سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلامِ ضامن

باب:

صفحو:7 

ڪافي 134

 

ٿلهه:

پنهنجو تون پاڻ سنڃاڻ، پاڻ سنڃاڻ، آهن مڙيئي مون ۾ مدايون

 

1.

تنهنجي لائق ڪيئن چوايان، ڪجهه نه ڪمايم ڪين ڪمايان،

هلي اچج ته به هاڻ، پاڻ سنڃاڻ، معاف ڪري تون ڪلئي ڪچايون.

 

2.

واقف منهنجي حال کان آهيو، پوءِ ته اچي هت پاڻ ڀَلايو،

هينئن ٿا ڇڏيو ڇاڪاڻ، پاڻ سنڃاڻ، وار وصال جون يار ڪي وايون.

 

3.

هت جا هر هر هام هڻان ٿو، ڀرم اچي ڪو تنهنجو رکجو،

ڄاڻو ٿا سڀ ڄاڻ، پاڻ سنڃاڻ، ڪهڙا کڻي ته به تنهنجا آهيون.

 

4.

هاڻي اچي هت ڪريو حمايت، تو ڌاران ڪا ناهي طاقت،

ڪج پوئواري پاڻ، پاڻ سنڃاڻ، ڀال ڀلا ڪي ڪريو ڀلايون.

 

5.

اندر جا احوال ڪيان ڪي، ’ضامن‘ پيئي نال نيو جي،

آئون مڃان ٿو آڻ، پاڻ سنڃاڻ، هاڻ ته واهوا ڏيو واڌايون.

 

2010/07/13

15: 5 شام گهر

ڪافي 135

 

ٿلهه:

راڻا ڇڏ تون رسڻ، سڏڙا سڻ، مومل کي ڪر معاف مدايون

 

 

1.

ڪاڪ سوا تو آهي ڪوماڻي، اچ تون پنهنجو پاڻ سنڃاڻي.

 

هيءَ آ مهل موٽڻ، سڏڙا سڻ، اکڙيون تولئه آهن اڃايون.

 

 

3.

تنهنجيء سڪ ۾ ستيس سومل، مرم انهيء آ ماريو مومل.

 

ڪانهي واٽ ڪڇڻ، سڏڙا سڻ، بخش اچي تون ڀتار بڇايون

 

 

4.

وهم سندئي سڀ آئون وڃايان، حال حقيقت ساري سڻايان.

 

جي پل ۾ ٿئي پهچڻ. سڏڙا سڻ ته سوڍل ڪجهه به ڪين لڪايون.

 

 

5.

چانگي تي تون ڪر چڙهڻ جي، آس آهي مون معافي ملڻ جي.

 

وائي ڪر ڪا ورڻ. سڏڙا سڻ، عيب ڍڪي تون سڀ اگلايون.

 

 

6.

شان سنڃاڻج سوڍل پنهنجو، ’ضامن‘ سرور شاهه آ منهنجو.

 

پاڻ ئي ڪجان پرچڻ، سڏڙا سڻ، جلدئي ورڇون پوءِ ورهايون.

 

13 جولاءِ 2010

اڱارو

ڪافي  136

 

ٿلهه:

حيلا ڪران مئين هزار، مئڏا يار، رانجهن سائين ڄاڻ ڪي آيا.

 

1.

چال چوچڪ دي نه ڪوئي چلسي، ماهي مئڏا مئڪون ملسي،

جنهن دا پڇان پئي پار، مئڏا يار، جوڳي بن جنهن آپ لڪايا.

 

2.

رانجهن تاج تخت دا والي، عزت جنهين دي اصلئون عالي،

سمجهو تسان سؤ وار، مئڏا يار، موليٰ جنهن دا مان وڌايا.

 

3.

قئدي دي هن ڪم اجوڙي، لوڪان وچ جو گهتي وڇوڙي،

تنهن ڪون ڪرڻ سنگسار، مئڏا يار، پير اٿان تنهن آڪي پايا.

 

4.

حال مئڏا وڃ ڪوئي سڻائي، رانجهن ڪون پيغام پڄائي،

سڻ ڪي لهسي سار، مئڏا يار، ناتا مئن جنهن نال نڀايا.

 

5.

کيڙي نال سو مور نه ڇڏسي، آپ ئي آڪي ’ضامن‘ پئوسي،

ٿيسان باغ و بهار، مئڏا يار، هوسي مئڏا بخت سوايا.

 

30 رجب 1431هه 13 جولاءِ 2010ع

اڱارو 2/111

 

ڪافي 137

 

ٿل: راڻا ڇڏ تون رنج رسامان، ريت رسڻ جي تو نه جڳائي.

 

1. سڀ ميارون آهن مونڏي، پاڻ سنڃاڻي بخش سڀئي سي.

ڪاڪ تي ڪرهل اچج ورائي.

 

2. ڪاڪ ڪوماڻل تو کان سوا آ، مومل جي ٻي ڪا نه ڀوا آ.

مهريءَ کي اچ هت موٽائي.

 

3. تنهنجي رٺي ڄڻ لوڪ رسي ويو، آهيان اڪيلي وس نه هلي ڪو.

قياس ڪري وڃ پاڻ پسائي.

 

4. وهم آهي جو سڀ وڃايان، حيلا هلائي هوند پرچايان.

موليٰ جيڪر تو سان ملائي.

 

5. پرچي اچ ته ماڙيون مرڪن، مرشد آهي منهنجو ’ضامن‘،

ڀال ڪري اچ پاڻ ڀَلائي.

 

13 جولاءِ 2010

اڱارو 

 

ڪافي  138

 

ٿلهه:

ڏينهن اٿان هئين تون ڏون چار، غفلت وچ ول ڪوهه گذارين.

 

1.

اٿان مسافر ٿي هئين آيا، اپڻا سمجهين سو ديس پرايا،

هر پل دي وچ رهه هوشيار.

 

2.

ڪيتئي هر هر ڪم اجائي، سستي وتدا سر تي چائي،

پسيئي ڪڏهان نه اپڻا پار.

 

3.

خيال چڱائيءَ ڏي ڪڇ ڪر تون، خوف خدا دا دل وچ ڌر تون،

قالوبليٰ دي نه قؤل وسار.

 

4.

جنهندا آهين اوئي اؤنسن، آڪي تئڏا ’ضامن‘ پؤسن،

تنهن دم ٿيسين باغ و بهار.

 

14 جولاءِ 2010ع 1 شعبان 1431هه اربع

25: 4 مڪان تي لکڻ شروع ڪئي

گهر مڪمل ڪئي مني ڪلاڪ ۾

ڪافي 139

 

ٿلهه:

ڌيان ذرو ڪجهه ڌار، مسافر، آهين هتي مهمان.

 

 

1.

وطن پنهنجو تون ڪيئن وسارين پنهنجا قول ڪيل نه پارين،

 

تن ۾ رک ڪا تار، مسافر آهين هتي مهمان.

 

 

2.

پاڻ پنهنجو ٿو ڪيئن پڏائين، ڏس هت ڪن جو تون ٿو سڏائين،

 

نسل پنهنجو تون نهار، مسافر، آهين هتي مهمان.

 

 

3.

واٽ مليل جا وٺ تون سائي، ڪر نه هتي ٻي ڪار اجائي،

 

پرت تون پلپل پار، مسافر، آهين هتي مهمان.

 

 

4.

جن جو آهين تن ڏي تاڻج، وهم ذرو نه دل ۾ آڻج،

 

سي سگهڙي لهندئي سار، مسافر، آهين هتي مهمان.

 

 

5.

منجهه مَ موڳا ڄاڻ ڪِي ايندا، ’ضامن‘ پيئي نال سي نيندا،

 

ٿيندين باغ وبهار، مسافر آهين هتي مهمان.

 

12 صفر

16 جنوري 2011،

سومر رات سترام ڀيل جي دعوت تي

محفل هلندي

ڪافي 140

 

ٿلهه:

دل ٿي گهري هن دم، اڄ ڪي عيدون ٿين،

اڄ ڪي عيدون ٿين، مونسان محب ملن،

مونسان محب ملن، سڀئي لڙ لهن.

 

1.

ويٺا وڃي جي آهن وساري، تن کي دل ٿي ساريو ساري،

واڳ وري شل اچن سي واري، پاڻ اچي پرچن،

پاڻ اچي پرچن، اڄ ڪي عيدون ٿين.

 

2.

پرت وڃان شل تن سان پاري، جن جي لڳيس آئون لاري،

ڄاڻ ڪي آيا اهي اوتاري، سگهڙي سار لهن،

سگهڙي سار لهن، اڄ ڪي عيدون ٿين.

 

3.

اهنج سهنج سڀ تڏهن ٿيندا، پرچي جڏهن پاڻ سي ايندا،

ڏيهه مبارڪ ان دم ڏيندا، واهوا رنگ لڳن،

واهوا رنگ لڳن، اڄ ڪي عيدون ٿين.

 

4.

سيئي هتان آزاد ٿي ويندا، ’ضامن‘ هوندا زور جني جا،

سرها اهي ساڻيهه ۾ ٿيندا، مهند به سي مرڪن،

مهند به سي مرڪن، اڄ ڪي عيدون ٿين.

 

20 جنوري 2011ع 14صفر

رات محفل هلندي ڪلاڪ کن ۾

ڪافي 141

 

ٿل:

صبح شام تون مدام، ڪر پچار خدا جي،

 

رکج يار هر وار، تن ۾ تار خدا جي.

 

 

1.

اها تات وائي وات، ڏينهن رات رکج تون،

 

ڏسيل جيئن ڪجان تيئن. سا گفتار خدا جي

 

 

2.

ڀليا ڪي آهن جي تني کي ئي ڇڏي ڏي،

 

مٿي تن سڀ چون آ ميار خدا جي.

 

 

3.

ساڻ زبان سي بيان، ڪن ٿا شان صبحاني،

 

واهه واهه ڪن ساراهه، منجهه سنسار خدا جي.

 

 

4.

پسي پار پون يار، منٺار ’ضامن‘،

 

پوءِ هر ويل تن سويل، ٿئي سنڀار خدا جي.

 

22 صفر 1432هه

27 جنوري 2011

خميس شام

ڪافي 142

 

ٿلهه:

هنجهه ٿو چوائين هِتِ، پوءِ ڇو رکين ٿو چاهه چٻن سان.

1.

آهي انهن جو شان نرالو، جن جو سڏائين هت ٿو نالو،

 

سوجهي رک ڪا سرتِ ويهندين اڳيان ڪيئن تون تن سان.

2.

پاڻ اندر ۾ پاءِ ڪا جهاتي، ته لنئون تو آهي ڪن سان لاتي.

 

ڪهڙي ڪئي تو ڪِرتِ هُت پوءِ هلندين ڪيئن هنن سان.

3.

پاڻ بنائج لائق تن جو، جڳ ۾ چوائين تون ٿو جن جو.

 

پار ڪا پوري پِرتِ، تو نه جڳائي قرب ڪنگن سان.

4.

سڏ سان سيئي ساڻي ٿيندا، هت سي ڪڏهن ڪين ڇڏيندا،

 

پڪ سان پرندئي پَتِ، هلڻ ڇڏي ڏج ٻيهر ٻگن سان.

5.

پڪ سان پڪو جن هوندو ’ضامن‘، لهر نڪو پوءِ لوڏو ڪو تن،

 

تن کي ڏسو جي تِتِ ان جو ڪهڙو ڪم ٻين سان.

 

 

 

23 صفر 1432هه

27    جنوري 2011

مڪان تي،

جمع جي رات محفل هلندي

ڪافي 143

 

ٿلهه:

هوئي راضي مئين نال ماهي، مئڪون غرض نه ڪنهن دي ڪائي،

 

1.

هي شان جنهين دا اعليٰ، اهندا بخت بلند هي بالا،

مئين تان ڳالهه سچي هي سڻائي.

 

2.

مئڏا ڀاڳ هي سرس سوايا، مئن چاڪر جنهندا چوايا،

اٿان سرڪ ملي هي سوائي.

 

3.

جو محب مئڏا موچارا، جٿان لوڪ هي نمندا سارا،

رکي نال سو سنجهه صبحائي.

 

4.

سڻ آزي مئڏي آؤسي، اٿان آڪي ’ضامن‘ پئوسي،

ڀل لچ ڪرن پي لچائي.

 

14 مئي 2011ع 10 ربيع الآخر 1432هه

ڇنڇر 6: 10 بجي اڌ مني ڪلاڪ ۾

گهر لکيم

ڪافي  144

 

ٿلهه:

هَئين ڏينهن اٿان تون چار، رهه هر پل وچ هشيار.

 

1.

اي نفس ندورا نئسئي، ويل ويل نه واپس آئسئي،

پڇي هٿ پيا مليسي يار.

 

2.

جو ڪرڻان اٿئي او ڪر تون، رک خوف خدا دا اندر تون،

نه ته ملسئي اڳنان ميار.

 

3.

جٿان وقت وڃائين اجايا، اوهي مورهين ماڳ پرايا،

نڪي اپڻان وطن وسار.

 

4.

جو رکي اندر وچ ٻيائي، ڪر تنهن نال ڀي تون ڀلائي،

او آ پئي ٿيسي خوار.

 

5.

تئڪون ملسي تئڏا ماهي ڪنهندي ڪاڻ نه ڪڍ تون ڪائي،

پئسئي ’ضامن‘ او منٺار.

 

14 مئي 2011ع 10 جمادي الآخر 1432هه

ڇنڇر 50: 10 بجي گهر اڌ مني ڪلاڪ ۾

ڪافي 145

 

ٿل: هت پاڻ ڇو پنهنجو پڏائين، تون ته موڳا مسافر آهين.

 

1. ڏس ڪيئن ڪٿان آهين آيو، هيءُ ماڳ ته آهي پرايو،

پوءِ مالڪ ڪيئن ٿو سڏائين.

 

2. ڇو آهين منڌو ڪري منهنجو، هت ڪجهه نه آهي تنهنجو،

هيءَ ڳالهه هئين سان هنڍائين.

 

3. جو آئونءَ ۾ آهي اڙيو، سو ته ڏيهه اصل مان تڙيو،

تيئن خلق نه هت تون کلائين.

 

4. تون چاهج سڀ جي ڀلائي، ڀل من ۾ رکي ڪو مدائي،

متان پنهنجو وقت وڃائين.

 

5. هل ڌيان تون هرهر ڌاري، ايندو پاڻ پرين سو اوطاري،

ٿو چاڪر جنهن جو چوائين.

 

6. اچي پنهنجو پاڻ ڀَلائي، ويندا ’ضامن‘ پيئي ڇڏائي،

ٻيو ڀولو متان تون ڀائين.

 

14 مئي 2011

ڇنڇر

ڪافي 146

 

ٿلِ: عمرڪوٽ ۾ هيءَ ڳڻتي ٿي ڳاري، ڪري ڌارڌاري ڇو ويٺا وساري.

 

ڀلا ڇو نه منهنجي ڪا واهر ڪيائون، اُتان کان ڪو ماڻهو نه مونڏي مڪائون،

ڏسي جنهن کي دلڙي وهان ها ڌتاري.

 

وساري وهان ڪيئن ڀلا آئون اباڻان. منگهامرٽ مکڻيون للرلنب لاڻان،

ڪري ياد هرهر وهان آب هاري.

 

نڪائي مڪائون ڪا ڏونئرن جي ڏوئي، ڪٽيم ڪيئي راتيون هتي روئي روئي،

ڇڏي قئيد ڄڻ آهي جيئري ئي ماري.

 

آهن مير منهنجا سي مارو موچارا، اڏيل عرش ۾ جن جا آهن اوطارا،

اصل کان ئي آهيان. پيئي ان پناري.

 

جتي جام آهن ڀاڳين جا ڀاڻان، ڏسان شل وڃين ات سي ڏوٿي ڏاڏاڻان،

رکي ست ستي شال وڃان پرت پاري.

 

اٿم پڪ اهائي اباڻان سي ايندا، پيئي منهنجا ’ضامن‘ وٺي نال نيندا،

ڏکيا ڏينهن پوءِ سي، ڇڏينديس وساري.

 

15 مئي 2011

آچر، مڪان تي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org