سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:3 

مليو ماءُ وٽان،

دُڪو دانائيءَ جو.

 

بجلي بادل جئن وسي،

منهنجي ڏات مٿان.

 

منهنجي سوچ سماج ۾،

کنوڻين تجلين جان.

 

ڪڏهن ڀِٽَ جي ڀونءِ تي،

ڪڏهن اُڀ اُڏران.

 

لوڪن لامڪان جا،

رستا روز ڏيان.

 

’پريل‘ پُورن ۾ سدا،

لهِي ٿو لوچان.

*

پکين ساهيا پَر،

اُڏرڻ جي لئه اوچتو.

 

هيئن نه هِتان هان وڃن،

جُوءِ منجهان جيڪر،

هيڏي سونهن هلي وڃي،

هتان ٿي هينئر،

رهندي رڳو لوڪ ۾،

’پريل‘ بس پچر،

پکين ساهيا پرَ،

اُڏرڻ جي لئه اوچتو!

*

پڙهن پُرجهن ٿا،

      پاڻُ لڪائي لوڪ کان

 

ويٺي پنهنجي اندر مان، اُڀرن اُسرن ٿا

 

وٺن واٽ ورونهن جي، سَنجهي سنبرن ٿا

 

پکي پنهنجي ڏيهه ڏي، ’پريل‘ اڏرن ٿا.

*

اهڙي ملي مون،

سُتي ڪا ساڃاهه جي.

 

چڻنگ اُٿي ٿي چيت جي،

منهجن بيتن مَئون.

 

آئون توڻي اونگهه ۾،

پوءِ به تون ئي تون.

 

مون کي دنيا کان مٿي،

منهنجي ڀَلِي ڀُون.

 

پنهنجي مٽيءَ مان جڙيل،

پاڻ ئي مٽي هُون.

 

اهڙي ملي مون،

سُتي ڪا ساڃاهه جي.

*

مان چڻنگ دُکائي آ،

ڀنڀٽ پاڻ پيو آ ڀڙڪي.

 

منهنجي خيالن ۾ لٿو،

پاڻ ڀٽائي آ،

ڀنڀٽ پاڻ پيو آ ڀڙڪي.

 

ساڳيو ئي هي بيت ۽،

ساڳي وائي آ،

ڀنڀٽ پاڻ پيو آ ڀڙڪي.

 

عطا انهيءَ مون ڪئي،

سُرڪ سوائي آ،

ڀنڀٽ پاڻ پيو آ ڀڙڪي.

 

سِنڌوءَ جي ئي دم سين،

دنيا سائي آ،

ڀنڀٽ پاڻ پيو آ ڀڙڪي.

*

پرين آيو پاڻ- روح رهاڻ،

ڪئي سين ڪُنڊائتي.

 

سڄڻ ايئن سڌا هجن،

ڇاجي پو ڇڪاڻ- روح رهاڻ،

ڪئي سين ڪُنڊائتي.

 

محبت جي مقدار جا،

ڪي به نه ماپا ماڻ- روح رهاڻ،

ڪئي سين ڪُنڊائتي.

 

’پريل‘ جي پريت جي،

ڪهڙي ڪنهن کي ڄاڻ- روح رهاڻ،

ڪئي سين ڪُنڊائتي.

*

ڪو ڇو ڪنڌ ڪِري،

اسين اُوچي ڳاٽ سين.

 

پنهنجي ڀُون ڀَر کان پري،

هنئڙو ڪين هِري،

اسين اوچي ڳاٽ سين.

 

ماڳن مڪانن مان،

نينهن پيو نِکري،

اسين اوچي ڳاٽ سين.

 

’پريل‘ پنهنجي پيچري،

پيرين پنڌ ڦِري،

اسين اوچي ڳاٽ سين.

*

آءُ ته اوريون اور،

پائي ڳل ڳراٽڙيون.

 

لک لهي تو لوڏ ٿي،

ٽهڪن جهڙي ٽور،

اهڙي تنهنجي آجيان،

مَرڪي ڪُڏيا مور،

سڄا ڀَوَ سماج جا،

ڀَڃِي ڪجن ڀور،

پائي ڳل ڳراٽڙيون.

*

 

پريل‘ڪيئن پَڏي- نيٺ لڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

مون کي وڌو مامري، جند ۽ جيءَ جڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

اڃا هو به نه آئيا، جن کي ساهه سَڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

پنهنجا پرين پاڻ ئي، ڇا کان ويام ڇڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

مرندا سڀ ماري هِتي، ٻين لئه ڄار اَڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

ڏاڍن ڏيهه ۾ ڏات هي، گُونجي واڪ وڏي

وڃڻو آ ٻي جوءِ ڏي.

 

چوڏهينءَ رات جو آء

آئون اڪيلي آهيان.

 

هيڏي ساري ڳوٺ ۾

سڄڻ نه تو ريءَ ساء

آئون اڪيلي آهيان.

 

چانڊوڪي آ چُور ڪيو

دل تـــــي ڪــــري داء

آئون اڪيلي آهيان.

 

جهوري ٿي هن جند کي

واڪــــــا ڪــــــري واء

آئون اڪيلي آهيان.

 

تات ڏئي ٿي تن کي

گهڙي گهڙي نئون گهاء

آئون اڪيلي آهيان.

 

جَڙي توسان جيءَ کي

پريل! نه ڪو پڇتاءُ

آئون اڪيلي آهيان.

 

گيت

 

دل جي دنيا درهم برهم،

ڪير ڦٽن تي رکندو مرهم،

آءُ پريتم....... آءُ پريتم!

 

عشق وِهاريو منجهه اوتاري،

پيار پڪاري تند تنواري،

سُر سنگيت سان توکي ساري،

پيار جو پلٽو، سِڪَ جو سرگم،

آءُ پريتم........ آءُ پريتم!

 

چوڏس گُونجن نينهن جا نعرا،

ماڻهو مِٺڙا ۽ موچارا،

سِڪ کي چاهن ٿا سڀ سارا،

جهرجهنگِ جهومي پيار جو پرچم،

آءُ پريتم...... آءُ پريتم!

 

’پريل‘! پنهنجو عشق الستي،

محبت جي نس نس ۾ مستي،

باهه بِرهَه ۾ دل جي بستي،

آءُ هِلي من! ٿئي ڪو گهٽ غَمُ،

آءُ پريتم....... آءُ پريتم! 

*

تنهنجو حڪم عدالت جهڙو، تو جو پاڻ سڏايو،

حاضر آيو.........!

 

سمنڊ جون لهرُون ٽوڙي ساجن،

طوفانن کي موڙي ساجن،

تو وٽ پيار پُڄايو، حاضر آيو.........!

 

من ماندو ۽ اک آ آتي،

سالن جي سِڪَ اڄ ئي لاتي،

لايو ٿِيو سجايو، حاضر آيو..........!

 

تُنهنجي مُرڪ سان گُل ٽڙي پيا،

تُنهنجي ٽهڪ سان ساز ڇِڙي پيا،

تڏهن ته ’پريل‘ ڳايو، حاضر آيو........!

*

رات به ننڊ ڦِٽائي يار،

تنهنجي سار جو آئي يار!

 

اک اٽڪڻ سان دل وئي اڙجي،

قرب ڪِيو قابو، پِياسين ڪڙجي،

ڪَل نه هئي اڳ ڪائي يار!

 

سوچان تولئه، سِڪَ وڌي ٿي،

ڏسندي ويتر ڇڪ وڌي ٿي،

جاني جائي پائي يار!

 

گُل ڪن سجدو ڳاٽ جهڪائي،

چنڊ به بيٺو هَئهِ شرمائي،

تو وٽ سونهن سوائي يار!

 

رات به ننڊ ڦِٽائي يار،

تنهنجي سار جو آئي يار! 

*

پريَن جا ٿِي پَنڌ پُڇايان،

ويٺي پُـــــــور پَچايان.

 

آءٌ اڪـــــــيـــــــلـــــــي،

نـــــــار نـــــــويـــــــلـــــــي،

هـــــــن ري منهنجـــــــو،

ڪو بـــــــه نه ٻيلي،

وچن پئي ورجايـــــــان،

ويٺـــــــي پُـــــــور پچايان.

 

هـــــــو جـــــــي ناهـــــــي،

سِڪَ تـــــــه آهـــــــي،

سڪ سچيءَ جي،

ڇڪ تـــــــه آهي،

ڀاڳ ڀلا ٿي ڀانيان،

ويٺي پُـــــــور پچايان.

 

آ پـــــــرديســـــــي،

نـــــــاهـــــــي ديـــــــسي،

ڪنٺـــــــا، مُنڊيـــــــون،

گـــــــيــــــڙو ويـــــــســـــــي،

ڪنهن سان روح رلايان،

ويٺي پُور پچايان.

 

*

جل پري پوپري،

پوپري جل پري!

 

جيئن مُرڪي ٽِڙي،

دل ۾ ويئي گهِڙي،

هوءَ جا ڇوڪري،

پوپري جل پري!

 

ڀَر مان جيئن ٿي ٽپي،

ڄڻ اندر ٿي ڪپي،

وڍ ڏِئي ٿي وَرِي،

پوپري جل پري!

 

ڪڏهن پئي ٿي کِڙي،

ڪڏهن پئي ٿي چِڙي،

ڪڏهن ويندي هِري،

پوپري جل پري!

 

ڪاش منهنجي ٿِئي،

موهه محبت ڏِئي،

ڇو وڃي ٿي ڏري،

پوپري جل پري!

 

من جي راڻي ٿئي،

شال سياڻي ٿئي،

چلولي آ چرِي،

پوپري جل پَري!

*

ڪا پَلڪ پرين! پيار مان، مُرڪي ته نهاريو،

مئلن کي جياريو.

 

هِي مُرڪ مِٺي مان ته چوان ”سُرڪ آ سِڪ جي“،

اڄ نيڻ کڻي مَڌُ ڀريا، ڪو جام پياريو،

مئلن کي جياريو.

 

تولاءِ پِيا! رات جو، وِيو ڏيئو اُجهامي،

اک ڇنڀ سان اونداهه ۾، هِي اڱڻ اُجاريو،

مئلن کي جياريو.

 

سڀئي پِيا سُمهي پنهنجي پنهنجي درد جا ماريا،

پر پرهه ڦٽي تائين پئي ’پريل‘ پُڪاريو،

مئلن کي جياريو.

*

تنهنجي هر عڪس سان چٽيل ڇاتي،

پيار تنهنجو پرين آ پرڀاتي.

 

انڊلٺي رنگ، سُونهن ريکائون،

ڪارِ فطرت جون ڌرتتيون ڇائون،

اهڙي تخليق تون به ڪئناتي.

 

نيهن جو نئون نظام ڪو ٺاهيون،

ڪوڙهه کاڌل رِوايتون ڊاهيون،

جوش اهڙي سان ٿِيئون جذباتي.

 

هيء سنسار تو سوا سنسان،

سارو ماحول ٿو لڳي ويران،

تولئه دلڙي چري صفا آتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org