رم جهم رِم جِهم رُت بسنتي،
آنههِ ڪٿي تون سِر جِي سَرتي؟
هِيرَ اُٺي جي وارَ وکيري،
فطرت رنگ ڀريا هن ڀيري،
وڻ ٽڻ گُل ڦُل جهمريون پائن،
پاتي سائي پوتي ڌرتي،
آنهه ڪٿي تون سِر جِي سَرتي!
باک ڦٽيءَ جو ماڪ وسي ٿي،
ڀني ڀني خوشبوءِ اچي ٿي،
پَر تَو جاءِ ڀري ته ڀري ڪيئن،
باغ به ٻي نه ڪرن ٿا ڀرتي،
آنهه ڪٿي تون سِر جي سَرتي!
مُرڪ مينهوڳي جهڙي تنهنجي،
سُرڪ سِڪوتي اهڙي منهنجي،
تنهنجا نيڻ پيالا پيبا،
پرت اسان جي توکي پَرتي،
آنهه ڪٿي تون سِر جِي سَرتي.
*
تون وئين مَٽجي، مون کان ڪَٽجي،
آءٌ اِهــــــوئـــــي ســـــــــاڳــــــو ڙي،
آءٌ اِهــــــوئـــــــي ســـــــاڳـــــــــو.
هينئڙو پنهنجو ڦارون ڦارون،
جنهن جو ڪوئي دوا نه دارون،
دل جي دردن جو تو وٽ ئي،
ٽــــــوڻــــــو، ڦـــيـــڻــــو، ڌاڳـــــــو،
آءٌ اهــــــوئـــــــي ســـــــاڳـــــــــو.
رات جا تارا لهي هليا وِيا،
ماڳ سَندي ڏي ڪهي هليا وِيا،
پرهه ڦٽيءَ ڀي ڏني نه پنڪي،
اکـــــــڙيـــــــن ســـــــــو
اوجــــــاڳـــــــو.
لالـــــــڻ تــــــــو ري ڏاڍو لوئي،
سَنڌ سنڌ پنهنجو ايئن سموئي،
تئي تــــــي ماني جيئن پَچائي،
’پــــريــــل‘
درد اَڀــــــاڳــــــو،
آءٌ اهــــــوئـــــــي ســـــــاڳـــــــــو.
*
تون ڪٿي آن پِيا!
تون ڪٿي آن پِيا!
نه سي راتيون رهيون،
نه سي چانڊوڪيون،
نه سي تارا ڪَتيون،
مون ڪِيو اوسيئڙو،
تو لئه ٻاري ڏِيا،
تون ڪٿي آن پِيا!
ڪُونج ڪرڪي وئي،
باهه ڀڙڪي پئي،
سار تنهنجي سري،
دلڙي ڄرڪي پئي،
تو نه ڪئي موٽ ڪا،
ڏينهن ڏاڍا ٿيا،
تون ڪٿي آن پِيا!
منهنجي محبت جيئي،
مان جيان نه جيان،
هاڻ تان اَچ هلي،
گهور توتان ٿيان،
قرب لئه ڪيترا،
مون ڪشالا ڪِيا،
تون ڪٿي آن پِيا!
نه اهو ڏينهن آ،
نه اهو نينهن آ،
جهُڙ جهُڙالو نه سو،
نه وَٺو مينهن آ،
تو لئه تڙپي لُڇي،
روز پايان لِيا،
تون ڪٿي آن پِيا!
*
اُڀ ۾ ٽِم ٽِم تارا بيٺل، پوءِ به مينهن وسي ٿو
رنگيءَ رنگ نرالو
جُهڙ ڦُڙ آهه جُهڙالو.
رُت بسنتي رِم جِهم رِم جِهم
مستيءَ ۾ ڏس گُم سُم گُم سُم
موج ۾ هر متوالو
جُهڙ ڦُڙ آهه جُهڙالو.
گؤنچن سان گڏ گُل ٽِڙي پيا
ڀُون تي پوپٽ ڀنور مِڙي پيا
هر ول وڻ وڻ آلو
جُهڙ ڦُڙ آهه جُهڙالو.
عشقَ اُڃاريون آتيون آهن
مينهن ڪَڻيون مَڌُ ماتيون آهن
’پريل‘
پيتو پيالو
جُهڙ ڦُڙُ آهه جُهڙالو.
*
ساهه اوهان ۾ اٽڪيل ساجن،
آئين ڪين اڃان،
مان ڪيئن مات مڃان.
آڱريون وارن ۾ وِچڙيون،
”چُميون چپن کي پئي ٿي چنبڙيون“،
يادن سان گڏ مُرڪون مٺڙيون،
ورتيون ساڻ وڃان،
مان ڪيئن مات مڃان.
تنهنجي پيڙا پُور به تنهنجا،
سانڍيا دلڙي سُور به تنهنجا،
سورن پورن جي ڏَڍَ تي ٿو،
راتيون ڏينهن ڀڃان،
مان ڪيئن مات مڃان.
تو ريءَ اوندهه ٻاٽ نسوري،
مان ۽ منهنجي محبت ڀوري،
تن جي تار ڳنڍي مان توسان،
پو ڪيئن دل ڀَڃان،
مان ڪيئن مات مَڃان.
*
وار ڇڏيا تو ڇوڙي ڪنڌ تي
هيرون ٿيون هُٻڪارُون
ڇِڙيون اندر جون تارُون.
پيار جا پوپٽ مِڙيا منٽ ۾
مرڪي تو چپ چوريا
سونهن تي ڪئين سِر گهوريا!
نيڻ کنيا تو تير هنيا تو
نظر وتا نيشانا
کوڙ ڪِريا ديوانا.
پير کڻي تون جو نڪتو هئين
ماڳ مڪان گهميا ها
رستن پير چميا ها.
*
اُتر جي هير آئي آ
اوهان ڇو دير لائي آ.
ڪچهرا قرب جا ٿيندا
مڇر ايندا هليا ويندا
ها، آهيون مالوند مارو
اسان دونهين دُکائي آ.
ڪري ڇڻڪار ويٺا هون
تڪيندا يار ويٺا هون
انهي ماحول هوندي ڀي
وِٿي تو ڪئي اَجائي آ.
ڊگهيري ٻانهون ملنداسين
پرين خوش ٿي جو کلنداسين
اسان جي لئه انهيءَ کان وڌ
سعادت ٻي نه ڪائي آ.
رڌم آ گيت جهڙو ڪو
الا! تو ميت جهڙو ڪو
فضائن نغمگي اهڙي
سُرن جي ڪا سمائي آ.
عقيدن کان صفا بالا
ڌڻي ڪِيو عشق کي اعليٰ
ڪنهين ڀي تور ۽ تڪ ۾
سڀن کان سڪ سوائي آ.
اچين جي اڄ هلي گهر ۾
ٿئي ايئن چئه پچئه تر ۾
”پڌر ۾ ’پريل
دايي‘
سان
مِٺي محفل رچائي آ.“
اُتر جي هير آئي آ
اوهان ڇو دير لائي آ. |