ڪافي 60
ٿِل: عين جون اکيون سندئي روشن ڪري ڏس رام کي،
ڪٽ قلب جا لاهه تون ڇڏ عيش ۽
آرام کي.
1: هوَس ۾ هت گم ٿئين، جنهن جي چئي تي تون لڳي،
نهڙ نيندئي سو ڪڏهن، ڇڏ نفس تنهن ناڪام کي.
2: دنيا نيوجن کي هتي پنهنجي ڦاسائي فند ۾،
ڌيان تون ڏيئي ذرو ڏس انهن جي انجام کي.
3: ويچار ويهي ڪر کڻي ته ڪين آهين ڪجهه به تون،
پوءِ پاڻ ڇا لاءِ ٿو پڏائين، ڇڏ اجائي هام کي.
4: گهيڙ اوکا سڀ لنگهي، پهچڻ گهرين جي پارتون،
ته هرس مان ڪڍ پاڻ ۽ ڏس پرين جي پيغام کي.
5: مرد ٿي محمد بخش تان حل ٿين مشڪل مڙئي،
اي
’ضامن‘
مرشد جا ڏسيئي مخفي انهيءَ وٺ مام کي.
27 آگسٽ 1990ع
5 صفر 1411هه
سومار شريف ڏينهن جو ناري آفيس
هالا شريف ۾ لکيم
ڪافي 61
ٿلهه: |
کيڙي نال نه دل دا، وي مواريان کيڙي
نال نه دل دا خيال،
رانجهو روح ميڏي وچ وسدا.
|
1. |
بن ماهي دي ويکو سيان، هيڻان ٿي ڳيا
هي، وي مواريان،
هيڻان ٿي ڳيا هي حال.
|
2. |
رنگپور دي وچ هڻ هي مئيڏا، جيئڻ ٿي
ڳيا، وي مواريان،
جيئڻ ٿي ڳيا جنجال.
|
3. |
ڏيهئون ڏور ڪيتي مئيڪون، چوچڪ چلاڪي،
وي مواريان،
چوچڪ چلاڪي چال.
|
4. |
راتيان ڏينهان دل وچ ووهي نيهن لڳا
هي، وي مواريان،
نينهن لڳا جنهن دي نال.
|
5. |
آکي ضامن ڪڏهان ملسي، روز گهتان مئين،
وي مواريان،
روز گهتان مَئين فال. |
2 سيپٽمبر 1990ع، 12 صفر 1411هه
سومر جي رات سوائين 10 کان پوڻين
11 تائين ٿلهي تي لکيم
ڪافي 62
ٿلهه: |
ڇڏي آديسين آرام، ڪيڏي ڪيائون ڪالهه
ڪمائي.
|
1. |
آديسين کي اندر ۾ آيو، روئي تڏهن تن
رام ريجهايو،
ڪئين صبوح لنگهي وين شام، تن ۾
رکيائون تات اهائي.
|
2. |
ناٿ اڳيان جن سرڙو نايو، خيال خوديءَ
جو تن هو وڃايو،
بنان ڌڻي جي نام، ٻي ڪانه ڪيئون ڪا
بات اجائي.
|
3. |
اصل دنيا جي نه اوڏو آيا، هرس هوس تن
ويهي وڃايا،
ڏينهن رات ريجهائيون رام، عمر انهن سڀ
ايهين وهائي.
|
4. |
مام محبت واريءَ موهيا، نڪي دنيا جي
رائي روهيا،
طلب هين ڪا تمام، لئون لاهوتين تڏهن
لائي.
|
5. |
هليا ويا هنگلاچ ڏي ڪاهي، ڇڏيئون هتي
جا لاڳاپا لاهي،
ضامن کي ته مدام، آهي انهن جي وات ۾
وائي. |
6 سيپٽمبر 1990ع 13 صفر 1411هه
اڱاري ڏينهن صبوح جو ڪمري
۾ لکيم
ڪافي 63
ٿلِ: صبا ڏج سڄڻ کي سنيهو تون ساري،
خبر ڪانه ٿي پئي ڇڏيئون ڇو وساري.
1: هي پئخام منهنجو ڏيئي غور سڻجان، چوان جيئن ٿو
تون وڃي تيئن چئجان،
سگهان ڌار ٿو هت گهڙي ڪين گهاري.
2: گهڙيون هت جي گڏ جي خوشي ۾ ٿي گذريون. نڪي هڪ
لمح سي سندم دل تان وسريون،
جدا ٿي ڇڏيَوَ ڄڻ جيئري ئي ماري.
3: جدائي سهڻ جي نه طاقت رهي آ، سندئي ياد ۾ سڀ
وسارت وئي آ،
ويا ورهه گذري ڪئين واٽون نهاري.
4: چئج هيئن وسارڻ مناسب ته ڪونهي، يڪو دور گهارڻ
به واجب ته ڪونهي،
اچو هاڻ جاني جلد واڳ واري.
5: خدارا ڪريو جلد وائي ورڻ جي، ڏسان راهه هرهر
اوهانجي اچڻ جي،
ڪيل قول پنهنجا اچو يار پاري.
6: ٻڌي موٽو مٺڙا ڪيم جي پڪارون، ضامن چئي مڙئي
مڃان ٿو ميارون،
اوهان جي ئي آهيان سڄڻ هت سهاري.
22 صفر 1411هه
خميس 13 سيپٽمبر 1990
مڪان تي
ڪافي 64
ٿلهه: |
مريضئه عشق اي ماههِ لقا، تنهنجي راهه
ڏسي تولاءِ پيو جئي،
تنهنجي توکان سوا ٻي ڪانه ڀوا، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
1. |
ڪو قياس ته دل ۾ ڌار کڻي، پنهنجا قؤل
ڪيل سڀ پار کڻي،
ڀلا ڪيئن وڻئي ٿو رهڻ جدا، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
2. |
هت ستيون سور وڌائن ٿيون، ڄڻ جان سڄي
سي جلائن ٿيون،
ديدار سندئي بس آهي دوا، تنهنجي راهه
ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
3. |
ڪريان هڪڙو عرض ٻڌي هٿ ادب، ته ناراض
ٿئين تون ڪهڙي سبب،
چئو ڪهڙي ڀلا اهڙي ٿي خطا، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
4. |
جي ٿي ڪا خطا ته ٻڌائين ها، يڪو يار
نه منهنڙو مٽائين ها،
هرگز نه ڏئين ها هيڏي سزا، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
5. |
هاڻ ڌيان ذرو پنهنجي دل ۾ ڌري، اچ
مڙئي خطائون معاف ڪري،
هت
ڪين وڻي ڪجهه توکان سواءِ، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي.
|
6. |
اها اٿم اميد موٽي
ايندين مٺا، هت ڪين ڪڏهن تون ڇڏيندين
مٺا،
ڪندين ضامن تي هت وڙڪي وڏا، تنهنجي
راهه ڏسي تولاءِ پيو جئي. |
14 سيپٽمبر 1990ع 26 صفر 1411هه
سومر رات 11 بجي ٻي ڪمري ۾ لکي
مڪمل ڪيم
ڪافي 65
ٿِل: ٿيءُ مدد منٺار سائين مرشد مير محابي.
1: اگلا اڀرا سندئي آهيون، نڪي اميد اوهان مان
لاهيون،
کڻج مڙيئي بار سائين.
2: سڏ جون جهان ۾ سندئي نالي، لڄ ۽ لڏ آ اهنجي
حوالي
سيگهه منجهان لهه سار سائين.
3: هاڻ وڪوڙي هت ويو آ غم، حال مڙئي آ اوهان کي
معلم،
لهجان سگهڙي سنڀار سائين.
4: پايان پلاند ٿو پنهنجي پير جو، ۽ ٻيو واسطو
محمد ﷺ مير جو
پاڻان ڪج نه ڌار سائين.
5: ٿيجان جلدي واهر وسيلو، هاڻ هلي ٿو هت نه حيلو،
آهيون سندئي آڌار سائين.
6:
’ضامن‘
چئي هت رهجان راضي، ساڻ صبوح ڪيم اوهان در آزي،
مڙئي مڃان ٿو ميار سائين.
14 ربيع الاول 1411هه
15 آڪٽوبر 1990
جمع جي صبوح 15 منٽن ۾
مڪان تي
ڪافي 66
ٿِل: هيءَ شايد ويچاري، وساري ڇڏيائون،
مليرائون مونڏي، نه ماڻهو
مڪائون.
1: ڏسي ڏٿ ڏئونرا اکين آب آيم،
سانگين لاءِ سڄي رات روئي وهايم،
ڇو اڄتڪ الائي، نه ڏڍ ئي ڏنائون.
2: رويو رات گذري، تڪينديئي تارا،
لڳن زهر جيئن ٿا هتي سکه سارا،
ڏسان راهه هرهر اڃان تائين آئون.
3: ڏسيو ڪڪر ڪارا ٿئي من اداسي،
ملان شال مارن مون آ باس باسي،
ڏسڻ ڏوٿين لاءِ سوين ڪيم سکائون.
4: ڏڪي ڏيل ٿو هت بنهه آهيان بيوس،
ملان جلد مارن هلي جي ذرو وس،
نه وسرن سي ڳالهيون ڳجهيون جي چيائون.
5: اڃان به اميد آ وسيلو سي ٿيندا،
ڪڍي قئيد مان مون وڳر سان گڏيندا،
ڪندو پوريون قادر مڙئي مدعائون.
6. سندم مڙئي سپنا ٿيندا جلد پورا،
پاريندا سي سڀئي سانگي سمورا،
هُتي ڪالهه
’ضامن‘
سان جي قول ڪيائون.
229 ذوالقعد 1411هه
مئي 1991
ڪافي 67
ٿلهه: |
ٿيـــــــــــنـــــــــــدم ڪهڙو
حـــــــــــال، الائـــــــــــي،
مارن ڌاران ملڪ ۾.
|
1. |
ڏٺي ڏوٿيئڙن کي، ڪيئي لنگهي ويم سال
الائي.
|
2. |
بيوس آهيان بند ۾، ڪنهنسان ڪريان
احوال الائي.
|
3. |
مون ڌاران سڀ ماروئڙا هت، ڪيئن ٿا رهن
خوشحال الائي.
|
4. |
عجب لڳو ٿم ان تي ڏاڍو، ڪئي سانگين ڇو
نه سنڀال الائي.
|
5. |
’ضامن‘
چئي هت روز اچن ٿا، ڪهڙا ڪهڙا خيال
الائي.
مارن ڌاران ملڪ ۾. |
14 جون 1991ع 1 ذوالحج 1411هه کان
هفتو کن اڳ ۾ گهر لکيم
ڪافي 68
ٿلهه: |
تنهنجيون روز پئي راهون نهارينديس،
توکان ڌار گهڙيون ڪيئن گهارينديس.
|
1. |
مونکان
ڌار گهڙي نه گهاريئي ٿي، نڪي ويل ڪا
هڪڙي وساريئي ٿي،
پنهنجا
قؤل ڪيل سڀ پاريئي ٿي، سي ڳالهيون
ڪيئن وسارينديس.
|
2. |
ڪر ياد مٺا ڇا ڇا ٿي چيئي، ڪهڙي سبب
ڌڪاري ڌار ڪيئي،
ڪيڏو پهرين پيارا پيار ڏنئي، ڪيئن ڌار
ٿي دل کي ڌتارينديس.
|
3. |
هڪ ڀيرو لکي جي منهنجو قلم، ۽ سارو
سڻين تون حال سندم،
ته پوءِ مٺا ايءُ يقين اٿم، پرين پڪ
سان توکي رئارينديس.
|
4. |
ضامن چئي لهندين سار سگهي، هتي واهه
سوا تو ڪانهي ٻي،
اهڙا روز سوين ڏڍ دل کي ڏئي، پنهنجا
اڱڻ پئي آئون ٻهارينديس. |
20 ذوالحج 1411هه 3 جولاءِ 1991ع
اربع مڪان تي لکيمڪافي
69
ٿِل: سڄڻ ساهه توکي صبح شام ساري
اهڙي پڪ پريمي پرين وئين پياري.
1: گهڙيون گڏ گذاريل ڀلا ڪيئن وساريان، تون
ئي چئو سوا تو هتي ڪيئن گهاريان،
سدا توکي ساريو وريو يار ساريان، تون دلڙيءَ کي
اهڙيءَ طرح وئين ڏتاري.
2: اکيون ياد سندئي ۾ ڀرجيو اچن ٿيون،
مگرڪين ڪنهن کي سي ڪجهه به چون ٿيون،
سڀئي سور پنهنجا وريو ضبط ڪن ٿيون، سبق تن کي اهڙو
سڄڻ وئين سيکاري.
3: نظر ڪيئي آيا عجب هت نظارا، مگر تو سواسي
لڳن سڀئي کارا،
ڪريو جي عنايت ملڻ جي پيارا، مئل زندگي پوءِ ڇڏيو
ڄڻ جياري.
4: هتي ياد دلبر هرهر اچين ٿو، نه پرديس ۾
يار دل تان لهين ٿو،
يڪو تون ڀلا ڪيئن وساري وهين ٿو،
’ضامن‘سدائين
آ سندئي سهاري.
23 محرم الحرام 1412هه
5 آگسٽ 1991
سومر، فورسيزن هوٽل
ڪوئٽا بلوچستان
ڪافي 70
ٿلهه: |
ڪٽيا ٿم ڪوٽن ۾ ڪٺن ڏينهن ڪيئي،
جدا جهانگين کان جلي جان ويئي.
|
1. |
گهڙيون جن سان گهاريم، سنجهي سيئي
ساريم،
ويل نه وساريم، سانگيئڙا سڀيئي.
|
2. |
ويٺي هت واجهايان، پانڌي پئي پڇايان،
ڀلا ڪيئن ڀلايان، وطن آئون ويهي.
|
3. |
ٿيا هؤل هاڻي، ڪنديس ڪيئن صبحاڻي،
سگهو ٿيندا ساڻي ڏوٿي ڏڍ ڏيئي.
|
4. |
ضامن چئي ايندا، ڇني نه ڇڏيندا،
وٺي نيٺ ويندا، نماڻيءَ کي نيئي. |
5 سيپٽمبر 1991ع 26 صفر 1412هه
جمع رات ڪمري ۾ لکيم
ڪافي 71
ٿلهه: |
ڪرم ڪيا ڪلتار، دلبر اڄ ديدار ڪرايو.
|
1. |
اچڻ شرط ئي يار گهرايو، ساڻ صبوح
ديدار ڪرايو،
من تان لٿا مونجهار، جڏهن مون کي يار
سڏايو.
|
2. |
جنهن کي ڏسڻ لاءِ شاهه سڪن ٿا، ڪيئي
تونگر در تي نمن ٿا،
ٻيا مون جهڙا ته هزار، ويٺا سيني ۾ سڪ
سمايو.
|
3. |
آهي يتيمن يار به سوئي، بيواهن ڀوتار
به سوئي،
ان اڙين جي آڌار، بيشڪ پنهنجو پاڻ
ڀَلايو.
|
4. |
ڏسي عيب سندم اگلايون، ڍڪيون ڍوليي
سڀئي ڍلايون،
تنهن سرور شاهه سردار، سارو غم وهم
وڃايو.
|
5. |
اوکيءَ ۾ ڪڏهن نه ڇڏيندو، سڏ سان سوئي
ساڻي ٿيندو،
نيندو ڌڻ سان ڌنار، اڀريون ڏٻريون
مڙئي ورايو.
|
6. |
هوندو منهنجو هِت هُت
’ضامن‘
ان جي اصلئون جهليم دامن،
هر وقت هر وار، جنهن جي اڳيان مون
سرڙو نايو. |
10 نومبر 3 جمادي الاول 1412هه
سومار شريف جي رات هالا شريف
۾ لکيم 8:45 تي
ڪافي 72
ٿِل: جڏهن توسان مٺا لئون لائي اٿم،
وئي وسري ٻي هر
وائي اٿم.
1. هر وقت سندئي ٿو سڏايان مٺا، پڪ ڄاڻ ٻي
ڪنهن جو ناهيان مٺا،
توسان سينو ڀلا ڪيئن ساهيان مٺا، ڪا حجت ڪانه
هلائي اٿم.
2. ڪئين پوٿيون پٽايو پڇايان ٿو، هت سور نه
ڪنهن کي سڻايان ٿو.
چئي سچ ته صفا هي ٻڌايان ٿو. توريءَ هي حياتي
اجائي اٿم.
3. سگهبو نه ڪري هت سارو بيان. ڏس تون ئي
ڀلامان ڪيئن ڪيان،
جڏهن توکي سڄڻ سپني ۾ ڏسان، سا ساعت سمجهي سڻائي
اٿم.
4.
’ضامن‘
جو مٺا وڃ حال پسي، هت ڌار گهڙي تو گذاري نٿي،
مون من جي سموري ڳالهه ڪئي، توکان ڪانه ذري ڪا
لڪائي اٿم.
5 جمادي الاول 1412هه
12 نومبر 1991
اربع رات ڪلاڪ کن ۾
مڪان تي
ڪافي 73
ٿلهه: |
تنهنجي برهه پڙهايا باب نوان،
ٿيا ڌاڍا اکين مان اشڪ روان.
|
1. |
تو سهڻا پڙهايو سڪ جو سبق، آهي ڪيڏو
عجيب سو ورق ورق،
توسان گهاريل نڪي وسريو ڪو پلڪ، ٿيا
سيني ۾ رڳو سور سنوان.
|
2. |
توکي دلبر دل جو حال چيم، هيئن شعرن ۾
اظهار ڪيم،
توسان قرب ڪچهريون جيڪي ٿيم، هت
ڪنهنکي ڀلا سي ڪيئن
چوان.
|
3. |
هت ياد سندئي وندرائي ٿي، سا روح سندم
ريجهائي ٿي،
ڪيئن توکي ٻڌايان صاف چئي، هر پل ۾
انهي پورن ۾ پوان.
|
4. |
ضامن جو مٺا ضامن ٿي رهين، نڪي هڪڙي
ويل وساري وهين،
اهو خوب ڏياريو دل کي يقين، پيو داغ
سندم دردن جا ڌووان. |
7 جمادي الاول 1412هه 14 نومبر 1991ع
جمع رات 7 بجي ميرپورخاص مان
ايندي ڪٻر ڳوٺ کان کپري تائين
بس ۾
ڪافي 74
ٿلهه: |
ڇڏيئي هيئن ڇاڪاڻ، مورهون دلبر يار
وساري.
|
1. |
سڏڪي سڏڪي رات گذاريان، گذريل گهڙيون
ڪيئن وساريان،
ڪئي تو جا روح رهاڻ، سا ساعت دل ساريو
ساري.
|
2. |
دور وڃي تو ڪيئن آ گهاريو، ياد سندئي
هت ٻارڻ ٻاريو،
آهي اکين ۾ آلاڻ، نيڻ ٿڪي پيا راهه
نهاري.
|
3. |
ڪين ٺهي ٿو يار وسارڻ، گهرجي قؤل ڪيل
تو پارڻ،
موٽج مٺڙا هاڻ، پنهنجا مڙئي واعدا
پاري.
|
4. |
’ضامن‘
کي ڏئي پيار پيارا، پوءِ ڪيا تو ڪوهه
ڪنارا،
سهڻل سائين ساڻ، ڪيئن نه کڻي وئين
دلڙي ڌتاري. |
19 جمادي الاول 27 نومبر 1991ع
اربع ڏينهن کپري ۾ لکيم
ڪافي 75
ٿِل: مٺا هـــــــاڻ موٽــي وري آ وري آ.
نه ساعت سواتو. سري آ سري آ.
1: پون ياد هرهر هتي قول تنهنجا، نه ڪا ڳالهه تن
مان پري آ پري آ
2: ڪري ضبط سا ٿي نه ڏي دانهن ڪنهن کي، دردن سان
دلڙي ڀري آ ڀري آ.
3: لڳي تو بنا هر طرف پئي اداسي، نه رونق رهي ڪا
ذري آ ذري آ
4: رهو ڌار ٿا خوش سڄڻ يار ليڪن، اها ڳالهه مون
لئه ڳري آ ڳري آ
5: ڪبي ڪين ظاهر
’ضامن‘
ذري ڪا، اندر آڳ جيڪا ٻري آ ٻري آ.
25 جمادي الاول
اڱارو 3 ڊسمبر 1991
مڪان تي
ڪافي 76
ٿلهه: |
رٺل راڻو آخر هيلا ڪئين هلائي،
آڻينديس اميد آ، ماڳن تي موٽائي.
|
1. |
لڳن ان مهل کان، کلڻ کاڄ کارا،
جڏهن ڪاڪ کان ويو، سو منهڙو مٽائي.
|
2. |
ٻڌي هٿ ادب جا، ڪري التجائون،
ڇڏينديس مان ان جو، وهم سڀ وڃائي.
|
3. |
آ اڄ جا اُداسي، اها ڪاڪ ساڳي،
ڏسڻ ڏيهه ايندا، وري ان جي آئي.
|
4. |
ڪيم جيڪي
’ضامن‘،
باسيل سي باسون،
اهي ساري اينديس، ولين تي ورهائي. |
8 جمادي الثاني 1412هه 14 ڊسمبر 1991ع
آچر رات 11 کان 2/121 تائين
ڳوٺ ماستر ڀلجي ڀيل چانيسري
ڪافي 77
ٿلهه: |
جدا جهانگين کان گنگهر ڏينهن گهايان،
سنجهي سانگين کي ستي پيئي ساريان.
|
1. |
چڙهن
روز چت تي گهڙيون گڏ گذاريل، ڀٽن ڀرتي
گڏجي ڇيلن ڇانگ چاريل،
ڏوٿي سي ڏاڏاڻان، ويهي ڪيئن وساريان.
|
2. |
ڏسي
ڏاڍ تنهنجو ڏڪيو ڏيل آهي، پر لالچ نه
دڙڪن تي سگهندي هيسائي،
ڪيم قول هُت جي پختا سي پاريان.
|
3. |
اها
پڪ ڄاڻج ڇڏي ڪين ڏيندا، ڪڍي ڪوٽ مان
هو وٺي مونکي ويندا،
رويو روز راهون، تني جون نهاريان.
|
4. |
وٺي
سوئي ويندو ٿيس جنهن جي نالي، ڪندو
ڪين هرگز سو ٻي جي حوالي،
صبح شام تنهن کي، سنڀاريو سنڀاريان.
|
5. |
اميد
آهي
’ضامن‘
وطن نيٺ وينديس، کيتن ۾ خوش ٿي کنڀيون
به کينديس،
هتي پيئي ان لاءِ جڏو جيءُ جياريان. |
16 جمادي الثاني 1412هه 19 ڊسمبر 1991ع
سومر صبوح جو 10 بجي ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 78
ٿِل: توکي تماچي ڄام صبح وشام، نوڙيو ڪيان ٿي نياز
نماڻي
1: اگلي اڀري اصلئون آهيان، توسان ڀلا ڪيئن سينو
ساهيان.
ڪين هڻان ڪا هام، صبح و شام.........
2: ڪڏهن درتان ڪيم ڌڪارج پنهنجي شان ڏي پاڻ ئي
نهارج،
توڙي ناڪس آهيان ناڪام صبح و شام.........
3: تو سوا آئون ڪجهه به ناهيان، هت پوءِ ڇالاءِ
پاڻ پڏايان.
سڏجان تنهنجي نام. صبح و شام.......
4: ٻڌيو ٻانهون پئي ٻاڏايان،
’ضامن‘
هرهر صاف ٻڌايان.
پنهنجو حال تمام صبح و شام.........
29 جمادي الثاني 1412هه
5/4 جنوري 1992
آچر رات، مڪان تي
ڪافي 79
ٿلهه: |
ڪنهن ته طرح سان ڪيئن پڇان،
ته ڇا لاءِ ڌڪاري ڌار ڪيائون.
|
1. |
ڪهڙي سبب کان ويٺا وساري، ڳڻتي اها ٿي
ڳاريو ڳاري،
ڪالهه چيائون ٿي ڇا ڇا نه.
|
2. |
ملن جي هيڪر ته موٽايان، روئي رڙي
هوند سي ريجهايان،
ڪڏهن تن کي ڪين ڇڏيا نه.
|
3. |
ڌار ٿي
ڏکيا ڏينهن گذاريم، گهڙيون جدائيءَ
جون ڪيئن گهاريم،
ثابت سي سڀ سور سليا نه.
|
4. |
ٻيهر ڇڏجو هيئن نه وساري،
’ضامن‘
هت آ اهنجي سهاري،
چنبڙي چهٽي ائين چوا نه. |
27 ڊسمبر 1991ع جمادي الثاني 1412هه
ڇنڇر رات پوڻين 12 بجي گهر لکيم
ڪافي 80
ٿِل: جيڪر مارن ساڻ ملانِ، ته وسري وڃن هي ڏينهن
ڏکن جا.
1: ڪيڏو پلپل پيار ڏنائون، ڪهڙا ڪهڙا قول ڪيائون،
موٽي لڌائون ڪاڪَل ڪانَه.
2: چت تي چڙهن ٿا هت چاچاڻان، واري جني جا آهن
وڇاڻان،
تنکي وساري ڪيئن وهانهِ.
3: وهم تني جو ويهي وڃايان ڳالهه ذري ڪيا ڪين
لڪايان،
جي ڏاڏاڻن جي ڏيهه وڃانه.
4: پهر لنگهيا ڪيئن هت قئيدن جا، سٺم تني کان ڌار
ٿي ڇاڇا،
حال سمورو پيش ڪيا نِه
5:
’ضامن‘
کي هو ڪين ڇڏيندا، وقت ڏکئي ۾ اچي ڏڍ ڏيندا،
پارينداسي سڀ پئمانَه.
22 جمادي الثاني 1412هه
29 ڊسمبر 1991
آچر، اڌ ڪلاڪ ۾
مڪان تي
ڪافي 81
ٿلهه: |
جنم مون گهاريو جن سان، تني کي ڪيئن
وساريان مان،
اُٿي ويٺي پيئي هرهر، سنڀاريو سي
سنڀاريان مان.
|
1. |
ڀٽن ڀرتي جني سان گڏ، پڪا پيرون پسي
چونڊيم،
اُٿيو آڌيءَ جو هت ان لاءِ، هنجهون هر
روز هاريان مان.
|
2. |
خوشيءَ سان اُت کيتن مان، ولر جيڪي
ورايم ٿي،
وري سا ڇانگ ڇيلن جي، چاچاڻن ساڻ
چاريان مان.
|
3. |
هٿين پيرين پيم ٻيڙيون، زنجيرون زور
ظلمن جون،
ڏسي هي ڏاڍ ڏاڍايون، نيڻن مان نير
هاريان مان.
|
4. |
سندءِ طعامن ۽ دولت تي، وساري ڪين سي
وهنديس،
وچن جيڪي ويڙهيچن سان، هتي پختا سي
پاريان مان.
|
5. |
وساريان ڪين سي ضامن آهن هردم اکين
آڏو،
تصور ۾ تني سان گڏ، پيئي گهڙيون
گذاريان مان. |
5 رجب 1412هه 10 جنوري 1992ع
ڇنڇر رات 11 بجي ٿلهه ۽ هڪ مصرع
11 جنوري ڇنڇر ڏينهن 2/121
بجي
باقي لکي مڪمل ڪيم گهر جي
ڪمري ۾
ڪافي 82
ٿلهه: |
موٽي ڏسان آئون ملير، وي ميان، اٿم
اهائي آس اندر ۾.
|
1. |
ملنديس موٽي ماروئڙن سان، دل جو حال
ونڊينديس تن سان،
جڏهن کلندا ظلم زنجير.
|
2. |
قئيدن تنهنجن ڪين ڪنبايس، تن ماروئڙن
جي مهڻي منجهايس،
ٿو ساري جن کي سرير.
|
3. |
هرگز هت سي ڪين ڇڏيندا، واري وڳر سان
نيئي گڏيندا،
آ اندر ۾ جن جي اڪير.
|
4. |
’ضامن‘
تن کي ساريو ساريان، ڪائي ساعت ڪين
وساريان،
هت نيڻين وهايان پئي نير. |
15 رجب 1412هه 21 جنوري 1992ع
اڱارو صبوح جو 2/81 بجي
دِڪي تي
لکيم مڪان تيڪافي
83
ٿلهه: |
منهنجا ماروئڙا، من تان ڪين مٽن،
من تان ڪين مٽن، دم دم ياد پون.
|
1. |
تن کي ساريو ساريو ساريان، ڪائي ساعت
ڪين وساريان،
سي سهڻا سانگيئڙا هيئنڙي منجهه هرن.
|
2. |
لوئي تن جي مور نه لاهيان، جهڙي جي
تهڙي ان جي آهيان،
اهي جلدي جهانگيئڙا، موٽي شال ملن.
|
3. |
ڪل نه وري تن لڌڙي ڪائي، موسم ڏٿ
ڏئوئنرن جي آئي،
سي پٽيو پيروئنڙا، مونڏي مان مجن.
|
4. |
آهي ضامن آس اندر ۾، ته موٽي وينديس
پنهنجي وڳر ۾،
ڏسنديس ڏوٿيئڙا، وڃي منجهه وطن. |
ڇنڇر 13 جون 1992ع 11 ذوالحج 1412هه
ڏينهن جو 2/101 کان 11 بجي تائين
گهر لکي ماني واپرائينديڪافي
84
ٿلهه: |
اوٺي اباڻن ساڻ ادا تون، اوٺي اباڻن
ساڻ،
سلج سندم وڃين هيءُ سنيهو.
|
1. |
چئج چتاري ڳالهه هي ساري ته بيوس بند
۾ آهيان ويچاري،
آهي
ان مون کي مونجهاري ماري ته ڇڏيو تن
ڇاڪاڻ مون کي هينئن،
ڇڏيو تن ڇاڪاڻ، آڻ احوال تون اڄ ئي
ايهو.
|
2. |
ڪيئن
پئي قئيد ۾ گهڙيون گهاريان، ڳالهيون
تن جون ساريو ساريان،
رئندي روز ٿي راهه نهاريان، اٿم اکين
۾ آلاڻ سندم آ،
اکين ۾ آلاڻ، نير نڪي ڪن بس ٿا بيهو.
|
3. |
ويٺا مورهون ڪيئن وساري ڳڻتي اها هت
ڳاريو ڳاري،
مان مجن سي ڏٿ ڏياري، هن مهل ۽ هاڻ ئي
مونڏي،
هن مهل ۽ هاڻ پاڻ پچائن جو ٿا پيهو.
|
4. |
ويٺي واجهايان هت ويچاري، پاڻ اچي ڪا
ڪن پوئواري،
’ضامن‘
من ڪا ڏين دلداري، اچي پنهنجو ڀلائين
پاڻ سي مارو،
پنهنجو ڀلائين پاڻ، اهي عرض ڪريان ٿي
رڙيو ريهو. |
24 ربيع الاول 1413هه 24 سيپمبر 1992ع
جمع رات ڪمري ۾ لکيم، 2/91
مڪمل ڪيم
ڪافي 85
ٿلهه: |
ڪرم ڪيا قادر وري، دلدار موٽي آئيو،
دلدار موٽي آئيو، منٺار موٽي آئيو.
|
1. |
جنهن جي ملڻ لاءِ مدّتن کان، مون ٿي
مڃتائون ڪيون،
سي پڳيون آسون سندم، سو يار موٽي
آئيو.
|
2. |
ڏينهن ٿيا جنهن کي ڏٺي، سالن کان ٿي
سينو سڪيو،
سو اڄ سرچي اڱڻ، سردار موٽي آئيو.
|
3. |
مايوسين من ۾ جڏهن، دل ۾ دکن ديرو
ڪيو،
سي سڀئي غم دور ٿيا، غمٽار موٽي آئيو.
|
4. |
ٿيون خوشيون ۽ شاديون، هر روز مون
لاءِ عيد جيئن،
منهنجي من جو مهلقا، مهندار موٽي
آئيو.
|
5. |
خير خيراتون ڪيو، صدقا سڄڻ تان سو
دفعا،
’ضامن‘
آ اڙين سندو، آڌار موٽي آئيو. |
4 رجب 1413هه اڱاري رات
28 ڊسمبر 1992ع
16 ڊسمبر 1992ع تي منهنجو فرزند
فقير ولي بخش تولد ٿيو هي ڪافي ان
حوالي سان لکي وئي.
ڪافي 86
ٿِل: تن ڌنارن کئون ڌار الا، ماڙين ۾ من ماندو
ٿيو آ،
1. ننڍي لاڪئون جن پڪون پيِاريون،
تن سانگين ڪئي نه سنڀارالا، روئي ان لاءِ روح رهيو
آ.
2. سرهي هيس آئون ساٿ سندي ۾،
قسمت ڪئي هيءَ ڪار الا، قلم قضا جو ڪين ٽريو آ.
3. بيزوريء کي بند ۾ هت،
پياهيئنڙي هول هزار الا، جهوري جدائيء جيءُ ڇڏيو آ
4. لوئيء جي لڄ پنان پرور کان.
سو ڪرم ڪندو ڪلتارالا، روئي مون هي عرض ڪيو آ
5.
’ضامن‘
تي هت مرشد سائين.
۽ مهر ڪندو منٺارالا، پاڻ جني کي مون پرنيو آ.
3 صفر 1412هه
24 آگسٽ 1991
ڇنڇر شام مڪان تي
ڪافي 87
ٿل: جا ڪيچ ملڪ ڏي ڪاهيندي،
سا نه سينو سکن سان ساهيندي.
1: زيور زريون سون سمورو،
پنهنجي پرينءَ ريءَ نه پائيندي
2: منزل ماڻڻ تنهن کي سؤکو
جا قرب منجهان راڪاهيندي
3: پنهنجي پنهل ڏي سڪ مان سسئي،
درد مان ويئي دانهيندي.
4: ڪيچ ڌڻي آ تنهنجو
’ضامن‘،
چاهه سان جيڪا چاهيندي.
19 ذوالحج 1420هه
26 مارچ 2000
آچر درگاهه سسئي پنهون
ڪيچ مڪران بلوچستان،
ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 88
ٿلهه: سفر اڻانگو سور هزار، ساٿ ڌڻي ڪالهجان سار،
1: پير پٿون ڪيا پاهڻ هن ته به، پلپل تنهنجي آهي
پچار.
2: تنهن لاءِ ڪيچ به ڪوهه آهڪڙو، جنهن سان پرينءَ
جو آهي پيار،
3: آهيان تنهنجي ڪري مشهور ملڪ ۾، ماڻهن جا هن
ميڙا هزار.
4: ڪين سوا تو آهي ڪجهه به هيءَ نماني ناڪس نار
5: ڄاڻ ڪِ وريو واءُ سکن جو، جڏهن ملندين محب
منٺار.
6: آهين الستئون منهنجو
’ضامن‘،
تڏهن نه الڪو آهي وار.
19 ذوالحج 1420هه
26 مارچ 2000
آچر سسئي پنهون،
ڪيچ مڪران بلوچستان
ڪلاڪ ۾
ڪافي 89
ٿِل: آهي تن ۾ جني جي تار الا تن سانگين ڪئي نه
سنڀار الا
ڪيئن مجي هيءَ قئيدياڻي تن ماروئڙن ڏي ميار الا.
1: ساڻ صبوح سڀ ساهيڙيون هت ولرڙا وارين،
ماروئڙا هت مال کي ٿا چاهه منجهان چارين.
تن ڳوٺاڻن جو ڳالهيون هت مئيء کي ٿيون مارين.
آس اڃا به اٿم اندر ۾ سگهڙي لهندا سار الا.
2: ڪالهه مڪائون ڪيترا تن ڏوراپا ڏياري،
عيشن ۾ پئي اباڻا ڪيئن ويٺيئن وساري.
وچن ڪيل جي ويڙيهيچن سان ڪين سگهئين پاري.
ڪوٽن ڪونه ڪنبايو مونکي ماريو ان ميار الا.
3: کائڙ پاسي کيڻ ڏسي آئون رات پيس روئي،
ڏنل هئي جا ڏاڏاڻن جي ليڙون ٿي لوئي.
بيوس جو هت بند ۾ ڪونهي ڪو ڪوئي.
ڪاٽيان پيئي قئيد ۾ آئون انهن جي آڌار الا.
4: آس اهائي آهي اندر ۾ آڻيندن الله
ساڻي ٿيندا سيگهه مان ٿو سڪي جني لاءِ ساهه
’ضامن‘
پيئي ضعيف جا سي واهر ڪندا واهه.
اٺئي پهر ته آهي اندر ۾ پنهنوارن پچار الا.
24 محرم 1421هه
اڱارو 2 مئي 2000
5 مئي تي ڪافيءَ تي رکيل
مشاعري لاءِ
ڪافي 90
ٿلهه: |
جيڪي جتي سو تتي، هرڪو پنهنجي حال ۾
هردم.
|
1. |
سڀڪو پنهنجي پاڻ ۾ آ گم، ٻي سان
ڪنهنجو ڪهڙو ڀلا ڪم،
جيئن آ جيڪو جتي.
|
2. |
پاءُ ٿو اڪثر سير سڏائي، مام وڌو ان
ملڪه منجهائي،
اڙيو آ سڀڪو اتي.
|
3. |
سرور شاهه ٿئي ساڻي جنهن سان ڪم پوءِ
تنهنجو ڪونهي ڪنهن سان،
هلي ڏسي ڪو هتي.
|
4. |
مرشد جنهنجو ظاهر ضامن، تنهنکي ڪوئي
وهم نڪو غم،
سو ويڳاڻو ڇو وتي. |
ڪافي 91
ٿِل: وساري ڇو ويٺا اباڻا الائي،
ٿڪيس آئون ٿر جا پانڌيئڙا پڇائي.
1: سانگئيڙن کي ساري روئان رات ساري،
ڪٽيان قئيد ۾ هت ڏکن ۾ ڏکاري،
موٽي شال موليٰ مارن سان ملائي.
2: ڪندا ياد هوندا يا ويٺا وساري،
اها ئي اندر کي ڳڻتي ٿي ڳاري،
انهي مام منهنجو وڌو من منجهائي.
3: چکن جي به چانور ڏجي ڏوهه تن تي،
بُکن باهه ٻاري آ بيوس بدن تي،
ڏوٿين جي ڏوراپي وڌو ڏيل ڏڪائي.
4: ڪئي قئيد ڪابو ملڻ آهي مشڪل،
نڪي خط نياپو نڪوئي ٻيو حل،
حقيقت هِتي جي سگهان ڪيئن سڻائي.
5: اصلئون سي آهن ضعيفن جا
’ضامن‘،
اڄ يا صبحاڻي مونڏي مجن من،
خوشيء جي خبر ڪا چاچاڻا چوائي.
2 صفر 1427هه
3 مارچ 2006
جمع، مڪان تي
ڪافي 92
ٿِل: مهر ڪر موليٰ مٿم منٺار سائينءَ واسطي،
ٻاجهه سان ٻيڙا سندم ڪر پار سائين واسطي.
1: آئون اٻوجهو آهيان، هردم گناهن ۾ گَتل،
رک ڀرم بدڪار جو. سرڪار سائينءَ واسطي.
2: آهيان اڻ تارو اصل، سختي سڄي ٿي سير جي،
پار پهچان شل لنگهي. تک تار سائينءَ واسطي.
3: جيئن نوازش ٿي اڳي. ڪرتيئن وري لطف وڪرم
هر گهڙيءَ ۽ هرپلڪ. هر وار سائينءَ واسطي.
4: آ ٻيائي جن جي من، ڪا ترت ڏي تن کي تڙي،
سيگهه مان سڏڙا سڻي، لهه سار سائينءَ واسطي.
5: آهي اڪيلائي گهڻي، ڪي قرب وارا ڪرڪٺا،
سي ڏجان ساٿي هجن، سچيار سائينءَ واسطي.
6. آهي جو
’ضامن‘
پيو ڪيئي ڏڏن ڏٻرن سندو،
تنهن سندم مرشد مٺي مهندار سائينءَ واسطي.
ڪافي 93
ٿلهه: |
هن مهل ۽ هاڻ، هادي ڪريو ڪا همراهي.
|
1. |
آهن مڙيئي مون ۾ مدايون، تون سائين
پاڻ سڃاڻ.
|
2. |
حال اٿو معلوم اسانجو، ته به ڇڏيو ٿا
ڇاڪاڻ.
|
3. |
تنهنجي
ڪري هت لوڪ ۾ ڪنهنجي، ڪانه ڪڍون ڪا
ڪاڻ.
|
4. |
پئو ضعيف جا ظاهر ضامن، اچي پنهنجو
ڀلايو پاڻ. |
21 مئي 2006ع صبوح جو 7 کان 8 بجي
تائين گهر لکيم.
ڪافي 94
ٿِل: آهيان ڪنهن جو پار، موليٰ سائين مهر مٿم ڪر،
1: ڪجهه ڪمايم ڪينڪي، بيحد آهيان بيڪار.
2: مونسان ملائج هن مهل ۾، محب مٺو منٺار.
3: آئون اصلئون آهيان جن جو، ڏي تن جو پلپل پيار.
4: مدي جن جي من ۾ آهي، تن کي ڌڪي ڪرڌار.
5: منهنجو تن ۾ منهن مٿي ڪر، جي مخالف مڪار.
6: ساٿ تني جو ڏجان هجن جي، مرد مڻيادار.
7: هردم آهي منهنجو
’ضامن‘،
سرور شاهه سردار.
21 مئي 2006
ڪافي 95
ٿل: موٽج مٺا هيڪر وري. هيڏيون نٿيون دُوريون ٺهن،
هيڏيون نٿيون دُوريون ٺهن. ور واڳ
ڪا واري وطن.
1. ڇا لاءِ وساري تو ڇڏيو، غم گوندرن ۾ هت
گڏيو،
سڏڪا ڀريو توکي سڏيو. دلڙي ويچاري ٿي چري،
اڌ مان اندر مان ڪئين اچن.
2. پيوند وڌئي جن پيار جا سَوَ ٻول ۾ تنهنجي
ٻَڌا،
حيران هت توکان سوا. هيءَ ڳالهه ٿي. تن لاءِ
ڳري،
سي ماندا مسافر ٿا مرن.
3. هرگز نه هيئن وسارجو، هن اڌ مئل کي نه
مارجو،
سڀ قول پنهنجا پار جو، آهيان سندئي کوٽي کري،
هت خوب تنهن خوشيون ملن.
4. هردم آهين
’ضامن‘
سندم، تڏهن نه الڪو ڪو اٿم،
هيءُ ڳالهه سچ ساري چيم، ساعت نه تو ڌاران
سري،
ڪئين پور ٿا پلپل پون.
7 جولاءِ 2007
ڪافي 96
ٿل: اسان جو حال هيءُ سارو، توکي معلوم آهادي،
مخالف مات ڪر سارا، تني سان ڪا ٿئي
تادي.
1. جهڙا آهيون تهڙا تنهنجا، ڪنا ڪوجها نه ٻي
ڪنهنجا،
درد سڀ دور ڪر منهنجا، گهڻو دل ٿي آهي ماندي.
2. جني تي تو رکيو رايو، تني کي پار پهچايو،
هتي ۽ مهند مرڪايو، ٿئي اهڙي ڪا امدادي.
3. هڪل سان ٿيو اچي حامي، مدد ڪريو ڪا
الهامي،
ڏسون ڪا ڪانه ناڪامي، اها آهي صدا سادي.
4. آهيو هت هت سندم
’ضامن‘
ٿئي مايوس پوءِ ڇو من،
دفع ڪريو سڀئي دشمن اٿم هيءَ التجا آندي.
27 رجب 1428هه
آچر 12 آگسٽ 2007
ڪافي 97
ٿلهه: اسان جي يا خدا اڄ ئي، اگهائج التجا
ساري.،
مهابي مير مرسل جي، ٿئي ڪا مِهر موچاري.
1. ڪرم جن ساڻ توهت ڪيا، ولايت جا سي والي
ٿيا،
جهُڪن پيا ڏيهه تن اڳيان، اني جي ڳالهه آنياري.
2. ڪيون هر روز مون جيڪي، سڻج ساجهر صدائون
سي،
قرض ۽ مرض ڇڏ ميٽي، ڀلا ڪي ڀاڳ ڪج باري.
3. منهن تي ڪن خوشامد ٿا، ۽ پرپٺ جي مخالف
ٿيا،
اندر هڪڙا ۽ ٻاهر ٻيا، لڳي تن کي ڪاڪاپاري.
4. ٿين هڪدم سمورا ڪم، لهن سارا وهم ۽ غم،
سچن جو ساٿ ڏئي هردم، ڏجان خوشين جي ڏيکاري.
5. ڪيا هن عرض
’ضامن‘
جي عزت ۽ آبرو گهرجي.
پيئي آهيان پُکي جن جي، ٿيا تن وٽ نه مياري.
29 رجب 1428 اڱارو
14 آگسٽ 2007
حيدرآباد
ڪافي 98
ٿل: عجب هت عشق وارن آ، بنائي برهه جي بازي.
ڪنهين ڏس ڪيئن، ڪنهين ڏس
ڪينئن، ڪيو آ رب کي راضي.
1. مجازيءَ جي اول موهيا، حقيقي ڏي مڙي سي
ويا.
قصا تن جا ٻڌون هت پيا، کڻي سي گوءِ ويا غازي.
2. وڃايو پاڻ پنهنجو جن، سبق سچ جا ڇڏيا هت
تن
ورائي هت انهن ورقن، سکن من ڪي منجهان ماضي.
3. مچايائون مچ سندا محبت، رڳوئي نياز ۽
نوڙت.
ڪئي تن ڪانه ڪا ڪلفت، سدا تن وٽ صلح سازي
4. ٿيا
’ضامن‘
ضعيفن جا، ڪيئي تن پار پهچايا،
تني کي ڪانه پرواهه ڪا، اگهي جن جي آهي آزي
29 رجب، 1شعبان 1428هه
14 آگسٽ 2007
اڱارو شام، اربع رات
حيدرآباد مان موٽندي
سفر ۾. مڪان تي اچي مڪمل ڪئي
ڪافي 99
ٿل: ڏسو ڪيئن عاشقن آهن، لڳايا نينهن جا نارا،
ڏٺو جانب جو تن جلوو، اوهين سمجهو
عقل وارا.
ٿلهه: |
ڏٺو ليليٰ ۾ مجني ڇا، وٽا پيتئين ڀري
وهه جا، |
|
سرت تنهن کي نڪا ٻي ڪا، ملڻ محبوب جي
ڌارا. |
|
|
1. |
آهن سسئيء جبل جهاڳيا، همت ڪنهن جي نه
وس جي سا، |
|
پنهون پنهنجو پسڻ جي لا، لٽا ليڙون
ٿيا سارا. |
|
|
2. |
سهڻي ميهار لاءِ ماندي، ڪنهين ڇڪ ٿي
اتي آندي، |
|
وڙهي واڳن سان ٿئي واندي، ته اڳيان
درياهه جا دڌڪارا. |
|
|
3. |
رانجهن لاءِ هير ويچاري، وئي ان کان
ٻي سڌ ساري، |
|
تنهن کي محبت هئي ماري، اهي ڏس عشق جا
آرا. |
|
|
4. |
سوين ٻيا قرب وارا ٿيا، نهوڙي نينهن
جيڪي نيا، |
|
سڄن احوال تن جا پيا، ٿيا سي مرد
موچارا. |
|
|
5. |
عشق منٺار تي آيو، سدا سڪ جو هئس
سايو، |
|
موليٰ تنهنکي آ مرڪايو، سندس ٿيا ڀاڳ
ڀلارا. |
|
|
6. |
پون جن جا اهي
’ضامن‘،
اچيو همراهي هردم ڪن، |
|
هتي ۽ مهندسي مرڪن، ڪئين مسڪين مون
پارا. |
اربع 1 شعبان 1428هه
15 آگسٽ 2007
ڪافي 100
ٿل: آهيان الائي ڇا، خبر نه ڪا، ساڌچوي ڪو چور
چڪارو.
1. ڪي ٿا ڄاڻن نيڪ ۽ بزرگ، اڳيان نائن مٿا. خبر نه
ڪا،
ٻڌيو ڏڪون ٿا ته ترندو ترارو.
2. ٽٽل ڦٽل جي عمل ڪيا ٿم، تن جو ٿيندو ڇا. خبر نه
ڪا،
حال اڳيان معلوم آ سارو.
3. ماڳهين ڪي مغرور ٿا سمجهن، پرپٺ ڪن گلا. خبر نه
ڪا،
من تي پيو سو اٿن مونجهارو.
4. ظالم سمجهي ڪيئي پري ٿيا، ڪن پيا وس وڏا، خبر
نه ڪا،
ته سرور جنهن سان سوئي سوڀارو.
5. هلندي ساٿ ڇڏي ويا تن کي، ڪهڙا پور پيا، خبر نه
ڪا،
قلب ڇو ٿيندو آهي ڪارو.
6. سمجهڻ وارا سگهندا سمجهي، باقي رهندا منڌا، خبر
نه ڪا،
مام ڪو سمجهي مرد موچارو.
7. ملڪ ۾ جو منٺار سڄي ٿو، آهيون اگلا ته به
تنهنجا، خبر نه ڪا،
پنهنجن کي پڪ آهيان پيارو.
8. ’ضامن‘
جو مضبوط آ منهنجو، سائين سرور شاهه، خبر نه ڪا،
جي ڏسو وڃي پوءِ خلل کاپارو.
3 شعبان 1428
17 آگسٽ 2007
جمع
ڪافي 101
ٿلهه: |
تن ماروئڙن جو ماڳ، ڏاتر شال اڄ ئي
ڏيکاري.
|
1. |
ڪابو ڪڙجي ڪوٽ تنهنجي ۾، آنديس ڪنهن
اڀاڳ،
والي واپس وطن ڏي واري.
|
2. |
سنڱر سي سڪائن کنڀيون کوڙ کائن، آهي
سرهو سوئي ساڳ،
مونڏي مجن سو ڏٿ ڏياري.
|
3. |
ٿين ٿڪيءَ جي سي وارث واهر، سولو ڪريم
سڀاڳ،
جيءَ جڏي کي وڃن جياري.
|
4. |
ڀٽن تي چڙهي جو ٿا جهانگي جهونگارن،
روح کي وڻي سو راڳ،
ڳڻتيءَ هت ڇڏيو آ ڳاري.
|
5. |
پون ضعيف جا سي ظاهر
’ضامن‘،
اهڙو ڀلو ٿئي ڀاڳ،
خوش ٿي اڳيان کيت کينڪاري. |
2008/07/11
ڇنڇر رات مڪان تي
ڪافي 102
ٿل: ڏولاوا ۽ ڏڪار، مالڪ، هڪ ئي لحضي ۾ ڇڏ لاهي.
1. واءُ وراءِ ڪو سائين سکن جو، سرها ٿين سنگهار،
مالڪ.
آس اهائي اندر ۾ آهي.
2. هر گهڙيءَ ۾ کڻجان هردم، بيشڪ باري بار، مالڪ،
غم وهم ڇڏ مڙئي مٽائي.
3. پُکي جن جي آهيون پيڙا، پسج تني جو پار، مالڪ،
هتي ۽ مهند چڏج مرڪائي.
4. هردم تنهن جي ڏج همراهي، جو محب سندم منٺار،
مالڪ،
پنهنجو پرين سو پاڻ پسائي.
5. هِت هُت منهنجو آهي
’ضامن‘،
سرور شاهه سردار، مالڪ،
تڏهن ته ڳڻتي ڪائي ناهي.
18 رجب
سومر شام اڱاري رات
21 جولاءِ 2008
هالا شريف ويندي
ڪافي 103
ٿلهه: |
ڪي ٿا ڄاڻن ڪيئن، ڪي ٿا ڪيئن، غلط چون
ڪي صحيح ٿا سمجهن.
|
1. |
ڪي ٿا ڄاڻن نيڪ نمازي، رب پنهنجي کي
ڪندڙ راضي |
|
جيڪي سمجهن جيئن، چون تيئن، ڪين ٻين
جي ٿا ڳالهه ٻڌن.
|
2. |
ڪي ته چون ٿا سڀ وڃايئين، ڪين ذرو ڪو
ڪجهه ڪمايئين |
|
هلڻ کپي ها هيئن، چئون جيئن، وا هوا
پوءِ ها رنگ لڳن.
|
3. |
ڪي چون ٻين جي چئي هلي ٿو، نفعو نڪي
نقصان ڏسي ٿو. |
|
ڪن ليکي لڳل ٿس نينهن، آهي ائين سڀ ٿا
پنهنجي سمجهه سڻائن.
|
4. |
ڄاڻن ڪي ٿا منجهس مغروري، ڳالهه مڃائي
ٿو پنهنجي پوري، |
|
پر عجب لڳن ان ڏينهن، ڏٺئون جيئن، ته
مرڳو ڪٿ ٿيون معافيون وٺجن.
|
5. |
ڪي چون ملن هت آهي ورايو، فرقن جي چڪر
آ خوب ڦاسايو |
|
تن کي ٻڌايون ڪيئن، ڏسيو تيئن ته آهي
هتي رڳو رمز فقيرن. |
|
|
6. |
جت آ رڳوئي رمز فقراهي، سرور شاهه جي
ات همراهي،
ڀل رات هجي يا ڏينهن، هردم هيئن، هت ۽
مهند ٿا سي مرڪن. |
|
|
7. |
مورهين ڪي منٺار ٿا سمجهن، ادب ڪيو ٿا
نياز مان نوڙن،
ان جي عقيدت ائين ڏسجي جيئن، عجب هتي
ڪئين رنگ ٿا ڏسجن. |
|
|
8. |
عملن آڌر ڪين ڇڏيندا،
’ضامن‘
پيئي نال سي نيندا،
وسندا محبت مينهن، ساجهر سيئن ڀل ته
اچي پوءِ ڏيهه ڏسن. |
28/27 رجب 1429هه
21 جولاءِ/ 1 آگسٽ 2008
خميس/ جمع
ڪافي 104
ٿلهه: محبت سندي مهراڻ کي سمجهڻ نه سکيو آ،
ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ
نه سکيو آ.
1. هت هر ڪوئي اڻ ڄاڻ ڪري ڄاڻ جي دعوا، ٿو ڪري ڄاڻ
جي دعويٰ،
اڻ ڄاڻ جي ان ڄاڻ کي سمجهڻ نه سکيو آ.
2. ڪن منهن تي خوشامند جي ۽ اندر ۾ ٻيائي. رکن
اندر ۾ ٻيائي،
ظاهر جي ان واکاڻ کي، سمجهڻ نه سکيو آ.
3. صبحاڻ ڪجهه ٿيڻ لاءِ ماضيءَ مان سکجي اڄ. هتي
ماضيءَ مان سکو اڄ،
اڄ، ڪالهه ۽ صبحاڻ کي سمجهڻ نه سکيو آ.
4. ڪنهن جاءِ وڃڻ ساڻ ئي، وڃي ٿو واسجي، ڄڻ وڃجي
ٿو واسجي،
سچ پچ تنهين سرهاڻ کي، سمجهڻ نه سکيو آ.
5. ڪڏهن پوي
’ضامن‘
ٿو، کٽڻ لاءِ هارڻون ٿو کٽڻ لاءِ هارڻون،
ڪنهن اهڙي منڃيل آڻ کي سمجهڻ نه سکيو آ.
27 نومبر 2008
جمع رات محفل هلندي
مڪان تي |