سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڪلامِ ضامن

باب:

صفحو:8 

ڪافي 147

 

ٿلِ: عمرڪوٽ تنهنجو ڪڏهن نيٺ ڪرندو، سڻائو سکن جو وري واءُ ورندو.

 

1. اباڻن ڏي آئون وينديس نيٺ موٽي، کٽي ڪين سگهندين تو جا جنگ جوٽي،

اچانڪ ئي اهڙو ڦيرو ڪو ڦرندو.

 

2. انهن جا آهن جت ڀلا ڀاڳ ڀاڻان، سوائون سدا ات ڏهن ٿا ڏاڏاڻان،

اتي چاهه مان آ سندن مال چرندو.

 

3. ڪڙولن ۾ قابو ڪئي قئيد تو آ، ڪري جلد واهر وڳر سان گڏيندا،

نڪي نيئر ۾ ساهه، منهنجو نڪرندو.

 

4. وچن جيڪي آهن مارن ساڻ منهنجا، هتي قئيد ۾ سي ٿين شال سنهنجا،

ڪيل قول منهنجو سو پڪ ساڻ پرندو.

 

5. آهيان جني جي سي ايندا اباڻان، وٺي پاڻ سان مون گڏيندا اباڻان،

پيئي ساب منهنجو سگهو سوال سرندو.

 

6. جني جوئي اصلئون آهي شان اعليٰ، ’ضامن‘ پئي سي اجها ٿيندا اولا،

ملي تن کان سوئي، جوئي جيڪو گهرندو.

 

16 مئي 2011

اڱاري رات


 

 

 

 

ڪافي 148

 

ٿلهه:

ٿين تنهنجا بخت جيڪر ملئي صحبت فقيرن جي،

 

رکج تون دل اندر هردم مٺي محبت فقيرن جي.

 

 

1.

نماڻون حال آ جن جو خوديءَ کان سي رهن خالي،

 

نمائي جي هلن سرڙو اها عادت فقيرن جي.

 

 

2.

نوازش جي نظر ڪن جي، ڇڏن تقدير بدلايو،

 

ملي توکي به ڪا اهڙي، گهڙي ساعت فقيرن جي.

 

 

3.

رهن راضي رضا تي جي، رکي مالڪ سندن مرضي،

 

ذڪر جو ڪن ذخيرو ٿا، اها دولت فقيرن جي.

 

 

4.

ٿين سڀ ڪم سندئي سَوَلا، نڪي پرواهه ڪڍ ڪنهن جي،

 

سدائين روح ۾ رک تون، چڱي چاهت فقيرن جي.

 

 

5.

نسب پنهنجو نهاري ڏس، ٿو هت سڏجين فقيرن جو،

 

مبارڪ باد آ تو کي، ملي نسبت فقيرن جي.

 

 

6.

اٿئي ’ضامن‘ سرور شاهه، جو آسرواڻ فقيرن جو،

 

ڪندو سڀ معاف موليٰ ات، ڪيل پارت فقيرن جي.

 

11 جمادي الثاني 1432هه

22 مئي 2011

آچر


 

 

 

 

 

ڪافي 149

 

ٿلهه:

ڇڏي ڪم قرب مان ڪاهي، زيارت ڪر فقيرن جي،

هوئي همراهي هر پل ۾، هتي هر هر فقيرن جي.

 

 

1.

ملي جا ورڇ اتان کان آ، وري تنهنجي طلب آهي،

ٿئي سا ٻاجهه ٻانهي تي، اچي ٻيهر فقيرن جي.

 

 

3.

بظاهر حال اٿن هيڻو، رسائي عرش تي ان جي،

ملي منزل پئي ڪنهن تي، نظر جيڪر فقيرن جي.

 

 

4.

اگر هردم هتي چاهين، خدا کي تون رکڻ راضي،

ته پوءِ دل ساڻ ڪر خدمت، هلي هيڪر فقيرن جي.

 

 

5.

ڳڻتي تون نه ڪر ڪائي، فقير آهي سندئي ’ضامن،

 

ڏسيل جيڪا اتان آهي، ڪجان سا پر فقيرن جي.

 

22 مئي 2011 آچر

مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 150

 

ٿل: حق مٿي هلندا هلو، رستو سڌو وٺندا هلو.

پڄي ويندئو پوءِ ماڳ تي.

 

1: ويري اوهان جو آهي جو، ان سان اوهين وڙهندا هلو.

2: نفس ندوري کان به هت، هرگهڙيءَ بچندا هلو.

3: مرد موليٰ جاجي ٿيا، تن سان هلي ملندا هلو.

4: چاهيو ڀلائي سڀ جي، نيت سٺي رکندا هلو.

5: پاڻ پڏايو ڪين ڪي، نياز منجهان نمندا هلو.

6: ’ضامن‘ آهن جي پيا، تني چئي لڳندا هلو.

 

23 مئي 2011

سومر

 

 


 

 

 

 

ڪافي 151

 

ٿلهه:

ڪيئن ڪريان ڪنبندي وڃان، پنهل پنهنجو پڇندي وڃان،

من واهر ٿئي سو واٽ ۾.

 

1.

ٿا مرو سڄن هن ملڪ ۾، ڏيل اندر ڏڪندي وڃان.

 

2.

نانگ بلائون چؤطرف، تن کان پئي ڊڄندي وڃان.

 

3.

آهيان اڪيلي اڻسونهي، رئندي ۽ رڙندي وڃان.

 

4.

سفر سڻائو من ٿئي، اها دعا گهرندي وڃان.

 

5.

’ضامن‘ پنهنجي جي ڪري، بگهڙن کان بچندي وڃان.

 

2011/05/23

سومر ڏينهن


 

 

 

 

 

ڪافي 152

 

ٿلهه:

ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي ڪر، ٿيندئي سهنجو پوءِ سفر

 

 

1.

ويهي ڇو ٿو وقت وڃائين، پوءِ متان هت تون پڇتائين.

 

ٺاهه ٺلها ٿو ٺاهيو ٺاهين، موڳا ڪر مَ مڪر.

 

 

3.

هت جو ملندئي سودو سهانگو،مُلهه آ تنهنجو اڳيان مهانگو

 

سر جو هتي تون لاهي سانگو، وٺج اهوئي وکر.

 

 

4.

جيڪو تو سان ڪري ٻيائي، تنهن سان ڀي تون ڪجان ڀلائي.

 

عادت ڪر تون يار اهائي، سڪ جو کڻج ثمر.

 

 

5.

نفس ند وري ساڻ لڙج تون، ويريءَ سان هت خوب وڙهج تون.

 

وچ تان واپس ڪيمَ ورج تون ديکين پوءِ دلبر.

 

 

6.

’ضامن‘ ڪج ڪو يار سگهارو ان ڌاران ٻيو ناهي چارو.

 

حال ڪجان پوءِ تنهن سان سارو، ساٿ ڏيندئي سرور.

 

4  جنوري 2012

 


 

 

 

 

ڪافي 153

 

ٿل: نچ ڙي نا چونچ، نچ نچ نچ ڙي ناچونچ، ٻارج محبت جا ڪي مچ.

 

 

1. جيئن نچائن تيئن تون نچجان، آڏو پاڻ نه هرگز اچجان.

پروانو ٿي پڙ ۾ پچجان، رمز انهي منجهه رچ.

نچ نچ نچ ڙي ناچونچ.

 

2. واٽ مليل جا سائي وٺج تون، ڀورا هرگز ڪيمَ ڀلج تون.

ڪوڙ ۽ ڪلفت ڪوري ڪڍج تون،  سڀ کي چئجان سچ

نچ نچ نچ ڙي ناچونچ.

 

3. وٺجان نچي هت يار ريجهائي، پنهنجو ڇڏتون وجود وڃائي.

ميلا محبت جا ڪي مچائي ڪوڙ ڇڏي سڀ ڪچ.

نچ نچ نچ ڙي ناچو نچ.

 

4. ’ضامن‘ تنهنجو آهي سرور، پرچي تو سان پوندو پرور.

پوءِ ڀل هام هڻي تون هيڪر، اڳيان سڀن جي اچ.

نچ نچ نچ ڙي ناچونچ.

 

4 جنوري 2012

اربع رات


 

 

 

 

 

ڪافي 154

 

ٿلهه:

متان تون ڀولڙي ڀلجان، نچي مالڪ ڪجان راضي.

 

ڌڻي راضي رهي جيڪر، ڪتا پوءِ ڇا ڪندا تازي.

 

 

1.

ڏسيل گر سڀ سکج ساري، نچڻ ۾ جي نيشانبر ڪن.

 

نمائي نياز مان سرڙو، ڪجان هردم پيئي آزي.

 

 

2.

آهين تون ڀولڙي ڀوري، رهين ويرين سندي وچ ۾.

 

ڪڍي ڪلفت ڇڏج ڪينو سدائين رک صلح سازي.

 

 

3.

هلائي هت سندي مرضي، مقابل ٿيون جي مالڪ جي.

 

ڪتن ڪئي ڪارتن ڪهڙي، سکج سو تون منجهان ماضي.

 

 

4.

مليو ’ضامن‘ اٿئي اهڙو، نه الڪو ڪو ڪرڻ گهرجي.

 

ڇٽا تنهن جي وٺي دامن، پناري جي پيا پازي.

 

9 صفر 1433هه

4 جنوري 2012


 

 

 

 

 

ڪافي 155

 

ٿلهه:

آهين تون ڀولڙي ڀوري، نچائن جين پيئي نچجان،

وٺي مالڪ سندي مرضي، امر ۾ هر گهڙيءَ اچجان.

 

 

1.

سندئي ٿو ڏور جو ڏوري، تيڏانهن چرجان جيڏانهن چوري،

گهمائي جي گهٽيون گهوري، اهائي واٽ تون وٺجان.

 

 

2.

ٿيا دشمن نٿا چاهن، ٺلها سي ٺاهه پيا ٺاهن،

ڪتا هت ڪئين لڪل آهن، انهن بگهڙن ڪنان بچجان.

 

 

3.

ڪتن جو خوف آ تڏهن، ڪچايون هت ڪيئي جڏهن،

ڀڏايئي پاڻ جي ڪڏهن، هتي پوءِ هٿ پيئي ملجان.

 

 

4.

پيو ’ضامن‘ اٿئي اهڙو، انگل تون ڪر ڀلي ڪهڙو،

آ حامي هر گهڙيءَ ٿيڙو، چٽي سا ڳالهه ڀل چئجان.

 

 

 

 

10 صفر 1433هه

5 جنوري 2012

خميس مڪان تي

 


 

 

 

 

ڪافي 156

 

ٿلهه:

ٿِل: پنهنجي پاڻ سان ڪر انصاف، رک تون سينو سدائين صاف

 

 

1.

ڦند ڪريو ٿو فقير سڏائين، عمل جي پاسي مور نه آهين

 

ڪوڙا هت ڇو ڪوڙ ڪمائين لچ هڻج نه لاف.

 

 

2.

ابتو جيڪر ڪو ڳالهائي، واتان چئجان ڪجهه نه ورائي.

 

سڪ سيني ۾ رکج سمائي، ٻاهر ڪڍج نه ٻاف.

 

 

3.

ڪنبيو هردم ڪرتون آزي، رهبر تڏهن ٿيندا راضي.

 

ڪڍندا پاڻ ڪچايون قاضي، ڏئي غلطين مٿان غلاف.

 

 

4.

جن جو آهين اهي ئي ايندا، هت سي ڪڏهن ڪين ڇڏيندا.

 

’ضامن‘ پيئي نال سي نيندا، ڪندا مدايون معاف.

 

12 صفر 1433هه

7 جنوري 2012

ڇنڇر


 

 

 

 

 

ڪافي 157

 

اسين ميلا محبت جا، مچايون پيا مچايون پيا.

نچي نروار ٿي ناچو، نچايون پيا نچايون پيا.

 

1. ڪري ڪوشش ڪٺا ڪريون، ڪٿان ڪي محبتي ميڙي،

اهي هت روز رمزن ۾ رچايون پيا رچايون پيا.

 

2. رڳو دنيا ۾ آ دوکو آهي ڪلفت پيئي ڪاهي،

انهيءَ کان پاڻ پنهنجو هت بچايون پيا بچايون پيا.

 

3. ڳڻڻ کان جي آهن گهڻيون، پيا چونڊي اهي يارو،

ڪڍون هردم هتي پنهنجيون ڪچايون پيا ڪچايون پيا.

 

4. ٿيا جي مرد موليٰ جا، هتي جي ڳائجن تن جون،

سڻون ثابت اسين سيئي، سچايون پيا سچايون پيا.

 

5. آهي ’ضامن‘ سندن جوئي محب منٺار سو مليو،

تڏهن ئي پاڻ پڙ ۾ هت، پچايون پيا، پچايون پيا.

 

13 صفر 1433هه

8 جنوري 2012

آچر، محمد دين جي دعوت تي


 

 

 

 

 

ڪافي 158

 

ٿل: آهيون اڀرا ۽ اڻڄاڻ اسين. وٺيو تنهنجي وتون پيا اڙ اڙ اڙ،

                 ڪريو محب مٺا مسڪين مٿي، اڄ واري وري ڪي وڙ وڙ وڙ.

 

1.

مٽ تنهنجو سڄي ٿو ڪونه ڪٿي، ڀلي ڪوئي کڻي ڪا ڪٿ جي ڪٿي،

 

ايندا ڪيئي اڃيا تڙ تنهنجي مٿي؟ ڏيندا تانگهه جتي ٻيا تڙ تڙ تڙ.

 

 

2.

جو ويري اسان سان روز وڙهي. ڪنهن پل به ڪڏهن ڪين مڙي،

 

ڪريو چوٽون چوٽان چوٽ چڙهي، تنهن لچ سان تون ئي لڙ لڙ لڙ.

 

 

3.

ڪائي به ڪمائي ڪانه ڪيم، هت غفلت ۾ سڀ وقت ويم،

 

ڪجهه ٽٽل ڦٽل جي عمل اٿم، ڪريان ڪيڏانهن هتي سا هڙ هڙهڙ.

 

 

4.

جي ڪنهنکي نٿي سڌ ڪائي پئي، سوٻي کي نه ڪوئي ڏوهه ڏئي،

 

جنهن کي جيئن وڻي سو تيئن چئي، ڀل ڪوئي ڪري پيو بڙبڙ بڙ.

 

 

5.

هتي ’ضامن‘ پيئي بچائج تون، اچي پنهنجو جلوو پسائج تون،

 

ٿيا دشمن جيڪي دسائج تون. ڪري ڪڙڪو تني تي ڪڙڪڙڪڙ.

 

 

9 ربيع الاول 1433هه

1 فيبروري 2012

خميس رات، مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 159

 

ٿلهه:

متان موڳا منجهين هيءَ مهل اٿئي، اٿ رمزرنديءَ ۾ رچ رچ رچ.

 

جي نچڻ سان ريجهي يار پوي،ڀل ناچوٿي پوءِ نچ نچ نچ.

 

 

1.

لاههِ قلب مٿان تون ڪٽ کڻي، وٺ وحدت واري وٽ کڻي.

 

جهل جهول اٿي جهٽ پٽ کڻي، ٻيون ڳالهيون ڇڏي سڀ ڳچ ڳچ ڳچ.

 

 

2.

جي تنهنجي قبول ڪا ڪار ٿئي، هت راضي تو سان يار ٿئي.

 

پوءِ پڪ سان ٻيڙو پار ٿئي، وڃي ڪوڙ ڪپت سڀ ڪچ ڪچ ڪچ

 

 

3.

جي دنيا ۾ هن اڙجي ويا، سي ڪابو تنهن ۾ ڪڙجي ويا.

 

جيءَ جان سان ان ۾ جڙجي ويا، تون بيشڪ تن کان بچ بچ بچ

 

 

4.

 گڏ مرد جي تو سان مور اٿئي، ۽ ’ضامن‘ تنهنجا زور اٿئي.

 

پوءِ الڪو نه ڪوئي اور اٿئي، هيءَ ڳالهه سڄي آ سچ سچ سچ.

 

9 ريع الاول 1433هه

 2 فيبروري 2012

خميس، مڪان تي

 


 

 

 

 

 

ڪافي 160

 

ٿلهه:

وري ڪالهه ڪونجن، روئاريو هتي، وطن ڏي ورڻ لاءِ پڪاريو هتي.

 

 

1.

وساري ڇو ويٺين تون پنهنجو وطن، اٿئي يار فاني هيءُ سارو چمن،

سبق سڪه جو تن آ سيکاريو هتي.

 

 

2.

چيم ڇو اوهين هت لڳايو، نه دل چيائون نه آهيو اسين بي عقل،

اوهين ڪيئن ٿا غافل ٿي گهاريو هتي.

 

 

3.

کڻي ڪان ڪيئي ٿا ماري گهمن، اهي ماڳ موٽن جي تن کان بچن،

ڪيل قول جن آهي پاريو هتي.

 

 

4.

اسين ڪوڙ ڪلفت نه ڪينو رکون، پڪي پاڻ ۾ پريت اهڙي اٿئون،

اوهين به ائين ئي گذاريو هتي.

 

 

5.

هتي ڪانه ڪائي ڪمائي ڪيم، تڏهن به سگهارو آ ’ضامن‘ مليم،

انهيءَ آسري مون جياريو هتي.

 

11 شوال 1433هه

30 آگسٽ 2012

خميس


 

 

 

 

 

ڪافي 161

ٿل: وٺو ملڪ    مارن    جو آهي    ملير.

                   اٺئي پهر ان کي ٿو ساري سرير.

 

1.

لايا کيل کنوڻين آهن اڄ اتي،

 

آئون بند ۾ آهيان بيوس هتي،

 

وهايان ويچاري ٿي نيڻن مان نير.

 

 

2.

لڌي سار سانگين نه منهنجي وري،

 

انهن آسري هت جيئان پئي مري،

 

آهي هر گهڙيءَ هت انهن جي اڪير.

 

 

3.

اچي شال اڄ ئي ڪو اوٺي اتان،

 

ويهي سارو احوال انکان وٺان،

 

سڻي حال تن جو اچي دل کي ڌير.

 

 

4.

هجن شال مارو سکيا سڀ اتي،

 

آهن باغ جنت جا اعليٰ جتي،

 

اچي شل اتائين ٿڌي هت ڪاهِير.

 

 

5.

اچي مان منهنجا سي ’ضامن‘ پون،

 

ڪَڍي قئيد مان مون وٺي سي وڃن،

 

ٿيان جلد آزاد پڪاريان پئي پير.

 

 

12 شوال 1433هه

30 آگسٽ 2012

جمع رات جي محفل ۽ برسات هلندي

مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 162

 

ٿل: اچو ڪي پاڻ ۾ ڪريون، سرور شاهه جون ڳالهيون،

             وهي جت فيض جي وادي، انهيء درگاهه جون ڳالهيون.

 

1: ڪيئين جن و ملڪ خادم نمن جت نانگ سرنايو،

تهين مرشد مٺي منهنجي شاهنشاهه جون ڳالهيون.

 

2: ٿئي سڏ ساڻ جو ساڻين، اچيو اگلن اٻوجهن سان،

هڪل سان جو ٿئي حامي، انهيءَ همراهه جون ڳالهيون.

 

3: نظر سان ماڻي جنهن منزل، ٿيو روشن سندس نالو،

انهيءَ منٺار مٺڙي ۽، سندس فقراهه جون ڳالهيون.

 

4: هزارين ٻيا به ٿيا اهڙا، جهڪن پيا ڏيهه جن اڳيان،

سڄي جا هاڪ ملڪن ۾ تهين واهه واهه جون ڳالهيون.

 

5: آهي ’ضامن‘ سندم سوئي، ڪڍون پرواهه ڇو ڪنهن جي،

ڏسيل تنهن جون ويهي ڪريون، سرت ساڃاهه جون ڳالهيون.

 

 

23 جولاءِ 2013

اڱارو مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 163

 

ٿل: اجهو ڄاڻ تنهنجو هتي ڄاڻ آيو.

                اها ڄاڻ ڄاڻين ته  ڄاڻو   چوائين.

1: جيڪي ڄاڻ ڄاڻن وڃين ويهه تن وٽ، تراري ۾ ترندا پڇج سي پڪاوٽ.

سڳو سڪ جو ساجهر ويهي اتي وٽ، متان ڀورا ڀلجين ڪو ڀولو نه ڀائين.

2: آهن مرد اهڙا نه جن جو سڄي مٽ، وڃين پيءُ پيالو تون تن جي منجهان مٽ

لڪل واٽ تي ويري تڪڙو تتان مٽ، متان پير پوئتي ڪنهن پل تون پائين

3: ڪڏهن ڪم نه ايندئي پٽيهر هتي پٽ، اٿي هاڻ پنهنجيون پوريل اکيون پٽ.

ملئي کٽ ٿي يا ٿو ويهين مٿي پٽ، ايندئي ڪم ڪمائي هتي جا ڪمائين.

4: چٺو پاڻ پنهنجو آڻي اڳيان رک، اٿس گل گلابي يا اڏري پئي رک.

رهين تڏهن سنرو ڏسيل جي ڪرين رک، مليل واٽ جيڪا متان سا ڀلائين.

5: آهين ڇا تون هاڻين ڇا تون هئين پر، وڏن جي ويهي هت پختي ڪجان پر،

آهن زور ’ضامن‘ لڳل ڄڻ اٿئي پر، الڪن کان آجو هتي رهه سدائين

 

 

11 رمضان المبارڪ 1434هه

21 جولاءِ 2013

آچر


 

 

 

 

ڪافي 164

 

ٿل: لائق انجي مور نه آهين ڪيئن ٿو پاڻ فقير سڏائين

1: في فڪر جو بار آ باري، توکي تنهنجي تِرُ نه تياري.

هت ٺاهه ٺلها ڇو ٺاهين.

2: قاف نه تو ۾ ڪائي قنايت، ڪينئن ٻين کي ڪرين هدايت

رڳو پنهنجو پاڻ پڏائين

3: يي سان ڪر ڪا ياد الاهي، يي يقين سان رک همراهي،

پوءِ من ڪا منزل پائين.

4: ري سان راضي يار رکج تون، ڀورا ڪنهن پل ڪين ڀلج تون.

ڏس ڪن جو پاڻ چوائين.

5: ري سان رمز سک رندن واري، ري سان رياضت جي ڪرتياري.

جي نه پنهنجو پاڻ پچائين.

6: زور وارو ڪو ’ضامن‘ هوندئي، نيٺ ڇڏائي سوئي نيندئي

هت رک نوڙت نياز سدائين.

 

13 فيبروري 2014

جمع جي رات محفل هلندي

مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 165

 

ٿلهه: سنجهي مان نه سرتيون ڪيم ڪو جتن، تڏهن جاڙ جيڏيون ڪيو تن جتن.

 

1. آيم ننڊ نڀاڳي ٿيم ڪا نه سار، پنهل پوءِ منهنجي لڌي ڪانه سار،

ڏيان ڏوهه آئون هتي ڪونه تن.

 

2. پسان پيئي پنهنجي پنهونءَ جا مان پار، چوان تنهن کي واعدا ڪيل پنهنجا پار،

وٺي واٽ تان هل تون مونکي وطن.

 

3. ڪيو ڏاڍا ڏيرن نڪو ور ۾ ور، ٻڌي واٽ تي واڪا وري مان ور،

اوجاڳيل اکيون ٿيو ويڳاڻيون وتن.

 

4. منڌا مر ۾ آهن ويچاريءَ جا وار، ڪاهي پاڻ ڪرهو وري تنهن ڏي وار،

جني زور ’ضامن‘ نڪي خوف تن.

 

11 شوال 1434هه

18 آگسٽ 2013

سومر رات، محفل هلندي


 

 

 

 

 

ڪافي 166

 

ٿل:         هت ڪير نه ڪنهنجو آههِ وک وڌاءِ. پوک لڻي ٿو پنهنجي سڀڪو.

 

1: عمل بنا انسان اجايو. پاڻ نه پنهنجو پڏاءِ

وک وڌاءِ

 

2: سخن سچا جي چڱا چئي ويا، ثابت سيئي سڻاءِ

وک وڌاءِ.

 

3: گرم سرد سڀ سرتي سهي هت. پڙ ۾ پاڻ پچاءِ.

وک وڌاءِ.

 

4: بنهه ڏس بيڪار تون آهين. ته چڱو ڪين چواءِ.

وک وڌاءِ.

 

5: نياز منجهان هل سرڙو نمائي. هستي هوڏ وڃاءِ

وک وڌاءِ.

 

6: محب مٺو منٺار اٿئي جو سوئي تون سرچاءِ.

وک وڌاءِ.

 

7: ’ضامن‘ هت مضبوط اٿئي جي، ڇرڪين پوءِ ڇالاءِ

وک وڌاءِ.

 

13 فيبروري 2014

جمع جي رات محفل هلندي

مڪان تي

 

 

 

 

 

 

ڪافي 167

 

ٿلهه:

ڪمائڻ جي اٿئي طاقت، ڪمائي وٺ ڪمائي وٺ،

 

هتي وارو ادا پنهنجو، وڄائي وٺ وڄائي وٺ.

 

 

1.

سنڀالي هل هتي هر پل، متان آڪڙ ۾ پئين اڙجي،

 

سڌو ڪنڌ تون هتي هردم، جهڪائي وٺ جهڪائي وٺ.

 

 

2.

مليل جيڪو  آ توکي سو، سبق پختو پڙهي پهرين،

 

سڀن کي هت ورق سيئي، پڙهائي وٺ پڙهائي وٺ.

 

 

3.

هلج هوشيار ٿي هر هر، لڪل ٿئي واٽ تي ويري،

 

تني کان پاڻ پنهنجو هت، بچائي وٺ بچائي وٺ.

 

 

4.

پُکي جن جي آهين پيڙو، سگهارا سي اٿئي ’ضامن‘،

 

سٽون سيکاريل تن جون، سڻائي وٺ سڻائي وٺ.

 

 

25 مئي 2014

آچر، مڪان تي


 

 

 

 

 

ڪافي 168

 

ٿل: وارج واڳ اسان تي واري، سرورشاهه سوڀارو سائين سچارا.

1: چميو هت چشمن تي چايان، پرين سندئي پئيزارا، لک لک وارا.

2: ٻول ٻڌل تنهنجو آهيان ٻانهون، محب مٺا منٺارا قربن وارا.

3: توريءَ ڪنهن سان ڪين جي سليان، سور سڻي سي سارا، کڻجئين آرا.

4: دهرا دان ڏيوڪي دلبر، پرين آهيون پيئنارا، ڳچيءَ ۾ ڳارا.

5: وهمن مونکي آهي ورايو، ميٽ مرض مونجهارا، پرين پيارا.

6: ’ضامن‘ پيئي نال نيومون، هي عرض ڪريان اظهارا سڻجان سارا

 

4 شعبان 1435هه

5 جون 2014

خميس اڌ ڪلاڪ ۾

 


 

 

 

 

ڪافي  169

 

ٿلهه:

قاصد ڏي ڪا ڪل، مون کي تن ماروئڙن جي،

ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي.

 

1.

سُڌون ڏي ساڻيهه جون مونکي، هن مهل هن پل.

 

2.

سرتا مونسان سانگيئڙا سي، جي راتوڪا ها رٺل.

 

3.

ڪيئن نڪران ڪوٽ منجهان مان، اچي نٿي اٽڪل.

 

4.

پڪ سان سي پنهنوارِ سان ٿيندا، حامي ساڻ هڪل.

 

5.

’ضامن‘ پيئي ويندا ڇڏائي، مئيءَ کي هن مهل.

 

17 ڊسمبر 2014ع، 24 صفر 1436هه

اربع دورانِ سفر ڊاڪٽر رفيق وٽ

چانهه تي اڌ ڪلاڪ کن ۾ صبوح جو

45: 9 تي


 

 

 

 

 

ڪافي 170

 

ٿل: پکي ديس پنهنجي اچانڪ ويا اڏري

                                                                   وطن ڏي ورڻ   لاءِ سدا   رهيا   سنبري.

 

1.

ملڪ پنهنجي موٽڻ جي جن کي تياري.

 

ثمر ساڻ تن سان ۽ سنهنجي سواري.

 

اهي گهيڙ اوکا. ويندا پاراڪري.

 

 

2.

هتان کان هلياسي. وريا ڏيهه واپس

 

پيو ڳائجن هت رهاڻيون سندن رس.

 

ويا ماڳ موٽي. اثر ويل اسري.

 

 

3.

غافل ٿي جن آ وقت هت وڃايو.

 

مسافر ٿي تن آهي. مالڪ سڏايو.

 

اهي هٿ مليندا ويندو وقت نڪري.

 

 

4.

هتي هر ڪنهين جو. اچي ويندو وارو

 

جني ساڻ هوندو. ڪو ’ضامن‘ سگهارو.

 

سڻائو تني جو، سفر ويندو گذري.

 

 

3 صفر 1436هه

26 نومبر 2014

اربع مڪان تي
 

 

 

 

ڪافي 171

 

ٿِل: پاڻ نه پنهنجو پڏاءِ، هر پل ڌيان ڌري هل

1: ڄاڻين ڪائي ڄاڻ نه جيڪر. خلق نه پوءِ کلاءِ

2: قالو بليٰ جا قول ڪيئي جي. ڀل ۾ سي نه ڀلاءِ

3: هوڏ هئڻ ۽ هٺ تڪبر. من تان سڀ مٽاءِ

4: ناهي تو ۾ نياز ۽ نوڙت. ته صوفي ڪين سڏاءِ

5: ’ضامن‘ جيڪو اٿئي انکي. حال سمورو سڻاءِ.

 

24 صفر 1436هه

17 ڊسمبر 2014

دوران سفر

ڀلجيءَ جي دعوت تي

عمرڪوٽ لڳ

محفل هلندي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org