مهاڳ
حضرت منٺار فقير سائين جن جو شمار سنڌ جي معروف
صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو . حضرت منٺار فقير جن جي
شاعري نه فقط سنڌ جي صوفي قدرن جي ترجماني ڪري ٿي
پر سندن شاعري ۾ روحاني رمزن ۽ دقيق فلسفياڻن نقطن
جو بيان به نهايت حسين ۽ سليس انداز ۾ ٿيل آهي.
خاڪ جي چولي ۾ جو ٻولي اهو آواز الائي ٿو ڪير
آواز سڻي ٿو ڏسي پسي ٿو ههڙا هنر هلائي ٿو ڪير
مور اصل منٺار ته ڪونهي هي قلبئون ڪافيون ڳائي ٿو
ڪير
ڳول ڳجهارت ڳالهه انهيءَ جي ته سمجهه سلوڪ سڻائي
ٿو ڪير
حضرت منٺار فقير جن کي فيض حضرت مخدوم امين محمد
پکن ڌڻي جن کان مليو هو جيڪي درگاه حضرت مخدوم نوح
جا سجاده نشين هئا. ايئن کڻي چئجي ته حضرت منٺار
فقير جن به مخدوم سرور نوح سائين جن جي نو لکي
گودڙيءَ جا گوهر ناياب آهن جن جي بزرگي ۽ شاعراڻي
عظمت جو هڪ زمانو معترف آهي.
حضرت منٺار فقير جن جي درگاه جا پهريان سجاده نشين
حضرت فقير ولي بخش جن به نه فقط سنڌي ٻوليءَ جا
قادرالڪلام شاعر هئا پر پاڻ راڳداري جي ڄاڻ ،
صوفياڻي قدرن ۽ روايتن جي امين شخصيت طور پنهنجي
هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهيائون اهوئي سبب آهي جو فقير
ولي بخش سائين جن جي ڪچهري ۽ محفل جي ادب آدابن جا
مثال اڄ به ڏنا وڃن ٿا. سندن سجاده نشيني واري دور
۾ درگاه منٺار فقير تي صوفياڻي راڳ جي محفلن جي هڪ
شاندار دور جو آغاز ٿيو جنهن جي تسلسل کي هن ڪتاب
جا مصنف ۽ موجوده سجاده نشين فقير محمد بخش ضامن
اڄ به پوري آب و تاب سان قائم رکندا ٿا اچن . انجو
سبب شايد اهو به آهي ته فقير محمد بخش ضامن سائين
جن کي ٻاروتڻ کان ئي هڪ صوفياڻو ۽ ادبي ماحول ميسر
رهيو. پاڻ پنهنجي ڏاڏي فقير ولي بخش سائين ۽
والد فقير ولي محمد سائين جن جي تربيت هيٺ رهيا ۽
پوءِ 18 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ درگاه منٺار فقير
جي سجاده نشينيءَ جي منصب تي فائز ٿيڻ کانپوءِ
فقير محمد بخش ضامن صاحب کي قبله حضرت مخدوم طالب
المولا سائين جن جي شفقت ڀري صحبت نصيب ٿي .
منهنجي خيال ۾ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جو قبله
طالب المولا سائين جن نه فقط فقير صاحب جي شاعريءَ
جي اصلاح ڪرڻ فرمائي پر کين ضامن جو تخلص به قبله
سائين کان ئي عطا ٿيو.
فقير صاحب جن قبله
طالب المولا سائين جن جي انهن
عنايتن جو ذڪر به پنهنجي هڪ غزل ۾ نهايت خوبصورت
انداز ۾ ڪن ٿا
لطف وڪرم سندس جي ڪا ڪانه انتها آ
ڏٻرن ڏڏن جو ٿيو آ آڌار يار سو
ضامن
ٿيو تخلص دلبر کان اڄ عنايت
منهنجوبه هوندو ضامن هر وار يار سو
هڪ شاعر جي حثيت ۾ فقير محمد بخش ضامن صاحب جن غزل
، ڪافي، قطعه، بيت، ڏهر، مثنوي ۽ ٻين صنفن تي
نهايت سهڻي انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي خاص طور
تي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي نمائنده صنف ڪافيءَ
سان خوب نڀايو اٿن . سندن هن ڪتاب ۾ شامل ڪافيون
خيال ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڄڻ ته حضرت منٺار فقير
۽ ٻين صوفي شاعرن جي اتهاس جو تسلسل لڳن ٿيون.
مثال طور روايتي صوفي شاعريءَ ۾ پاڻ کي سڃاڻڻ ،
نيت کي صاف رکڻ ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ ، زماني ۾
خير جو ذريعو بڻجي رهڻ جي گهڻي تلقين ٿيل آهي .
اهو ساڳيو فڪر ضامن سائين جي ڪلام ۾ به ڏسڻ ۾ اچي
ٿو
هت پنهنجو پاڻ سڃاڻ حياتي کيل نه خالي ڄاڻ
سينو سارو صاف رکي پوءِ ڪڍج نه ڪنهن جي ڪاڻ
هر ڪنهن سان ڪر يار ڀلائي ڏسجان ڪنهن جي ڪين ڪچائي
اندر ۾ تنهنجي جا اگلائي ڪڍج اها ڪاراڻ
گڏوگڏ فقير محمد بخش ضامن جي شاعري ۾ سنڌ جي
ڪلاسيڪل شاعريءَ جو رنگ انهن ساڳين سرن ، داستانن
۽ ڪردارن جي صورت ۾ به نظر اچي ٿو جن کي اسانجي
صوفي شاعرن خوب ڳايو آهي ۽ انهن جي اوٽ ۾ پنهنجي
خيالن جو پرچار ڪيو آهي
ٿل ؛ ٿي ڀانئيان ڀنڀور زهر وو ڌاران پرين پنهون
جي
ستيس سنجهي ما سيج تي پوءِ جاڳي وهايم جر وو
ضامن سان هت مرشد سائين اچي حامي ٿيندو هر هر وو
ساڳي طرح هڪ ٻئي ڪافيءَ ۾ ماروي جي پنهنجي مارن
سان اڪير ،ظلم جا زنجير ٽٽڻ جي آس ۽ پنهنجي وطن جا
وڻ پسڻ جي آرزو جو اظهار فقير صاحب جن هڪ منفرد
گهاڙيٽي ۾ تخليق ڪيل ڪافيءَ ۾ هن ريت ڪن ٿا
ٿل؛ روز چڪن ٿا چاڪ، نه وسرن ٿاريلن جا ٿاڪ
ڪڍ قيد منجهان بي ڏوه بندياڻي کول درن جا تاڪ
ضامن چوي هت موٽِي ڏسندس ملڪ مڙوئي ملير
پرچندا پنهوار اتي سڀ کلندا ظلم زنجير
پڄنديون مرادون من جا مطلب ٿيندو ساڻي سرور پير
ڪين لاهيندس لوئي لڱن تان آهي اها سندم املاڪ
واڳن جي وچ ۾ ويرن جي ور چڙهيل سهڻيءَ جي ميهار کي
ڪيل سڏن جا پڙلاءَ به اسانکي فقير محمد بخش ضامن
جي ڪافين ۾ نظر اچن ٿا
ٿل؛ واڳون ويا ٿم وري ساهڙ توکي ٿي ات ساريان
اچي پيس آئون ڪارونڀار ۾ ، ويئي وسارت تکڙي تار ۾
ڀيلو ويو آهي ڀري، تڏهن اکين مان آب ٿي هاريان
فقير محمد بخش ضامن سائين جن جي شاعريءَ ۾ اسانکي
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري جي ٻين به گهڻن ئي موضوعن،
داستانن ۽ ڪردارن جا حوالا به گهڻا ملن ٿا ۽ سندس
شاعري ءَ ۾ سنڌي ڪافيءَ جو روايتي حسن ۽ دلڪشي خوب
جهلڪندي نظر اچي ٿي
راه سندئي پئي نهاريان موٽي اچ تون مهندرا
ضامن چئي مڙئي مدايون معاف منهنجون ڪر تون ڪچايون
تو در ٿي آئون پڪاريان موٽي اچ تون مهندرا
ڪافي جي صنف تي فقير صاحب جي مڪمل دسترس ۽ شاعرانه
پختگيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو
ته فقير صاحب هن صنف ۾ ٻوليءِ جي استعمال توڙي
گهاڙِيٽي جي حوالي سان الاهي سارا منفرد تجربا ڪيا
آهن مثال طور سندن هيٺ ڏنل ڪافيءَ ۾ ٽيہه اکريءَ
جو استعمال نهايت سهڻي انداز ۾ ٿيل آهي . نموني
طور هن ڪافيءَ جا ڪجه شعر هيٺ ڏجن ٿا
الف اندر ۾ آس اباڻن بي بند خاني آهيان مان
تي آ تن ۾ تات تنين جي ثي ثابت سور سڻايان مان
لا سان لاشڪ ضامن پوندا آئون سڄان هت جن جي نام
يي سان ياد اچن ٿا هر هر ٻول اهي ٿي ٻڌايان مان
گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڪتاب ۾ شامل ڪيترن ئي ڪافين ۾
هڪ کان وڌيڪ قافين جي استعمال جا تجربا به ان
انداز ۾ ٿيل آهن جو ڄڻ هن صنف جي روايتي حسن کي
چار چنڊ لڳي ويا آهن
لڳي تار روئان زار ڪيئون ڌار ويچاري
اچي هاڻ اڄ صبحاڻ ڪندا پاڻ ستاري
پسي حال ڪري ڀال پون شال ضامن
لهن غم هن دم ٿين ڪم پرچن
سڻن بات اها تات وائي وات ڀلاري
شاعري ۾ ٻوليءَ جي منفرد انداز ۾ استعمال جي تمام
گهڻي اهميت آهي شاعريءَ جي ڇنڊ ڇاڻ جو هڪ مستند
معيار ٻوليءَ جو استعمال به آهي تنقيد نگار ڪنهن
به وڏي شاعر جي هڪ اهم خوبي اها به ڳڻائيندا آهن
ته شاعر کي پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن جي استعمال تي
ڪيترو ڪمال حاصل آهي لفظن ۽ انهن جي استعمال جي
پٺيان معنائن جو هڪ جهان آباد هوندو آهي سٺا شاعر
نه فقط معنائن جي ان جهان جي نزاڪتن سان آشنا
هوندا آهن پر هو پنهنجي پرهندڙن کي به اکرن ۽ لفظن
کي مختلف پيراهن ۾ مختلف انداز ۾ استعمال سبب
بدلجندڙ معنائن سان به روشناس ڪرائيندا آهن اهڙا
شاعر هڪ لحاظ کا ٻوليءَ جا محافظ تصور ٿيندا آهن
جيڪي لفظن جي متروڪ ٿيندڙ معنائن کي ايندڙ نسلن
لاءِ محفوظ بڻائيندا آهن. فقير ضامن جي جد امجد
حضرت منٺار فقير سائين جن جي شاعري به لفظن ۽
معنائن جي اهڙن ئي اسرارن سان سجيل آهي خاص طور تي
کپري ۽ انجي آس پاس وارن علائقن ۾ ڳالهائجندڙ
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان لغت جو هڪ بي بها
خزانو حضرت منٺار فقير جن جي رسالن خدائي، مرتضائي
، رهنمائي ۽ صدائيءَ ۾ محفوظ آهي. حضرت منٺار فقير
سائين جن جي لغت تي سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر
اسد جمال پلي صاحب جن جو تحقيقي ڪم لغات منٺار
فقير جي نالي سان سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان شايع
ٿيو آهي . . فقير ضامن سائين به ٻوليءَ جي منفرد
استعمال جي حوالي سان پنهنجي خانداني روايتن جي
خوب پاسداري ڪئي آهي . هيٺ ڏنل ڪافيءَ ۾ فقير صاحب
هڪ لفظ کي ٽن مختلف معنائن سان ٿل ۾ ۽ مصرائن ۾
استعمال ڪن ٿا.
ٿل؛ اجهو ڄاڻ تنهنجو هتي ڄاڻ آيو
اها ڄاڻ ڄاڻين ته ڄاڻون چوائين
جيڪي ڄاڻ ڄاڻن وڃين ويهه تن وٽ، تراري ۾ ترندا پڇج
سي پڪا وٽ
سڳو سڪ جو ساجهر ويهي اتي وٽ، متان ڀورا ڀلجين ڪو
ڀولو نه ڀائين
چٺو پاڻ پنهنجو آڻي اڳيان رک ، اٿس گل گلابي يا
اڏري پئي رک
رهين تڏهن سنرو ڏسيل جي ڪرين رک، مليل واٽ جيڪا
متان سا ڀلائين
ساڳئي نموني سندس هڪٻئي ڪافيءَ ۾ هڪ لفظ جو ڪافيي
۾ ٽي دفعا ورجاءُ ٿيل آهي ان سان ان ڪافيءَ جي
موسيقيت ۽ حسناڪيءَ ۾ عجيب نکار ٿو پيدا ٿئي .
سندن هيءَ ڪافي مختلف فنڪارن ڳائي آهي ۽ هن صنف جو
ذوق رکندڙن طرفان ساراهي ويئي آهي
متان موڳا منجهين هيءَ مهل اٿئي اٿ رمز رنديءَ ۾
رچ رچ رچ
جي نچڻ سان ريجهي يار پوي ڀل ناچو ٿي پوءِ نچ نچ
نچ
گڏ مرد جي توسان مور اٿئي ۽ ضامن تنهنجا زور اٿئي
پوءِ الڪو نه ڪوئي اور اٿئي هيءَ ڳاله سڄي آ سچ سچ
سچ
خيال جي لحاظ کان به فقير محمد بخش ضامن جي ڪلام
جي پنهنجي انفراديت آهي جيڪا سندن تخيل جي فڪري
پرواز ۽ گهرائيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي . گڏوگڏ سندن
شعر ۾ سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ بحث هيٺ آيل
موضوعن تي الڳ انداز ۾ ٿيل شاعرانه اظهار مان به
شاعر جي فڪري پختگي جهلڪي ٿي . مثال طور سنڌ جي
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ محبوب جي انتظار ۾ ۽ منزل جي
جستجو ۾ جبل جهاڳڻ توڙي راتيون جاڳڻ واري جذبي جي
الاهي ساراه بيان ٿيل آهي پر ڪٿي ڪٿي انجي ابتڙ
ٺلهي ۽ بي مقصد جاڳ جي نندا ۽ ڪٿي ڪٿي شاعرن
طرفان ننڊ ۽ حالت خواب ۾ ديدار واري ڪيفيتن جي
واکاڻ به بيان ٿيل آهي.
ساڳي ريت هن ڪتاب جي مصنف کي به يقين آهي ته سندس
ضامن ساڻس ستي به ساڻي رهندا . اهڙي ڪيفيت ۾ حالت
خواب جي رعناين ۽ ستي ئي معنا جا ملڪ گهمڻ جا
تجربا پنهنجي هڪ ڪافيءَ ۾ دل کي ڇهندڙ انداز ۾
بيان ڪري ٿو.
ننڊ ڪر ڪا ننڊڙي ڪائي وٺي تون ڪنڊڙي
1_ ننڊ ٿي ڪيئي ملڪ گهمائي دلبر جو ديدار ڪرائي
محبت جو هڻي منڊ ڙي
2_ ظاهر ۾ جي ضامن پيندا سي ته ستي به ڪين ڇڏيندا
ٿيا کير ۾ ڄڻ کنڊ ڙي
موضوعاتي لحاظ کان عشق ۽ عقل جو جهيڙو انسان جي
اندر اڀرندڙ احساساتي تضاد جي هڪ دقيق لقاءَ جي
نشاندهي ڪري ٿو شاعرن کانسواءِ هڪ عام ماڻهون به
اڪثر اهڙي قسم جي داخلي بحران سان نبرد آزما رهي
ٿو اردو جي مشهور شاعر جون ايليا جي لفظن ۾
اک طرف دل ہے اک طرف دنیا
یہ کہانی بہت پرانی ہے
پر جنهن جي دل جي دنيا عشق سان آباد هجي ۽ الفت جي
اسرارن کي پسڻ واري اک هجي انهن لاءِ ان جهيڙي ۾
عشق سدائين فاتح ۽ رهنما بڻيل رهي ٿو
ٿل؛
عشق جا ڏس اسرار عقل جي ات ڪا جاءِ نه آهي
جن جا عشق وارا ٿيا ضامن سيئي منزل تي ٿا پهچن
لهر نه ڪو لوڏو آ تن اهي تريو وڃن تک تار
سي ٿا ڄاڻن خوب نڀائي
تصوف جي دنيا ۾ فقيري وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ ان
منصب جو پنهنجو مرتبو ۽ مان آهي . گڏوگڏ فقيريءَ
جي منزل غير معمولي جهدوجهد ۽ ڪوشش جي گهرجائو
آهي ضامن صاحب فقيري جي پنڌ جي انهن اوکائين ۽
معنا جو ملڪ ماڻڻ جي جستجو بابت پنهنجي ڪلام ۾ هن
ريت اظهار ڪن ٿا
سمجهو نه ڪڏهن سوکو فقير کي سڃاڻڻ
اوکو آ يار ڏاڍو معنا جو ملڪ ماڻڻ
فقير ملڪ ماڻيو سگهندو نه عام سمجهي
سمجهڻ اگر جي چاهين کپئي ڪا ڄاڻ ڄاڻڻ
فقير محمد بخش ضامن جي ڪافي موسيقيت سان پڻ ڀرپور
آهي اهوئي سبب آهي جو فقير صاحب جن جي ڪافي سنڌ جي
ناليوارن فنڪارن ڳائي آهي ۽ صوفياڻي راڳ جي محفلن
توڙي عام ماڻهن طرفان سندن ڪلام کي گهڻو پسند ڪيو
ويو آهي. ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيوز ۾ به فقير
صاحب جون ڪافيون جمال الدين فقير، شفيع فقير،
سڪندر شفيع ۽ ٻين فنڪارن جي آواز ۾ رڪاڊ ٿيون آهن
۽ انهي ڪلام کي ٻڌندڙن طرفان بي حد سارهايو ويو
آهي.
اڄ جي دور ۾ جڏهن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري جي روايتن
خاص طور تي ڪافيءَ جي صنف سان نون شاعرن جي رغبت
گهٽجندي پئي وڃي فقير محمد بخش ضامن صاحب جو شمار
سنڌ جي بهترين ڪافي گو شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي طرح ڪربلا جي شهيدن سان عقيدت ۽ الفت به ضامن
صاحب کي ورثي ۾ ملي آهي جو حضرت منٺار فقير سائين
جو هڪ پورو رسالو حضرت امام حسين ، ڪربلا جي شهيدن
۽ اهل بيت جي شان ۾ چيل شعرن تي مشتمل آهي .
عقيدتن جو اهو ساڳيو تسلسل اسانکي ضامن صاحب جي
شاعري ۾ به نظر اچي ٿو
آهيان اصل کان آئون نوڪر حسين جو
مولا ڪيو آ مونکي ثناگر حسين جو
خوشبخت ٿيو سو جنهن جو ضامن امام آهي
دست شفا انهيءَ تي دلبر حسين جو
جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ فقير صاحب جو سنڌي ۽ ڪجهه
سرائڪي ڪلام شامل آهي پر پاڻ اردو ۽ سرائيڪي
ٻولين جا به بهترين شاعر آهن . هوئن ته اردو
ٻوليءَ ۾ سندن گهڻو ڪلام غزلن تي مشتمل آهي پر
سندن ڪافي جي صنف سان لڳاءَ جو اظهار ان ڳالهه مان
به ٿئي ٿو ته پاڻ اردو ۾ به ڪافيون چيون اٿن ۽
انهن مان گهڻيون ڪافيون ڳايون به ويون آهن . اميد
ڪجي ٿي ته فقير صاحب جو اردو ڪلام به جلد ڇپجي
منظر عام تي ايندو هتي نموني طور سندن هڪ اردو
ڪافي جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا
دیکھا عجب ہے میں نے دیدار دلربا کا
کیسے کہوں زبان سے اظہار اس سما کا
اسکے نہیں ہوں لائق اعمال کی بدولت
پھر بھی ہوئی ہے مجھ پر کئی بار یہ عنایت
ظاہر ہوا ہے ضامن اک ایسے ناتواں کا
هڪ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ فقير محمد بخش ضامن سائين
جن روحانيت ڏانهن لاڙو رکندڙ، پنهنجي ثقافتي
روايتن ۽ قدرن سان پيار ڪندڙ ، علم ۽ ادب دوست
شخصيت جا مالڪ آهن. سندن سدا بهار شخصيت اسان سڀني
نيازمندن ۽ دوستن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ڪونهي .
دعا آهي ته رب پاڪ فقير صاحب کي سدائين خوش رکي،
کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ هو ايئن ئي علم و
ادب جي خدمت ڪندا رهن . آمين
اسانجي يا خدا اڄ ئي اگهائج التجا ساري
مهابي مير مرسل جي ٿئي ڪا مهر موچاري
ڪيا هن عرض ضامن جي عزت ۽ آبرو گهرجي
پئي آهيان پکي جن جي ٿيان تن وٽ نه مياري
علي اڪبر هنڱورجو
اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد
شڪريه
ادائي
هن فقير تي اڻ ڳڻيا احسان آهن، قبلا مرشد مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ رحه جن جا، مٿن هر
وقت ڪروڙها رحمتون هجن، پاڻ نه رڳو منهنجي ڪچي ڦڪي
شاعريءَ جي اصلاح فرمايائون پر تخلص پڻ عنايت
ڪيائون. سندن مسلسل همٿ افزائي ۽ رهنمائي سبب ئي
منهنجي شاعري جو جاري رهڻ ممڪن ٿي سگهيو. ان بعد
آئون انتهائي ادب سان شڪرگذار آهيان قبلا مرشد
مخدوم جميل الزمان سائين جن جو، جو پاڻ منهنجو
ڪلام پڙهيائون ۽ بهترين صلاحون ڏئي رهنمائي ڪيائون
۽ ڪتاب لاءِ دعا جا ٻه اکر لکي ڏيڻ جي عنايت
ڪيائون.
آئون احسان مند آهيان قبلا مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جن جو، پاڻ منهنجي
ڪلام کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرائڻ لاءِ ذاتي
دلچسپي ورتائون. تڏهن ئي فقير ولي بخش سائين رحه
جن جي رسالي سان گڏ منهنجو هي ڪافين جو ڪتاب به
شايع ٿي سگهيو ۽ پاڻ مهرباني فرمائي ڪلام تي
نظرثاني پڻ ڪيائون.
ان بعد آئون شڪرگذار آهيان قبله مخدوم حبيب الله
سائين ۽ قبله مخدوم نعمت الله سائين جن جو جيڪي
سدائين منهنجي شاعراڻي ذوق جي پذيرائي ڪندا رهيا
آهن. هتي آئون اسانجي دوست مرحوم سائين احسان شاهه
صاحب جن کي پڻ ضرور ياد ڪرڻ گهرندس جيڪي مشاعرن ۽
ٻين ادبي سرگرمين دوران سدائين ساٿ ۾ رهيا.
ان سان گڏ آئون سيد سڪندر شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ ۽ گل حسن درس سميت سنڌي ادبي بورڊ جي سموري
سٿ جو مشڪور آهيان جن جي محنت هن ڪم ۾ شامل رهي،
کين جَس هجي آئون ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ اسان جي
دوست علي اڪبر هنڱورجي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو
پاڪستان جو به شڪرگذار آهيان. آئون سائين خادم
حسين علوي همدم هالائي جو به مشڪور آهيان جو پاڻ
منهنجي ڪلام تي نظر وڌائون. منهنجي فرزندن فقير
ولي بخش ۽ فقير فياض علي به ٻنهي ڪتابن جي پروفن
جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو. حاجي محمد يوسف هنڱورجي جو به
ساٿ رهيو، کين جَس هجي. آخر ۾ آئون هڪ شخص فقير
محمد راڄڙ جو ذڪر ڪندس جيڪو پوءِ ته دنيا جي خفن ۾
ڦاسي ويو پر منهنجي شاعريءَ جي پهرئين دور ۾ هر
نئون ٺهندڙ ڪلام الڳ سان پاڻ وٽ ڪاپي تي جمع ڪندو
هو، سندس اها ٺاهيل ڪاپي به يادگار آهي، اميد ته
وري اهو ڪم شروع ڪندو ۽ ننڍي کاڻيءَ جو رحيم بخش
راڄڙ ۽ استاد محمد سلطان هنڱورو به هن ڪم دوران
ساٿ ۾ شامل رهيا کين شابس هجي.
فقير محمد بخش ضآمن
پهرين نومبر 2022 اڱارو
5 ربيع الثاني 1444هه
ڪافيون
ڪافي 1
ٿل: نڪي دنيا ۾ ٿيو ٿيندو، سڄڻ سردار جو ڪو مٽ،
سڄي مخلوق خاوند جي، گهڻو تنهن
کان ٿي آهي گهٽ.
1: نه ڪئي ڪنهن همسري ڪڏهن نڪي ڪوئي ڪري سگهندو،
سندس خادم کان سو آ گهٽ پائي جيڪر ڪو سونو ڇَٽِ.
2: ٿيو معشوق مالڪ جو، جڙيو سارو جهان جنهن لاءِ،
نمن تنهن تي ٿا سج چنڊ ۽، مڙئي تارا ڪتيون نکٽ.
3: ڪئين جن و بشر ان لاءِ، ٿيا حيران هت آهن،
فقط ديدار جي خاطر، هڻين ويٺا سي سِرَ جي سٽ.
4: هتي
’ضامن‘
ٿيو سوالي، سندس ديدار جي لاءِ آ،
ڪيو جنهن سوال سندس در تي، وريو پر ٿي سو آجهٽ پٽ.
19 ذوالحج 1410
13 جولاءِ 1990
جمع- ڳوٺ حاجي حليم فقير درس
ڪافي 2
ٿِل: فقط ديدار لاءِ آهيان. سوالي يا رسول الله،
وريو سوالي سندئي درتان، نه خالي يا رسول الله.
1: وڪوڙي وهم آ وِيَڙو ڪريان پيو دانهن دم دم ۾،
مدد منهنجي ڪريو مرسل مثالي يا رسول الله.
2: دنيا جي ڪن ڪيو قابو، اچي هن تار مان ٽاريو،
ٿيو واهر جلد جنابِ عالي يا رسول الله.
3: چڱو ڪم ڪين مون ڪيڙو آهيان ديدار جو خواهان،
نوازيَوَ اڳ به ڪئين عالي موالي يا رسول الله.
گهرائي پاڻ وٽ
’ضامن‘
ڪريو امداد اڄ آقا،
پياريو حوض ڪوثر مان پيالي يا رسول الله.
9 ربيع الاول 1411هه
آچر 30 سيپٽمبر 1990
ڪافي 3
ٿلهه: سندم هيءَ التجا اڄ ئي، اگهائج يا رسول
الله ﷺ،
هتان مونکي مديني ۾، گهرائج يا رسول الله ﷺ.
1. ٻڌي هي عرض عاصيءَ جا مدد مسڪين جي ڪريو،
مڙئي مايوسيون من تان، مِٽائج يا رسول الله ﷺ.
2. آهيان اڻڄاڻ اڻ سونهون. ڪيو رهبر رهنمائي،
سڌي جا واٽ آهي سا، وٺائج يا رسول الله ﷺ.
3. نوازيا ڪئين اوهان اگلا، ٿئي مونتي
مهرباني،
قدم پنهنجا ڪنهين پل ۾، چمائج يا رسول الله ﷺ.
4. نفس شيطان جو خطرو ڏڪي هت ڏيل ٿو هردم،
سندن حملي کان هرويلي، بچائج يا رسول الله ﷺ.
5. ٿيا جيڪي مخالف هت، ۽ حاسد جي حسد ڪن ٿا،
سگهوئي سي سندم دشمن، دسائج يا رسول الله ﷺ.
6. مِٽايو مرض سڀ منهنجا ۽ قرضن کي ڇڏيو
ڪاٽي،
سندم مطلب مڙئي من جا، پڄائج يا رسول الله ﷺ.
7.
’ضامن‘
جو سندم آ تنهن، سرور شاهه جي صدقي،
ميٽي غم خوشين مان هت، کلائج يا رسول الله ﷺ.
28 رجب 1428 سومر
13 آگسٽ 2007
ميرپور کان حيدرآ باد دوران سفر
ڪافي 4
ٿلهه: |
مديني جيءَ گليءَ جو مان، ڪتڙو ڪارڙو
آهيان، |
|
ڪرم ڪو ڪر مٿم مرسل، بنهه بيڪارڙو
آهيان. |
|
|
1. |
نوازش تو جني تي ڪئي، هتي ۽ مهند سي
مرڪن، |
|
تني مان ڪر مونکي ٻانهيءَ سندو هڪ
ٻارڙو آهيان. |
|
|
2. |
پون هت پور ٿا پلپل، چمان جلدي اچي
چائنٺ، |
|
پڄايو آس سا آقا، ناڪس لاچارڙو آهيان. |
|
|
3. |
آهيان اڻڄاڻ ۽ اگلو، رهنمائي ڪريو
رهبر، |
|
ڪريان ويچار هت ڪهڙو، آئون ويچارڙو
آهيان. |
|
|
4. |
آهن
’ضامن‘
سندم جيئي ڪريو ڪا ٻاجهه تن صدقي، |
|
ڪنو ڪوجهو ته به تن کي، مان پڪ سان
پيارڙو آهيان. |
9 صفر جمع ڏينهن
14 جنوري 2011
امين راڄڙ جي دعوت
تي محفل هلندي
ڪافي 5
ٿلهه: ڪرم ڪري ڪو اي ڪلتار، موليٰ موڪل اڄ ئي
مديني.
1.
اگلا اڀرا آهيون پوءِ ڀي، ٻاجهه سان ڪر تون ٻيڙا
پار.
2.
جن جي پکي هت آهيون پيڙا، پسج تني جو پرور پار.
3.
معاف ڪري هت مڙئي مدايون، سيگهه مان لهه ڪا سنديم
سار.
4.
عرض ڪيان جي اگهائج آقا، مهر مهابي ڪر منٺار.
5.
آهي جهانَ ۾ افضل جيڪو، ڏيهه اهو ڏاتر ڏيکار.
6.
آهن ضعيف جا جيڪي
’ضامن‘
تن جو مٿم هٿ هوئي هر وار.
13 مئي 2011
جمع، مڪان ت
ڪافي 6
مديني جون گليون، گهمائين ته واهه وا،
سندئي در جي چائنٺ، چمائين ته واهه وا.
هلي وس نٿو هت اچان هوند اڏري،
اها آس جيڪر پڄائين ته واهه وا.
عيبدار آهيان ڏڪي ڏيل ٿو هت،
گنهگار کي جي گهرائين ته واهه وا.
مٺو محب منهنجو جو منٺار آهي،
اهو محب مونسان ملائين ته واهه وا.
سدا منهنجو مرشد رهي شال راضي،
اچي سوئي سرور جي سائين ته واهه وا.
امامن جي ٻانهيءَ سندو ٻار آهيان،
هجن سي ئي حامي سدائين ته واهه وا.
مخالف سندم جي رهن هٿ مليندا،
انهن جا سدا ڪنڌ جهڪائين ته واهه وا.
’ضامن‘
جي منهنجا تني جي ئي صدقي،
التجا هيءَ منهنجي اگهائين ته واهه وا.
ڪافي 7
ٿلهه: |
مديني جا مالڪ سگهو تون سڏائج، |
|
آ ويرن ورايو تني کان بچائج. |
|
|
1. |
خطا ڪار تي ڪا ڪري ٻاجهه پنهنجي، |
|
سگهو شهر پنهنجي جون گليون گهمائج. |
|
|
2. |
ڪلفتون سڀيئي محبت ۾ مٽجن، |
|
محبت سندا مينهن واري وسائج. |
|
|
3. |
اصل کان ئي آهيان پکي جن جي پيڙو، |
|
پسي پارُ تن جو عرض هي اگهائج. |
|
|
4. |
سڻج سوال سائين امامن جي صدقي، |
|
سندم غم وهم هت مڙيئي مٽائج. |
|
|
5. |
ضعيفن جو
’ضامن‘
آهين مير مرسل، |
|
ڪري معجزو پنهنجي چائنٺ چمائج. |
28 رجب 1435هه
21 مئي 2014 اربع
ڪافي 8
ٿل: ڪيو ياد تنهن جو آ مرسل موچارو،
کليو بخت منهنجو ٿيو ڀاڳ ڀلارو.
1. |
هيڻن سان حامي ٿئي سوئي هردم، تڏهن ئي
تني جا ٿين ٿا سڀئي ڪم،
سندس ساٿ آهي سدائين سوڀارو. |
|
|
2. |
آهن جي سڀيئي درد دور ٿيندا، مبارڪ
مڙي هت اچي ڏيهه ڏيندا،
بلاشڪ بلند ٿيو سندم آ ستارو. |
|
|
3. |
اصل کان ئي آهيان پُکي جن جي پيڙو،
تنيجي ڪري ئي ڪرم مون تي ٿيڙو،
سندم حال جيڪو سڻايان پيو سارو. |
|
|
4. |
مايوسين هت جڏهن هو منجهايو، تڏهن ئي
دلاسو انهي در تان آيو،
اٻوجهن کي آهي سندس ئي سهارو. |
|
|
5. |
گنهگار تي ڪئي ڀلي آ ڀلائي، پرواهه
پوءِ ڇو ڪڍون ڪنهنجي ڪائي،
’ضامن‘
سندم جو آ سوئي سگهارو.
|
28 شوال 1442هه
9 جون 2021ع
اربع ڪلاڪ کن ۾.
ڪافي 9
ٿلهه: |
ٿي مدد مشڪل ڪشا، مشڪل مڙئي آسان ڪر،
درد ٿيا دل ۾ گهڻا، دارون سگهو درمان
ڪر.
|
1. |
عرض ڪيم ٻانهون ٻڌي، سگهڙو سڻي لهه
سار تون،
اي عيبدارن جا اجها، مونتي اهو احسان
ڪر.
|
2. |
حال منهنجي جي حقيقت، معلوم توکي آ
مڙئي،
دشمنن تي دهشت سان، هيڪر اچي دهمان
ڪر.
|
3. |
سب مخالف مات ڪر، ٿا خارجي جيڪي کسن،
هِت هُت حمايت مون سندي، هاڻ علي
الاعلان ڪر.
|
4. |
ٿي جلد واهر وسيلو، ڪانه تو ريءَ ڪا
ڳلي،
مِهر
’ضامن‘
تي ڪري، امداد عاليشان ڪر. |
3 مارچ 1990ع 4 شعبان 1410هه
ڇنڇر جي شام سج لٿي مهل اوتري کاڻي
۾ مريد راڄڙ جي اوطاق تي لکيم،
ڪافي 10
ٿلهه: |
تڏهن ڳوڙها اکين مان ڏاڍا ڳڙن جڏهن
ڪربلا جون گهڙيون ياد پون.
|
1. |
هو شان شاهي حسنين جو، ثاني سندس نه
ڪو ٿيو،
هيڏو انهن تي قيس ڪيو، ناحق اچي تن
ظالمن.
|
2. |
ڪوفين کي هئي دل ۾ دغا، وعدا ڪري ٿيا
بي وفا،
هاڻ تن تي سؤ سؤ دفعا، ٿا مومن مڙئي
لعنت مجن.
|
3. |
يزيد ۽ مروان ٻئي، ٽيو شمر سو شيطان
ڀي،
۽ طرفدار ان جا سڀئي، شل دوزخ سندو
ٻارڻ ٿين.
|
4. |
جن هو امام کي رنجائيو، ڪربل جو قيس
ڪرائيو،
انهن کي ملائڪ ورائيو، ٿا باهه ۾ هر
هر هڻن.
|
5. |
مومن اها ٻڌيو خبر ڏينهن راتيون هارين
جر،
ٿين پاڻ کان ٿا بي خبر، دل ۾ درد جا
دونهان دکن.
|
6. |
اها آس آهي من ۾ مدام، ڪن من غلامن جو
غلام،
ڪريان عرض ٿو صبح و شام، شل ضامن اها
امداد ڪن. |
اربع 25 جولاءِ 1990ع 2 محرم الحرام 1411هه
شام 1/32 کان 4/43
تائين ڪمري ۾ لکيم
ڪافي 11
ٿلهه: |
اڄ ئي ڪراءِ موليٰ زيارت حسين جي،
هردم کپي ٿي مونکي، حمايت حسين جي.
|
1. |
فاني جهان آهي، هر چيز آ فنا،
قائم سدائين رهندي، امامت حسين جي.
|
2. |
منٺار ساڻ جيئن هو، منٺار سو مليو،
ٿئي وري ڪا اهڙي، عنايت حسين جي.
|
3. |
ناچيز هن حقير ۽، ان جي ٻچن لاءِ پڻ،
اڳتي ڪيل هجي شل، پارت حسين جي.
|
4. |
در تي سندس سوالي، ٿي ٿو صدا هڻان،
آهي اتم ۽ اعليٰ، سخاوت حسين جي.
|
5. |
ڳڻتي ڪبي نه ڪائي، ’ضامن‘
جي آ پڪو،
آهي اسان لاءِ اڳتي، ضمانت حسين جي. |
آچر 6 رجب 1436هه 30 اپريل 2015ع
ڪلاڪ سوا ۾ ڪمري ۾ مڪان تي |