ڪافي 186
ٿل: ڇڏ غفلت ٿيءُ هوشيار، اي بندا. اپٽي نيڻ نهار،
قالوبليٰ جا قول ڪيئي جي،
پختا سي ئي پار. اي بندا.
1: من پنهنجي ۾ مير نه رکجان، ڪنهن سان ڪوئي
وير نه رکجان،
هاراڙي ڪا هيرنه رکجان، پنهنجن سان رک پيار. اي
بندا.
2: جيءَ ۾ ڪائي پاءِ تون جهاتي، ته ڪيئن ڪٽين
پيو هيءَ حياتي.
نيٺ ته ٿيندين مري مماتي، اٿ ڪو ٻوٽو ٻار. اي
بندا.
3: مڪر ڪريو ٿو ماڻهو منجهائين، ڪرت ڪري ڪا
ڪين ڪمائين،
ڇاتون آهين ڇا ٿو چوائين، ويهي ڪر ويچار. اي بندا.
4: تولو ماسو ڪين ڪي آهين، پوءِ به پيو هت سير
سڏائين،
پاڻ ئي پنهنجو پاڻ پڏائين، ڌيان ذرو ڪو ڌار. اي
بندا.
5: هر ڪنهن کي ڏئين جيءَ ۾ جايون، پوءِ قبول ڪي
پون ڪمايون،
قادر ميٽي ڪل ئي ڪچايون، ٻيڙا ڪري سو پار. اي
بندا.
6: رکج سدائين صاف اندر تون، کڻجان ساري ساڻ
ثمرتون،
زور وارو ڪو
’ضامن‘
ڪر تون، سوئي لهندئي سار. اي بندا.
4 رمضان المبارڪ 1440هه
12 مئي 2019 آچر شام
ڪافي 187
ٿل: هت پنهنجو پاڻ سنڃاڻ، حياتي کيل نه خالي ڄاڻ،
سينو سارو صاف رکي پوءِ، ڪڍج
نه ڪنهن جي ڪاڻ.
2: ياد خدا کي ڪر هر ويلي، آڌي مانجهيء صبح سويلي،
روئي رب جي آڏو اڪيلي، منزل ڪا تون ماڻ.
3: هر ڪنهن سان ڪريار ڀلائي، ڏسجان ڪنهن جي ڪين
ڪچائي،
اندر ۾ تنهنجي جا اگلائي،. ڪڍ تون اها ڪاراڻ.
4: رنج رسامان روز ٿو ميڙين، هن سان جهيڙيو هن سان
جهيڙين،
فتنا ڪيئن ٿو يار پکيڙين، ڇو نه ڇڏين ڇڪتاڻ.
5: اهڙو ڪر
’ضامن‘
ڪو سگهارو، جيڪو سختيءَ ۾ ڏي سهارو،
تنهن سان ڪج احوال هي سارو، ان ڏي عرض اماڻ.
7 رمضان المبارڪ 1440هه
13 مئي 2019
سومر شام
مڪان تي
ڪافي 188
ٿل: گهڻائي ملڪ ۾ ماڻهو، منجهن انسان آ ڪوڪو،
ڇڏي پنهنجو فڪر ٻي جو ڪري
ارمان آ ڪوڪو.
1: پيو ڪچ ڪوڙ جت ڪاهي، ٺڳي دولاب ۽ دوکو
اتي سچ تي هلي جيڪو سو اهڙو جوان آ ڪوڪو.
2: فقيري نشن ۾ ڳولي، ٿيا موڳا موالي هت
لڪل جو لوڪ کان تن ۾، ملنگ مستان آ ڪوڪو.
3: منجهايا مولوين ڪيئي، پيا فرقن سندا فتنا،
منجهن صاحب شريعت جو، صحيءُ سلطان آ ڪوڪو.
4: فقيري ڦند ۾ ڪيئي ٿيا گمراهه گيڙوءَ ۾،
سچو صوفي هلي حق تي. علي الاعلان آ ڪوڪو.
5: اڪابر ڄڻ آهي هرڪو، جتي اڻ ڄاڻ ڄاڻو ٿيو،
ڪڏهن ات به هدايت تي، ڌري جو ڌيان آ ڪوڪو.
6: ٻين کي ڏي ڇڏي هاڻي، پروڙي پاڻ پنهنجو ڏس،
پروڙڻ پاڻ لاءِ، جيڪو رکي پئمان آ ڪوڪو.
7: پڇاڻو آ پڪو اهڙو، ڏڪن ٿا ڏڏ ڏوهاري جت،
اتي
’ضامن‘
ضمانت ڏئي، ڪري حيران آ ڪوڪو.
10 رمضان المبارڪ 1440هه
16 مئي 2019 خميس شام
مڪان تي
رديف
۾ هيءَ ترميم قبلا جميل الزمان سائينءَ جن
ڪئي.
گهڻائي ملڪ ۾ ماڻهو، منجهن انسان ڪو ڪوڪو،
ڇڏي پنهنجو فڪر ٻي جو ڪري ارمان ڪو ڪوڪو.
ڪافي 189
ٿلهه: |
منهنجو نه ڪوئي وس الا، مالڪ تنهنجي
مرضي.
|
1. |
آئون اصل کان آهيان، بلڪل ئي بيوس
الا.
|
2. |
هيڻي منهنجي حال تي، مان پوي تو ترس
الا.
|
3. |
ويري وڙهن مون ساڻ جي، دشمن سيئي دس
الا.
|
4. |
اڻ سونهون هت آهيان، لاءِ غلام کي گس
الا.
|
5. |
باري تون ئي بچائجان، حرس ڪنان ۽ هوس
الا.
|
6. |
’ضامن‘
منهنجا جي ٿيا، پار تني جو پس الا. |
24 جولاءِ 2019ع
اڌ ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 190
ٿِل: ننڊ ڪرڪا ننڊ ڙي ڪائي وٺي تون ڪنڊ ڙي
1: ننڊ ٿي ڪيئي ملڪ گهمائي، دلبر جو ديدار ڪرائي،
محبت جو هڻي منڊ ڙي.
2: غفلت جو جاڳڻ به اجايو، غافل ننڊ ۾ به ڪين
ڪمايو،
رکج اندر ۾ اڪنڊ ڙي.
3: ڪن ته جاڳي به ڪين ڪمايو، ڪن ته ستي آهي سبق
پرايو،
وٺج تني کان ونڊ ڙي.
4: مرد ويا جي پاڻ ملهائي، ننڊ عبادت ان جي آهي،
ٿيا چوڏهين جو چنڊڙي.
5: ظاهر ۾ جي
’ضامن‘
پيندا، سي ته ستي به ڪين ڇڏيندا،
ٿيا کير ۾ ڄڻ کنڊ ڙي.
ڪافي 191
ٿِل: اڄڪلهه خيال سڀ ڪنهن جا ڌار ڌار آهن،
ملندا گهڻئي مخالف، ٿورا ڪي يار
آهن.
1: پٽ پيءَ کي پڙهائي، اهڙو ٿيو وقت آهي،
هت ڪير ڪنهنجو ناهي، اهڙا آثار آهن.
2: دل ٿي ٿئي جي ميري، ڀاءُ ڀاءُ جو آ ويري،
دشمن جني مجيري سي هاري هزار آهن.
3: سمجهي نه ڪو سچائي، ڪو ڪونه حال ڀائي،
هرڪو آ ڄڻ توائي، نه ڪنهن کي ڪرار آهن.
4: سڀڪو گرو سڏائي، چيلو نه ڪو چوائي،
ڇا ات وڏو ڳالهائي، ڏڍا جي ٻار آهن.
5:
’ضامن‘
جو وٺ چوڻ ڪِي هوشيار هر گهڙيءَ ٿي،
آخير وقت جا هي، پختا ٿيا پار آهن.
17 نومبر 2019ع
ڪافي 192
ٿل: رهڻ جي ڳالهه هت آهي، سفر جي ڳالهه ڪانهي ڪا،
کپي جيڪو سفر ۾ تنهن، ثمر جي
ڳالهه ڪانهي ڪا.
1. |
گهڻائي هت آهن اهڙا، ملائن ها ۾ ها
جيڪي،
چپن جي ڳالهه تن جي آ، اندر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
2. |
ڪچهريءَ ۾ پيون جيڪي، هلن هت هُت،
سنديون خبرون،
انتظاري هئي جا تنهن خبر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
3. |
مثل هٽ جي هي درگاهون، وکر ڪيئي وٺن
ماڻهو،
مگر گهرجي وٺڻ جو ان وکر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
4. |
رڳو ڪلفت پيئي ڪاهي، سهپ هت ڪانه ا
ڪنهن ۾،
هئڻ گهرجي جا اُلفت جي اکر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
5. |
ڀريل گهر ۾ اڪثر ٿو، اڪيلو ٿي پوي
ماڻهو،
آهن گهر اهڙا ڪيئي هڪڙي گهر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
6. |
ڏسن سڀڪجهه پيا پر ٿا، ٻڌڻ ۾ ٿي پون
ٻوڙا،
ٻڌڻ جي ڳالهه هيءَ آهي نظر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
|
|
7. |
فڪر تنهن کي ڀلا ڪهڙو، ڪيو اڳواٽ جنهن
’ضامن‘،
سچي سڀ ڳالهه آ هٿ جي هنر جي ڳالهه
ڪانهي ڪا. |
12 شعبان 1441هه
سومر 6 اپريل 2020
مڪان تي سوا ڪلاڪ ۾.
ڪافي 193
ٿلهه: ساجهر ٿيءُ سجاڳ، مسافر، ماڻين من ڪو ماڳ-
مسافر.
1.
غافل ويٺو وقت وڃائين، جلدي هاڻ جاڳ- مسافر.
2.
نفس ندورو نيٺ نمائي، وٺجان ان جي واڳ- مسافر.
3.
بهتر ٻوڙ پلاون کان آ، پنهنجو سادو ساڳ- مسافر.
4.
ريجهي راءُ ڏياچ پوي من، روح سان ڳائج راڳ- مسافر.
5.
موچارو هت ملندو توکي، لاشڪ ڪوئي لاڳ- مسافر.
6.
ورد ڪجائين هردم ويٺو، ورهه وار ويراڳ- مسافر.
7.
جيڪر ٺهيو مشڪل لهندو، دل تي ڪوئي داڳ- مسافر.
8.
’ضامن‘
اٿئي زوراور جي، پوءِ ڀلو ٿئي ڀاڳ- مسافر
24 شعبان 1441هه
ڇنڇر 18 اپريل 2020
مڪان تي ڪلاڪ کن ۾
ڪافي 194
ٿلهه: |
اسين آهيون صوفي، رکون اندر صاف،
نه ڪنهنجي شڪايت، نه ڪنهنجي خلاف.
|
1. |
اسانکي
ڪا تڪليف ڪنهن جي ڏني، هدايت جي ان
لاءِ دعا ٿئون پني،
اسين روز ڪريون مخالف کي معاف.
|
2. |
اسين درد پنهنجا لڪائي هلون، پيا هر
ڪنهين سان کلون ۽ ملون،
ڪڍون ڪين ٻاهر هتي ڪائي ٻاڦ.
|
3. |
اسان تي نه انجو اثر ڪو ٿئي، اسان
لاءِ جيڪو پيو جينئن چئي،
ٿيو ڇا اگر ڪو هڻي لچ لاف.
|
4. |
مليل واٽ جا سا وٺيو پيا وڃون، هلي
ساڻ ڪو يا اڪيلا هجون،
ڀلي ڪو اسان سان ڪري اختلاف.
|
5. |
اوهين
سڀ رکو صاف پنهنجو اندر، ڪمايو اڳيان
ڪم اچي جو وکر،
جتي ٿيندو سڀ سان ادا انصاف.
|
6. |
سگهارو
آهي ساڻ
’ضامن‘
جڏهن، نه پرواهه ڪنهنجي ڪڍون ٿا تڏهن،
حقيقت اهائي آهي هي ڪاف. |
2022/02/26
ڇنڇر شام ڪمري ۾
ڪافي 195
ٿلهه: |
ٿيا عشق جي راهن جا، ڪردار گهڻا آهن،
گمنام رهيا ڪيئي، نروار گهڻا آهن.
|
1. |
جا عشق جي چاڙهي آ، سا چڙهڻ آهي اؤکو،
ٿئي نظر ڪرم جن تي، ان لاءِ ٿئي سؤکو،
منٺار ٿئي ڪو ڪو، حبدار گهڻا آهن.
|
2. |
ان راهه تي جي هليا، سي ڪين ذرو ڀليا،
اهي ماڻي منزل کي، محبوبن سان مليا،
وس هر ڪنهن جو ناهي، اسرار گهڻا آهن.
|
3. |
ٿيو عشق جي مڪتب ۾، آ پاس ٿيڻ مشڪل،
رهبر جي رفاقت سان، ٿئي مشڪل سوئي حل،
ٿيا سمجهه وارا ڪي ڪي، بيڪار گهڻا
آهن.
|
4. |
جن ساڻ آهي
’ضامن‘،
نڪي راهه ۾ سي رڪجن،
گهٽ گهيڙ اچن اُڪري، پڪه پار اهي
پهچن،
رکي طلب جني تن لاءِ، وهنوار گهڻا
آهن. |
2022/02/26
آچر رات مڪان تي
ڪافي 196
ٿلهه: |
ساجهر لهه ڪا سار، مٺا منٺار اچي هت،
منٺار اچي، دلدار اچي هت.
|
1. |
قول ڪيل ڇو، ڇڏيئي وساري،
پاڻ اچي سي پار، مٺا منٺار اچي هت.
|
2. |
توڏي ڪوئي، حرف نه هڪڙو،
مونڏي سڀ ميار، مٺا منٺار اچي هت.
|
3. |
قرب ڪري ڪو، پاڻ ئي پرچي،
هاڻ ملو هن وار، مٺا منٺار اچي هت.
|
4. |
اٺئي پهر هت، آهي اوهان جي،
تن ۾ ڏاڍي تار، مٺا منٺار اچي هت.
|
5. |
اؤکا گهيڙ نه، ڄاڻان اڪري،
تار مان تون ئي تار، مٺا منٺار اچي
هت.
|
4. |
’ضامن‘
آهيو، ڏجو ضمانت،
هِتي هُتي هر وار، مٺا منٺار اچي هت. |
جمع 29 ذوالحج 1443هه
29 جولاءِ 2022
25: 11 اڌ ڪلاڪ کن ۾ گهر
ڪافي 197
ٿلهه: |
آهيان اوهان جي سام، هتي نه هرگز
ڇڏجو.
|
1. |
ملڪ سڄي ۾، سڏجان سائين،
نالي اوهانجي نام، هتي نه هرگز ڇڏجو.
|
2. |
ڀرم اچي ڪو، تنهن جو رکجو،
هت هڻون جا هام، هتي نه هرگز ڇڏجو.
|
3. |
جهڙا جي تهڙا، آهيون اوهانجا،
نڪي ڪجو ناڪام، هتي نه هرگز ڇڏجو.
|
4. |
سٽ اچي سا، پختي پڙهايو،
مردن واري مام، هتي نه هرگز ڇڏجو.
|
5. |
’ضامن‘
پيئي، ڪريو همراهي،
چٽي ڳالهه چيام، هتي نه هرگز ڇڏجو. |
جمع 29 ذوالحج 1443هه
29 جولاءِ 2022ع
45: 11 اڌ ڪلاڪ کن ۾ گهر لکيم
ڪافي 198
ٿلهه: |
جت نه هلي ڪو گس، عشق اتائين ٿو گس
لائي،
جتي عقل ٿئي بيوس، عشق اتائين ٿو گس
لائي.
|
1. |
عقل جي منزل آهي اورانهين، عشق جي
منزل يار مٿاهين،
نه جنهن ۾ حرس هوس، عشق اتائين ٿو گس
لائي.
|
2. |
عشق جڏهن منٺار تي آيو، ته عقل اتي هر
حيلو هلايو،
اچي ڏاهي ڏنس ات ڏس، پختو سبق هت پاڻ
پڙهائي.
|
3. |
عجب عدالت عشق جي آهي، مخفي مام ٿي سا
سمجهائي،
تر نه ڪري ڪو ترس، نيئي منزل تي سا
پڄائي.
|
4. |
راهه ۾ ڪيئي رهزن آهن، هوندو ساڻ جي
ظاهر
’ضامن‘،
ته وڏا ڪري اهو وس، ويندو بگهڙن کان
سو بچائي.
|
آچر 8 محرم الحرام 1444هه
7 آگسٽ 2022ع
صبح جو 5: 9 تي ڪلاڪ کن ۾
گهر لکيم
ڪافي 199
ٿلهه: |
ادا ڪانگل هتان اڏري، پرينءَ جي پار
ڏي وڃ تون،
کڻي احوال هيءُ سارو، مٺي منٺار ڏي وڃ
تون.
|
1. |
چوان ٿو ڳالهه هت جيڪا، چتاري ات چئج
ساري،
ڳچيءَ ۾ پاندڙو پائي، ادب سان يار ڏي
وڃ تون.
|
2. |
متان وچ تي رهين ويهي، گهڻي ڪا دير نه
لائج،
ڪري دربان کي راضي، سڌو سرڪار ڏي وڃ
تون.
|
3. |
هلائي ات وڏا هيلا، ڪجائين يار کي
راضي،
خوشيءَ جي ڪا خبر آڻج، سگهو سردار
ڏي وڃ تون.
|
4. |
چئج هت واڳ ڪا واريو، ڪيو هن ويل
همراهي،
حقيقت هيءَ ڪرڻ ساري، اڙين آڌار ڏي وڃ
تون.
|
5. |
پڇاڻو آ پڪو ڏاڍو، آهيو
’ضامن‘
ضمانت ڏيو،
پڄائڻ عرض هيءُ منهنجو، پرينءَ پڳدار
ڏي وڃ تون. |
15 محرم الحرام 1444هه
14 آگسٽ 2022ع آچر
صبح جو ساڍي ستين کان ساڍي اٺين تائين
دوران سفر
کپرو کان ميرپورخاص تائين لکائيندو ويس
ڪافي200
ٿلهه: |
وڃين ڪانگل سگهو ورجان، کڻي دلدار جون
خبرون،
ڏجان احوال سربستو، هِتي سڀ يار جون
خبرون.
|
1. |
ڪجان جلدي وڃج جلدي، ڪري ڪوشش پڄج
جلدي،
وري واپس ورج جلدي، سڻي سرڪار جون
خبرون.
|
2. |
اتي احوال سڀ منهنجو، سڻائج حال سڀ
منهنجو،
سڻي من سوال سڀ منهنجو، ڪري ڪي پيار
جون خبرون.
|
3. |
ڳچيءَ ۾ پاندڙو پائي، اچج پرين کي
پرچائي،
سڄڻ سهڻي کي سرچائي، ڏجا هِن پار جون
خبرون.
|
4. |
ويهي اُت ڄاڻ سڀ ڄاڻج، نڪي ٻي طرف ڏي
تاڻج،
عجب جهڙيون اتان آڻج، مٺي منٺار جون
خبرون..
|
5. |
سندم
’ضامن‘
جتي آهي، وڃج تيڏانهن تون ڪاهي،
اچي واپس ڏجان ٺاهي، ملي مهندار جون
خبرون. |
14 آگسٽ تي حيدرآباد ويندي
ٿل لکيو هو 17 آگسٽ 2022ع
18 محرم الحرام 1444هه اربع ڏينهن
مڪان تي مڪمل ڪئي.
|