سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:8 

 

روشنيءَ جي تلاش روليو آ،

آجپي لاءِ پاڻُ ڳوليو آ.

 

نيٺ ٽاڪيل چپن جي تند ٽُٽي،

ڏاڍ آڏو جو وات کوليو آ.

 

خوب ڀٽڪي برهه ۾ ڀوڳيو سين،

پر ڪڏهن ڪين ڦورو ڦوليو آ.

 

درد محسوس مارئي جو ڪري،

ڪوبه ڍاٽي نه ڪوبه ڍوليو آ.

 

پانهنجي عمر سَرءُ ۾ گذري،

پاڻ سانوڻ سدائين ڳوليو آ.

 

لڙڪ ٻَٽڙي ڪِري پيا آهن،

زندگي ڪجهه ته هاڻ ٻوليو آ.

 

*

پڪ آ هُن پار تائين پهچبو،

نيٺ پنهنجي يار تائين پهچبو.

 

ڪوڪو سالڪ سمجهي جئن ويراڳ کي،

ها، اُنهي سُر تار تائين پهچبو.

 

خيال جي خوشبو پکيڙي ديس ۾،

پو سڄي سنسار تائين پهچبو.

 

پاڻ جيتي، پاڻ کي هارائجي،

عشق جي وهنوار تائين پهچبو.

 

يار! هي ديوانگي ويندي وٺي،

ڏيهه جي ڏاتار تائين پهچبو.

 

*

تنهنجي پيرن ۾ ڪِتڪِتائي ڪئي!

ڄڻ تو ڪوڙي هُئي پَڪائي ڪئي.

 

ڪنڌ پنهنجو رکيئي ڪلهي مُنهنجي،

پيار ڏئي نيٺ تو سچائي ڪئي.

 

ڏيهه وارن کي پتو پئجي ويو،

ڪنهن اها قرب ۾ ڪچائي ڪئي.

 

سنڌ تنهنجا پئي ٿي ڳڻ ڳائي

هر ڀلائي جو تو ڀٽائي ڪئي.

 

لوڪ پاڙون پٽڻ تي ’پريل‘ هو،

پاڻ جي يار پر سَڻائي ڪئي.

 

*

اوهان يار! جيئري ئي ماري ڇڏيو،

اسان جي ڦِٽي تو وساري ڇڏيو.

 

گهڙي هُئي نه سرندي سوا هڪ ٻئي جي،

ڀلا ڪنهن جي تو ايئن سهاري ڇڏيو.

 

جڏهن ڀي جُدائيءَ جي ڪئي مون شڪايت،

ٻُڌائي مٺا ٻول ٽاري ڇڏيو.

 

ڀلي ڪير نفرت ۽ ڪو بغض پالي،

اسان پنهنجو اندر اُجاري ڇڏيو.

 

’پريل‘ کي ڪيو قيد پڃري ۾ ڇو ٿا؟

پکيءَ کي پَرينءَ ڀَرِ اُڏاري ڇڏيو.

 

*

وقت جو وهڪرو، تيز درياء آ،

هر لهر ۾ ڪا پيڙا، ڪو پڙلاءُ آ.

 

”جُستجو، جُستجو، جُستجو، جُستجو“،

هر گهڙي هر پهر جو هي ورجاءُ آ.

 

حال ۾ جو ٿئي، آئيندي تي نه ڇڏ،

هر ولي، پير، ڏاهي ڏنو نياءُ آ.

 

روز پنهنجن هٿان پنهنجا ڪُونڌر ڪُسن،

پنهنجي ڌرتيءَ تي ايڏو ڇو اَنياءُ آ.

 

ياد دنيا ڪري ڪجهه ڪري وَڃُ ’پريل‘!

توکي ڏاتر ڏني ڏات ۽ ڏاءُ آ.

 

*

جي تنهنجي بي رُخي رهندي،

ته پو هي دل ٽُٽي پوندي.

 

بنا تنهنجي جيئڻ ڪهڙو،

حياتي ايئن کُٽي پوندي.

 

ها سمجهان ٿو، خفا آن جي،

ته چوندينءَ جِند ڇُٽي پوندي.

 

ڪَهي ايندينءَ ته ٻيهر ڄڻ،

حياتي هيءَ ڦُٽي پوندي.

 

*

درد اندر جو ڪاٺُ ڪپي ٿو،

تن ۾ ڄڻ تندور تپي ٿو.

 

هڪ گهڙيءَ ۾ هِرکي پِياسين،

ساجنَ سڪ سڀاءُ جهپي ٿو.

 

توڪل ساڻ تري ٿو جيڪو،

دريا ڇا سَمونڊ ٽپي ٿو.

 

پرچو ڪهڙي ڪم جو ’پريل‘!

ڪچا ڦِڪا جو خيال ڇپي ٿو.

 

*

مخالف اجايو هُلائن ٿا خبرون،

وڙهائڻ لئه پنهنجون، پرين ڪن ٿا پچرون.

 

بچي ٿي سگهيو ڪو اچانڪ اُچٽ کان،

کڻي ناز مان هن کپايون جو نظرون.

 

نجو ڪوڙ آهي پري کان ئي پڌرو،

اجايو ڏجن ڇو ڀلا زير زبرون.

 

جنين کي سيکاريو هلڻ ۽ چلڻ هو،

”چريو آ چريو آ“ چئي ڪن ٿا چٿرون.

 

اوهان جي نگاهن ۾ ڦاٿا پَيا هُون،

حجابن کي ٽوڙيو مِٺا! ڪاڏي نڪرون.

 

’پريل‘ کي اڪيلو اوهان جو ڇڏيو آ،

وڇوڙن ۾ پيارا پيا پاڻ پَڄرون.

 

*

هڪ ئي ڀاڪر سان دل ٺري پيئي،

درد جي ڪيفيت مري پيئي.

 

ڄڻ ته ٽانڊن تي ڪو پيو پاڻي،

جو دُکي باهه، ٿي ڍري پيئي.

 

گُل ٽڙيا ڇانوَ ڪئي اچي ڪڪرن،

وصل جي واءُ ڏس وري پيئي.

 

هوء اچڻي هئي، ڇو نه آئي آ،

ڇا ڀلا ڏيهه کان ڏري پيئي؟

 

رنج هي لوڪ ڇو ٿيو آهي،

ٻيڙي مسڪين جي تري پيئي.

 

يار تنهنجي اچڻ سان ساهه پيو،

هئي رُٺل آس پر وري پيئي.

 

ايئن پگهري ’پريل‘ آ دل منهنجي،

جون ۾ برف ڄڻ ڳري پيئي.

 

*

جيئرا رهندا ۽ ڪي مرندا،

تارِ منجهاران سڀ ته نه ترندا.

 

اندر ئي اندر ۾ منافق،

پنهنجو پاڻ ئي ويندا ڳرندا.

 

لهڻو آهه لَڙاٽ اسان تان،

نيٺ ته ڪارا ڪڪر به ٽرندا.

 

اونداهيءَ کي اورانگهڻ لئه،

ٻيو نه ته پنهنجا تارا ٻَرندا.

 

ڏوس ڏمر جي ڇانوَ ۾ پلجن،

نيٺ ته وانگين وارا ورندا.

 

جيئڻ ڪهڙو جڳ ۾ تن جو،

ڏاڍ کان جيڪي ڏڪندا ڏرندا.

 

پنڌ ’پريل‘ رک پنهنجو جاري،

پاڻ کي پُڄندا ڪين پَرندا.

 

*

تنهنجي در تي ڌرڻو هڻبو،

مُور نه تنهنجو پاسو ڇڏبو.

 

عشق اندر هي عمل انوکو،

دنيا کي سمجهائي وڃبو.

 

ٻئي جي آڏو ٻڙڪ ڪڍون ڇو؟

تنهنجي آڏو رُئبو رڙبو.

 

جڳ سان لڳ لاڳاپا ٽوڙيا،

تو سان جيبو توسان مربو.

 

اونداهيءَ ۾ جوت جي خاطر،

’پريل‘ پاڻ ڏياٽي بڻبو.

 

*

ساقي ڏي جام مون کي، اڄ ڪو ڀَري ڀَري،

جيڪو پِيا جون يادون تازيون پيو ڪري.

 

اولانڀ عشق جا هي، اندر منجهان اُٿن،

ڏس هٿ رکي ته ڪيئن ٿو سارو جسم ٻَري.

 

پاڻيءَ تي بند ٻڌڻ لئه سنبت پيو ڪري،

يزيد دور هن ۾ ڀي ڪين ٿو ٽَري.

 

ڇا لاءِ ڀونءِ سورن ۾ ٿي سڙي سدا،

ڇو ڌيان ڪين ٿو ڪو ڌرتيءَ طرف ڌَري.

 

تنهنجو ’پريل‘ ته تنهنجي سڪ ۾ سدا جِئي،

اچ پير من اڱڻ تي هڪ وار تون ڀَري.

 

*

هيل به رُت بسنتي آئي،

مَنَ آڳر تي گُل نه ڦُٽا هِن.

 

ايڏي آهه اڻاٺ خوشين جي،

ڪڏهن نه دل جا درد کُٽا هِن.

 

تنهنجي مُرڪ جي مرهم جي ريءَ،

چاهت جا ڦَٽ ئي نه ڇُٽا هن.

 

تبديليءَ جي سوچ جا مندا،

کوڙ ڇِنا ۽ کوڙ ٽٽا هن.

 

سچ کي هن سماج ۾ ’پريل‘!

ڏانئڻ ڏيندا روز گهُٽا هنِ.

 

*

لوڪ چوي ٿو تان مان ڇاهيان؟

جڳ جو عڪس آئينو آهيان.

 

آهيان جي ته گهڻو ڪجهه آهيان،

ناهيان جي تان ڪجهه ڀي ناهيان.

 

جيڪي بُوتا بڻجي بيٺا،

تن کي چرپر ۾ ٿو چاهيان.

 

ڪي ٿا ڳاڙن ڳوڙها ويٺا،

ڪن کي ٿو مان رقص ڪرايان.

 

سرجڻ جي سگهه خوب رکان ٿو،

ٺاهيان ڊاهيان، ڊاهيان ٺاهيان.

 

اُڀ ۽ ڌرتي مونسان ٻولن،

هر شيءِ سان ٿو مان ڳالهايان.

 

هيٺ ٿو اُسهان مٿي وڃان ٿو،

شاعر آهيان شعر ٿو ٺاهيان.

 

*

نيڻن ۾ محبوب وِهاري،

ٻئي پاسي ڇو نار نهاري.

 

سڄڻن جي سڪ سونهن سمائي،

پاڻ ڇڏيوسين اندر اُجاري.

 

تُرهي رِيءَ به اَڻتارن کي،

تانگههَ پِيا جي پارِ اُڪاري.

 

خيال کَٽيي جا پاڳل پالي،

ڌرتيءَ کان ٿو دُورِ گُذاري.

 

جيئڻ جو اُتساهه ڏي شاعر!

ڇو ڪنهن کي ڪو ڪنهن کي ماري.

 

*

ڪارونجهر جي ڪور تي ويهي سوچان ٿو،

ڌرتيءَ جي هر دور تي ويهي سوچان ٿو.

 

ڀوڏيسر جي ڀُونءِ جا ڀاڳيا جاڳ اُٿي،

ڌاريي، ڦورُو، چور تي ويهي سوچان ٿو.

 

ڪنهن جي ماءُ مري جو ٻِڙڪ ڪڍي ٻاهر،

واڳَ ڌڻين جي زور تي ويهي سوچان ٿو.

 

ڪيئن ڪُهي ۽ ڪيريندي ٿي راڄ وڃي،

هن جي وِک وِک ٽور تي ويهي سوچان ٿو.

 

سونهن جا ماري نسل جي پويان پئجي ويا،

سنڌ جي سُهڻي مور تي ويهي سوچان ٿو.

 

وڇڙڻ کان پو سار الاءِ لهن نه لهن،

پنهنجي ’پريل‘ گور تي ويهي سوچان ٿو.

 

*

پرين جو دادلا ٿيندا،

يقينن فاصلا ٿيندا.

 

مخالف ڇا به سوچن ڀَل،

نه پوئتي قافلا ٿيندا.

 

تنين کي ڪيئن چڱو چئجي،

ڍَرا ۽ جي ڍلا ٿيندا.

 

سَهي سختيون سچائي تي،

هي پختا حوصلا ٿيندا.

 

خبر پئي يار وڇڙڻ جي،

ذهن ۾ زلزلا ٿيندا.

 

پڪا پُختا هُون ڌرتيءَ سان،

اسان جا جَرِ ڪِلا ٿيندا.

 

*

تون ڇڏي وئين جتي، مان اُتي هان کڙو،

هيڏي هوڏي ٿِڙان، ايئن نه مان بي وڙو.

 

رهڻو آ جاءِ هِڪَ، ڀڃڪڙي ڪيئن ڪريان؟

ڄڻ ته چاڙهي وئين، چؤطرف ڪو ڪَڙو.

 

جيءُ جيئن خوش ٿئي، ڪر سو جاڳر اچي،

مان ٿو سمجهان لهي پوءِ ويندو لڙهو.

 

بوڙينڊي بس ڪئي، بين بند ٿي وئي،

ڀونءِ تي چنگ چُپ، نا وڄي ٿو چڙو!

 

سونهن سنسان ٿي، نه سي ناريون مِڙيون،

کوهه تي اڄ نه ڪا، ڀرڻ آئي گهڙو.

 

مُنهنجا مولا هي سنڌ، شاد آباد رک،

ڪين ڪڏهين ڪِري، ديس تي ڪو ڳڙو.

 

ڪالهه بي ڏوهه ماريا، وِيا مارُو هتي،

ماٺ ڪيڏو لڳي اڄ مُنهين جو دڙو.

 

ديس جي دُک ڪرائي، ٻڌي قوم کي،

تون متان ’پريل‘ کي، ڇانڊ سمجهين ڇڙو.

 

*

تنهنجي اک ڪجل هاڻِي،

اک آهي يا کانڀاڻي!

 

جو به چٽيو تو ڦٿڪي پيو،

دانهن ڪندي ”پاڻي پاڻي“.

 

پُختو جڳ ۾ پيار رهي،

ٿِئي نه سِڪ ڪڏهن ساڻي.

 

پنهنجي دل سان تُنهنجي دل

مون ته پريتم آ واڻي.

 

انگ انگ اُجرو کير جيان،

هُوءَ مکڻ جي آ چاڻي.

 

مري وڃڻ کان پو پنهنجي،

عشق جي رهندي آکاڻي.

 

’پريل‘ کي تڙپائڻ جي لئه،

ڏور نه رهه ڄاڻي واڻي.

 

*

جام تي جام جو دور هلندو رهي

ساٿ ۾ سو وِهي جيڪو پيئندو رهي.

 

ٿا نچن رند دل جون تندون ٿيون ٻُرَن

ساز وڄندو رهي ميڙ مچندو رهي

 

پاڻ پنهنجي لا جيئڻ ٿو سڀ کي اچي

سو هڻي هام جو ٻين لئه جيئندو رهي.

 

زندگيءَ جو ورد کوڙ ماڻهو ڪرن

موت سان ڪو وڙِهي اڳتي وڌندو رهي.

 

جستجو سان ملي نيٺ منزل ’پريل‘!

ٿو اگر واٽ تي پير کڄندو رهي.

 

*

وڳا ذهن ۾ سارُن گِهنڊَ

ڳل ڀِنا وئي نيڻن ننڊ

 

ڀُونءِ تتيءَ تي ناريءَ سان گڏ

ڪن ٿا ڪيهون ٻالڪ ڪِنڊَ!

 

سونهن نگر ۾ جيڪي آيا

پيار ڪيا سي پاهڻ پنڊَ

 

هِڪ جا هُون نه هِلون ٿا ڪاڏي

محبوبن جا اهڙا مَنڊ

 

پرديسي مان ’پريل‘ آهيان

حال وطن جو ڪر ڪو چنڊ!

 

*

وڃڻ وقت جو تو کِلي موڪلايو،

اسان ڪنڌ پنهنجو تنهين پل ڪٽايو.

 

بنا ڪنهن سبب بي رُخي يار ڇا جي

اگر ڳالهه آهي ته کولي ٻُڌايو.

 

نه ڪا قوم ڌرتي جي جنهن وٽ عڪاسي

ادب ۾ سو شاعر ڳڻڻ ئي اَجايو.

 

سمائي ڇڏي تنهنجي رڳ رڳ ۾ محبت

ڀُلايو ته هاڻي سدائين ڀلايو.

 

وَتو ڪنهن جي اُتساهه سرجيل سِٽن مان

’پريل‘ جو ويو ٿي پو پورهيو سَجايو.

*

جڏهن کان پرين تو ملڻ بند ڪيو آ

اسان مُسڪرائڻ کلڻ بند ڪيو آ.

 

ڪنهين جي نه لُڙڪن جي معنيٰ کي سمجهيو

ته بي حس بزم ۾ وڃڻ بند ڪيو آ.

 

زماني ۾ ڪاٿي لڳي روح پنهنجو،

اجايو گهمڻ ۽ ڦرڻ بند ڪيو آ.

 

اوهان جي اچڻ سان ٿيندي شاعري هئي

غزل، گيت، گانو لکڻ بند ڪيو آ.

 

صدائن تي سختيءَ جا در بند ٿيا جئن

تڏهن پيار ’پريل‘ گُهرڻ بند ڪيو آ.

*

مون کي سندءِ مجاز ٿو گُهرجي،

اَلستي آواز ٿو گُهرجي.

 

جنهن جي تند تي سِر گهوري ڏين

اصلوڪو سو ساز ٿو گُهرجي.

 

ڀٽ ڌڻي تنهنجي ڏات تو وٽ، پر

مونکي تنهنجو مزاج ٿو گُهرجي

 

”الانسان سِري وَانا سِره“

اهوئي بس راز ٿو گُهرجي

 

پل ۾ جيڪو پار پُڄائي،

برهَه جو ’پريل‘ باز ٿو گُهرجي.

*

يادگيريون به آٿتون آهن

تو بنا روحَ راحتون آهن

 

جي سوا ملڻ جي رهن زنده

يار سي ئي ته چاهتون آهن

 

هُن کي سجدا ڪري تصور ۾

مان ٿو سمجهان عبادتون آهن

 

بي خطا هُون سزا به اکين تي

پر جي ٻُڌندين وضاحتون آهن

 

پنهنجي پيارن سان’پريل‘جاليون جي

سي ئي تاريخي ساعتون آهن.

*

ايڏو بدلجي وِيو جو سڀ ڪجهه ڀُلي ويو،

ڄڻ واءُ جو هو جُهوٽو، آيو گهُلي ويو

 

مَت منهنجي کي لڳل هو، ڄڻ پاس ورڊ هن جو

آڏو جو آئيو تان، ازخود کلي ويو.

 

ڪوشش ڪئي ته ڪنهن کي، ڪائي نه پئي لکا

پر راز پنهنجو تر ۾، آخر کُلي ويو

 

جيئن واٽ ويندي ڪوئي، ڦُرجي وڃي صفا

تيئن پيار پنهنجو ’پريل‘ اڌ ۾ رلي ويو.

*

مينهوڳيءَ جي مُند ۾ آيو،

ساجن ڪيڏو ساٿُ نڀايو.

 

هن جي سونهن جي آڏو سچ پچ،

باغن مان گلڙن شرمايو.

 

اوسيئڙيءَ جي آس پُڄاڻان،

انگ انگ اکڙين چين پرايو.

 

هُن جي آمد تي دل جهومي،

گيت گڏي ڪوئل سان ڳايو.

 

پاڻ ’پريل‘ جي اڱڻ تي پهتو،

جنهن لئه ڀٽڪيو درِ درِ دايو.

*

اکين منجهه اوتُون ۽ جوتُون غضب جُون،

بِنا سُرڪ جي ڀي خماريو وتي ٿو.

 

اتي ڇا پُڄي چاندني، روشني ڪا،

سندي سونهن جا سج، اُڀاريو وتي ٿو.

 

سُپيريان سندو تاب، ڪو ڪو جهلي بس،

گهڻن جا ڏٺي ڏِيل ڏاريو وتي ٿو.

 

سُجهي ڪين ٿو مَٽُ، لکن ۾ سندس ڪو،

سڄو تَر ۽ پَر هي اُجاريو وتي ٿو.

 

شڪاري نه آ پر دونالي نظر سين،

جتان ٿي گذر کوڙ ماريو وتي ٿو.

 

وڃي ٿو ٿِي ماحول سارو ئي مُعطر،

فضا ۾ عنبر مشڪ هِاريو وتي ٿو.

 

’پريل‘ تي پرين جي خصوصي نوازش،

اسان کي ته اُڀَ تي اُڏاريو وتي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org