مُئي پڄاڻان،

سڀڪو لوڙهه لٽيندو آهي.

سوچ ته ڪجهه هي ’پريل‘ تو لئه،

ڪيڏو وقت ڪٽيندو آهي!

*

مِٽي ۽ ماڻهوءَ جو رشتو اڻ ٽُٽُ آ،

قرب جو ڪاٿو ڪونهي، مُحبت اڻ کُٽُ آ.

 

چارِ گهڙيون گهارڻ لئه صحبت ٿي گُهرجي،

بيشڪ ڪو ڪنهن ساڻ ته ڪو ڪنهن سان جُٽ آ.

 

قبيلائي سوچ ۾ ساهه منجهي ٿو پيو،

ڪُند ذهني ۾ قابُو قوم جو نِڙ گهُٽ آ.

 

خون جو رشتو جذباتي ۽ حساس ’پريل‘،

ماءُ کي ناهي هوش، ٿيو اغوا پُٽ آ..

*

لوڪ جاڳيو پهاڙ اُٿلي پيا،

کوڙ ڪَن ڦاڙ ڪياڙ اُٿلي پيا.

 

جهوپڙين تي ڪيو جُهٻو مالڪ،

آيو طوفان ماڙ اُٿلي پيا.

 

ٻوڏ جو جئن ئي سُڪو پاڻي،

پنهنجي ڌرتيءَ ڌراڙ اُٿلي پيا.

 

مُرڪ جي تو نه ڪا رکي مرهم،

جيءَ جا ڦٽ ۽ ڦاڙ اُٿلي پيا.

 

سڏ تي ٿر اُتر ۽ ڪوهِستان،

سڀ وچولا ۽ لاڙ اَٿلي پيا.

*

تو ريءَ هِي جياپو،

ڄڻ زندگيءَ جو کاپو.

 

لاهي نه ڪڏهن سگهبو،

ڌرتيءَ جو لهڻو لاپو.

 

سڪ آ سمونڊ وانگي،

مُحبت نه ماڻ ماپو.

 

هڪڙي چُڪي پيئاري،

ڪيئن ٿا چئو ته ”ڍاپو“

 

هڪ ’پريل‘ جي پڪڙ لئه،

ساري شهر تي ڇاپو.

*

وڻ پنن کي جيئن ڇاڻي ٿو ڇڏي،

عشق ڀي ايئن ئي اُجاڙي ٿو ڇڏي!

 

درد جي دفتر کي کولي ڇا ڪبو،

هر اکر چيري چٻاڙي ٿو ڇڏي.

 

عشق آئي ٿو ٿئي اُسرڻُ ڪٺن،

گؤنچ نسريل ئي لتاڙي ٿو ڇڏي.

 

نِينهن آخر نينهن آ بِگڙي جڏهن،

سڀ سُڪا ساوا به ساڙي ٿو ڇڏي.

 

’پريل‘ پيڙا جي پَچر ڪنهن سان ڪري،

ڪُنڊ ۾ ڳوڙها ٻهَ ڳاڙي ٿو ڇڏي.

*

ڪاڏي ويندينءَ پري ڪري ڪاوڙ،

سمجهي ڇڏجان ”مان تنهنجو گهر آهيان.“

 

ٿورڙي ڳالهه تي ٿي رنج ٿِئين،

پوءِ به چئين ٿي ته بي ضرر آهيان.

 

بااثر، با اصول ٿو سڏجان،

تنهنجي آڏو ته بي اثر آهيان.

 

هر گهڙي سال تو سوا ٿي لڳي،

مان بنا بُوند جي ڪو بَرُ آهيان.

 

جن سين جاليو نڀايو تن به چيو،

”مان سڄي ساٿ تي ڏمر آهيان!“.

 

ڀل ’پريل‘ ڇا به چون يا سمجهن،

ڪاڻ ڪنهن جي ته مان ڇپر آهيان.

*

مون سان مِل يا آءٌ ملانءِ،

يار اسان کي پنهنجو ڀانءِ.

 

پنهنجي محبت ميٺ نرالي،

مصري ماکي کان وڌ ڀانءِ.

 

هاڻ هلي آ مون کان پوءِ ته،

هٿ پو هڻندين ويٺو هانءِ.

 

منهنجون وايون، گيت، غزل سڀ،

ٻول سمورا تنهنجي نانءِ.

 

’پريل‘ هاڻي هوش سنڀاليو،

ڏڌي نه پوندي آهي ٿانءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org