ڪافي 105
ٿلهه: |
اجايو اي ادا آخر، وقت ويهي وڃائين
ڇو، |
|
آهين ڪجهه ڪين پڪ ڄاڻج، پڏائين پاڻ
پوءِ ڇو ٿو. |
|
|
1. |
حرص ۾ پئي هتي جيڪو، وڃائين وقت پيو
هرهر، |
|
چئي جنهن جي لڳو آهين، نهوڙي نفس
سونيندو. |
|
|
2. |
نقل جي هت لڳي پويان، وساري اصل کي
ويٺين، |
|
رنگيني هيءَ اٿئي پل جي، نظر جو سڀ
آهي ڌوڪو. |
|
|
3. |
اصل جو جن ڏٺو جهَلڪو، دنيا کي قيد ان
ڄاتو، |
|
وڃڻ سان ٻيا وڃن وسريو، هلي نالو پيو
تن جو. |
|
|
4. |
ڪمائڻ جو اٿئي موقعو، ڪمائي وٺ ڪمائي
وٺ، |
|
ويو جو وقت هٿ مان سو، وري موڏي نڪي
ايندو. |
|
|
5. |
نصيبن سان ملي ڪنهن کي، مليو
’ضامن‘
اٿئي اهڙو، |
|
وڌائي وک رهج هلندو، منجهي ڇو پيو
ٿئين موڳو. |
4 ذوالحج آچر رات
21 نومبر 2009
مڪان تي محل هلندي
ڪافي 106
ٿلهه: |
فنائيءَ چيز کي ڇڏجي دنيا ڪٽ ڪوڙ آ
سارو، |
|
هليا ويا ڪئين هٿين خالي، وڄائي هت
سندو وارو. |
|
|
1. |
دنيا آهي سڀئي ڌوڪو، بچي ٿو ان منجهان
ڪوڪو، |
|
لڳائين دل تهين سال ڇو موڳا تون ڇڏج
مونجهارو. |
|
|
2. |
دنيا سان دل لڳائي جن هتي ڪٽجي قلب
ويا تن، |
|
هدايت ڪين ڪن ٿا ڪن، لڳي سچ ٿو تني
کارو. |
|
|
3. |
سچائيءَ تي جيڪي هليا، ذرو سي ڪين ڪي
ڀليا، |
|
سڌو رستو ڏسيندا ويا، اچو سوگس وٺون
يارو. |
|
|
4. |
وٺون رستو سندو الفت ڪٽي سڀ ڪوڙ ۽
ڪلفت، |
|
مچايون مچ سندا محبت ٻيو هت ڪو نه ڪو
چارو. |
|
|
5. |
وڃايو پاڻ پنهنجو جن تني جا نام ٿيا
روشن، |
|
پون جن جا اهي
’ضامن‘
تني جو ڀاڳ ڀلارو. |
4 ذوالحج 1430هه
21 نومبر 2009
آچر رات مڪان تي
محفل هلندي
ڪافي 107
ٿلهه: |
سڀڪو سمجهي ته آئون ڄاڻون آهن ٻيا
اڻڄاڻ، |
|
سمجهو ته آهي سڀ کان اوکو پنهنجو
سڃاڻڻ پاڻ. |
|
|
1. |
تولو ماسو جيڪو آهي، سو ٿو اڪثر سير
سڏائي، |
|
هر ڪو پنهنجو پاڻ پڏائي، سمجهه نڪا ڪا
سنڃاڻ. |
|
|
2. |
آئونءَ ۾ جو آهي اڙيو، سو ڪا چاڙهي
ڪين آچڙهيو، |
|
چوڻ چڱائيء تي نامڙيو، ڪيئن سو ڇڏي
ڇڪتاڻ. |
|
|
3. |
جن هت پنهنجو پاڻ سڃاتو، سبق عشق جو
ان آ ڄاتو، |
|
تن آنباهيو نينهن جو ناتو، اهي ڪن
واحد جي واکاڻ. |
|
|
4. |
عشق جي چاڙهي آهن چڙهياجي، لهر نه
ڪوڪو لوڏو ان کي، |
|
ڪيئي موچارا مرد ٿياسي، تن ڀاڳين جا
ڏس ڀاڻ. |
|
|
5. |
پون جني جا سي ٿا
’ضامن‘
اڳتي ۽ هت سي ٿا مرڪن، |
|
اهڙا نصيبن وارا آهن، سي نه ڪڍن ڪا
ڪاڻ. |
8 ذوالحج 1430هه
25 نومبر 2009
خميس رات مڪان تي
ڪافي 108
ٿلهه: |
لڳي تار، روئان زار، ڪيئون ڌار،
ويچاري، |
|
اچي هاڻ، اڄ صبحاڻ، ڪندا پاڻ، ستاري. |
|
|
1. |
ڇڏيئون راهي، هتي ڇاهي، اها آهي اڻ
تڻ، |
|
هيڻون حال، آ احوال، سڄڻ سوال، سڻ سڻ، |
|
لهج سار اي، دلدار، ڏجان يار، ڏيکاري.
|
2. |
آهيان اهنجو، ڪريو پنهنجو، ٻي ڪنهنجو،
ناهيان، |
|
چئو جيئن، ڪريان تيئن، سينو ڪيئن
ساهيان، |
|
محب مل، ڪر ڪهل، ٿئي مهل موچاري.
|
3. |
اچج يار، منٺار، لهج سار، سگهوتون، |
|
عيب اپار، بي شمار، ڪئين هزار ٿيا
مون، |
|
ڪري ڀال، نيو نال، چٽي ڳالهه آساري،
|
4. |
رکي رايو بخشايو، ڪريو سايو، سگهيرو، |
|
ڇڏيو ڪين، مسڪين، آ غمگين، گهڻيرو، |
|
لهي ڪاڻ وسن ڀاڻ، ڪريو پاڻ پوئواري. |
|
|
5. |
پسي حال ڪري ڀال پون شال
’ضامن‘،
لهن غم هن دم ٿين ڪم پرچن،
سڻن بات اها تات وائي وات ڀلاري. |
10 ذوالحج 1430هه
27 نومبر 2009
عيدالضحيٰ ڇنڇر جي رات
مڪان تي
ڪافي 109
ٿلهه: |
عمر هاڻ اجهو ڄاڻ، مارو پاڻ ايندا، |
|
پسي حال ڪندا ڀال. وٺي نال، نيندا. |
|
|
1. |
اٿم تات ڏينهن رات، وائي وات اباڻن، |
|
ستي سيئن ڏٺم جيئن، ظاهر تيئن ملان
تن، |
|
لهي سور سڀ وهلور، اڄ ضرور ويندا.
|
2. |
ٿيم دور ڏوٿي ڏور، پون پور، پچاريان. |
|
ٿيا ڏينهن، وٺا مينهن اهي ڪيئن
وساريان، |
|
ويندا رنج هي اهنج سڀ سهنج ٿيندا.
|
3. |
اٿم تار، لهن سار، پسي پار، پنهنجو، |
|
لکئي لوهه، ڪيس ڪوهه، ڪونهي ڏوهه،
ڪنهنجو. |
|
چڙهي چوٽ، ڀڃين ڪوٽ، سٺي موٽ ڏيندا،
|
4. |
کلن ڀاڳ موٽي ماڳ، اچن واڳ، ورائي. |
|
ملن شال هي احوال، سڻن ڳالهه سڏائي، |
|
آهيان جن اهي من
’ضامن‘
پيندا. |
11 ذوالحج 1430هه
28 نومبر 2009
آچر رات مڪان تي
ڪافي 110
ٿلهه: |
اسان آهي چاهي، سڀن جي ڀلائي،
رکن پوءِ به من ۾، ٿا ماڻهو مدائي. |
1. |
سڀن جو اسان هت، ڀلو آهي چاهيو،
تڏهن به آ تن کي، ڇو وهمن ورايو،
مٺيءَ ڳالهه ۾، به لڳي تن ڪڙائي. |
2. |
پٽي انڌ جي ڪا، اکين تي ٿن اهڙي،
الائي هي ٻولي، سمجهن ٿا ڪهڙي،
چٽي هوندي سامهون، نه سمجهن سچائي. |
3. |
ڀلو ڪر سڀن جو، ڀلو تنهنجو ٿيندو،
ڀلائي جا ڀاڙا، خدا توکي ڏيندو،
نڪي ٿي سگهي ٿي، هيءَ چوڻي اجائي. |
4. |
آهن ساڻ سيئي، جهڪي ڏيهه جن کي،
پري جي ٿيا هت، ڪريان ڪوهه تن کي،
خدا ڏي تني کي، سمجهه ڪا سجائي. |
5. |
مخالف ٿيا جي، اهي هٿ مليندا،
ويل ڏينهن واپس، ڪڏهن ڪين ايندا،
رکن منهن مٺو ۽، اندر ۾ ٻيائي. |
6. |
لڳل رنگ ڪيئي، هتي ڏيهه ڏسندا،
کلون ڪن تني جا، جهڪي ڪنڌ ويندا،
مرڪندا اهي هت، رکي جن سچائي. |
7. |
پيا جيڪي
’ضامن‘،
اچن سي سويرو،
ڀلا پاڻ آهن، ڀلا ڪن ڪو ڀيرو،
ڀلن کان آ ٿيڻي، هميشه ڀلائي. |
مڪان تي اڪيلي ويٺي رات جو 8 کان 2/1 تائين
9 آگسٽ 2009ع 18 شعبان 1430هه
ڪافي 111
ٿلهه: |
صوفيءَ جي سچي پار کي، ڪو صحيح
سنڃاڻي، |
|
الله جي اسرار کي، ڪو صحيح سنڃاڻي. |
|
|
1. |
صوفيءَ جي هر پاسي آ، تشريح الڳ ڇو، |
|
ان ماپ ۽ معيار کي، ڪو صحيح سنڃاڻي. |
|
|
2. |
صوفيءَ ته ڪڏهن ڪين، ڪنهين کي آ
ڏکويو، |
|
ان من سندي منٺار کي، ڪو صحيح سنڃاڻي. |
|
|
3. |
صوفي جي سمجهه سوچ جي، پرواز الڳ آ، |
|
ان رمز جي رفتار کي، ڪو صحيح سنڃاڻي. |
|
|
4. |
صوفي آ سچل شاهه ۽ منٺار عنايت، |
|
چيل ان سندي گفتار کي، ڪو صحيح
سنڃاڻي. |
|
|
5. |
ڪئين ٻيا به آهن اهڙا، جني پاڻ
سنڃاتو، |
|
اچي ان سندي ڪردار کي، ڪو صحيح
سنڃاڻي. |
|
|
6. |
صوفي پوي
’ضامن‘
ته پو پرواهه آ ڪهڙي، |
|
ان واهه وا وهنوار کي، ڪو صحيح
سنڃاڻي. |
22 صفر 1431هه
7 فيبروري 2010
آچر مڪان تي
ڪافي 112
ٿلهه: |
سمجهو نه ڪڏهن سوکو، فقير کي سنڃاڻڻ، |
|
اوکو آ يار ڏاڍو. معنيٰ جو ملڪ ماڻڻ. |
|
|
1. |
تنهنجي عقل کان اڳتي، فقير جي آ منزل، |
|
سمجهين نه ڳالهه جيڪا. گهرجي نه ڊاڙ
ڊاڙڻ. |
|
|
2. |
راضي رهن رضا تي مالڪ جي جيڪا مرضي. |
|
ڪنهن ڪم ۾ ڪين سکيا. پنهنجو هو پاڻ
آڻڻ. |
|
|
3. |
فقير ملڪ ماڻيو. سگهندو نه عام سمجهي. |
|
سمجهڻ اگر جي چاهين. کپئي ڪا ڄاڻ
ڄاڻڻ. |
|
|
4. |
سچ پچ آبخت تنهنجو فقير آ جو
’ضامن‘، |
|
آهي اتان ملي جا گهرجي ساتند تانڻڻ. |
23 صفر 1431هه
7 فيبروري 2010
سومر رات جمال الدين فقير جي ڳوٺ
محفل هلندي
ڪافي 113
ٿلهه: |
هتي اڻ ڄاڻ ڇا ڄاڻن، نرالو شان صوفيءَ
جو، |
|
عقل جي جاءِ جت ناهي، اهو ميدان
صوفيءَ جو. |
|
|
1. |
شريعت تي رهن محڪم، حقيقت حال ۾ هردم، |
|
طريقت جي طلب جن کي، معرفت مان صوفيءَ
جو. |
|
|
2. |
رکن ٿا نياز ۽ نوڙت، ڏکوئن ڪين ڪيڙيءَ
کي، |
|
رضا تي ٿا رهن راضي، اهو پئمان صوفيءَ
جو. |
|
|
3. |
هر ڪنهن سان رکن محبت، نڪي نفرت
منجهان ڄاڻن، |
|
سڌو رستو وٺي سڀڪو اٿوَ ارمان صوفيءَ
جو. |
|
|
4. |
سوين صوفي سڏائي هت، ٿين گهمراهه ٿا
گس کان، |
|
ڀليل هت ڪئين وڃن ڀلجيو نه سمجهن شان
صوفيءَ جو. |
|
|
5. |
وڃائي پاڻ پنهنجو جي هلن ٿا حق تي
هردم، |
|
انهن جوئي آهي
’ضامن‘
اهو اعلان صوفيءَ جو. |
10 فيبروري 2010
25 صفر 1431هه
اربع
ڪافي 114
ٿلهه: آهيان آئون اڻڄاڻ موليٰ، ڄاڻ ٿو سڀڪا تون ئي
ڄاڻين.
1. آئون اصلئون آهيان جني جو، ڇڏيو تن ڇاڪاڻ،
موليٰ.
2. وار سڻائو واءُ سکن جو، هن مهل ۽ هاڻ، موليٰ.
3. ڀاڳين جا جي ڀاڻا چئجن، وسن سيئي وٿاڻ، موليٰ.
4. ملڪ سڄي ۾ ڪڏهن ڪنهن جي ڪانه ڪڍون ڪا ڪاڻ
موليٰ.
5. ڏور ٿيا جي ڏوٿي آهن، پرچن سيئي پاڻ، موليٰ،
ڄاڻ ٿو سڀڪا تون ئي ڄاڻين.
6. هِت هُت ظاهر
’ضامن‘
جيئي، الله اهيئي آڻ موليى،
ڄاڻ ٿو سڀڪا تون ئي ڄاڻين.
7 جمادي الاول 1431هه
22 اپريل 2010
ڪافي 115
ٿلهه: |
تار تکيءَ مان تار، موليٰ هادي ڪر ڪا
تون همراهي.
|
1. |
ملڪ ۾ جن جي نانءُ سڄون ٿا، پسج تني
جو پار، موليٰ.
|
2. |
ڪين ڪمايو ڪجهه مون آهي، بنهه آهيان
بيڪار، موليٰ.
|
3. |
ڍڪج عيب سندم اگلايون، هِتي هُتي هر
وار، موليٰ.
|
4. |
جن لاءِ ساهه سڪي ٿو سيئي، محب ملن
منٺار، موليٰ
|
5. |
آهن پيا جي ظاهر
’ضامن‘،
آهيون تني آڌار، موليٰ،
هادي ڪر ڪا تون همراهي. |
23 اپريل 2010ع
7 جمادي الآول 1431هه
ڪافي 116
ٿلهه: عشق جا ڏس اسرار، عقل جي ات ڪا جاءِ نه
آهي.
1. عقل جي جت ٿي آهي پڄاڻين، عشق اتان آمنزل
ماڻين،
اها حقيقت جي تون ڄاڻين، ته واهه وا اهو وهنوار،
ڪوڪو رسيو ات آ ڪاهي.
2. عقل ٿو آئونءَ ۾ ڦاسائي، ماڻهوءَ کي هت
خوب منجهائي،
پوءِ اچيو سو پاڻ پڏائي، ته آهي مونکي اختيار،
پر بنهه بي اختيار سو آهي
3. عشق وارا هت مرد ٿيا جي، مرڻ کان اڳئي مري
جياسي،
ويٺا پنهنجو پاڻ وڃائي، پوءِ ٿيو نام سندن نروار،
هرڪوتن کي، چاهيو چاهي.
4. عشق جڏهن منٺار تي آيو، ته مرشد تنهنکي
پاڻ پڙهايو،
سبق اهوئي تنهن من لايو، تون ويهي ڪجئين ويچار،
ته ترڪو تفاوت تنهن ۾ ناهي.
5. جن جا عشق وارا ٿيا
’ضامن‘،
سيئي منزل تي ٿا پهچن،
لهر نڪو ڪولوڏو آتن، اهي تريو وڃن تک تار،
سي ٿا ڄاڻن خوب نباهي.
4 مئي 2010
ڪافي 117
ٿلهه: |
دنيا آ ڪٽ ڪوڙ ڪسارو، چٽ پٽ جو چلڪو، |
|
ڀليو آهين ڀورا ڇو، ڪر اڳتي جو الڪو.
|
1. |
نفس ندوري آهي نمايو، وهمن ۾ واري، |
|
سوچ ذرو ڪر ڳالهه انهيءَ جو، هاڻي ئي
حل ڪو.
|
2. |
مال پرايو پنهنجو سمجهي، آئونءَ ۾
اڙيين، |
|
مورهين موڳا آهين مسافر، پهر هتي پل
ڪو.
|
3. |
آيو آهين جيئن اڪيلو، ويندين تيئن
واپس، |
|
عمل بنا ڪم ڪجهه نه ايندئي، ڀاءُ هجي
ڀل ڪو.
|
4. |
پنهنجن سان رک پيار هميشه، دوست سچا
ڌارج، |
|
اوري دل جو حال انهن سان سور ڀلي سل
ڪو.
|
5. |
’ضامن‘
هوندا زور وارا جي، نيٺ ڇڏائي نيندئي، |
|
پوءِ تون پسندين پار انهيءَ جو، جلدي
ئي جهلڪو. |
9 مئي 2010
آچر
ڪافي 118
ٿلهه: |
موليٰ هاڻي مينهن وساءِ، آس وندن جي
آس پڄائج.
|
1. |
وڻ ٽڻ ٻوٽا آهن اُڃايل، پلر سان سيئي
پٽ پساءِ.
|
2. |
مال پکي انسان اُڃارا، ان جي ساجهر اڄ
اجهاءِ.
|
3. |
پوکيل فصلن کي ڏي سهارو، تن کي نقصانن
کان بچاءِ.
|
4. |
عيب وندي جا عرض اگهائي، موليٰ سائين
تون مرڪاءِ.
|
5. |
’ضامن‘
جيڪي آهن اسان جا، مالڪ سيئي محب
ملاءِ،
آس وندن جي آس پڄائج. |
2010/05/10
27: 5 گهر
ڪافي 119
ٿلهه: عشق عجب ڪري آر، عقل کي نيٺ ٿو ماري مڃائي.
1. عقل چوي سڀ تون ئي آهين، عشق چوي متان پاڻ
پڏائين،
هت ڪجهه نه سندئي اختيار.
2. عقل چوي هل کائون کاڌا، عشق چوي رهه بکيو
زيادا،
آهي اهو منجهن تڪرار.
3. عشق جتان پرواز ڪري ٿو، عقل ڪڏهن ات ڪين رسي
ٿو،
اهو ڪيئن ٺهي وهنوار.
4. عقل ٿو آڻي جت ڦاسائي،
’ضامن‘
ئي ٿو اتان ڇڏائي.
پوءِ سو پسي اسرار.
10 مئي 2010
سومر شام، مڪان تي
ڪافي 120
ٿلهه: |
آس اها آهي اڃان، ڏاڏاڻن جو ڏيهه ڏسڻ
جي. |
|
|
1. |
وس نه هلي هت آهيان بيوس، ڪيئن ڪريان
اهو مون کي ڏيو ڏس، |
|
وطن ڏي واپس وڃان، مند مارن سان آهي
ملڻ جي. |
|
|
2. |
ڪهڙي سبب هو ويٺا وساري، جيئري ڄڻ ته
ڇڏيائون ماري، |
|
سور ڪنهين سان سڃان، موٽي مند آهي
مينهن وسڻ جي. |
|
|
3. |
وٺا مينهن وطن تي واري، سانگين کي دل
ساريو ساري، |
|
سڀ ٿي ميارون مڃان، پوءِ ته اچي من ڪن
پرچڻ جي.
|
4. |
قئيدن ڇڏيو آهي ڪنبائي،
’ضامن‘
پئي سي وڃن ڇڏائي، |
|
نيندا ڪڏهن اهي نڃان، آهي اميد ات
کنڀين کنيڻ جي. |
11 مئي 2010
اڱارو مڪان تي
ڪافي 121
ٿلهه: |
اجهو ۽ آسرو منهنجو، تماچي تڙ ڌڻي
آهين، |
|
پسي هي نياز نوريءَ جا ڪڏهن هٿڙو متان
لاهين. |
|
|
1. |
شهنشاهي ڪٿي تنهنجي، ۽ ڪٿ اگلا اسين
آهيون، |
|
نوازش جا ڪئي تو آ، پرت سا ڪج متان
پاهين. |
|
|
2. |
نه هڪڙي هت آئون آهيان، سوين راڻيون
سڪن تولئه، |
|
ٿئي ٿو مانُ تنهنجو تون، جهين کي چاهه
مان چاهين. |
|
|
3. |
سمان تنهنجي ڪري ڪيئي، جهڪن ٿا ڏيهه
هت اچيو، |
|
ڪچايون ڪين ڪي ليکي، رکيل ناتو تون
نباهين.
|
4. |
پسائي جهلڪ تو جن کي، اهي ديدار لاءِ
آتا، |
|
اڱڻ ان جي اچڻ جي لئه سگهو تون قرب
مان ڪاهين. |
|
|
5. |
جني جو تون پئين ضامن، ڇٽا ڳڻتين ڪنان
ڪيئي، |
|
هتي ڪن ياد هر هر سي، وسارڻ جهڙو تون
ناهين. |
12 مئي 2010
اربع مڪان تي
ڪافي 122
ٿلهه: سارنگ سَوَ رنگ لاياوي، دوست اچي مل مونسان
هندم.
1. گل ٽڙي پيا ٿي گلزاري، سبز رنگ ٿيا سوايا، وي.
توبن مونکي ڪونهي ٻيو ڪم.
2. موسم هن ۾ مونکي هردم، تنهنجا خيال ئي آيا، وي.
حال جو تون ئي آهين محرم
3. تنهنجي هجر ۾ آهن هرهر، گوندر غم وڌايا، وي.
ويڙهي ويو هت آهي وهم.
4. ملڪ سڄي ۾ ٿي ملهاري، موليٰ مينهن وسايا، وي.
اکڙين پڻ هت ڪيو آ آگم
5.
’ضامن‘
سان گڏ يار هئين جڏهن، سي سڀ ڏينهن سجايا، وي.
ياد سي گهڙيون،. ڪريان دم دم.
19
مئي 2010
اربع مڪان تي ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 123
ٿل: بادل ڪئي هي بهاري وي، مينهن وسڻ دي موسم آئي.
1: گاهان ڪيتي هي گلزاري، سبز زمين ٿي ساري وي.
2: رهندا اوئي اداسي جنهندي، محبت دلڙي ماري. وي
3: بِن ماهي دي آکوسيان، ڪيئن ڪران مئين ويچاري
وي.
4: مرشد تنهندا.
’ضامن‘
پئسي، پرت جنهين هي پاري. وي
مينهن وسڻ دي موسم آئي.
19 مئي 2010
رات جو مڪان تي
ڪافي 124
ٿل: |
موڳا مَ ٿيءُ مغرور، جو پنهنجو
سمجهين. سو ماڳ پرايو. |
|
|
1. |
هت اچڻ کان اڳ هئين ڪٿ، قالو بليٰ جا
قول ڪيئي جت. |
|
من تان نه لاهج مور، ته اصل ڪٿان تون
آهين آيو. |
|
|
2. |
جن سان اول تو منزل ماڻي، سي ساٿي هت
نٿو سڃاڻي |
|
تن کان ٿئين ڪيئن دور، من تان سڀ ڪنهن
آهي مٽايو. |
|
|
3. |
وقت اهو به تو آهي وساريو، ڪوٺي
اونداهيءَ ۾ جو گذاريو. |
|
اهو آهي هتي دستور، ته ماضيءَ کي ٿا
وهن ڀلايو. |
|
|
4. |
سفر ڪندو هت آهين آيو، ڪجهه ڏينهن
لاءِ ڪنهن ترسايو. |
|
ڪهڙو پيئي پوءِ پُور، ڪيئن تو مالڪ
آهي سڏايو. |
|
|
5. |
آئون ۾ ڇو آهين اڙيو، نفس ندورو اٿئي
وڙهيو. |
|
آهي سرسو اهو ئي سور، ته وهمن توکي
آهي ورايو. |
|
|
6. |
اڄ يا صبحاڻي موٽي ويندين، واپس
اونداهي ڪوٺي پيندين،
ات آڌي هجي يا اسور، ڪم ايندئي جو هت
تو ڪمايو. |
|
|
7. |
ان ڪوٺيءَ مان به اٿئي اٿڻون، مالڪ
سان توکي آهي ملڻون، |
|
’ضامن‘
ڪج ڪو ضرور، ته وطن ڏي سو وڃي موٽايو. |
|
|
|
20 جون 2010
آچر مڪان تي |
ڪافي 125
ٿلهه: |
سرس لڳي آهي سڪ، ماروئڙن سان مونکي
ملڻ جي.
|
1. |
مينهن وسي ڪيون آهن موڪون، پسان جلد
جهانگين جون جهوڪون،
ٻيئي کڻان پيئي ٻڪه، ته موڪل ملي
مونکي وطن وڃڻ جي. |
|
|
2. |
ڏينهن ڏٺي ٿيا آهن ڏاڏاڻان، محلن مان
آئون مور نه ڄاڻان،
من جي آ مرضي هڪ، ٿاريلن سان ٿر ۾ ٿيڻ
جي.
|
3. |
واهر ڪري سي واپس نيندا، منهنجا سي
آهن منهنجا ٿيندا،
ڪين ڪندا ڪا لڪه، پاڻ ڪندا سي پڪ پرچڻ
جي.
|
4. |
وهمن کي ات وڃين وڃايان، تن کان ذرو
ڪجهه ڪين لڪايان،
جي هلن مٿي ٿا حق، منزل ان جي معافيءَ
ڏيڻ جي.
|
5. |
حال سندم کان واقف ٿيندا، ان دم ئي سي
’ضامن‘
پيندا،
ٿر ۾ لهندا ٿڪه، موٽي مهل آ خوشين اچڻ
جي. |
2010/06/23
30: 11 ٿلهي تي
ڪافي 126
ٿلهه: |
هت ڪريان آئون ڇا، ڙي ڀينر ملڪ آ
منهنجو، ملير مڙوئي |
|
|
1. |
پڪون ڏيئي جن مونکي پاريو، تن ڇو
مئيءَ کي آهي وساريو |
|
ڪيئن ڪيان هت پڇا، ڙي ڀينر اوٺي ڪو
آيو ڪونهي ڪوئي. |
|
|
2. |
ان سان گڏ جي گهڙيون گهاريم، سي هت
ڪڏهن ڪين وساريم |
|
ڪوٽ ۾ آندو قضا ڙي ڀينر حال وڃايم
روئي روئي. |
|
|
3. |
وس نه هلي ٿو بيوس آهيان، ان کي حقيقت
ڪيئن سڻايان |
|
جي مارو منهنجا مٺا ڙي ڀينر، تن نه
مڪي ڪا ڏئونرن ڏوئي |
|
|
4. |
ياد ٿا ڪن يا ويٺا وساري ڳڻتي اها ٿي
ڳاريو ڳاري. |
|
پرتا آهن يا رٺا، ڙي ڀينر، ڪير خبر ڏي
ساري سڀوئي. |
|
|
5. |
اچي قئيد مان ڪڍائي ويندا،
’ضامن‘
پيئي نال سي نيندا |
|
ڪندا ساجهر صلح صفا ڙي ڀينر، خبر
خوشيءَ جي آئي اجهوئي. |
11 رجب 1431هه
24 جون 2010
خميس مڪان تي
ڪافي 127
ٿل: جيڏيون ڪري ويم جت ڙي ڀينر
مئيءَ سان ڏکن جو مامرو
1. |
سمهي سنجهي مان هوت وڃايم، سمجهه
سڻائي مور نه آيم |
|
ماري منهنجي مت، ڙي ڀينر،. پتو مونکي
ڪونه پيو ڪو. |
|
|
2. |
پنهونءَ بنا هت آهيان اڪيلي، ڪونه ٿيو
آ ڪو ٻانهن ٻيلي |
|
هڙئي ويٺيون هت ڙي ڀينر، جن سرتين جو
هئم آسرو. |
|
|
3. |
جبل ڪري ٿو جاڙون جيئي، سنهنديس سرتي
سور سڀيئي. |
|
مانَ پَريم ڪا پت ڙي ڀينر، ساڻي ٿيندو
ساٿ ڌڻي سو |
|
|
4. |
وقت ڏکن جو ويندو گذري، گهيڙ اوکا سڀ
وينديس اڪري. |
|
هلنديس ساڻ همت. ڙي ڀينر، پڄنديس منزل
تي مان اجهو |
|
|
5. |
هلنديس ڪيچ ملڪ ڏي ڪاهي،’ضامن‘هوندي
ڪو ڊپ ناهي. |
|
ٿيندي ڪانه دقت ڙي ڀينر پوءِ گهٻرايان
هت ڀلا ڇو. |
24 جون 2010
ڪافي 128
ٿلهه: |
چرخو ويٺي چور، ڙي جيڏيون، ڪتڻ بناڪم
ڪجهه نه ايندئي. |
|
|
1. |
دل لائي جن ڪتيو ٿورو، انجو اڳيان
اگهيو اتورو، |
|
سڪ جو سڳو تون سور ڙي جيڏيون ثمر کڻڻ
پوءِ سولو ٿيندئي. |
|
|
2. |
ويهي جن هت وقت وڃايو، پوءِ گهڻون ئي
تن پڇتايو، |
|
طلب رکي ڪر تور ڙي جيڏيون، ته اڳيان
ڇا اعمال ڏسيندئي. |
|
|
3. |
ڪئي آ ڪمائي جن من لائي، سي مرد ويا
ميدان ملهائي، |
|
حال اني سان اور، ڙي جيڏيون، پوءِ هتي
سي ڪين ڇڏيندئي. |
|
|
4. |
آس ونديءَ کي آسرو آهي، ساڻي ٿيا پوءِ
مشڪل ناهي، |
|
مرد سي ايندا مور ڙي جيڏيون
’ضامن‘
پيئي نال سي نيندئي. |
11 رجب 1431هه
24 جون 2010
خميس شام مڪان تي
ڪافي 129
ٿلهه: |
ڪار ڪتڻ جي ڪر، موليٰ ڄاڻي، ويهي ڇو
تون وقت وڃائين. |
|
|
1. |
ثمر کڻڻ جو ڪجائين سايو، سفر سگهوئي
ڄاڻ ڪي آيو. |
|
ڪر نه اگر مگر. موليٰ ڄاڻي، موڳا متان
تون پوءِ پڇتائين. |
|
|
2. |
ڪتيو جن هت آ موچارو، تن جو اڳيان آ
وارو نيارو. |
|
ان کي خاص خبر. موليٰ ڄاڻي، ڇو نه اني
جو پنڌ پڇائين. |
|
|
3. |
ڪتڻ ۾ جيڪر ڏيک جي آيو، ان ڄڻ آهي
سڀوئي وڃايو. |
|
پوءِ سو چئبو مڪر، موليٰ ڄاڻي، بيشڪ
تنهن کان پاڻ بچائين. |
|
|
4. |
ڪتڻ سان هرهر ڪنبدين جيڪر، پوءِ ته
گهڻو ڪجهه ڏيندئي ڏاتر. |
|
اهڙو ٿيندئي اثر. موليٰ ڄاڻي، نياز
منجهان جي سرڙو نائين. |
|
|
5. |
جن جو آهين سي ئي ايندا، پڪ سان
تنهنجا
’ضامن‘
پيندا. |
|
سڏج تون شام و سحر، موليٰ ڄاڻي، نالي
جن جي پاڻ سڏائين. |
11 رجب 1431هه
24 جون 2010
خميس شام
مڪان تي
ڪافي 130
ٿلهه: |
آهيان تنهنجي سام، ڇوريءَ کي و
مواريان- ڇوريءَ کي نه ڇڏجان، |
|
|
1. |
ڪجهه ڪمايو ني وي، ڪين مون آهي-
الو الو- ڪيئن هڻان پوءِ مواريان،
ڪيئن هڻان پوءِ هام. |
|
|
2. |
اصل کان تنهنجي، ني وي، ٻول ٻڌل آئون-
الو الو- ڪچي ڪئي مون مواريان،
ڪچي ڪئي مون ڪام. |
|
|
3. |
سمجهڻ نه سولي ني وي، ڪنهن جي وس جي،
الو الو- مخفي جا آهي مواريان،
مخفي جا آهي مام. |
|
|
4. |
سڏجان جهان ۾ ني وي، هردم ٿي هت،
الو الو- نالي تنهنجي مواريان،
نالي تنهنجي نام. |
|
|
5. |
’ضامن‘
پيئي ني وي، اچي هت ڇڏايو،
الو الو- پڙهو هي جلد مواريان،
پڙهو هي جلد پيغام. |
|
|
11 رجب 1431هه
1 جولاءِ 2010
خميس شام
ڪافي 131
ٿلهه: |
هيڻا ٿيا هت حال، ساجن تنهنجي سڪ ۾.
|
1. |
سوا تنهنجي ني وي، ڪنهن سان ڪريان الو
الو،
اندر جا، وي مواريان، اندر جا احوال.
|
2. |
هتي هجن جي، ني وي، پسند توکي الو
الو،
سکيا هجن سي، مواريان، سکيا هجن سي
شال.
|
3. |
قدم ڪرم جا ني وي، ڀرج اسان ڏي، الو
الو،
ڪري ڀلايون وي مواريان، ڪري ڀلايون
ڀال.
|
4. |
جلد اچي هت، ني وي،
’ضامن‘
پئجو الو الو،
وٺي نيو، وي مواريان، وٺي نيو پنهنجي
نال. |
18 رجب 1431هه 1 جولاءِ 2010ع
اربع 53: 10
ڪافي 132
ٿلهه: |
تن ماروئڙن ڏي ني الا ماروئڙن ڏي
ميار،
ڪيئن مجان مان قئيد مان الا.
|
1. |
جهڙي آيس ني الا، تهڙي واپس الوميان،
وڃي پسان، وي مواريان، وڃي پسان
پنهوار.
|
2. |
ويٺا وساري، ني الا، تڏهن ته آهن،
الوميان،
جو بنهه آهيان، وي مواريان، بنهه
آهيان بيڪار.
|
3. |
موٽي لڌائون، ني الا، ڪين اباڻن،
الوميان،
سگهڙي مئيءَ جي وي مواريان، سگهڙي
مئيءَ جي سنڀار.
|
4. |
اوٺي اچي ڪوني الا، تنهن کان پڇان
آئون، الوميان،
ته منهنجي ڪيائون وي مواريان، منهنجي
ڪيائون پچار.
|
5. |
هت ويهي، ني الا، ڪيئن وساريان،
الوميان،
سرها سندم، وي مواريان، سرها سندم
سنگهار.
|
6. |
پيئي
’ضامن‘،
ني الا، نال سي نيندا، الوميان،
وطن پنهنجي، وي مواريان، وطن پنهنجي
ڪنهن وار. |
2 جولاءِ 2010ع 19 رجب 1431هه
صادق آباد پنجاب ويندي
دورانِ سفر لکائيندو ويس
ڪافي 133
ٿلهه: |
ڀورا ڪيم ڪي ڀل، هليو هل واٽ وٺيو تون
وحدت واري.
|
1. |
سٽ آهي جا تن سمجهائي، پوءِ به پروڙ
نه توکي آئي، |
|
موڳا رهه مَ منڌل، هليو هل، پاڻهي پاڻ
ڪندا پوئواري.
|
2. |
غفلت ۾ ڇو وقت گذارين، قالو بليٰ جا
قول وسارين، |
|
ايندئي ڪيئن عقل، هليو هل ثابت ڳالهه
سمجهج ساري.
|
3. |
نالو پنهنجو نيڪ سڏائين، عمل جي پاسي
مور نه آهين، |
|
معافيءَ جي آ مهل، هليو هل، ڪنبي ڪجان
تون توبهه زاري.
|
4. |
وحدت واريءَ واٽ هليا جي، هت ذرو ئي
ڪين ڀليا سي، |
|
پس مرد اهي ڪامل، هليو هل، سي ئي تو
سان ڪندا ستاري.
|
5. |
سام سندي هت ڪين ڇڏيندا، ساجهر تنهنجا
’ضامن‘
پيندا، |
|
ڪندا سي پاڻ ڪهل هليو هل، دل سان
ڏيندا اچي دلداري. |
7 جولاءِ 2010
اربع |