ڪافي 172
ٿِل: مٽيءَ کان ڪين مڙ ايڏو، مٽيء سان تون مٽي
ٿيندين،
ڪرت ڪاڪر ڪمائڻ جي، اڳيان نه
ته ساڻ ڇا نيندين.
1. مٽيء تي هت هلين ٿو تون، ادا آڪڙ منجهان
اڙجي،
اپٽبي اک اتي تنهنجي، مٽيء مهمان جت ٿيندين.
2. مٽيء مان هي بڻيو بوتو، مٽيء ۾ ويندو سو
واپس،
اتي اعمال ڪم ايندئي، جيڪا هت پوک پوکيندين.
3. اڪيلو جيئن آهين آيو، اڪيلو ويندين تيئن
واپس،
مٽيء کان مانُ پوءِ ملندءِ، مٽيء کي مانُ جي
ڏيندين.
4. ڪري وٺ اهڙو ڪو
’ضامن‘،
ضمانت ڏي پڪي جيڪو،
هوندو گڏ راهه ۾ رهبر، پڄي منزل تي پڪ ويندين.
24 صفر 1436هه اربع
18 ڊسمبر 2014
ڀلجي ڀيل جي دعوت تي
محفل هلندي ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 173
ٿِل: ساڻين ٿي تون سيرمِ مونسان، ساهڙ پنهنجو پاڻ
سنڃاڻ
1. مونکي وڪوڙيو آهي واڳن. ڪُن به ڪڙڪا ڏاڍا ٿا
ڪن.
حامي هيڻيءَ سان ٿي هاڻ.
2. نانگ بلائون لکين مڇ لڌڙا. ات سڻ ساهڙ ساجهر
سڏڙا
پار هي اڪري اچان مهراڻ.
3. ڪچو گهڙو آ ڪرم ۾ آيو. راهه ۾ رس ڪر سانگ
سجايو.
هوئج هر پل هت مونساڻ.
4. واٽ ۾ ويرين آهي ورايو،
’ضامن‘
پيئي اچي ڇڏايو.
ترت مدد ڪا تڪڙي آڻ.
25 صفر 1436هه
18 ڊسمبر 2014
خميس درگاهه عاشق پير تي
محفل هلندي
ڪافي 174
ٿلهه: |
وسن سڀ ولهار مارن جا، رحم ڌڻي رحمان
ڪجائين.
|
1. |
سکيا رهن ساڻيهه ۾ سانگي، ڌڻ ۽ سڀيئي
ڌنار، مارن جا.
|
2. |
اوٺي جيڪو اچي اتائين، ته پڇان تنهن
کان پار، مارن جا.
|
3. |
قئيدن ۾ آئون ڪنهن سان ڪريان، ويهي هت
ويچار، مارن جا.
|
4. |
سانگيئڙن کي ڪو ڪو سنڃاڻي، آهن عجب
اسرار، مارن جا.
|
5. |
پون ضعيفن جا سي
’ضامن‘،
واهه ڏسو وهنوار، مارن جا. |
25 صفر 1436هه 18 ڊسمبر 2014ع
خميس دورانِ سفر عاشق پير تي
جمال الدين جي محفل هلندي 25: 3 ڪلاڪ
ڏيڍ ۾ اتي ئي ڳايو به ويو.
ڪافي 175
ٿِل: روئن اکيون جيئن زارو زار. ڪيئن پڄي ات سانوڻ
سگهندا.
1: رهن ٿيون محب ملڻ لاءِ مانديون. حيلا هت سي ڪرن
هزار.
2: آب وسائن تيئن ٿيون هرهر. جيئن بادل برسي ڪن
وسڪار.
3: موسم مند سي ڪين ڏسن ٿيون. لڙڪ وهائن هرپل لار.
4: آس وندين جون آسون پڄنديون. سڄڻ سگهي تن لهندا
سار.
5: روئڻ تڏهن ويندن رڪجي. محب جڏهن ملندن منٺار.
6:
’ضامن‘
جي سي جڏهن ملندا. ٿينديون تنهن دم باغ و بهار.
26 صفر 1436هه
19 ڊسمبر 2014
جمع رات محفل هلندي
ڪافي 176
ٿِل: هرپل رهه هوشيار، متان تون راهه ۾ رڪجين،
راهه ۾ رڪجين، ڦورن کان ڦرجين.
ٿلهه: |
لايو هِت مالڪ سان جن من، تن کي ڪين
ڪندا ڪجهه رهزن، |
|
سي پڄي ويندا پِڪ پار، متان تون راهه
۾ رڪجين. |
|
|
1. |
ڪيئي لڪل ٿئي واٽ تي ويري،کڻج پڪو ڪو
پاڻ سان پيري، |
|
جيڪو ياري نباهي يار، متان تون راهه ۾
رڪجين. |
|
|
2. |
ويري هڪ تو ساڻ به آهي، نفس ندورو جو
ٿو چوائي، |
|
تنهن کي ماريو پيو مار متان تون راهه
۾ رڪجين. |
|
|
3. |
ثمر کڻج تون ساري سارو، راهه ۾ وٺڻون
پوئي نه اڌارو، |
|
سرت سان ڪر ڪا سنڀار، متان تون راهه ۾
رڪجين. |
|
|
4. |
اڳيان چڪاس به ڏاڍي آهي، سي سڀ شناخت
پڇندا ٺاهي، |
|
رک تن لاءِ جواب تيار، متان تون راهه
۾ رڪجين. |
|
|
5. |
جي
’ضامن‘
اٿئي طاقت وارو، ته ڏيئي ضمانت ڏيندو
سهارو. |
|
سو حامي هوندو هروار، متان تون راهه ۾
رڪجين. |
28 صفر 1436هه آچر
21 ڊسمبر 2014ع
ڪافي 177
ٿِل: آهن جي مئيءَ جا مِٽ، ڪڏهن هت ڪين ڇڏيندا،
ڪين ڇڏيندا پاڻ سان نيندا.
ٿلهه: |
ساڳ سنڱر ڏوٿين جا ڏئونرا، ياد پون ٿا
چاهه مان چئونرا، |
|
تن چئونرن تي جي چِٽ سي وسري مور نه
ويندا. |
|
|
1. |
قئيد ۾ گهڙيون پيئي ڪٽيان، محلن سان
سي مور نه مٽيان. |
|
سي ڀونگا مٿي جي ڀِٽ ٿاڪ سندم ٿر ۾ سي
ٿيندا، |
|
|
2. |
ڪرتون عمر آزاد اِتائين، پوءِ متان هت
تون پڇتائين، |
|
کڻ نه پنهنوارن پِٽ نه پوءِ سي معافي
ڏيندا. |
|
|
3. |
سانگيئڙا ٿو تون نه سڃاڻين، پهچ تني
جي ڪين ٿو ڄاڻين، |
|
هت کيٽو ڦٽو ڪر کِٽ سڻي احوال سي
ايندا. |
|
|
4. |
واهر منهنجي ٿيندا وسيلو، ان ڌاران نه
هلي ڪو حيلو، |
|
جن سبق پڙهايو سِٽ، اچي سي
’ضامن‘
پيندا. |
28 صفر 1436هه آچر
21 ڊسمبر 2014ع
ڪافي 178
ٿِل: گهر گهري ڄاڻين اگر تون پر جتان
پئينار ٿيا،
جن گهري ڄاتو گهڻو سي ڏيهه ۾ ڏاتار ٿيا
1: پاڻ پنهنجي کي پروڙڻ. لاءِ پتوڙڻ
پاڻ پئي،
پاڻ پنهنجو جن پروڙيو، نام تن نروار ٿيا.
2: ڄاڻ تون ڄاڻين اگر رهه ڄاڻ وارن جي
قريب،
ڄاڻ کي ڄاتو جني هردم اهي هوشيار ٿيا.
3: مَٽِ نه منهن تن کان جني جو مٽ نه آهي
ملڪ ۾،
مَٽ تني جي مان ملئي جي، پوءِ ٻيڙا پار ٿيا.
4: رمز رنديءَ راز کي ڪي رند پروڙن روز
ٿا،
عشق جن آيو عجب، عاشق اهي اظهار ٿيا.
5: درد جن دل ۾ گهڻو دم دم اهي ديدار
ڪن،
بي درد ڪئين ڀليل هتي بنهي اهي بيڪار ٿيا.
6. زور زوراور ڪئين هت زور نه زاري
هلي،
زور جن
’ضامن‘
ٿيا سي برهه جا بردار ٿيا.
4 جمادي الاول 1437هه
12 فيبروري 2016
جمع رات محفل هلندي
مڪان تي
ڪافي 179
ٿلهه: |
پڙهايو پرت مان اباڻن اکر،
پڄي شل تني جي، هتي پختي پر.
|
1. |
منان ڪين مٽجن پکا ۽ پنهوار، ڏنائون
ڀڃين ات ڏوئرن جا ڏار،
سگهان سو نه سانڍي سڪايل سنڱر.
|
2. |
منڌا مر ۾ آهن ويچاريءَ جا وار، هتان
آئي مارن جي آهي ميار،
پريشان پئي هت پُسان منجهه پگهر.
|
3. |
ملي ڪو جي اهڙو هتي خابرو، حقيقت وڃين
ات ڪري روبرو،
لهن سار سگهڙي سڻي سڀ خبر.
|
4. |
وٺا
مينهن موڪون ڪري منجهه ملير، اٺئي پهر
آهي مون اباڻن اُڪير،
وڃين پس پيان ات ۽ پاڻي پلر.
|
5. |
نهاريان پيئي واٽ ان جي اڃان،
’ضامن‘
پيئي سي ڪڍن قئيد مان،
وري شال گڏجان وڃين منجهه وڳر. |
17 فيبروري 2016ع 8 جمادي الاول 1437هه
ميرپورخاص کان جيمس آباد ويندي
دوران سفر گاڏيءَ ۾
ڪافي 180
ٿلهه: |
آهيان جني جي سام سام، ڪين ڇڏيندا،
ڪين ڇڏيندا پاڻ سان نيندا.
|
1. |
آئون ان جي آسري الا، هت هڻان پيئي
هام هام،
ڪين ڇڏيندا.
|
2. |
رمز تني جو راز عجب ڪي، مرد پروڙن مام
مام،
ڪين ڇڏيندا.
|
3. |
هت سڄان پيئي ڏيهه سڄي ۾، نالي ان جي
نام نام،
ڪين ڇڏيندا.
|
4. |
ويري سمورن کي ته ورائي، ڪشي هڻن ڪا
ڪام ڪام،
ڪين ڇڏيندا.
|
5. |
’ضامن‘
اصلئون آهي ان جو خبر اها آ عام عام،
ڪين ڇڏيندا. |
2016/02/18
خميس 2: 10 گهر اڌ ڪلاڪ ۾
ڪافي 181
ٿل- الف اندر ۾ آس اباڻن بي بند خاني آهيان مان،
تي آ تن ۾ تات تني جي ثي ثابت سور
سڻايان مان.
1- ڄيم جيئان ڪيئن آئون ان ريءَ، هي هت هيڻا ٿيڙم
حال،
خي اڄ خواب ۾ ڏٺم تني کي، دال نه دل تان لاهيان
مان.
2- ذال ذرو سي ڪين وساريان. ري هت روئي گذاريم
رات،
زي ڪو زور هلي نه منهنجو سين ڪيئن سينو ساهيان
مان.
3- شين شروع کان بيوس آهيان، صئاد صبر سان رکيم
سِير،
ضئاد سان ضامن پيندا سيئي، هيلا هت ٿي هلايان
مان.
4- طئي آ طلب تني جي مونکي ظئي سي ظاهر مان ملن،
عين عجيب سي اچن اورانهون، غين سان غم مٽايان مان.
5- في فڪر هت آهي اهوئي قاف اچن سي ڪيئن قريب،
ڪاف ڪرم ڪن پنهنجو مونتي، لام نه لوئي
لاهيان مان.
6- ميم سي مارو ايندا، موٽي، نون سان نيئي نيندا
نال،
واوَ سان ورندو واءُ سڻائو، هي سان هدايت
پايان مان.
7- لا سان لاشڪ
’ضامن‘پوندا
آئون سڄان هت جن جي نام،
يي سان ياد اچن ٿا هرهر ٻول اهي ٿي ٻڌايان مان.
19 نومبر 2016
آچر رات مڪان تي
ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 182
ٿل: هيڻان ٿي پيا هڏ، سڻ تون سڏ، رهبر رسجان راهه
۾
1- الوميان اڻ سونهي آئون آهيان، کامون هجي متان
کڏ.
سڻ تون سڏ.
2- الوميان، لهرن ڪيئي لوڙهيون، نه اڪري ڄاڻان اڏ،
سڻ تون سڏ.
3- الوميان، پاڻئون نيئي پاڻ سان، هن گوليءَ کي گڏ
سڻ تون سڏ.
4- الوميان، ڪانه ڪمائي مون ڪئي. تڏهن ڏڪان ٿو ڏڏ
سڻ تون سڏ
5- الوميان اچي سنڀالج پاڻ هت، لاکيڻا هيءَ لڏ
سڻ تون سڏ.
6- الوميان-
’ضامن‘
پيئي پاڻ تون هت نه هرگز ڇڏ
سڻ تون سڏ.
8 آگسٽ 2017
اڱارو شام
مڪان تي
ڪافي 183
ٿلِ: آهي کن پل جو هيءُ کيل، صبوح سويل، موٽي
مسافر ماڳ تون ويندين.
1- وري واپس ڪانه ڪا ايندي هاڻوڪي مند هيل. صبوح
سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
2- ڪي ته پيادا پنڌ ڪٽيندا، ڪي چڙهندا منجهه ريل.
صبوح سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
3- سکيو سفر جي چاهين پوءِ هت، ڀورا ڪر مَ ڀيل
صبوح سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
4- پاس ٿين ڪي پختا هت ٿا. باقي سڀئي فيل، صبوح
سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
5- نفس ندوري کي ته نمائي ويريءَ سان ڪر ويل صبوح
سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
6- ترت ڪري وٺ
’ضامن‘
پنهنجو متان ٿيئي اويل. صبوح سويل،
موٽي مسافر ماڳ تون ويندين.
8 آگسٽ 2017
اڱارو شام
مڪان تي
ڪافي 184
ٿل: موٽاءِ مارو مير، مونکي، واري واپس ملڪ ملير
1- ساريو سانگيئڙن کي، نڪرن لکيان نير، مونکي.
2- ڪابو پيڙا ڪوٽ ۾، ظلمن جا ته زنجير، مونکي.
3- اٺئي پهر آهي هت، اباڻن جي اڪير مونکي.
4- ٿڌڙي ملڪ ملير جي، هاءِ لڳي ڪا هِير، مونکي.
5- پلر پيان ات پنهنوارن سان، خوش ٿي ڏين کير،
مونکي.
6-
’ضامن‘
پيئي ضعيف جا، پهچائن من پِير، مونکي.
7 مارچ 18، 10: 9
خميس رات مڪان تي 20/15 منٽ ۾ قاري فقير جي فرمائش
تي.
ڪافي 185
ٿلِ: رند پروڙن راز، راهونڊن جي رمز جو.
1- اتي الله هوءَ جو، عاشق ڪن آواز.
2- امين محمد عشق جي، نيتي ات نماز.
3- جتي مڙن ٿا محبتي سڪ جو سوري ساز
4- پڳا حقيقي حال کي، موهيو جن مجاز
5- ونڊ ملندئي واهه جو، نوڙت رک نياز.
6-
’ضامن‘
جن جا زور سي، پختو ڪن پرواز.
2 رجب 1439هه
20 مارچ 2018
اڱاري جي شام کپرو کان هالا شريف
دوران سفر، راهونڊ تي رکيل
مشاعري لاءِ |