سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:6 

عيد آئي، وئي،

مون گذاري ڇڏي

تو پرينءَ کانسوا

درد دل ۾ دٻي

ڇا ڪيان ٻيو ڀلا؟

ڪنهن چيو ”ڪونه ٿي!“

ڪنهن چيو ”ڇو نه ٿي؟“

هڪ جو ٻيو جواب ڏئي

ڳالهه ٽاري ڇڏي

تو سوا او پرين.

عيد گهاري ڇڏي!

عيد گهاري ڇڏي!

 

وحدة الوجود

اوهان جيڪي ڪجهه ڀي

ذهن ۾ ٿا سوچو

ٻُڌائڻ بنا سڀ ئي

سمجهي وڃون ٿا

اوهان جي اندر ۾ ته مان ئي وسان ٿو

مان پاڻ پنهنجو اوهان ۾ پسان ٿو

۽ ماڻهو اوهان کي ته مون ۾ پَسن ٿا

مان ۾ تون، تو ۾ مان

اسان ۾ اِهي ۽ اِنهن ۾ اسان

ته پو ”تون تون“ ڇاجي

۽ ”مان“ جو تصور

تون هڪ آهين

۽ مان هڪ آهيان

اهي هڪ آهن

اسان هڪ آهيون

اسين ۽ اوهين سڀ ئي هڪ ته آهيون

هڪ حق آهيون

حق حق آهيون.

+

 

 

 


 

 

ڇَسي ڏات

ڪا سپ ڪوڏي

لعل نه موتي

لهرن ۾ سا لات نه آهي

گجگوڙون گوگاء نه آهي

ساڳيو سر سوساء نه آهي

اونهو بحر عميق به خالي،

ڌرتي جي دل آهي آلي،

ڪنهن اَک ۾ آلاڻ نه ڪائي

سوچ سندر لالاڻ نه ڪائي

لالائي جا لوچ ڏياري

آئندي جو اُتساهه اُڀاري

ماڻهن کي جا جاڳ ڏياري

ايئن ڪوي ٿو ليڪا پائي

بي مقصد ٿو ٻول بڻائي

جنهن ۾ ڪو رس چس به نه آهي

گهاٽ نه ڪوئي گس به نه آهي

منهنجي دور جي ديس جو شاعر

انڌو منڊو ٽنڊو آهي

دل جو کوٽو رنڊو آهي

واهڙ وائڙي واهه به وائڙو

وائڙي لهر- درياهه به وائڙو

اُن اڀاڳي درد کي سمجهي

ڌرتي پاڻ پڪاري ٿي!

پنهنجو ديس اُٿاري ٿي

ها، جذبو جوش اڀاُري ٿي.

ڌرتي پاڻ پڪاري ٿي!!

*

ٿا اُڏن چڻنگن جيان چمڪا ڪري

گيت منهنجا هي اُماوس رات ۾

هن نسوري ٻاٽ ۾

روشنيءَ جا ترورا ئي ترورا هر لاٽ ۾

روز جاڳائي اُٿن ٿا ذهن مان

گيت ٽانڊاڻن جيان

۽ ڪرن پيڇو ٿا تن جو

لوڪ ڪن ٻارن جيان

روشنيءَ جو روپ ٽوڙي

ٿو سناٽو سانت جو

انت اچڻو آهه هاڻي رات جو.

 

*

ڏينهن کي ڏينهن ڇو ڏکيو آ چوڻ؟

انهيءَ ليکي ۾ ڪو پئي ته ڏسي،

رات کي رات ڪو چئي ته ڏسي.

رات انڌير جي علامت جا

جنهن ۾ لُٽجن ٿا رنگ فطرت جا

جنهن ۾ وڍجن ٿا انگ محبت جا

جنهن ۾ ڪپجن ٿا سنگ صحبت جا

جنهن ۾ ڪٽجن ٿا تنگ الفت جا

ها اهو سچ ڪو سهي ته ڏسي

رات کي رات ڪو چئي ته ڏسي!

انهي ليکي ۾ ڪو پئي ته ڏسي!

*

ڪانن جي ڪُرسيءَ تي ويٺو

راجا رٻڙ جو راڄ ڪري ٿو

”رانديڪن جا ٽولا ٽولا

لوهه جا ماڻهو ڳهيو وڃن ٿا“

پڪي نڪ سان شينهن ٺڪر جو

هرهر اهڙو حڪم ڪري ٿو

”ها ها ها ها“ ٽهڪ ڏئي ٿو

ڌرتي تارا ڦوٽاري ٿي!

+*

رات چوڏهينءَ چنڊ جي

۽ پرهه پورهيت ڀاءُ جي،

مان ٿو سوچان چاندني ۾

چنڊ سان ڳالهيون ڪري

تارڙن جي ڇت جي هيٺان

گُهرجي باغيچي اندر

ڇا اڪيلو آئون جاڳان

يا ڪو ٻيو به سجاڳ آ،

رُوح منهنجي ۾ ئي رُون رُون

يا ڪٿي ٻيو راڳ آ

چنڊ چانڊوڪي تي لکجي

يا پگهر آلاڻ تي

جنهن پسيني ساڻ قائم

مرتبو مزدور جو

ديس ۽ دنيا سڄي،

ساڃاهه جي دستور جو

ڇو نه ٿيا مزدور هڪ

پوري دنيا جا پاڻ ۾

مون ڪَوي جا خيال تاڻن

اڄ به هن ڇڪتاڻ ۾

ديس جو شاعر ٿي سوچان

آءٌ جڳ جي ڄاڻ ۾

يا وري ساڳي طرح

سوچان لکان گُل بوءِ تي

يا وري مئه موج مستي

جي وڃان مانڊاڻ ۾

جت صُراحي جام آهي

سڀ پِياڪن جو لڳل

ڄڻ دام آهي

مان به پيئان

مان به جيئان

پاڻ پنهنجي ذات ۾

۽ ڪڏهن به نه فرق سمجهان

ڏينهن ۾ يا رات ۾

ديس جهاڳي درد ڀل،

ٻوليان ٽِپو به نه جُوءِ تي

مان لکان گل بوءِ تي

ٻوليان ٽپو به نه جُوءِ تي!

ٻوليان ٽپو به نه جُوءِ تي!

 

شاعر

دردن جي دلربائي،

آٿت ٿي ڏي عجيب،

ٻين جي خوشيءَ جي خاطر،

جڳ ۾ جئي اديب.

 

لُڙڪن کي لفظ ڏيئي،

لکندو رهي سدا،

دردن جي دل جي گهر کي،

ڪيڏو نه آ قريب.

 

ٿو لعل لهي لوچي،

سيوي سمونڊ کي،

ڏسجي ته ان کان وڌ ٻيو،

ناهي ڪو خوشنصيب.

 

تيلي بنا قلم سان،

ٻاري ڏِيا ٿو شاعر،

پو ڀي سماج ۾ سو،

سڏجي ٿو ڇو غريب!؟

 

پوياڙي

هلي آ، شام ٿي وئي آ.

شفق جي روشني پنهنجا،

اُفق تان وار ويڙهي ٿي.

سمورا رنگ سونهري،

انڌيرن ۾ کِنڊيڙي ٿي.

بنهه ٿوري گهَڙي پئي آ،

هلي آ شام ٿي وئي آ.

 

اکين کي ڇڪ آ تنهنجي،

سموري سڪ آ تنهنجي،

اچي ٿو واءُ جو جُهلڪو،

کڻي خوشبو سندءِ مونڏي،

مڌر هن مُند جا منظر،

فقط توکي ئي سارن ٿا،

اوهان جي سونهن سان تن ۾،

اڃا اُتساهه ڪو پوندو،

اسان ۾ ساهه پو پوندو،

ائين تو ريءَ ۽ عمر منهنجي،

گهڻي برباد ٿي پئي آ،

گهڙيءَ ۾ سج، لهي ويندو،

هلي آ، شام ٿي وئي آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org