سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:2 

ٻه اکر

فقير پريل دايو ويراڳي شاعر

 

انساني ذهن هميشه کان ئي عجيب عجيب شيون، ڳالهيون ۽ سوچون تخليق ڪندو رهيو آهي. ۽ پوءِ انهن شين، ڳالهين ۽ سوچن کي دنيا تائين پهچائڻ جا انوکا طريقا ايجاد ڪندو رهيو آهي. ڪابه تخليق سندس ان کوجنا جو نتيجو رهي آهي ۽ شايد اهائي سگهه آهي، جنهن کيس جبلتن کان هٽي ٻيو گهڻو ڪجهه تخليق ڪرڻ تي پڻ اُتساهيو آهي. ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“ يعني هو جيستائين هي جهان ڇڏي نه ٿو، تيستائين جاکوڙيندو ٿو رهي. ۽ ان تخليق جا هي روپ آهن، جنهن مان Sistine chapel ۽ David جهڙن شاهڪار Paintings ۽ مجسمن جو خالق مائيڪل اينجلو جنم وٺي ٿو ۽ سُرن جي دنيا ۾ Chopin ۽ Bethover استاد بڙي غلام علي خان، بسم الله خان، لتامنگيشڪر، محمد رفيع، نورجهان، مهدي حسن ۽ نصرت فتح علي خان جنم وٺن ٿا، جن پنهنجن سُريلن ڌنن ۽ آوازن سان ڪائنات ۾ هٻڪار ڦهلائي ڇڏي آهي. اها اڻ تُڻ ئي آ، جنهن شاهه لطيف ڀٽائي، سچل، اياز، گلزار ۽ ڪيفي اعظمي کي اسان سامهون بيهاريو آهي. نثر جي دنيا موپاسان کان ويندي چيخوف ۽ منٽو تائين خوبصورت نالن سان ڀري پئي آهي. ۽ ڪير آهي جيڪو بانو قدسيه ”راجه گد“ ۽ طارق عالم ابڙي جي ”رهجي ويل منظر“ کان منهن موڙي سگهندو. توهان جيترا به فن جا قسم آهن، تنهن جا نالا ياد ڪندا وڃو، توهان جون اکيون ۽ دماغ انهن جي خمارن ۾ غرق ٿيندا ويندا.

اڄ منهنجن نظرن اڳيان انتهائي فقيراڻي طبيعت جي شاعر دوست فقير پريل دايي جو شعري مجموعو آهي. جنهن ۾ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي. شاعر فلاسافر ٿيندو آهي يا نه، اهو بحث پراڻو آهي. منهنجي نظر ۾ شاعري به ٻين صنفن جيان ڪنهن شخص جو انداز بيان آهي ۽ اهو فلسفياڻو به ٿِي سگهي ٿو ۽ نه به. اها شاعري ئي آهي، جنهن عمر خيام کي فلاسافر سڏرايو ۽ علامه اقبال کي فقير:

"میرا طریق امیری نہیں فقیری ہے، خودی نہ بیچ، غریبی  میں نام پیدا کر.“

اها شاعري ئي آهي، جنهن ڀٽائيءَ کي ڏاهو، سياسي سماجي دانشور ۽ عاشق بڻايو. اها شاعري ئي آهي، جنهن انسان جي انداز بيان کي سُونهن بخشي ۽ پوءِ هر ليکڪ پنهنجي انداز بيان سان نوان گس مرتب ڪيا.

ہیں اور بھی دنیا میں سخنور بہت اچھے،

کہتے ہیں کہ غالب کا ہے اندازِ بیان اور۔

پريل دوها به لکيا آهن، جيڪا نج هندستاني شاعري جي صنف آهي، جيڪو ٻن سٽن جو ٿئي ٿو

”مٽيءَ مڃتا مان اُتم آ، مِٽيءَ جو انسان

مِٽيءَ کي جو ڪري نه سجدو، سڏجي سو شيطان.

پريل دايي ڪيئن نه سادي انداز ۾ هڪ وڏو فلسفو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عبدالرحٰمن خانان خان جو دوهو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو.

رحیمن نج من کی ویدا، من ہی میں راکھ ہوئی

سنی ادالائیں لوگ ساب، بانٹ نہ لہائے کوئی

]ترجمو: رحيمن پنهنجي دل جي ڳالهه دل ۾ رک، ڇاڪاڻ جو ماڻهو ڏک ٻڌندا ته آهن، ونڊيندا نه آهن.[

پريل گيت جي صنف سان به خوب نڀايو آهي، لکي ٿو؛

”رم جهم رم جهم رُت بسنتي

آنهه ڪٿي تون سر جي سَرتي

هير اُٺي جي وار وِکيري

فطرت رنگ ڀريا هن ڀيري

وڻ ٽِڻ گُل ڦُل جهمريون پائن

پاتي سائي پوتي ڌرتي

آنهه ڪٿي تون سر جي سَرتي.

پريل گيت ۾ مينهن بعد ٿيندڙ ساوڪ، محبوب جي سڪ ۽ ڌرتيءَ سان محبت کي خوبصورت انداز سان چٽيو آهي.

پريل دايي جو هي شعري مجموعو ادب ۾ هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندو. خيال ته هر ماڻهو جا نوان هوندا آهن ۽ ان ۾ هڪ الڳ تازگي به هوندي آهي، پر خود پڙهندڙ جو مزاج به ان جو ساٿ ڏي ته پوءِ ”کيا بات“ آهي. فقير پريل اسان کي شاهه، اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري جهونگاري ٻُڌائيندو آهي، اسين اميد ٿا ڪيون ته فقير جا گيت به ايئن جهونگاريا ويندا.

بدر سميجو

 

دوها

 

مِٽيءَ جو مان ماڻهو آهيان، مٽيءَ مان هان آيو،

هر شيءِ موٽ اصل ڏي کائي، مان مٽيءَ جو ڄايو.

.....

مان ته مٽيءَ جو ماڻهو آهيان، مٽيءَ هاڻو تَن،

مٽي گل ڦل گاهه نپائي، مٽي منهنجو مَن.

.....

مٽيءَ هاڻو ميرو آهيان، مٽيءَ جو مزدور،

اُجرا خيال کڻي اندر مان، اُڀري سنڌ جو سور.

......

گپَ پئي آ چُنبڙي بُت کي، ڳوهيو آهي گارو،

ليڪن اُٿي ٿو لپي لپي مان، خوشبو جو وسڪارو.

.....

لٽا ڪپڙا ميرا هن پر، اندر آهه اڇو،

اوندهه ۽ ڪارنهن  سان ڇو ٿا، منهنجي سِڪَ ڪَڇو.

.......

مٽيءَ مڃتا مانُ اُتم آ، مٽيءَ جو انسان،

مٽيءَ کي جو ڪري نه سجدو، سڏجي سو شيطان.

......

مٽيءَ جو بوڙينڊو ٺاهي، مون جو ڀريو ساهه،

اندر مان سُر اُڀريا، اڀريو جيئڻ جو اتساهه.

*

هار کي ڪائي جيت نه آهي، جيت کي ناهي هار،

هاريل بازي پو به کٽي وئي، سسئي آخرڪار.

.....

پاڻ مڃي مون محبوبن کان، هڪڙي جڳ ۾ هار،

جيئن کٽي خوش جانيئڙو ٿي، مُرڪي مند ملهار.

.......

هيڻن تي آ دهشت طاري، ڌاڙيلن جو داٻو،

دنيا آ دستور بڻايو، ”جو ڏاڍو سو گابو“.

......

ڏاڍي آڏوهيڻن گڏجي، اکيون ڪِيون هِن ڪرڙيون،

والي! ويڙهه کَٽائج سچ کي، دل مان نڪرن دُرڙيون.

*

سُک ڇڏي ويا، سُڏڪي سُڏڪي دُکڙن سان دل لاتي،

باهه ڀڀڙ ٿا دل ۾ ڀڙڪن، آڳ اُلا هي ڇاتي.

......

ڪو ته اسان جِئَن درد دَٻائي، گهاري خوش حياتي،

وِک وِک تي وِههُ جڳ ٿو آڇي، قَدم قدم تي ڪاتي.

......

رات لڙي جيئن رنگ پکيڙيا، چانڊوڪي چوڌار،

تِئن اک ڦرڪي ۽ دل ڌڙڪي، آئي ساجَنَ سار.

.....

تون ته رٻڙ جو رانديڪو ڄڻ، مان ته مٽيءَ جو ماڻهو،

منهنجي هستي هوڏ کي سمجهن، هن ڌرتيءَ جا ڄاڻُو. 

*

مون نيڻن ساگر مان ميڙي، آهي لعلن لپَ،

سَجني ڇڻندا رلندا موتي، چورج هاڻ نه چپَ.

.....

تون ڇا ڄاڻين مورنه ڄاڻين، ڄاڻي پاڪُ اللهُ،

منهنجو اٽڪيل ڪيڏو آهي، ساجن تو ۾ ساهه.

......

ڀُون ڇو بار تنين جو چائي، ڪو نه جنين ويساهُه،

”پنهنجا پنهنجا ٿي نڪري پئو“، ڀٽ تان ڀُڻڪيو شاههُ.

 

وايون

 

پيرن ريءَ نهار اکين جي.

 

چيري اونداهين کي،

جيءَ مان جوت جلائي،

پيرن ريءَ نهار اکين جي.

 

ڪا جا ڳالهه ته آ ميان!

جا ٿــــــــــي ڏور اُڏائي،

پيرن ريءَ نهار اکين جي.

 

اِها ئي آ ڏات جا،

’پَريل‘ کان لـــــــــکرائــــــــــــي،

پيرن ريءَ نهار اکين جي.

 

*

”تون تون“ کي تون تَڙِ،

”مان“ ڇڏ تان ماڻهو ٿئين.

 

ڪنهن تي طمع نه طلب ڪا،

مقصد مطلب مَڙِههِ،

”مان“ ڇڏ تان ماڻهو ٿِئين.

 

اُن مان ڇا ٿو پلئه پئي،

اجـــــــــائـــــــــي آڪــــــــــڙ،

”مان“ ڇڏ تان ماڻهو ٿِئين.

 

پَريل! ٻين کي پرت سِين،

قرب سندي م ڪَڙِ،

”مان“ ڇڏ تان ماڻهو ٿِئين. 

*

مون کي ڀاءِ نه ڀاءِ،

مون ري پوندين مامري.

 

ڳوڙها ڳاڙي پو ڪندين،

هئه هئه ۽ هاءِ هاءِ،

مون ري پوندين مامري.

 

گيت مون تنهنجي نانءِ ڪِيا،

ڀَلجان ڳاءِ نه ڳاءِ،

مون ري پَوندين مامري.

 

پنهنجي ڌرتيءَ ڌوڙ کي،

’پريل‘! اکئين پاءِ،

مون ري پوندين مامري.

*

ڪَــــــــري ڪــــــــنـــــــــارا،

آيا وري اوڙ تي.

 

ڏِمُ لهي ويو ڏيل تان، مٽيا مونجهارا،

آيا وري اوڙ تي.

 

وريا، ڀاڳُ وَري پَيو، جِيءَ جا جيارا،

آيا وري اوڙ تي.

 

اوسيئڙي ۾ نيڻ ها، ڍاپيا ويچارا،

آيا وري اوڙ تي.

 

ٿيا هر ڌَرم ۾ سُرخرو، ’پريل‘ پُوڄارا،

آيا وري اوڙ تي.

*

جيءَ اندر جهوري، لُنءَ لنءَ ۾ لورِي،

سڄڻن سِڪ سڪائيو.....

 

ڏيهه چئي ٿو ڏوهه آ، چاهه ڪجي چورِي!

سڄڻن سڪ سڪائيو.......

 

ڪنهن نه ٻُڌي ڪُوڪَ ڪا، دل ڪَپي ڪَورِي،

سڄڻن سِڪَ سَڪائيو....

 

محبت ماپڻ جي نه آ، گهڻي يا ٿورِي،

سڄڻن سِڪَ سڪائيو......

 

سڄڻن سَندي سونهن تان، جندڙي هي گهورِي،

سڄڻن سِڪَ سڪائيو......

*

”وَڃُ ويندن جي لاءِ“، اڃا نه آياءِ!

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين.

بَکي ٿي پيئي بَٺي، جيءَ ۾ جهاتي پاءِ،

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين.

”جِهڄِي، جُهرِي ٿو جِئي“، ساجن کي سمجهاءِ،

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين.

تنهنجي رڳو تؤنس آ، تاتِ طلب نه ڪاءِ،

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين.

پنهنجي سيني سين ’پريل‘، لالڻ! اچي لاءِ،

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين،

ڪانگ! ڪَلهاڪُون ٿو لنوين.

*

جَرڪيو جَڳ جَهان،

تُنهنجي جوت جمال سين.

 

تنهنجي هستي هوندَ سان،

ماڻهوءَ مڃتا مانُ،

تُنهنجي جوت جمال سين.

 

لال منجهان ٿيو لعنتي،

شرڪ ڪري شيطان،

تُنهنجي جوت جمال سين.

 

تنهنجي در تان اُسّري،

’دايي‘ ماڻيو دَانُ،

تُنهنجي جوت جمال سين.

 *

پهتا تائين توڙ،

پنڌَ اڻانگا پار ڪيائون.

 

موت قبولي محب پَسيائون،

مري ٻَڌَئون مَوڙَ،

پنڌَ اڻانگا پار ڪيائون.

 

طمع ماري مُڃَ ڪيائون،

لِک نه تن کي لوڙ،

پنڌ اڻانگا پار ڪيائون.

 

جَڳَ جيوت جا سانگ سمورا،

جانب سَندي جوڙ،

پنڌ اڻانگا پار ڪيائون.

 

ڀورا وار ڀنا ڏک ڏنا،

جهُڙياليءَ هن جيءَ کي.

 

وِڄ جئن سارُون ٿيون ڪرن،

تَنِ مَنِ تو ته بنا، ڏک ڏنا،

جهُڙياليءَ هن جيءَ کي.

 

سانگيئڙن جي سُپت کان،

ڇو مان پاڻ ڇِنان، ڏک ڏنا،

جهُڙياليءَ هن جيءَ کي.

 

جهنگ جهر ٻُريا ٻول مون،

ڪنهن کان ڪين ڊِنا، ڏک ڏنا،

جهُڙياليءَ هِن جيءَ کي.

 

ڪنهن جا ڪيتا ’پريل‘ چئي،

ڪجن ڪين ڪِنا، ڏک ڏنا،

جهُڙياليءَ هن جيءَ کي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org