ٿلهه: |
عمر مرم مارن جو مون کي ٿو ماري، وڃان
آئون
ويڙهيچن انهن جي اوطاري. |
1. |
لڌم خواب خاصو وطن ويئي آهيان،
وڃي پيش پنوهارن جي آئون پيئي آهيان،
ڏنا ڏڍ
ڏاڍا
ماروءَ
موچاري. |
2. |
ڪري ظلم ظالم ڪئي بند باندي،
منهنجي مارن لاءِ آهي دل ماندي،
سندم ساهه
سانگي
سدا
ٿو سنڀاري. |
3. |
تنهنجا پٽ پٽيهر اوڍيان
ڪين آئون، مون کي لاڳ لوئيءَ جو ڏاجو
ڏنائون،
سو پِهرن پنوهارن پوان آئون پناري. |
4. |
هتي هاڻ نه ڄاڻان ڪهڙا پهر
پيندا، هُتي مونکي مارونڃان ڪيئن
چيندا،
انهيءَ مير مون کي ماريو آ مونجهاري. |
5. |
پکا پال پيهيون اڏين اباڻا، ڏيو
سِڻ
سيراندي ڪن واري وڇاڻا،
اچي جيڪو اُڃيو ڪن پر پياري. |
6. |
ڪيا ڏٿ ڏوٿين سان مون گڏجي گذارا
مون کي مور نه وسرن مارو موچارا،
وري شل وطن تي واحد واڳ واري. |
7. |
پون ياد پل پل پکا ۽ پنوهاريون،
وساريان نه وسرن ساڻيهه سنگهاريون،
اهو ڏيهه ڏاڏاڻون من ڏاتر ڏيکاري. |
8. |
چئي ’ولي بخش‘ ويڙهيچن لاءِ ويٺي واجهايان، ملان شل ماڙيچن
اميدون نه لاهيان،
اڳيان کيت خوش ٿي کلي من کيڪاري.
|