سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:7 

غزل

 

ٻيو نه سهي پر پيرن تائين پهچڻ ڏي،

يار کُڙين جي خاڪ اکين ۾ پئجڻ ڏي.

 

وقت وڏي کان پوءِ مليو مس مس آهين،

رات رهي نيڻن مان سُرڪيون پيئڻ ڏي.

 

پاڻ امرتا ماڻينداسين مُحبن کان،

هن جي هٿاران سَنڌ سنڌ وڍجڻ ڪپجڻ ڏي.

 

ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ کان اڳ ئي مار خدا!

باقي وقت به يا ته همت سان جيئڻ ڏي.

 

محبوبن جي آئي سُور اُڏامي ويا،

اڄ ته اسان کي ’پريل‘ ٽهڪڻ مُرڪڻ ڏي.

 *

يارَ سان رابطو ٿئي ئي نه ٿو،

پاڻ تي ضابطو ٿئي ئي نه ٿو.

 

ڪو ٽُٽيءَ کي نه ٿو لڳي ٽاڪو،

جو وري واسطو ٿئي ئي نه ٿو.

 

مان لنگهي درِ وڃان به دشمن جي،

جيءُ پر بي پِتو ٿئي ئي نه ٿو.

 

پير پليا نه جيءُ ٿو جهلجي،

پيار ۾ فيصلو ٿئي ئي نه ٿو.

 

آدمي دربدر رهيو آهي،

حال هن جو ڏِٺو ٿئي ئي نه ٿو.

*

تنهنجي اکڙين جي آشياني ۾،

ٿو رهان مان نئين زماني ۾.

 

مئه جي ساگر جي پاڻ لهرن ۾،

ان کان وڌ ڇاههِ ٻئي مئخاني ۾.

 

پاڻ پيالا ڀري ڀري ٿا پِيُون،

سو مزو ڪٿ ڪنهين پيماني ۾.

 

ڪنهن به دولت دنيا کي ڇو ڀانيان،

لَعل موتي سندي خزاني ۾.

 

موت کان پو به ’پريل‘ جئنداسين،

گيت پنهنجي غزل ۽ گاني ۾.

 *

ڇا ڳالهائي ڇا ڳالهايون،

آخر پنهنجا پاڻ ۾ آهيون.

 

آءُ قلم جي نِب جي سگهه سان،

قوم سندي تقدير مَٽايون.

 

پڪ سان ڪجهه ڪري مرنداسين،

بيجا مفت ۾ مرڻا ناهيون.

 

ساڙ، حسد، نفرت کان پاسي،

پيار کي پاڻ ڳلي ٿا لايون.

 

وڙهبو ويريءَ ساڻ هميشه،

اندر منجهه ٻرن ٿيون باهيون.

 

پکي جتي ڪو پَرُ نه هڻي ٿو،

پاڻ اتي ٿا دوڌ دُکايون.

 

بوتا بُت بغاوت ڀڃندي،

آزاديءَ جو واءُ ورايون.

 

سوڀن خاطر سر ڏينداسين،

’پريل‘! جهڙا تهڙا ناهيون.

*

پرينءَ جو اسان ڏي کڻي اک ڏسڻ،

اَدا ان سان پنهنجو پلڪ ۾ ڪُسڻ.

 

خوشي آ خوشي پر آ غم ڀي لذيذ،

وڻي ٿو پيو واهه پرچڻ رُسڻ.

 

اوهان جي اچڻ سان پوي ساهه ٿو،

ڏِسين ڪاش هان تون هجر ۾ لُڇڻ.

 

سدا مسڪرايو، زماني ڏٺو،

مگر ڪنهن ڏٺو درد پنهنجا سهڻ!؟

 

وري ڪنهن ته آهي ’پريل‘ کي سنڀاريو،

وري اک جو آلو ٿيڻ ۽ رُئڻ.

*

تون وڃين ٿو پرين، مان مرِي نه وڃان،

دَردَ آڙاهه ۾، ڪِٿِ ٻَرِي نه وڃان.

 

تون جي سِڪ مان سڏين پارِ درياهه جي،

ڪير چئي ٿو ته لهرون ترِي نه وڃان.

 

سگهه ڏي اي خدا! يار سان گڏ هُجان،

ڏيهه جي ڏاڍ کان، مان ڏرِي نه وڃان.

 

مون کي زنده رکڻ جي نٿو تون گهرين!

باهه ايڏي ته ڏي جو ٺرِي نه وڃان.

 

پنهنجي محبت ۾ رک، پنهنجي صحبت ۾ رک،

ڌار ڇو ٿو ڪرين ايئن کرِي نه وڃان. 

 

*

تتل کُوري منجهان پَچي نڪتُس،

دوستو! واهه جو بَچي نڪتُس.

 

آءٌ اوندهه جا چاڪ چيريندي،

روشنين ۾ هلي اچي نڪتس.

 

”زندگي لاءِ موت کي ماريو!“

مان انهيءَ رنگ ۾ رچي نڪتس.

 

ديسَ دشمن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏبو،

ماءُ جي ٿڃ پي مچي نڪتس.

 

حُسن جي مان ڪندي ’پريل‘! پُوڄا،

سونهن تي سر ڏيڻ سچي نڪتس.

*

جڏهن کان پرين تو ملڻ بند ڪِيو آ،

اسان مسڪرائڻ کلڻ بند ڪِيو آ.

 

ڪنهين جو نه لڙڪن جي معنيٰ کي سمجهو،

ته بيحس بزم ۾ وڃڻ بند ڪِيو آ.

 

زماني ۾ ڪاٿي وري روح روليون،

اَجايو گهمڻ ۽ ڦرڻ بند ڪِيو آ.

 

اوهان جي اچڻ سان ٿيندي شاعري هئي،

غزلُ گيتُ گانو لکڻ بند ڪِيو آ.

 

صَدائُن تي سختيءَ سان دَرَ بند ٿيا جيئن،

تڏهن پيار ’پريل‘ گهرڻ بند ڪِيو آ.

 

*

چاهه هوندي به جي چِڙي ٿا پون،

پوبه ڄڻ گل جيان ٽِڙي ٿا پون.

 

تن سان تِئن پيار ٿو وڃي وڌندو،

ٿورڙي ڳالهه تان وڙهي ٿا پون.

 

سونهن سنگيت جو ڪو ڳانڍاپو،

ٽهڪ سان ساز جو ڇِڙي ٿا پون.

 

يارَ آڏو ڪُڇڻ به مشڪل آ،

لفظ اٽڪي اندر نِڙي ٿا پون.

 

پيار پنهنجو امر بڻاءِ ’پريل‘!

مَٺَ گهُرا چؤطرف مِڙي ٿا پون.

 

*

درد شدت ساڻ ڪَرَ موڙي اُٿي ٿو،

دل جي ڄڻ محلات کي ٽوڙي اُٿي ٿو.

 

قوم جو شاعر ته خوابن جي دنيا مان،

سُندر سُهڻا خيال ئي جوڙي اُٿي ٿو.

 

جنهن مان ناهي ڇانَوَ اُسَ ڪا ديس کي جي،

آ ردي بلڪل سمهي توڙي اُٿي ٿو.

 

آس تڙپي ٿي، لَنوڻ ريءَ ڪانُءُ جڏهين،

پير ٽاريءَ تي رکي کوڙي اُٿي ٿو.

 

ويڙهه ٽاري جيڪو پنهنجي ڪُڙم جي ٿو،

مُڙس آ سو جو دليون جوڙي اُٿي ٿَو.

 

ڪنهن قبيلي ذات جو لاڙو ڪُڌو ئي،

قوم جو ٻيڙو هتي ٻوڙي اُٿي ٿو.

 

جنهن چڱائي آ ’پريل‘ جڳَ سان ڪئي هِت،

لوڪَ ۾ انسان سو لوڙي اُٿي ٿو.

 

*

پِيَڻَ سان ملي ٿو مقامِ محبت،

ڀري ڏي ڀري ڏي تون جامِ محبت.

 

ڪيون اهڙي ڪردار کي ئي ختم اڄ،

سڙي ٿو ٻُڌِي جو به نامِ محبت.

 

اکين سان اکيون اورَ اوري اڙيُون هُون،

نه وسري ٿي سا پِهرين شامِ محبت.

 

عجيبن اڳيان عاجزي سان ’پريل‘ جو،

پوي صاب جيڪر سلامِ محبت.

*

ذهن ۾ زلزلا کڻي آئي!

سار ڪئين سلسلا کڻي آئي.

 

جن ۾ سانڍي رکيون هُون سڀ ڳالهيون،

مَٽَ ڀَريا ڀرجِهلا کڻي آئي.

 

گڏ گهُميا ها جي شهر ماڳ مڪان،

ڳوٺ ڳليون ڳِلا کڻي آئي.

 

ياد هُن شخص جي وري اڄ ڀي،

جُهد جا ولوِلا کڻي آئي.

 

بس رڳو ملڻ ئي ناممڪن ٿيو،

هونئن ته سڀ حوصلا کڻي آئي.

 

سال کان پوءِ هِي سنڀالَ ’پريل‘!

پاڻ لئه ڪربلا کڻي آئي!

 

*

گذري آ ڪجهه گذري ويندي،

هيءَ حياتي اُڏري ويندي.

 

تار تري هي پارِ پُڄڻ لئه،

پنهنجي ٻيڙي اُڪري ويندي.

 

مُئي کانپوءِ محبت پنهنجي،

ڇا دنيا کان وسري ويندي!

 

جڳ کان پيار لڪايو ’پريل‘،

نيٺ هي ڳالهه ته نڪري ويندي.

  

*

اڃا آئين نه جانان!

بدلجي ويا زمانا.

 

نه کُٽندا يار تنهنجا،

بهاني تي بهانا.

 

نگاهن جي وَتا ها،

نٿا وسرن نشانا.

 

ڪَراين ۾ ڪلابا،

ڳچيءَ ۾ سونَ ڳانا.

 

اوهان ري ڪيسين سهبا،

هي تنڪا ۽ هي طعنا.

 

’پريل‘ ارپيا اوهان کي،

غزل ۽ گيت گانا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org