ماربو آهي ته کڻبو آ پرين
ايئن چُٽي ڪڏهين نه ڇڏبو آ پرين.
ناهِه پرواه آءٌ جي ڪسجي ويس
اَڌ مُئي کي پر نه سٽبو آ پرين.
انت ناهي عشق جي ڪنهن بحر جو
سِر اڏيءَ تي، ته به نه ڪُڇبو آ پرين.
چؤطرف ڪنڊا وڇايل راهه ۾
سوچي سمجهي پير کڻبو آ پرين.
ڪونه آ پڇتاءُ، ڄاڻي ٿو ’پريل‘
دل لڳائي درد سهبو آ پرين.
*
صنم هڪ ڏينهن ساريندين
ٻٽي ڳوڙها به ڳاڙيندين.
بنا ڪنهن سبب جي ايڏو
ڀلا ڇو پيو ڌڪاريندين.
نه هئي ڪا ڪَل وِٿي پوندي
جڏهن دلڙي ڌُتاريندين.
اسان جي سڪ سچي کي تون
پرين آخر پَچاريندين.
جڏهن ڪو پل ڏکيو ايندءِ
’پريل‘
کي پو پُڪاريندين.
*
صبح ۽ شام سار تنهنجي آ
تات تنهنجي تنوار تنهنجي آ.
ويڙهه ۾ مارجي وڃڻ سان ڀي
جيت منهنجي ۽ هار تنهنجي آ.
گُلن جي ديس ۾ تون ڇو جنمين
هي خطا سڀئي خار تنهنجي آ.
سِر قلم ٿيو وڃي گهڙي هڪ ۾
تير آ يا نهار تنهنجي آ.
*
ڪا سمڪ، سُرت ساءُ ڪونهي ڪو
ميٺ محبت جو واءُ ڪونهي ڪو.
ڏات منهنجي سان ڌُٻي ٿي ڌرتي
تون چئين ٿو ته ڏاءُ ڪونهي ڪو.
رت جي رشتن کي باهه آ ورتو
ڀاءُ ڀي ڄڻ ته ڀاءُ ڪونهي ڪو.
کوڙ کاڌا زخم زماني کان
تو ڏنو نئون ته گهاءُ ڪونهي ڪو.
سَوَ سِسِيون گهورجن به گهٽ چئبيون
توسان ليکو ته ماءُ ڪونهي ڪو.
ٿا ٻُرائن مگر تو جِئن ٻيجل!
تند ۾ سو ته تاءُ ڪونهي ڪو.
*
پير ڦوڪي ڇنڊي کڻڻ گُهرجي
دوستن کي ڳنڍي هلڻ گُهرجي.
جي چڱا چار ڳالهه ڪن گڏجي
دل کُلي ساڻ سا مڃڻ گُهرجي.
تو سوا ساهه هي سُڪو پيو آ
ڏور ايڏو نه يَر رهڻ گُهرجي.
سکڻيون ڳالهيون ڪري سمهڻ بدران
قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ گُهرجي.
ديس جي هوند لاءِ سر ڏيئي
پنهنجي ڌرتي جو ڀن ڀرڻ گُهرجي.
حال ڪهڙي ۾
’پريل‘
جالي ٿو
سار سڄڻن کي تان لهڻ گُهرجي.
|