نظم
۽
آزاد نظم
رات جو پيٽ به ايڏو اونهون
رات جو پيٽ به ايڏو اونهون
جنهن جو ڪوئي ڪاٿو ناهي
ان جي اندر آد جڳاد کان
جاري آهي سفر اسان جو
ايئن لڳي ٿو
رات به ڄڻ ڪو دريا آهي
جنهن جو حاڪم مانگر مڇ آ
اسين سڀئه ڄڻ مڇيون آهيون
جيت جڻا هن رعيت هن جي
۽ هي مهاڻا مشير هن جا
وزير هن جا،
بندر جي ڪا ڀَئي نه ڄاڻن
سندن نظر ۾
دريا کي ڪو ڪنارو ناهي
انت اونداهي جو آڻڻ لاءِ
ڪو رستو ڪو چارو ناهي
مگر رات جي پيٽ کي چيري
وڌون ٿا اڳتي
ڪاري رات مان باک ٿيڻ جو
ڪين آسرو لاٿو آهي
رات جو پيٽ به ايڏو اونهون
جنهن جو ڪوئي ڪاٿو ناهي!
ڏات ديوي
ڏات ديوي ٿي مهربان آهي
جيڪا ور ور پئي لکائي ٿي
پَرُ پکي ڪو جتي هڻي نه سگهي،
جت ڪا اُوچي اُڏار ٿي نه هجي
هٿ تنهن هنڌ کڻي هڻائي ٿي
ڏات ديوي ٿي مهربان آهي.
ناچ موهن جي ناچڻي وانگي
پوري تهذيب کي نچائي ٿي
يا رني ڪوٽ، آمري بڻجي
رنگ تاريخ جا پَسائي ٿي
ڪڏهن گهر ۾ ۽ گهٽن ۾ ڪڏهن
ڪڏهن ٿر ۾ يا بَرپٽن ۾ ڪڏهن
کيرٿر تي يا ڪارونجهر تي ڪڏهن
من جي مڪليءَ تي يا منڇر تي ڪڏهن
دل جي ڀنڀور شاهه بندر تي ڪڏهن
دٻي ديبل تي ۽ مياڻيءَ تي ڪڏهن
ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڪهاڻيءَ تي ڪڏهن
”تخت اروڙ“ پُڄاڻيءَ تي ڪڏهن
لڪ ۽ پيچرا لانگها چارا
جن تان گذريو نه صدين کان ڪوئي
سي ئي گس گهاٽ سڀ وٺائي ٿي.
ڏات ديوي ٿي مهربان آهي.......
پرڀات جو چوراهو
ٽُٽي جو تند تنبوري جي
اڌورو ٻول رهجي ويو
نه سا رُون رُون
نه سا تُون تُون
نه سا ها ها
نه سا هُون هُون
نه سو رِدم
نه سو سرگم
نه سي تالوُن
نه سي چالُون
چيو هو سين
”سفر سُرَ جو
اسان جي فن فڪر گُر جو
انڌاري رات کي نيندو
سڀاڳو صبح ٿي ويندو“
مگر ايئن باک کان اڳ ۾
اڀاڳي درد جي دڳ ۾
اڌورو قول رهجي ويو
اسان جي راڳداري ۾
وڏو ڪو جهول رهجي ويو!
ٽٽي جو تند تنبوري جي
اڌورو ٻول رهجي ويو!
الميو
ڪُڇڻ تي ڪن پيا ڪاوڙ
رُئڻ تي ڀي رَهن رنج ٿا
نه چوريو چپ نه سڏڪاريو
دٻايو درد کي دل ۾
هتي مُرڪڻ مهانگو آ!
کلڻ چاهين ته ڇا کِلندين؟
اسان جي ديس تي اوندهه
الڳ ڇانيل سڄي جڳ کان
جتي ڪو ٽهڪ گونجي ئي
نه ٿو ڪنهن جو هوائن ۾
نه ئي ڪي عڪس دردن جا
ليئو پائن فضائن ۾
خوشين جا کوڙ وِيا کسجي
غمن جا گهر ڀريل آهن
نه ئي ڪو روڄ گونجي ٿو
نه ئي ڪو سوڳ ٿو ڏسجي
اسان جي ماڻهن تي ڀي،
خنجر دستور جو لٽڪي!
نه ڪُڇڻو آ نه پُڇڻو آ
نه ڪو روئڻ نه ڪي ريهون
ملڻ ۽ کلڻ تي بندش
ايئن ئي ديس منهنجي تي
وهي گوڏا چَٽائي ٿي
حياتي پيٽ ڀَرِ گسڪي
رڙهي ٿي بس!
رڙهي ٿي بس!
ڀنڀوري
ڀنڀوري جيئن اُڏي آئي
هئي ڄڻ ڌوپجي نڪتي
شفق جي سون پاڻيءَ مان
بدن چاندي ۽ مُکُ سونو
نه ڀيٽا جو نمونو ڪو
نه پرواهه، ڪنهن جو اونو ڪو
اُڏي آئي ته مُعطر
ٿي ويا ماحول جا منظر
سُهائي ڇانئجي وئي
زندگي جا رنگ نکري پيا
انهيءَ پرِ پل ٻه ٽي ترسي
وري پرڙا وِکيري ٿي
ڪونئون منظراُڻڻ جي لئه
اُڏامي ٿي
اُڏامي ٿي.
*
هٿ مان گرهه ڪِري پِيو
شايد ڪنهين سنڀاريو،
ها ياد ڪجهه ڏياريو
مُوکي جا مَٽَ ڀريل هِن
تاسو ڪٿي وسين تُون
باقي پياڪ ڇا جو!؟
سنڌڙيءَ جي مَڌُ مان سُرڪي
پيتي جنين نه موٽيا
سِرڙا ڇڏيائون گهوري!
ڪنڌڙا ڏنائون ڪوري!
*
اونداهيءَ جي پاڇن پويان
بيٺو آهي ڪير!
چانڊوڪيءَ جي چمڪ نه ڪائي
ڌُنڌ ئي ڌُنڌ ۾ ساهه ٿو گهُٽجي
ڪنهن پاسي گوگاءُ نه ٻڌجي
واءُ به آخر بيهجي ويو آ،
ڪو اهڙو راتاهو پيو آ
ڌرتي ماتا جي سيني تي
ڌارين پاتو پير......
بيٺو آهي ڪير!؟
ڏات نگر جي ڏيئاٽين سان
گيتن غزلن ۽ نظمن سان
جهيڙو جنگ کٽي بي سگهبي
ڪات ڪهاڙن ريءَ ڀلا جي
ڪاري رات ڪٽي ڀي سگهبي
ماري ڇڏ جي ميرُ.........
بيٺو آهي ڪير.........!؟
ڪَوِتاڪارجي سُرت لُڇي ٿي
ڪجهه نه ڪرڻ تي پِرت پُڇي ٿي
ڏاري جيئن ڏري هر ڏَرَ کي
جاڳائي جا هِت گهر گهر کي
ڪوڙي سياست جي ڪوٽن جو
ڀڃڻو آ هَر ڀير.....
بيٺو آهي ڪير.......!؟
اونداهي جي پاڇن پويان
بيٺو آهي ڪير.........!؟
پاڻ به پيئندا هاسين
ڪهڙي ڳالهه تي ايئن رُٺي آن؟
تنهنجي هڪڙي جهلڪ کپي ٿي
۽ ٻي تنهنجي مُرڪ کپي ٿي
پنهنجي دل جي راحت خاطر
پيندا هاسين
۽ تو خاطر جيندا هاسين.......
سچ پُڇين تان بيچيني آ
دنيا ڪيڏي مَندي آ.
وسڪيءَ تي پابندي آهي.....!
تنهنجي اک جي سُرڪ کپي ٿي
۽ ٻي تنهنجي مُرڪ کپي ٿي.....!
جيڪا جيءَ جياپو آهي
ٻيو سڀ جيون کاپو آهي
تنهنجي اک جي سُرڪ کپي ٿي
ها ٻِي تنهنجي مُرڪ کپي ٿي.
روشنيءَ جو ڏوهه
زندگي ۽ روشني جو ڏوهه آ
هي ته سارو سج جو ئي ڊوهه آ
سج جي تَپش ۽ تابش
ٿي وسيلو اُپت جو
هو ته سارو ڪرشمو
مالڪ سچي جي سُپت جو
ڪونه هو وهنوار اِيهو
ڪوڙ جو يا ڪُپت جو
گؤنچ نڪتا گل ٽڙيا
هي وڻ ڦٽا وڻڪار ٿي
واهڙ وَڙها واهڻ وسيا
شهرن جي ٿي چُر پُر چٽي
اُن سڄي مانڊاڻ کان اڳ
ڪونه هو گهر يا گهٽي
ها تڏهن کان ڪنهن قوت جي
ويڙهه آ وڌويجهه سان!
ٿو وڌي ماڻهو تڏهن ڀِي
هيج سان
ارتقا جي عمل کي
روڪڻ لئه اڄ ڀي سرگرم
سا قوت گوليون هڻي ٿي سجَ
کي!
۽ گهُري ڪُچلڻ ٿي جيوتَ ٻجَ کي!
هُو ته پنهنجي سوچ دُهرائن پيا
ها! سندي سرُ تار سان ڳائن پيا
”زندگي ۽ روشني جو ڏوهه آ
هي ته سارو سج جوئي ڊوهه آ“
برف ۾ سورج کي دفنائن پيا
زندگي ۽ روشني جي ڏوهه ۾.
(تاج بلوچ)
*
هوائون ٻُڌائن ٿيون محبوب ايندو
ڏٺي ڏينهن ٿيا، هن جو چهرو پسڻ کي
گهمون ٿا اتي ڪو گهُمي ٿو سگهي ڇا،
وسون ٿا اتي جت وسي ٿو سگهي ڇا.
مگر سو مزو ڪٿ جو هن جي ملڻ ۾
ملڻ ۾، کلڻ ۾ ۽ گڏجي گهمڻ ۾
هوائون ٻُڌائن ٿيون محبوب ايندو
ها ايندو يقيناً ته سڪ مان سڏيندو
ڇڪي مون کي سيني سان سينو گڏيندو
اهو پهر
’پريل‘
جي تاريخ ٺاهي
انهيء لئه ته ويٺو ٿو هرهر واجهائي.
اوچوڳاٽ
”اُٻري نيٺ ته کاڌو ڦاٽ“
عشق ڪرايس اوچو ڳاٽ
ريتن جي واهڻ جي ڇوري
سڀ کان اڳري
زوران زوري
بڻجي ڀوري
ڪوٽ ڪَڙن کي ٽوڙي موڙي
ازلي ناتو نينهن نڀائڻ
نڪري پيئي!
ڪارنهن جي تلوار هٿان ٻَه
اڌ ٿي ويئي
پنهنجي پريت ڇڏيائين پاڙي
ڪنهن به نه سمجهو سڪ اِنهيءَ کي
ڪو ڇو هن تي ڳوڙها ڳاڙي!
پر تون هيءَ حقيقت ڄاڻج
ڄاڻ انهيءَ سان موجون ماڻج،
سچ نه ڪڏهن چڙهي ٿو ڦاهي
سچ اٿئي سج،
سج رهڻو آ
لهي ڪري به اُڀرڻو آهي،
انت ته ان جو اچڻو ناهي.
سچ لئه ڇا جو ڦاسي گهاٽ
اُٻري اُڀري کائي ڦاٽُ
عشق ڪرائي اوچو ڳاٽ!
پرهه جي نانءِ
اڃا به ڏيئو، اجهاڻو ناهي
هُوءَ آهي اڃا نه آئي!
رات جي پيٽ ۾ نه ڇا ٿيو
گهُگُهه اُونداهه، ڪُوڪون ڪيهون
ڪنهن سُڻيون راڄ جون ٿي ريهون
ڪنهن جي ڇاتيءَ تي ڇري هئي
ڪنهن جي اُمنگن جو چمن اُجڙيو
انتها ٿي بي حيائي.......
اڃا نه آئي!
ٻاٽ ۾ لاٽ جو نمونو
صبح جي سوجهري جو اُونو
سياهه ڪاري مٿان هي چونو
عشق آ يا اُٻهرائي.........
اڃا نه آئي!
اِئين نه ٿي جو هوا جو جهوٽو
لاٽ ڏِيئي جي مروڙي
تيز تر وقت جو وهڪرو
سڀ ئي آشائون مروڙي
سرت ساڃاهه جي سهاري
آس تي جا آهه اٽڪيل
ساهه جي سا تند ٽوڙي
ڪاش اِئين نه ٿي او ساٿي.
اچي ته ان کان اڳي اچي مَنَ،
روح ۾ ڪو رنگ رچي مَنَ.
اُڃ اندر آ سِڪَ سينو،
طلبي تَن مَن ٿو سُهائي.....
اڃا نه آئي!
اڃا به ڏِيئو اُجهاڻو ناهي
هوءَ آهي اڃا نه آئي.......
اڃا نه آئي!
اڃا نه آئي!
*
هينگ ڪُتي ڪئي
گڏهن ڀونڪيو
ڏينهن ڏٺي جي اونداهيءَ ۾
رات جا روشن ڪرڻا ڪرڻا
مستقبل کي چيٿاڙن ٿا
پنهنجو پاڻ کي ڪين سڃاڻن
ٻين جون ڳالهيون اوتارن ٿا.
*
دل دنيا جو درد انوکو
سمجهائڻ ڪو ناهي سوکو
هڪڙي پاسي جوکو آهي
۽ ٻيو پاسو اوکو آهي
ڪهڙو پاسو مان اپنايان؟
هڪڙو پاسو سڻڀو سائو
۽ ٻيو پاسو صاف ۽ سکڻو
ڪهڙي ريت ۽ نيت ڀلي آ
ڪهڙو پاسو مان اپنايان؟
ماڻهو آهيان ڍور ته ناهيان
جڳ جي ليکي ڪجهه ڀي آهيان
هڪڙي پاسي رنگ رنگينون
ٻئي پاسي سينن تي سنگينون
هڪڙي پاسي ڏک ڏولاوا
۽ ٻئي پاسي جڳ جا جاوا
هڪڙي پاسي بُک بدحالي
لوڪن پيٽ بُکيو ۽ خالي
۽ ٻئي پاسي موج ۽ مستيون
شهر نوان ۽ روشن بستيون
ڪهڙو پاسو مان اپنايان؟
جهانگيئڙن ۽ وانگيئڙن جي
سُورن ورتل سانگيئڙن جي
ديس ۾ ويٺو دُوڌَ دُکايان
اونداهين کي چيرڻ جي لئه
روشنين جي راهه وٺايان
شاعر آهيان شعر ٿو ٺاهيان
سارا ڊوهه ٺڳيءَ جا ڊاهيان
پنهنجي مَڳ مستي سان جِئبو
حق ۽ سچ جي پاسي بِهبو
اِن پَر پنهنجي ريت نرالي
ٻين کان
’پريل‘
پريت نرالي
ها سچ پاسي وک وڌايان
قوم جو مان به ته رهبر آهيان
شاعر آهيان! شاعر آهيان!
*
پنهنجا پڪا پختا ناتا
او ڌرتي ماتا.........!
سونهن سندءِ سينگار تي ويهي
هر مُند جي هُٻڪار تي ويهي
ٻهراڙيءَ جي پار تي ويهي
پورهيت جي پُڪار تي ويهي
هاريءَ جي هَرَ ٻار تي ويهي
وڏيرن وهنوار تي ويهي
پنهنجن جي پِرڪار تي ويهي
دودن جي دڌڪار تي ويهي
گولين جي گونجار تي ويهي
ڌارين جي يلغار تي ويهي
ٻيلن ۾ ٻاڪار تي ويهي
گُل نه کڻي پَر خار تي ويهي
راڳي ٿي سرتار تي ويهي
مون هي ڳيچ ازل جا ڳاتا
او ڌرتي ماتا.......!
تنهنجو منهنجو رنگ به ساڳيو
ساٿ به ساڳيو سنگ به ساڳيو
ارٿ به ساڳيو انگ به ساڳيو
جهانگين وارو جهنگ به ساڳيو.
چاهه جو چوريون چنگ به ساڳيو
ڍولا ساڳيا ڍنگ به ساڳيو
ويڙهيچن سان ونگ به ساڳيو
دُز دشمن لئه دنگ به ساڳيو
ٻاڻُ به ساڳيو ٻنگ به ساڳيو
ڏوههَ ڏَجهن لئه ڏنگ به ساڳيو
نرت ۽ نينهن جو ننگ به ساڳيو
توسان پيچ پريت جا پاتا
او ڌرتي ماتا....! |