سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلامِ ضامن

باب:

صفحو:3 

 

ڪافي 12

 

ٿلهه:   آهيان اصل کان آئون، نوڪر حسين جو،

مولا ڪيو آ مونکي، ثناگر حسين جو.

 

1.      ٻي در وڃڻ جي انکي. ڪانهي ڪا گهرج ڪا،

دل سان جنهين جهليو آ، هڪ در حسين جو.

 

2.      سوالي آهيان انهيءَ جو جنهن پيئنار پر ڪيا،

موٽيو ڪڏهن نه خالي، گدا گر حسين جو.

 

3.      قاتل سندس تي لعنت، هر روز ٿي وسي،

روشن جهان ۾ نالو آ، سرور حسين جو.

 

4.      مولا خطائون معاف ڪر، صدقي حسين جي،

حبدار آهيان آئون، هرهر حسين جو.

 

5.      خوشبخت ٿيو سو جنهن جو ’ضامن‘ امام آهي،

دست شفا انهين تي دلبر حسين جو.

29 جولاءِ2015

اربع

ڪافي 13

ٿلهه:

رويو ويٺو روءِ، رويو روءِ،

محرم جي ماتام ۾.

 

1.

اٺئي پهر افسوس ۾، هردم ويٺو هوءِ،

رويو روءِ.

 

2.

سڪ رکج سيني اندر، ڪنهن کي ڪجهه نه چوءِ،

رويو روءِ.

 

3.

غافل وقت وڃي پيو، پڇتائين نه پوءِ،

رويو روءِ.

 

4.

اصلئون ان امام ريءَ، ڪم نه ايندئي ڪوءِ،

رويو روءِ.

 

5.

 ’ضامن‘ پيئي سي ڪندا، دارون درد سندوءِ.

رويو روءِ،

محرم جي ماتام ۾.

7 محرم الحرام 1444هه

6 آگسٽ 2022ع

ڇنڇر 45: 5 شام جو اڌ ڪلاڪ ۾

ڪافي  14

ٿلهه:

آهي محرم ۾ ماتام، هئي هئي مير حسين جو.

 

1.

رويو رويو روءِ تون، جر وهائج جام.

 

2.

تنهنجو اجهو ۽ آسرو، آهن سيئي امام.

 

3.

آئون اصل کان آهيان، گولو سندن غلام.

 

4.

غم ۾ گذارج هر گهڙيءَ، صبح توڙي شام.

 

5.

’ضامن‘ جن جا سي اهي، نڪي ٿين ناڪام.

ڇنڇر 7 محرم الحرام 1444هه

6 آگسٽ 2022ع

اڌ ڪلاڪ کن ۾ شام جو

ڪافي 15

ٿِل: هروقت سندم محبوب مٺي تنهن ماههِ لقا جي ڳالهه ڪجي،

جا روز ڪري مون جهڙن تي. ان لطف و عطا جي ڳالهه ڪجي.

1:  جنهن جي در تي سوالي روز اچن، ڪئين مون جهڙا مسڪين سوين،

ٿو پر ڪري پئنار سڀئي، ڇا سندس سخا جي ڳالهه ڪجي.

2: هروقت خطائون ڪيئي ڪيم، ڪا ڪانه چڱائي مون کان ٿي،

ان هوندي ڪري ٿو ايڏو ڪرم، ڪيئن تنهنجي وفا جي ڳالهه ڪجي.

3: مون پاڻ پرنيو آ جنهن کي، سو ڪين ڇڏيندو سام سندي،

پوءِ ڇاجي ڪري مايوس ٿجي، ڇو رنج وبلا جي ڳالهه ڪجي.

4: امداد ٿيو آهي جنهن جو، مسڪين محمد بخش مٿي،

’ضامن‘ زبان سان ظاهر تنهن، ”طالب مولا“ جي ڳالهه ڪجي.

 

21 صفر 1411هه

11 سيپٽمبر 1990

اربع رات اڌ ڪلاڪ ۾

مڪان تي

ڪافي 16

ٿلهه:

ڪڏهن توکان سوا دل جي نه سري،

ڪر مون کي پرين نه، پاڻان پري.

 

1.

منهنجي سر جو آهين سائين تون، پر پوءِ به نٿو مونکي ڀائين تون،

ڇو ٿو ايڏو يار ستائين تون، ڇڏي دلڙي اٿئي دردن سان ڀري.

 

2.

توکي روز ڏسڻ لاءِ دل ٿي ڪري، ڀلا پوءِ ڇو رهين ٿو ايڏو پري،

هڪ پل به سوا تو ڪين سري، پئي جان سڄي ڳڻتين ۾ ڳري.

 

3.

تولاءِ فالون روز مان ڀايان ٿو، ۽ واٽون جهليو واجهايان ٿو،

تنهن هر ڪنهن کي مان چاهيان ٿو، جيڪو تنهنجي اچي رڳو ڳالهه ڪري.

 

4.

گهرجي ٿي تنهنجي هڪڙي نظر، سا ڪر تون عنايت دير نه ڪر،

اچي دل کي سڪون ڪو شام و سحر، اڄڪلهه ته رڳا پئي سور چري.

 

5.

توکي ’ضامن‘ هردم ياد ڪري، تنهنجي به سدائين دل تي هجي،

تنهنجو خادم ٿي هر وقت رهي، اها  آس خدا شل پوري ڪري.

نوٽ: شاعريءَ جي تقريبن شروعاتي ڪافي

15 شوال 1409هه 21 مئي 1989ع

آچر ڏينهن

ڪافي 17

 

ٿلهه:

محبوب مٺا ڇو وساريو اٿئي،

نڪي ماريو اٿئي، نه جياريو اٿئي.

 

1.

دل تو ته ڇڏي آهي قئيد ڪري، ۽ جان پئي ڳڻتين ۾ ڳري،

ڪنهن مهل ته اچ تون پير ڀري، ڇو ناحق مفت ۾ ماريو اٿئي.

 

2.

تنهنجي ياد سڄڻ هت ستايو آ، تو ڇا کان منهنڙو مٽايو آ،

ايڏو يار رسڻ ته اجايو آ، ڪڏهن قياس نه دل ۾ ڌاريو اٿئي.

 

3.

پيو راهون سندئي آئون روز ڏسان، تنهنجيون ڳالهيون ڀلا ٻي ڪنهن کي چوان،

ٿا نئين سج نسرن سور نوان، پر تو ته وري نه نهاريو اٿئي.

 

4.

هاڻ ’ضامن‘ ڏي هت آ تون هلي، نه ته ويندي مفت ۾ جان جلي،

تنهنجي توکان سوا ٻي ڪانه ڳلي، هتي بر ۾ جنهن کي بيهاريو اٿئي.

15 شوال 1409هه 21 مئي 1989ع آچر

مڪان تي ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 18

 

ٿلهه:

تن سانگين منهنجي ڪئي نه خبر،

آئون جن لاءِ هتي پئي هاريان جر.

 

1.

هو مارو هتي ٿا خوش ٿي رهن، ۽ روز پلر جو پاڻي پين،

هر موسم جو ڏٿ خوش ٿي کين، آئون آهيان هتي قئيدن جي اندر.

 

2.

ان سانگين کي هت ساريان پئي، ڪريو ياد هنجهون نت هاريان پئي،

پل پل ۾ تني کي پڪاريان پئي،  سوا ياد تني جي ٻي ڪانه وندر.

 

3.

سندن ياد ۾ پئي هر وقت روئان، ساريو سانگيئڙا ڳڻتين ۾ ڳران،

ٿي بي وس هت لاچار آهيان، لڳي وس ته وڃان منجهه پنهنجي وڳر.

 

4.

’ضامن‘ کي ڪڏهن من ياد سي ڪن ۽ هيڪر اچي هت حال پڇن،

رڳو هڪ جي دلاسو مون ڏي مجن، لهي دل تان وڃن دردن جا اثر.

16 شوال 1409هه 22 مئي 1989ع سومر

صوفي لڳ حاجي فتح جي اوطاق تي

لکيم رف فيئر هتي اچي اربع ڏينهن ڪيم

ڪافي 19

ٿِل: مون پريَنِ کي آ پڪاريو، من سي حال پڇن،

                من سي حال پڇن، منهنجا سور سڻن.

1: قاصد چئو تون قريبن کي، هڪ ڀيرو مونسان ملن.

2: ڏيئي دلاسو دل کي، ويهي درد ونڊن.

3: هيڻي منهنجي حال جي، ڪڏهن ڪل لهن.

4. آهيان ان اميد ۾، مون ڏي شل ڏسن.

5: ’ضامن‘ موٽي مان سي هيڪر هاڻ اچن.

18 شوال 1409هه

24 مئي 1989

کپرو

ڪافي 20 

ٿلهه:

مون کي يار جاني، وساري هليو وئين،

مٺا محب ماڻن سان، ماري هليو وئين.

 

1.

اچي پيار پهرين ڀلا ڇو ڪيو تو، وري يار دلبر ڌڪاري ڇڏيو تو،

خوشين کان اي سهڻا، تون کاري هليو وئين.

 

2.

مون سمجهيو ٿي مونسان ڪندين تون وفائي، مگر اوچتوئي ڪري وئين جدائي،

جند جان ڳڻتين ۾ ڳاري هليو وئين.

 

3.

سدائين اي سهڻا توکي ٿو ساريان، ۽ روز تنهنجيون ٿو راهون نهاريان،

اهڙي پڪ پريمي پياري هليو وئين.

 

4.

نظر سان تو اهڙو ديوانو بنايو، ٻي هر طرف کان بيگانو بنايو،

فقط هڪ دفعو تون نهاري هليو وئين.

 

5.

’ضامن‘ دلبر سدائين آ تنهنجو، ٿي نه سگهي ٿو ڪڏهن ٻي ڪنهنجو،

اهڙي يار دلڙي ڌتاري هليو وئين.

 

18 شوال 1409هه 24 مئي 1989ع اربع

مڪان تي ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 21

 

ٿلهه:

سڄڻ يار سهڻا نهاري وڃين ها،

”جڏي جيءَ کي جاني جياري وڃين ها.“

 

1.

مون ڀانيو ٿي مونڏي هلي هاڻ ايندين،

اهو ڪونه سمجهيم بنهه دور ٿيندين،

فقط نام اُلفت اُچاري وڃين ها.

 

2.

هئس اڳ ۾ ئي غمن جو نيشانو،

مٿان يار تون به ڪري وئين بهانو،

مئل دل کي مٺڙآ نه ماري وڃين ها.

 

3.

اي ساقي تون ڏين ها ڪڏهن پر پيالو،

ٿي اُت وڃي ها دکن جو ازالو،

ڪڏهن مئي بچيل کي نه هاري وڃين ها.

 

4.

هڪ ڍڪ پيئڻ سان جيان ها اي جاني،

ڪڏهن نه ٿئي ها ڪائي پريشاني،

جي ساقي تون سرڪي پياري وڃين ها.

 

5.

’ضامن‘ هردم آهي هت اداسي،

پنهنجي پرين کي پسڻ لاءِ پياسي،

ڇڏي هت ته ڪنهنجي سهاري وڃين ها.

20 شوال 1409هه 26 مئي 1989ع طرح

تي صبوح جو ڪمري تي لکيم

ڪافي 22

ٿلهه:

پيار ڪيو مون آهي توسان، دل گهريا دلدار،

سمجهيم توکي دلبر پنهنجو، سهڻن جا سردار.

 

1.

شام صبوح ٿو توکي ساريان، تولئه روز هنجهون نت هاريان،

ڪڏهن توکي ڪين وساريان، محب مٺا منٺار،

پلپل آئون پيو پڪاريان، هوت هينئي جا هار.

 

2.

تنهنجا پانڌي روز پڇايان، فالون دلبر پيو هت پايان،

تولئه ڪوڙين ڪانگ اڏايان، جاني جيءَ جيار،

دم دم نيڻين نير وهايان، من سندا مهندار.

 

3.

اچين مون وٽ جيڪر جاني، لهي وڃي پوءِ ڪل حيراني،

تنهنجو مٽ نه آهي ثاني، پاڻان ڪج نه ڌار،

پنهنجي اچي تون پساءِ پيشاني، مونکي ماڻن سان نه مار.

 

4.

منهنجي اڱڻ تي هاڻ هلي آ، توکانسواءِ نه ڪائي ڳلي آ،

ڪڏهن منهنجي ڪانه چلي آ، پنهنجا واعدا پار،

مون ته اڃان نه اميد پلي آ، مورهين ڪين وسار.

 

5.

’ضامن‘ جا اي سهڻل سائين، اچي پنهنجو پاڻ پسائين،

ڪڏهن دل تان ڪين تون لاهين، مون تي ڪانه ميار،

جيڪر پنهنجو پاڻ ڀلائين، لهه ڪا سار سنڀار.

24 شوال 1409هه 30 مئي 1989ع اڱاري

جي رات 11 کان 1 بجي تائين ڪمري ۾ لکيو

ڪافي 23

ٿلهه:

کڻي ٻئي ناز مان نظرون، جڏهن مونڏي نهارين ٿو،

مهل ان ۾ ته اي مٺڙا، جڏي جيءَ کي جيارين ٿو.

 

1.

آهيان سوالي آئون سالن کان، ڪڏهن ته ڪا عنايت ٿئي،

مئل دليون جين ٿيون جي، پيالا پر پيارين ٿو.

 

2.

رهان خاموش ٿو اندم، هلي منهنجو نه وس ڪوئي،

رقيبن کي سڄڻ سڏيو، پنهنجي ڀر ۾ ويهارين ٿو.

 

3.

ڪچهريون قرب جون ڪن سان ڪرين ٿو ويجهڙو ويهيو،

ڪني کي ته اچڻ سان ئي، صنم در تان ڌڪارين ٿو.

 

4.

’ضامن‘ ته اي جاني، هميشه ئي هجئي پرتل،

تني جا ڀاڳ ٿو ڀانيان، جني کي تون سنڀارين ٿو.

25 شوال 1409هه 31 مئي 1989ع اربع

ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 24

ٿلهه:

دلبر ٿئين ڇو ڌار، مون کي ڇڏي هت هيڪلو.

 

1.

اٺئي پهر اي سهڻل سائين، تنهنجي آهي تار،

ڪري وڃين ها ڪو ته بلو.

 

2.

توکان سواءِ هت ڪوئي ناهي، ساجن لهه ڪا سار،

اچي هيڪر مون سان ملو.

 

3.

سڀئي خطائون مونکان ٿيڙيون، مڙئي مون تي ميار،

هاڻ اچي هت خوش ٿي کلو.

 

4.

’ضامن‘ تي ڪا مهر ڪجائين، آهي سندئي آڌار،

تنهن کي نيئي ساڻ هلو.

25 شوال 1409هه 31 مئي 1989ع

اربع تي شام جو لکيم

ڪافي 25

ٿلهه:

توکي ڏسڻ سان جاني، ٿي پئي هي دل ديواني،

پيار ڪيو مون توسان، ناتو رکيو مون توسان.

 

1.

جڏهن مونسان نظر ملايئي، پيارا مونکي پنهنجو بنايئي،

آهين يار تون نيڻن ٺار تون، سندئي ناهي ثاني.

 

2.

جنهن ڏي دلبر هيڪر نهارين، تنهن کي اندم يار جيارين،

نظر کڻي ٿو ڏاڍو وڻين ٿو، دور ٿئي پريشاني.

 

3.

دم دم آئون توکي سنڀاريان، سهڻل سائين ڪين وساريان،

اهڙو ٿو چاهيان، دل تان نه لاهيان، پساءِ اچي پيشاني.

 

4.

’ضامن‘ کي اي مٺڙا سارج، پنهنجا سڀئي واعدا پارج،

پيار ڏجائين پنهنجو ڪجائين، سڀن کي ٿئي حيراني.

1 ذوالقعد 1409هه 4 جون 1989ع

سومر رات 11 بجي مڪان تي لکيم

ڪافي 26

 

ٿلهه:

توکي يار چوان، توسان پيار ڪيان، توکي دل سندو دلدار چوان.

 

1.

جڏهن مرڪيو مونڏي نهارين ٿو، اندم ۾ ته جاني جيارين ٿو،

سڏيو پنهنجي ڀر ۾ ويهارين ٿو، تنهن کي اُلفت جو اقرار چوان.

 

2.

پرين مونسان اچي تو پيار ڪيئي،  ۽ عيب سندم پي يار ڏٺئي،

ته به مونکي پنهنجو بنائي ڇڏيئي، توکي هيڻن جو حبدار چوان.

 

3.

تون هڪڙو منهنجو يار آهين، پر پوءِ ڇو مون کان ڌار آهين،

هر وقت مونسان گڏجي رهين، پرين من جو توکي مهندار چوان.

 

4.

تون ’ضامن‘ سان پيو ڪجئين وفا،  ڪڏهن ڪين تون ٿيجئين مون مان خفا،

منهنجي دردن جي تون آهين دوا، توکي منهنجو مٺو منٺار چوان.

6 جون 1989ع 2 ذوالقعد 1409هه اڱاري

ڏينهن شام جو 2/41 بجي ننڍي بنگلي

۾ مڪان تي

ڪافي 27

ٿلهه:

تو پهرين نظر سان شڪار ڪيا، ڪئين مون جهڙا انسان سوين،

تنهنجي حسن تي دلبر آهن ٿيا، سڀ سهڻا هتي حيران سوين.

 

1.

جن سان تو ملائي اک جي اڻي، وئين تن جي دل جو ڌاڙو هڻي،

هاڻ نيم بسمل ٿي سي پيا، ٿا دانهون ڪن ديوان سوين.

 

2.

جڏهن محفل ۾ ڪا ڳالهه ڪيئي، ڪري سڀني تي ڄڻ جادو ڇڏيئي،

ٻه چار اچي تو ٻول چيا، ٿيا اهل سخن پريشان سوين.

 

3.

تون ساقي سرڪي پيارين ٿو، تڏهن مئل دليون به جيارين ٿو،

هن مئخاني مان هزارين ويا، اهڙا پرڪش پي پئمان سوين.

 

4.

جي ديدار لاءِ ٿيو ويڳاڻا وتن، سي مست ٿا ماڻهن ۾ سڏجن،

تن خوش ٿي آهن سڀئي کنيا، پنهنجي سر مٿي بهتان سوين.

 

5.

تو جن جي دلين کي قئيد ڪيو، سڀ هوش ڇڏائي تن کان ويو،

هڪ ’ضامن‘ جي هت ڳالهه نه آ، ٿيا تولئه سڄڻ مستان سوين.

22 جون 1989ع 18 ذوالقعد 1409هه

خميس شام مڪان تي

ڪافي 28

ٿلهه:

آئي موسم مست ملهار، ياد پيو مون کي پنهنجو يار

 

1.

جنهن ٿي مونسان گڏ گذاريو، تنهن ڀلا ڇو آهي وساريو،

اٺئي پهر آ ان جي پچار.

 

2.

آيو سانوڻ ٿي سرهائي، رهي اندر ۾ آس اهائي،

دلبر جو من ٿئي ديدار.

 

3.

ساجن کي ٿو سدائين ساريان، مينهن جي مند به روئي گذاريان،

موٽي اچي سو من هڪوار.

 

4.

آهن اميدون مونسان ملندو، اچي مونوٽ خوش ٿي کلندو،

ٿيندي دلڙي باغ بهار.

 

5.

هت ’ضامن‘ ڏي موٽي ايندو، اٿم اميد ته ڪين ڇڏيندو،

جلدي لهندو  سار سنڀار.

23 جولاءِ 1989ع 19 ذوالحج 1409هه

آچر مڪان تي لکيم جهڙ هو.

ڪافي 29

 

ٿلهه:

آهيو اسين ته عئيبندار رحمي تون ڪو رحم ڪجائين.

 

1.

مڙئي خطائون معاف ڪجائين، سينا اسانجا صاف ڪجائين،

ڪيڙا گناهه اٿئون اپار.

2.

دردن دل ۾ ڪيو آهي ديرو، ڏيار نجات تون سائين سگهيرو،

سندئي در هيءَ آهي پڪار.

3.

قرضن کان تون جان ڇڏائج، ڪنهنجو ڪين محتاج بنائج،

سڀئي آهي سندئي اختيار.

4.

تنهنجي در تي سوال هي آهي، نفس ندوري جو ڇڏ ڪم لاهي،

رمز روحاني ڪا ڏاتر ڏيار.

5.

ڪارڻ حضرت محمّدؐ مير جي، محابي مرشد نوحرحه فقير جي،

ڪر ڪا عنايت سائين ستار.

6.

ڪجائين فقيرن جو تون خادم، سوال هي آهي يارب هردم،

پوري اميد تون ڪر ڪلتار.

7.

عرض اگهائج الله سائين، مارن مهندان تون مرڪائين،

ڪنڌ کڻي ات ڪريان نهار.

8.

’ضامن‘ آهي تو در سوالي، تنهن کي ڪين تون ڇڏجان خالي،

ڪرم سندي جي ڪر پلٽار.

23 جولاءِ 1989ع 19 ذوالقعد 1409هه

بروز آچر مڪان تي لکيمڪافي 30

ٿِل: ٿي ڀانيان ڀنڀور زهروو، ڌاران پرينءَ پنهون جي.

1- ستيس سنجهي مان سيج تي. پوءِ جاڳي وهايم جر.

2- اچن اوقاتون اندر ۾ هي ساڙيان سڄوئي شهر وو.

3- منهنجو جانب جت وٺي ويا، آهي مونسان ٿيو محشر وو.

4: پيڇو ڪنديس پرين جو، اهي کڻي سور ثمر وو.

5: ڏسنديس ڪيچ مڪران کي، هي ڏوري سڄو ڏونگر وو.

6: ٿيندو امداد عليء جو، ٻيو ساٿ ڏيندم سرور وو.

7: ’ضامن‘ سان هت مرشد سائين، اچي حامي ٿيندو هر هر وو.

 

20 جمادي الاول 1410هه

20 ڊسمبر 1989

اربع مڪان تي

ڪافي  31

ٿِل: ليليٰ جي هئي لڪ، مجني کي ڪنهن مست بنايو.

 

1: اول خواب ۾ ڏٺئين صورت، موهي ڇڏيس انهي مورت،

هئي اها عشق جي اٿڪ، جنهن ٿي پنهنجو وطن ڇڏايو.

 

2: زهر پيئڻ جو آيس وارو، ڊپ نه ٿيڙس ڪو ڊيڄارو،

ڪانه ڪيئين ڪا هٻڪ پيو پيالو ڏنئين ٿي موٽايو.

 

3: پنهنجي پاڻ کان غافل ٿيڙو، اهڙو سڄڻ ۾ فنا ٿي ويڙو،

هي آهي حقيقت هڪ، ته پاڻ پرينءَ تنهن کي پاڻ پسايو.

 

4: سسئي ڇالاءِ ڏونگر ڏوريا، پاهڻ سڀئي پيرن سان ڀوريا،

ويئي لنگهي سڀ لڪ پنهنجي پنهون جو پتو  پڇايو.

 

5. سهڻي لتاڙي لانگها ويئي، ڪاهي ڪن ۾ ڪيئن ٿي پيئي،

اها عجيب هئي ڇڪ، جنهن ٿي نيئي ميهر سان ملايو.

 

6. هير رانجهن جي واٽ نهاري، وڌئين کيڙي جي منهن ۾ واري،

اهڙي پرينءَ پياريس پِڪ، هڪ پل تنهن کي آرام نه آيو.

 

7. هت ’ضامن‘ چئي ڇا ٻڌائي، پنهنجي پاڻ کي ڇا سمجهائي،

نه ڄاڻان ڇا آهي عشق، ڇڏي هزارين رڻن ۾ رلايو.

21 جمادي الاول 1410هه

21 ڊسمبر 1989

خميس ڪلاڪ کن ۾

مڪان تي

ڪافي 32

ٿِل: ويڙيهيچن کي آئون، وهان ڪيئن وساري،

ڪٽيان پئي ڪوٽن ۾، هنجهون روز هاري.

1: کنيئي کوهه تان تو، ڪري ظلم زوري،

منهنجو ساهه سانگي، سدائين پيو ساري.

2: پون پور پلپل وڃان آئون وطن ۾.

هتي قئيد آهي. ڇڏي جان ڳاري.

3: تنهنجا طعام تڪيا، لڳن زهر مونکي،

مجن مان مونڏي، ڏوٿي ڏٿ ڏياري.

4. عمر اوچتو هي. ڪيئي قهر ڪيڏو،

هتي بند ۾ پئي، بندياڻي پڪاري.

5. ’ضامن‘ چئي سي لهن ڪين دل تان،

هيڪر شال ڏاتر، ڏوٿيئڙا ڏيکاري.

خميس 21 ڊسمبر 1989

مڪان تي
 

ڪافي 33

ٿِل: واڳون ويا ٿم وري، ساهڙ توکي ٿي ات ساريان

1: اچي پيس آئون ڪارونڀار ۾. ويئي وسارت تکڙي تار ۾،

ڀيلو ويو آهي ڀري، تڏهن اکين مان آب ٿي هاريان.

2: سئنسر سنبري ڪن ٿا مارو، توکان سواءِ ٻيو ناهي چارو،

تار سگهان ڪيئن تري، پلپل تولئه پئي پڪاريان.

3: سير ۾ مونسان ٿيجان ساڻي، طاقت ترڻ جي ناهي هاڻي،

نه ته وينديس مفت ۾ مري، ٿي هت تنهنجي راهه نهاريان.

4: هت ’ضامن‘ چئي تون مرڪائج، هيڪر پنهنجو پاڻ پسائج،

ڪين سوا تو سري. دل تان هڪڙو دم نه وساريان

31 ڊسمبر 1989

سومار شريف

هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org