سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلامِ ضامن

باب:

صفحو:4 

ڪافي  34

ٿلهه:

مرشد سائين مهندار، مدد ڪجائين هر مشڪل ۾.

 

1.

دنيا درڙي ڇڏيو آ ڦاسائي، اڳيان سگهندس ڪيئن ڳالهائي،

وهم ٿيا ويچار.

 

2.

نفس ندوري ڪيو آهي مارو، ڪونه آ توکان ڌاران چارو،

آهيان آئون عئيبدار.

 

3.

تنهنجي در تي آيس سوالي، ڪڏهن ڪين ڪي ڇڏجان خالي،

سوال سڻج سردار.

 

4.

مونکان وڌ ات ڪيئي موچارا، توکي ڏسڻ لاءِ وتن ويچارا،

دلبر ڏج ديدار.

 

5.

اٿم اميد ته ڪين ڇڏيندين، وقت ڏکئي ۾ ڏڍ تون ڏيندين،

اي قريشي قربدار.

 

6.

’ضامن‘ آهي مڃي غلامي، هردم هوئج تنهن سان حامي،

سگهڙي لهجان سار.

1 جنوري 1990، 3 جمادي الثاني 1410هه

سومار شريف تي صبح ساڻ هالا شريف ۾ لکيم

ڪافي 35

ٿلهه:

جدا جهانگين کان ٿي آئون، ڏکيا ڏينهڙا گذاريان پئي.

 

1.

لڌم هڪ خواب اڄ اهڙو، وطن پنهنجي آهيان ويئي،

وڃين ساڻيهه ۾ سرتين سان، ڇيلن جي ڇانگه چاريان پئي.

 

2.

ويڙهيچن کي وساريان ڪيئن، جنم گهاريو اٿم جن سان،

ڪريو هت ياد ڏوٿيئڙا، اکين مان آب هاريان پئي.

 

3.

مڱيندو کيت آهي منهنجو، ڇڏي هت ڪينڪي ڏيندو،

راتو ڏينهن روح ۾ روئي، سڀئي سانگي سنڀاريان پئي.

 

4.

پڪا پيرون پسي ڏئونرا، لهن هڪ پل نٿا دل تان،

ڪريو سي ياد ڏٿ تنهنجا، سمورا طعام هاريان پئي.

 

5.

’ضامن‘ چئي هت مارو، ڇڏيندا ڪين ڪوٽن ۾،

اهي ڏڍ دل کي ڏيئي، گهڙيون قئيدن ۾ گهاريان پئي.

5 جنوري 1990ع 7 جمادي الثاني 1410هه

جمع ڏينهن 2/21 کان 2/01 تائين ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 36

ٿلهه:

مون سان ٿيو ماتام، جيجل جوڳيئڙن ريءَ.

 

1.

ساري ساميئڙن کي، جر وهايم جام.

 

2.

هليا ويا هنگلاج ڏي، لنگهي ورهه ويام.

 

3.

اٿي اثر ويل جو، ٻولي سا نه ٻڌام.

 

4.

آسڻ پسي آديسين جا، راتو ڏينهن رنام.

 

5.

’ضامن‘ چئي مهيسين کي، ڏٺي ڏينهن ٿيام.

16 جنوري 1990ع 19 جمادي الثاني 1410هه

اربع رات تقريبن 8 کان 9 تائين مچ تي لکيم

ڪافي  37

ٿلهه:

ڪري نظر سندو نيشانو، تو دلبر ڪيو ديوانو.

 

1.

ڪيو پيار تو پهرين پيارا، ڏيئي اک جا خوب اشارا،

تنهنجا ناز انداز نيارا، تن دل تي ڪيڙا مارا،

منهنجا سهڻل يار سچار! او جاني جيءَ جيارا،

اچ قدم ڀري تون ڀلارا، منهنجي دل سندا دلدار،

توکي ساريان ٿو روزانو.

 

2.

مٺا محب سندم موچارا، ڪيئن ڪٽيان ڏينهن توڌارا،

ويا سک ڇڏائي سارا، اچي سور ٿيا هت سهارا،

آهن اکڙين جا هي آرا، توکي ڏسڻ الءِ ڪن وسڪارا،

دنيا جا سڀئي نظارا، سوا توکان لڳن ٿا کارا،

هت گلشن آ ويرانو.

 

3.

منهنجي جيءَ جا جڙيا جاني، هڻي قرب جي وئين تون ڪاني،

تنهنجو ڀانيان ڪونه ٿو ثاني، توتي ساهه ڪريان قرباني،

آهين لاشڪ تون لاثاني، رڳو تنهنجي پسان پيشاني،

اچي محب تون وٺ مهماني، ڪر مون تي اها احساني،

ڪو ڪجئين ڪين بهانو.

 

4.

اهي عرض تون شال اگهائين، مون سان پيچ پريت جو پائين،

ديدن سان ديد ملائين، اچي اهڙو مون کي ڀائين،

او سهنا مٺڙا سائين، ڪڏهن دل تان ڪين ڀلائين،

اچي پنهنجو پاڻ سائين، وري مون کان منهنج نه مٽائين،

پرين آهيان سند تي پروانو.

 

5.

هاڻ ’ضامن‘  سان هت ملجان، تنهنکي نه وساري ڇڏجان،

خوش ٿي هتي تون کلجان، منهنجي اڱڻ تي سهڻا ٽلجان،

اچي ڀاڪر پائي ملجان، پوءِ ڪڏهن منهن نه مٽجان،

منهنجا عيب سڄڻ نه ڏسجان، مونوٽ هميسه رهجان،

ڏٺي توکي گذريو زمانو

24/25 جنوري 1990ع

18-19 جمادي الثاني 1420هه

اڱاري ۽ اربع تي مڪان تي

ڪافي 38

ٿَل: مونکي پاڻان ڪج نه ڌار، چنيسر سائين، مونکي پاڻان ڪج نه ڌار.

رويو تو در ٿي ٻاڏايان.

1: عيب سندم تو اکئين ڏٺئي ٿي، تڏهن چنيسر ڪجهه نه چيئي ٿي.

۽ ججهو ڏنئي ٿي پيار...... هاڻ انهي کي ڇا مان ڀانيان.

2: مڻيي تي منهنجي دل ٿيڙي، نه معلوم هئي ماحيت ههڙي.

نه ته ڪين کڻان ها هار....... پنهنجي ڪئي تي پئي پڇتايان.

3: سيس جهان ۾ سندئي نالي، ڪين ڪجان ٻي ڪنهن جي حوالي،

اچي موٽي ملين منٺار..... ته عمر سڄي تنهنجي گولي چوايان.

4: رهنديس تنهنجي ٿي آئون ٻانهي، معاف هي منهنجي ڪر ناداني.

پنهنجو پاڻ ڀلائج ڀتار...... پاند پلئه ٿي هرهر پايان.

5: ’ضامن‘ چئي هت توکي ساري، ڪٽيان ڏينهن ٿي راهون نهاري،

هاڻ مونتي رک نه ميار..... عئيبن ڀريل توڙي آهيان.

9 رجب 1410هه

6 فيبروري 1990

اڱارو مڪان تي

ڪافي 39

ٿلهه:

راهه ڏس ڪا رهنما، آڌار تنهنجي آهيون،

هي سڻج سرور صدا، آڌار تنهنجي آهيون.

 

1.

ڪر قريشي قرب ڪو، هي عرض ڪيڙم هٿ ٻڌي،

تو ريءَ نه آهي واهه ڪا، آڌار تنهنجي آهيون.

 

2.

هت وڪوڙي وهم ويا، ڏس ڀلا ڪيڏانهن وڃان،

ڪڏهن نه پاڻان ڪج جدا، آڌار تنهنجي آهيون.

 

3.

مڙئي مشڪل مون سندا، هڪ منٽ ۾ ميٽي ڇڏج،

هيڻو سندم هت حال آ، آڌار تنهنجي آهيون.

 

4.

آهن نوازيا تو هتي، عيبن ڀريل ڪئين عيبدار،

مون تي به ڪر ڪي وڙ وڏا، آڌار تنهنجي آهيون.

 

5.

مشڪل ۾ ’ضامن‘ تي، امداد تون ڪر ڪا اچي،

ٿي مدد مرشد مٺا، آڌار تنهنجي آهيون.

4 مارچ 1990ع 4 شعبان 1410هه

سومار شريف تي رات جو10 بجي ڌاري

هالا شريف ۾ لکيم اوطاري تي

ڪافي 40

ٿلهه:

ساميئڙن کي ساريان ڪين وساريان، هيئڙي منجهه هرن،

هينئڙي منجهه هرن، چت تي روز چڙهن.

 

1.

آسڻ ان جا خالي آهن، جوڳي جبروت ڏي ٿا ڏسائن

راهه سندن نهاريان، اڱڻ ٻهاريان، ويل نٿا وسرن.

 

2.

ياد جني جي جيءُ جلايو، اٿن ڀلا ڇو منهنڙو مٽايو،

آب اکين مان هاريان، پئي پڪاريان، وري شال ورن.

 

3.

عرض اونائج الله سائين، مهيسين سان مونکي ملائين

گڏجي ڏينهن گذاريان، اندر اجاريان، سندم نيڻ ٺرن.

 

4.

’ضامن‘ سان سي ٿيندا حامي، اٿم ان جي مڃين غلامي،

نام سندن اُچاريان، جيءُ جيارين، من هو پنهنجو ڪرن.

26 مئي 1990ع 1 ذوالقعد 1410هه

ڇنڇر ڏينهن صبوح ساڻ ڪمري

۾ لکيم

ڪافي 41

ٿلهه:

پيار ڏئي تو پنهنجو بنائي، پوءِ ڇا کان منهنڙو مٽايو ٿئي.

 

1.

قرب ۾ مونکي قئيد ڪيو تو، وري دلبر دل تان ڀُلايو ٿئي.

 

2.

اٿئي جدا ٿي جان جلائي، ڪو ڪڏهن قياس نه آيو ٿئي.

 

3.

بنا ڏوهه جي سهڻا سائين، ڇو ڏاڍا ڏاڍ ڏيکايو ٿئي.

 

4.

سچ چئو ته ڪهڙي سبب کان، ايڏو ڇالاءِ يار ستايو ٿئي.

 

5.

’ضامن‘ هردم آهي اوهان جو، اهڙو پيچ پريت جو پايو ٿئي.

 

6 جون 1990ع 12 ذوالقعد 1410هه

اربع جي رات جو 4/121 بجي تاري جي

فرمائش تي لکيم مڪان تي

ڪافي 42

ٿِل:  رنم رات   ساري،    سانگيئڙن   کي      ساري،

                                                                عمر آئون اباڻان، ڇڏيان ڪيئن وساري.

 

1: نٿيون ويل  وسرن گهڙيون گڏ گذاريل ڀٽن ڀرتي گڏ جي ڇيلن ڇانگ چاريل،

هتي قئيد ۾ هاڻي ڳڻتي ٿي ڳاري.

ماروئڙن کان مونکي ڇني ڇو ڇڏيو تو اٿئي هيءُ ڪيڏو نه قهر ڪيو تو،

ڇڏيئي ڄڻ ته مونکي، جيئري ئي ماري.

2: سانگين کي سموري حقيقت سڻايان، ذري ڳالهه تن کان نه ڪائي لڪايان

جي پنهنجي وطن ۾ وڃان آئون واري.

3: ’ضامن‘ چئي ڪين مارو ڇڏيندا، اميدون ئي آهن اچي ڏد ڏيندا،

ڏسان راهه تي جي اکين آب هاري.

7 جون 1990

خميس مڪان تي

ڪافي 43

ٿل: راهه سندئي پئي نهاريان، موٽي اچ تون مينڌرا.

1: راڻل تو ڇو منهنڙو مٽايو، تنهنجي جدائي جيءُ جلايو،

آب اکين مان هاريان، موٽي اچ تون مهينڌرا.

2: ريت رسڻ جي تو نه جگائي، مهري ڪاڪ تي اچ موٽائي،

تولاءِ هت اڱڻ ٻهاريان، موٽي اچ تون مهينڌرا.

3: ماڙيون توريءَ ڪين وڻن ٿيون، ٿنهنجيون ڳالهيون چت تي چڙهن ٿيون،

ڪين ڪڏهن سي وساريان، موٽي اچ تون مهينڌرا

4: ماريو مومل کي تنهنجي رسامي، تو ڌاران نٿي رات وهامي

توکي سڀڪا ساعت ساريان، موٽي اچ تون مهينڌرا

5: ’ضامن‘ چئي مڙئي مدايون، معاف منهنجيون ڪر تون ڪچايون،

تو در ٿي آئون پڪاريان، موٽي اچ تون مهينڌرا.

8 جون 1990

ڪافي 44

ٿلهه:

آب اکين مان آيم، سامونڊين کي ساري،

اي ميان! موليٰ شل موٽائين، وطن پنهنجي ڏي واري.

 

1.

هت ڇڏي هيڪلي ڏيهئون ڏور ويا، روئندي ڏينهن راتيون ڪيئي پهر پيا،

اي ميان! ڏيل ٿيو آ ڏٻرو، نير نيڻن مان هاري.

 

2.

ڳالهيون ڳجهيون ان جون هينئڙي منجهه هرن، ساهه سنئون سي سانڍيان ويل نٿيون مون وسرن،

اي ميان! ٿيس اصل کان ان جي، وهان پوءِ ڪيئن وساري.

 

3.

پيئي پٽايان پوٿيون ڪڏهن موٽي ملندا، رنج رسامان ڇڏي اڱڻ سندم تي ٽلندا،

اي ميان! روز بندر تي بيهي، ٿڪيس آئون راهه نهاري.

 

4.

کاڄ کيئڻ ان ريءَ سڀئي زهر ڀانيان، گڏ گذاريل گهڙيون دل تان ڪين لاهيان،

اي ميان! ڇو هت هيڪلي ڇڏيئون، ڳڻتين آ ڇڏيو ڳاري.

 

5.

’ضامن‘ چئي هاڻ موٽي مان اچن، ان ڌاران ٿا دل تي پلپل پور پون،

اي ميان! هي عرض الله ٻڌي، سي ڏاتر شال ڏيکاري.

9 جون 1990ع 15 ذوالقعد 1410هه

ڇنڇر ڏينهن صبح 7 کان 2/71 تائين

ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 45

 

ٿلهه:

دل گهريا دلدار، هاڻ ڇڏي ڏي ريت رسڻ جي.

 

1.

پيار ڏيئي تو بنايو پنهنجو، ٿي نه سگهان ٿو هت ٻي ڪنهنجو،

هيلا ڪريان پيو هزار، موٽي مونسان من ڪرين پرچڻ جي.

 

2.

ڪهڙي سبب تو آهي وساريو، جيئري ڄڻ ته مونکي ماريو،

پهرين ڏنئي ڇو پيار، دل ۾ هيئي جي منهنڙو مٽڻ جي.

 

3.

مونکان جيڪر خطا ڪا ٿيڙي، ڏي نه سزا تون هرگز ههڙي،

توڙي مونتي سڀ ميار، ته به توکي آ طاقت معاف ڪرڻ جي.

 

4.

اٿم اميد ته موٽِي ايندين، هت تون مونکي ڪين ڇڏيندين،

سک نه اچي تو ڌار، روز ڏسان تنهنجي راهه اچڻ جي.

 

5.

’ضامن‘ ڏي ڪا هاڻ دلبر، وائي ورڻ جي هيڪر تون ڪر،

سگهڙي لهه ڪا سار، جلدي ڪجان وري مونسان ملڻ جي.

22 جون 1990ع 28 ذوالقعد 1410هه

جمع ڏينهن 2/111 کان 12 تائين

ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 46

 

ٿِل: کِکي کاڄ منهنجو مهاڻن مان آهيان،

اٿَوَ شان شاهي، سينو ڪيئن ساهيان.

 

1: هيس اصلئون اگلي پسند ڪيئن پييس عجب آهي ان تي وڻي توکي وييس

تڏهن ئي ٿي پنهنجا ڀلا ڀاڳ ڀانيان.

2: ڏسن راهه تنهنجي مونکان وڌ موچاريون، اسين عئيبن ڀريل کڻون ککين کاريون.

ڪيئي ڀال ڀلايون ٿورا ڪيئن مان لاهيان.

3: سمان ڄام پنهنجو تون شان سڃاڻج، ڪچايون ڪيم جي. سي دل ۾ نه آڻج.

سندئي در ٿي هرهر پلئه پاند پايان.

4. ’ضامن‘ چئي هردم ڪريان عرض ڪيئي، ڌڪارج نه درتان نماڻيء کي نيئي،

تنهنجي پيس پناري نه ٻي جي سڏايان.

22 جون 1990

جمع- مڪان تي 

ڪافي 47

 ٿِل: مارن کان ڌار ٿيڻ بدران، مري جيڪر وڃان ها آئون،

                  ته عمر هن قئيد تنهنجي ۾، نڪي ڪڏهن پوان ها آئون.

 

1: ڏئين ها جي مونکي مهلت، ذري هڪ ويل جي حاڪم،

             ته حقيقت حال پنهنجي جي چتاري ات چوان ها آئون.

 

2: کئين توکوهه تان مونکي، نه مارن سان ملي سگهيس،

            ٿئي معلوم ها اڳ ۾ ته، نه پري تن کان ٿيان ها، آئون.

 

3: هجان ها جي وٽن ويٺي، نه مونکي هو ڇڏن ها هينئن،

            اتي خوش ٿي پئي کيتن ۾، پلر پاڻي پيان ها آئون.

 

4: ستايو ياد آ انجي، گهڙيون هت ڪين ٿيون گذرن،

             ڏئين تون ها ڪڏهن موڪل: کنڀيون خوش ٿي کيان ها آئون.

 

5. ’ضامن‘ چئي هت جيڪر، اچي ها ڪو اتان ماڻهون،

             ته سموري خبر سانگين جي ويهي تنهن کان پڇان ها آئون.

6 جولاءِ 1990

ڇنڇر رات مڪان تي

ڪافي 48

ٿلهه:

رات ڏينهن روئي هتي، سانگي سمورا ساريان،

ويل هڪ وسرن نٿا، گهڙيون ڀلا ڪيئن گهاريان.

 

1.

ڪوٽ تنهنجي ۾ عمر، هت ساهه آ گهٽجڻ لڳو،

من ڪڍن هن قئيد مان، پلپل پئي آئون پڪاريان.

 

2.

گڏجي جني سان گهاريم، شايد وساري ان ڇڏيو،

شال پرچن سي ڪڏهن، نڪي ويل هڪ وساريان.

 

3.

سرتين سان گڏجي ڀٽن تي، کيتن ۾ ٿي کاڌيم کنبيون،

ناحق اچي تو قئيد ڪيو، ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙِيان.

 

4.

’ضامن‘ چئي ڪريان عرض، موڪل ڏي مارن سان ملان،

قؤل جيڪي مون ڪيا، پنهنجا وڃين سي پاريان.

7 جولاءِ 1990ع 13 ذوالحج 1410هه

ڇنڇر ڏينهن پوڻين 7 کان سوائين 7

تائين ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 49

 

ٿلهه:

اڳ ۾ ڪيئون نه سچي، ننڊ ۾ نماڻي ڇڏي ويا.

 

1.

ڪانه خبر پئي هي آ مون کي، ته ڪهڙي ڪئي مون ڪچي.

 

2.

ڌاران پنهل جي سور ڪئين سرتيون، جاڳيا اندر ۾ اچي.

 

3.

پٺيان پنهونءَ جي ڏونگر ڏوري، پير پيا آهن پچي.

 

4.

’ضامن‘ چئي ڪيچ ڏي وينديس، هن بگهڙن کان آئون بچي.

7 جولاءِ 1990ع 13 ذوالحج 1410هه

ڇنڇر 8 کان 2/81 تائين ڪمري ۾

ڪافي 50

ٿلهه:

سرڪ ڏيئي ساقي سوائي، هن جڏي جيءَ کي جيار،

وهم ويا آهن وڌي، ٻيا درد ٿيا هت بيشمار.

 

1.

ڏي ڪو پيالو پر ڪري، نه ته هت نٿي ساعت سري،

ڇو پاڻ کان رکيئي پري، هاڻ وٿي ڪا وجهه نه وار.

 

2.

دنيا کان فارغ ڪر کڻي، اهڙي ڪاڏي گهاٽي گهڻي،

مئخاني جو آهين ڌڻي، پُرڪش ڪو پئمانو پيار.

 

3.

کڻي سوال جو حاضر ٿيو، سو ڪين ڪي خالي ويو،

هڪڙي نه مون آ عرض ڪيو، هت ٻيا به سوالي ڪئين هزار.

 

4.

ٿو جام تنهنجو تون ڀرين، جنهن کي نوازڻ ٿو گهرين،

من قرب ڪو مون تي ڪرين، لهين سيگهه مان سنديم ڪا سار.

 

5.

’ضامن‘ چئي ڪر ڪا نظر، امداد ڪو اچي اهڙو ڪر،

ڇڏيندس نه مئخاني جي ڀر، جيسين نه ڪا لهندين سنڀار.

12 جولاءِ 1990ع 19 ذوالحج 1410هه

جمع رات ڪمري ۾

ڪافي 51

 

ٿل: سي ساهڙ مان سڻي سڏڙا ڪيم جي سير ۾،

 

1: واڳن مونکي آهي ورايو، دهشت تن جي ڏيل ڏڪايو،

هاڻي جيڪا تنهن وڻي، منهنجي رهيو ناهي ساهه سرير ۾.

 

2: ڪن درياهه جا آهن ڪيئي، تن ۾ اچي هت آهيان پيئي،

شل نه هٿڙو کڻي، ناهه رهيو ڪو دم دلگير ۾.

 

3: ڪڏهن آسرو ڪين لاهيديس، جيتر هليا حيلا هلائينديس،

ڳالهه جيڪا پوءِ بڻي، دل ته رهي هت آهي اڪير ۾.

 

4: ميهر مونکي ڪين ڇنڏيندو، چئي ’ضامن‘ اچي ڏڍ ڏيندو،

غم وڪوڙي گهڻي، آهيم آسرو سندم پير ۾.

24 ذوالحج 1410هه

19 جولاءِ 1990

جمع جي رات مڪان تي
 

ڪافي 52

ٿلهه:

مندون وڃن پيون مٽي مٽي، اڄ تون هاڻ يار پيارا.

 

1.

ڪهڙي سبب تو آهي وساريو، ڪيل قول نڪي تو پاريو،

سورن ڇڏيو آ سٽي سٽي، ڪين وڻن ٿا هت هي نظارا.

 

2.

ياد پون ٿيون سندئي ڳالهيون، توکان سوا تون چئو ڪيئن جاليون،

جو جاني ويون تون جهٽي جهٽي، دلڙي منهنجي يار دلارا.

 

3.

توکي سانوڻ سيارا ساريم، آرهڙ اونهارا راهون نهاريم،

هاڻ سگهان نه ڪٽي ڪٽي، ڏينهن حياتي جا تو ڌارا.

 

4.

تولاءِ ڪيئي ڪانگ اڏايم، روز اٿي ڪئين فالون پايم،

ڇا ٿو توکي وٽي وٽي، جاني جدا ٿي جيءَ جيارا.

 

5.

’ضامن‘ ڏي هت موٽي دلبر، هاڻ خدارا اچ تون هيڪر،

ته ويهي ڪريان ڪي ٻٽي ٻٽي، قصا سندم سورن جا سارا.

19 جولاءِ 1990ع 26 ذوالحج 1410هه

جمع رات 11 کان 12 تائين محفل هلندي

ورانڊي ۾ محفل ۾ ٻڌل فقير سائين جي ڪلام تي

ڪافي 53

 

ٿلهه:

روز رڙندي وڃان چوندي وڃان، هيئن نه ڇڏي وڃ هيڪلي.

 

1.

هوت سوا آئون هت سرتين سان، سور سلندي وڃان چوندي وڃان.

 

2.

پير پِٿون ٿيا جبل جهاڳي، لڪ لنگهندي وڃان، چوندي وڃان.

 

3.

آهيان اڻ سونهي سفر اوکو، ڏاڍي ڊڄندي وڃان چوندي وڃان.

 

4.

ڪين وهنديس ڌاران پنهل جي، پير کڻندي وڃان چوندي وڃان.

 

5.

روئي گذاريم ڏينهن ۽ راتيون، اکيون اُگهندي وڃان چوندي وڃان.

 

6.

’ضامن‘ چئي ڪيچ کي ڏسنديس، پانڌي پڇندي وڃان چوندي وڃان.

20 جولاءِ 1990ع 26 ذوالحج 1410هه

جمع ڏينهن سوائين 2 کان 3 تائين

ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 54

ٿلهه:

ڪهڙو  به آهيان ته به تنهنجو ئي آهيان، او يار سندم.

 

1.

هر گهڙيءَ ۾ توکي ساريم، ويل ڪا هڪڙي ڪين وساريم،

دل تان نه لاهيان، تنهنجا پانڌي پڇايان.

 

2.

هر ڪنهن کان هت تنهنجو پڇان پيو، تنهنجي ياد ۾ يار جيان پيو،

ٿو تنهنجو سڏايان، ڪنهن ٻي جو ناهيان.

 

3.

ڪهڙي سبب تون مونکان جدا ٿئين، چئو ته ڀلا ڇو ايڏو خفا ٿئين،

جهاتڙيون پايان تولاءِ پيو واجهايان.

 

4.

مڙئي ميارون يار مڃان ٿو، عرض تڏهن ته ڪريان اڃان ٿو،

سينو ڪيئن ساهيان سندءِ مٽ نه ڀايان.

 

5.

’ضامن‘ ڏي تون موٽي ايندين، اها اميد ٿم ڪين ڇڏيندين،

حيلا هلايان توسان، ناتو نڀايان.

20 جولاءِ 1990ع 26 ذوالحج 1410هه

جمع ڏينهن 2/31 کان 5 تائين

ڪمري ۾ لکيم

ڪافي 55

 

ٿلهه:

پيار ڏيئي پنهنجو ڪري، پوءِ ڌار دلبر ڪيم ڪر.

 

1.

راهه ويندڙ ڪئين مسافر، قرب جا قيدي ڪيئي،

دل کسيل تن دردمندن تي زور ذابر ڪيم ڪر.

 

2.

مشتاق تولئه ٿيو وتن، بي زر وڪاڻل سي هتي،

ڏاڍ زوري تن مٿي تون، هاڻ ٻيهر ڪيم ڪر.

 

3.

نيم بسمل ڪئين هتي، پهرين نظر سان تو ڪيا،

وار نظرن جا وري به تن تي هر هر ڪيم ڪر.

 

4.

شڪوه شڪايت ڇا ڪبي بس عرض ٿا هڪڙو ڪيون،

ريتيون رسڻ جون هيڏيون، تون ناز پرور ڪيم ڪر.

 

5.

ڇو پاڻ کان رکيئي پري، هڪ منٽ هت گذري نٿو،

ايڏو ستم ضامن مٿي، سهڻا ستمگر ڪيم ڪر.

ڇنڇر 18 آگسٽ 1990ع 24 محرم الحرام 1411هه

ڪمري ۾ لکيم صبوح جو.

ڪافي 56

 

ٿلهه:

ٻڌي ٻيئي ٻانهون عرض ڪيم اوهان در،

مدد جلد منهنجي، سچا سيدا ڪر.

 

1.

ڪئين ڏوهه ڪيڙم عئيبدار آهيان، ڀٽ ڀان اوهانجو اصل کان سڏايان،

آهي دان جي لاءِ مڱڻهار منتظر.

 

2.

همراهي هيڻن سان هردم ڪريو ٿا، ڪجو معاف منهنجيون خطائون خدارا،

نه ٻي واهه آهي سوا توکان سرور.

 

3.

ڏيئي سرڪ ساقي وهم کي وڃايو، دنيا جي خسارن آ ڏاڍو ستايو،

جڏو جيءَ آهي اوهان جي ئي آڌر.

 

4.

هِتي ۽ هُتي جا مڙئي منهنجا مشڪل، عنايت ڪري سي ڪريو هڙئي حل،

سڻي سوال سارا ڪجو جلدي واهر.

 

5.

ضامن آهي اوهان در سوالي، ڪڏهن ڪونه موٽيو سوالي ڪو خالي،

پڪارون ڪريو پيا، لاءِ ديدار دلبر.

ڇنڇر 18 آگسٽ 1990ع 24 محرم الحرام 1411هه

اندازاً 11 کان 12 تائين

ڪافي 57

ٿِل: روز چڪن ٿا چاڪ، نه وسرن ٿا ريلن جا ٿاڪ،

           ڪڍ قئيد منجهان بي ڏوهه بندياڻي، کول درن جا تاڪ.

1: منڌيس تنهنجي محلن ۾ پيو هيئڙي ۾ آ حول

هيڏي ساري ظالم سندئي جو چئوطرف چئوٻول

لاهه ڪڙولا ڪرف مڙيئي، دردريون سڀ کول

ساهه منڌو آ محل سندئي ۾، حال ٿيو غمناڪ.

 

2: طعام ٿيا ماتام مڙيئي هردم ٿي هاريان،

زهر لڳن سڀ زيور تنهنجا، سي سمورا ساڙيان،

قول ڪيا جي ڪالهه هتي مون، پنهنجا سي پاريان،

آهيون ڏيهه ڏاڏاڻي ڏٿ ڏئورن جا هميشه هيراڪ.

 

3: سون ڏنئي جو ڪونه قبوليان. ڪڏهن به آئون،

هار هيرن جا ڀانيان ٿي سي بلڪل بلائون،

ننڍي لاڪون لوري ڏيندي جا چتاري چيائون،

پر نه ڇڏيان سا پنهنوارن جي. بلڪل آهيان بيباڪ.

 

4: وار منجهي پيا مر ۾ ڌاران، سرتين ڪين ڌوئان،

هڪ پل به لڳي ٿو پهر جيان هت، پورن ۾ پئي پوان،

ڏسيو خواب ۾ ڏوٿيئڙا سي، راتو ڏينهن روئان،

ڏاتر شال ڏيکاري جيئري، انهن جي اوطاق.

 

5: ’ضامن‘ چئي هُت موٽي ڏسنديس، ملڪه مڙوئي ملير،

پرچندا پنهنوار اتي سڀ، کلندا ظلم زنجير،

پڄنديون مرادون من جا مطلب، ٿيندو ساڻي سرور پير،

ڪين لاهينديس لوئي لڱن تان، آهي اها سندم املاڪه.

29 محرم الحرام 1411هه

اڱارو 21 آگسٽ 1990

ڪلاڪ کن ۾، مڪان تي

ڪافي 58

ٿلهه:

اٿئون پير پنهنجي جي دامن جهلي،

بلاشڪ ڪندو سو ڀلارو ڀلي.

 

1.

جي عئيبن ڀريل ته به سندئي ته آهيون، سندس نام ڪڏهن نه دل تان ڀلايون،

سوا تنهنجي ٻي ڪانه ڪا آ ڳلي.

 

2.

اصل کان ئي هيڻن جو حامي سو آهي، اچي رسندو سڏ ساڻ اوکيءَ ۾ ڪاهي،

ڏکي هرڪا ساعت ڪندو سوَلي.

 

3.

ڪڏهن ڪين مشڪل ۾ سرور ڇڏيندو، نماڻي نڌر کي اچي ڏڍ ڏيندو،

ڇڏي ڪين ڏيندو هتي هيڪلي.

 

4.

ضامن جي ڪانه ٻي واهه ڪائي، سو سرور ڪندو هرڪا ساعت سڻائي،

مدد ٿيو جنهين جي آ موليٰ علي.

26 آگسٽ 1990ع 5 صفر 1411هه

سومار شريف جي رات ناري آفيس

هالا شريف ۾ لکيم

ڪافي 59

ٿِل: ٻي جي ڪانه ڪڍون پرواهه، ٿيجان ساڻي سرور شاهه،

          عئيبن ڀريل سندئي آهيون. ڪرڪانواز نگاهه.

1: ڏڏ ڏوهاري ڏٻرا بيحد اڀرا جي آهيون.

حال حقيقت ڪين ذرو هت توکان لڪايون.

معاف مڙيئي ڪرتون اسان جون ڪامل ڪچايون.

هر مشڪل ۾ هردم هوئج، هادي تون همراهه.

2: ميٽ مدايون مڙئي منهنجيون ڪم ڪيم جي ڪچا.

هر اوکيء ۾ ٿيجئين حامي، سرور شاهه سچا،

مرض مونجهارا ميٽج جيڪي ڏکيا آهن ڏچا،

ڪين ڪا ظاهر آهي اسان جي تو ڌاران ٻي واهه.

3: قرض مرض سڀ ميٽج منهنجا، هردم ٿي حامي،

مڃي مون آهي اصل کان اهنجي درجي غلامي،

سانئل سوالي درسندئي تي آهيون مدامي.

عزت سان گذرن ڏينهن اسان جا رک پردوپوش پناهه.

 

4: طاقت تر جي ڪانه رهي آ، حال ٿيا هيڻا،

درد وڌي ٿيا دل جا آهن، ٻيڻا ۽ ٽيڻا،

ڪين ذرو آرام ڏين ٿا، ڦڪيون ۽ ڦيڻا،

حال سندم کان هادي هردم، آهين تون اگاهه.

 

5: ’ضامن‘ چئي هت پاند پنڻ لاءِ، پايو مون پازي،

سوال سمورا سڻجائين تون، عرض ڪيم آزي،

نالي الله رسولصه جي صدقي، رهجان تون راضي،

سندئي حب ۾ هن دنيا مان، پورا ٿين پساهه.

5 صفر 1411هه

27 آگسٽ 1990

سومار شريف، هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org