(84)
ٿلهه: |
ڪٿي مارو منهنجا
ڪٿي آئون رهيس،
هت قيد عمر تو ڪوهه ڪيس. |
1. |
جڏهن الست بربڪم ٻول ٿيو،
تڏهن قالو بلا مون قول ڪيو،
هاڻي اهو هئين اچي هول پيو،
آئون هُتي ته هيڪاندي هن سان هيس. |
2. |
تنهنجي زور ظلم کان لاچار لڏيا،
پکا پائر اباڻن نيئي اَڏيا،
اُتي ويڙهه وطن سڀ گهمن گڏيا،
هڪي آءُ انهن کان ڌار ٿيس. |
3. |
تنهنجي دڙڪن ڪين ڊيڄاريو مون کي،
مهڻن مارن جي آهي ماريو مون کي،
جن ڏيئي پڪون هو پاريو مون کي،
جي مران ملير وڃين ته ميائي جيس. |
4. |
نڪي ويس وڳا تنهنجا پائينديس،
نڪي لوئي لڱن تان لاهينديس،
سينڌ سرتين کان ته ڳتائينديس،
جڏهن پنهنجي وري آءُ وڳر ويس. |
5. |
مون تي راضي رب رحمان ٿيندو،
منهنجو مارو آخر زمان ايندو،
’ولي بخش‘ چئي وٺي وطن ويندو،
آئون پُکي پرينءَ پنوهار پيس. |
(85)
ٿلهه: |
مون کي پل پل ياد
پنهنوارن
عمر، ڪيئن وساريان نٿا مون وسرن.
|
1. |
ياد پون ٿا پکا پنوهاريون، ساڻيهه سانگي ۽ سنگهاريون،
جهر
جهنگ تن جي جهونگار عمر، دم دم دل تي
پيا پسرن.
|
2. |
جتي جهانگيئڙن جون جهوڪون، اتي مينهن وسي ڪيون موڪون،
لٿا ڏولاوا ڏڪار عمر، هاڻ اتي پيا نوان ڏٿ نِسرن.
|
3. |
ميها مکڻيون مُرٽ مانڌاڻا، چونڊيو ڏوٿي آڻين ڏاڏاڻا،
ڌڻوندي سي ڌنار عمر، اهي آڌي اسر اُٿيو اُسرن.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي وطن آءُ وينديس، آزيون نيازيون اُن
کي ڪينديس،
معاف ڪنداسي ميار عمر، روح راس نه اچي تنهنجي ڪوٽن ڪسرن.
|
(86)
ٿلهه: |
لائي لئون توسان مون دلڙي
ڦرائي، ڪري ڏاڍ ڏاڍا تو ماري مڃائي. |
1. |
پهرين پيچ پايم ورهه پوءِ وهايم، ائين ڪونه ڀايم ته ڪندين ڪا جدائي. |
2. |
ڪري ناز نٽڪو ڏئي چشم چٽڪو، مري ڀل اڦٽ ڪو تو وري نه ورائي. |
3. |
پائي ڪجل ڪاني ڪيئي دل ديواني، مٺا محب جاني تو مفت مارائي. |
4. |
واهه واهه کاشا ڏسين ٿو تماشا، بڇي برهه باشا تو قيد ڪرائي. |
5. |
ڌيانڙو ڌر تون ڪجهه قياس ڪر تون، ڊڄ خدا ڀر تون اسم اٿئي خدائي. |
6. |
کان ’ولي بخش‘ ويئي تنهنجي پيش پيئي تنهن
کي ڏڍ ڏيئي ڪريو ڪا وفائي. |
(87)
ٿلهه: |
محب مٺا دل جاني، دوست دلاور دلبر،
ساهه سڪي ٿو ساري، اُڪنڊ منجهه اندر. |
1. |
سڻي سانڀاهي تنهنجي ڏيل ڏکن سان ڀريو،
اڃا اتائين آيو وري وڃين
ٿو وريو،
ڪيئن ڪٽيندس ڏينهڙا بي ثمرن جا ثمر. |
2. |
ڪانگ اڏايو ڪوڙين ڦريو ڦالون پايان،
اڄ سڀاڻي ايندو اهڙيون اميدون ڀايان،
حال ڀائي تون هڪڙو، ٻيا سڀ تان بي
خبر. |
3. |
توکي تصور بنان پل پل ڪيئن پسان،
زور جرئت نا ٻي جو آئون ڏوري
ڏسان،
تون پنهنجو ڪرم ڪري هوت هلي آ هيڪر. |
4. |
پرين پياسي تنهنجا آهن اداسي ٿيڙا،
ساعت سال توري تو
لايا وڃي ڏينهڙا،
آ مسافر موٽي سوال سڻي تون سرور. |
5. |
چارئي پنجئي ٻارنهن هردم توسان حامي،
عشق ادب ۾ تنهنجو جوڙ ٿئي نا جامي،
ورڻ
واري ڪا ڪجان ساقي سهڻا سڌر. |
6. |
موليٰ علي معاف ڪندو مڙيئي تنهنجا
مشڪل،
’ولي بخش‘ جا وارث نازن ڀريا نرمل،
سار صديقي لهجان ولهِن جا والي ور. |
(88)
ٿلهه: |
توريءَ ساعت سال برابر، سال صدي کان
سوايو آ،
سال صدي کان سوايو آ، محبت مچ مچايو
آ.
|
1. |
ڏينهن ميثاڪئون محب مٺا مون، پيچ
توسان ڪو پايو آ،
سِڪندي سِڪندي سِڪ ۾ گذاريم، صبر سڪ
وڃايو آ.
|
2. |
هاڻ مون کي محبوب ملو، تنهنجي تانگهه
طلب اچي تايو آ،
سڪ صبر کان ٿي پيئي سر سي، تنهن سانول
يار ستايو آ.
|
3. |
جيءُ جگر ۾ جانب جاني، دونهون درد
دکايو آ،
چاهه عشق جي تو جا چوري، تنهن جان جسم
جلايو آ.
|
4. |
تنهنجي حُسن جو هر گهر در، هوڪو مون
ته هلايو آ،
مون کي محب مٺا من مهڻا، تو نازن ساڻ
نمايو آ.
|
5. |
’ولي
بخش‘ کي يار وڪوڙي، تنهنجي گهور نيڻن
جي گهايو آ،
ڦري دل فقير بنائڻ، سچ چئو ڪنهن تو
سيکايو
آ.
|
(89)
ٿلهه: |
دلڙي ڪئي تو ديواني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
1. |
ڦري فقر ۾ کائي ڦيريون، دلبر لاءِ مَ ايڏيون ديريون،
اچ ڪري احساني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
2. |
فڪر فراق ڦوڙائي ماري، دوست اچي تنهن ڏي دلداري،
جانب ماڻي جواني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
3. |
ڪوڪون تولاءِ روز ڪري ٿي، موٽ مٺا مشتاق مري ٿي،
محب آهي مستاني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
4. |
ڪڏهن هاڻي عجيب تون ايندون، دوست دلاسو دل کي ڏيندو،
قدمن تان قرباني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
5. |
لئون لڳي سا ڪين لڪي ٿي، ساريو توکي سڄڻ سڪي ٿي،
پرين پسايو پيشاني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
6. |
روز هجر ۾ هِنجون هاري، تنهنجون ويٺي واٽون نهاري،
تنهنجي ٻانهن جي ٻانهي،
جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
7. |
ويٺي ڏوري هاڻ ڏکن ۾، جنهن کي ڀيري هنئي توڀن ۾،
هڻي قرب جي ڪاني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
8. |
’ولي بخش‘ جي وس کان وئڙي، تنهنجي ناز نهوڙي نيڙي،
هاڻي وتي حيراني، جيءُ جا جاني ڦري فڪر ۾.
|
(90)
ٿلهه: |
مون سان مُحب مٺي منٺار، ملي صحبت ساءُ چکايو.
|
1. |
ساءُ چکائي صحبت وارو، لاٿو من تان سڀ مونجهارو،
لٿا دل تان درد هزار، ٿيو هاڻ لايو سڀ سجايو.
|
2. |
پردا حجاب جا سڀيئي لاهي، پاڻهي پنهنجو پاڻ ڀلائي،
ڇڏي تاب مڙيئي تڪرار، ويهي محبت ماڳ ملهايو.
|
3. |
منهن مقابل مون سان ويهي، ڳالهيون ڳجهيون ڪيائين ڪيئي،
دانهه دلربا دلدار، وصل وصال جو مينهن وسايو.
|
4. |
گڏ گوڏي سان گوڏو ڏيئي، لاٿا ساجن سور سڀيئي،
منهنجي جاني جيءُ جيار، پيچ پرت جو واري پايو.
|
5. |
سال ٿيا هئا جنهن لاءِ سڪندي پي جهاتيون پايم لوڪان لڪندي،
تنهن اڄ وڙ ڪيا وينجهار، ’ولي بخش‘ سان نئون نينهن لايو.
|
(91)
ٿلهه: |
موٽ مٺا منٺار وو يار، تنهنجي آهي سڪ
ستايو.
|
1. |
ڪانگ اُڏايان فالون پايان، پڇان پوٿي
دار وو يار،
ڳچي پاند پلاندڙا پايو.
|
2. |
هنجون هاريان واٽون نهاريان، پل پل
آهي پچار وو يار،
لڳو نينهن نه ڪنهن به لڪايو.
|
3. |
پائي ليئڙو قيد تو ڪيڙو، کڻي حسن سندا
هٿيار وو يار،
مون کي نازن ساڻ نمايو.
|
4. |
توڏي نه ڪائي مون ڏي مڙيائي، آهي محب
ميار وو يار،
اوهين پنهنجو پاڻ ڀلايو.
|
5. |
پاڻ ڀلائج واڳ ورائج، ’ولي بخش‘ کي نه
وسار وو يار،
محبت تنهنجيءَ مچ مچايو.
|
(92)
ٿلهه: |
سک ريت پريت پڄائڻ جي، کڻي خواري خلق
کلائڻ جي.
|
1. |
تڪڙ ڪري متان نينهڙو لائين، لائي پوءِ
متان پڇتائين،
قرب وارن جيئن قدم اُٺائين، وک وحدت
طرف وڌائڻ جي.
|
2. |
ريت پريت جي آهي نياري، بار برهه جو
بيشڪ باري،
ترڪ ڏيئي
تون
ڪر تياري، توڪل تند وڄائڻ جي.
|
3. |
مئي محبت جو ٿي موالي، خيال خودي کان
رهه تون خالي،
پيري مغان کان پيءُ پيالي، حر ٿي حڪم
هلائڻ جي.
|
4. |
ڇڏي سُکن جو سڀ سهارو ٿيءُ ’ولي بخش‘
ورهن وارو،
محبت ري ٻيو سڀ مونجهارو، ڪر لائڻ توڙ
نڀائڻ جي.
|
(93)
ٿلهه: |
ساهڙ منهنجو ساهه، ور ورن ۾ ڏيئي
ونگيو.
|
1. |
پار ميهار جي دونهين دُکي ٿي، اکين
ڏٺو اُهاءُ،
ميهر ميثاڪون مون
هو منگيو.
|
2. |
گهڙيءَ ڏم سان دم گذارڻ، آهي غير
گناهه،
ڏم ڏمر سان آهي ڏنگيو.
|
3. |
تار توڪل سان آئون
ترنديس،
اڳهه ڪري الله،
من ميهر جي رمزن رنگيو.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي هردم حامي، ساڻي
شهنشاهه،
لهريون لوڏا وينديس لنگهيو.
|
(94)
ٿلهه: |
اچي ساهڙ ٿي ساڻي، طاقت ناهي مون ۾
ترڻ جي.
|
1. |
مانگر مڇ هزارين مڙيا، واڳون آهن وچ
تي وڙهيا،
ويو پتوڙي پاڻي، مهل اها اٿئي يار ملڻ جي.
|
2. |
رنگ ڏسي پوءِ روح ڏنو ريلو، مون نه ڀانيو ته آهي ڪو ڀيلو،
آئون هُيس اڻڄاڻي، هيءُ آهي قضا جا
ڪين ٽرڻ جي.
|
3. |
کپر جهور ڏين ٿا جهڙڪا، ڪارُونڀار ۾
ڪن ڪن ڪڙڪا،
ڪري ڏم ڏمر ڏيهاڻي، کرڪن کجائي سا
ناهي کرڻ جي.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي ڪر تون واهر، اصل آهيان
اوهان جي آهر،
توڙ مُنڍي تاڻي، ويس وسان هاڻي ناهيان
ورڻ جي.
|
(95)
ٿلهه: |
ڪامون جيئن لائي متان
ڙي، پرت پرديسي يار سان. |
1. |
ويو ٻاروچو نڪري هاڻي، ڪنهن جي لاءِ
ڪتان ڙي. |
2. |
ڏٺم پير پنهل جو هوت ويو آ هتان ڙي. |
3. |
آءٌ پڻ ويندس اوڏهين جانب ويو آ جتان
ڙي. |
4. |
’ولي بخش‘ چئي ور لاءِ ٿيو ويچاري
وتان ڙي.
|
(96)
ٿلهه: |
ور
به
مان وري آءُ ته، وڃان ٿي ور ڏي. |
1. |
ڪئي مو بس ڀنڀور کان، نٿي ساهه سري. |
2. |
لکيو لوح قلم جو، پري ڪين ٽري. |
3. |
آهي
چت
چريو ڪيو، سندي ذوق ذري. |
4. |
محبت مچ مچايو، هلان ڪيئن هري. |
5. |
ڪيل قول پنهون سان، من پرت جو پري. |
6. |
هوت پنهنجا هٿڙا، شل ڌوٻڻ تي ڌري. |
7. |
آل عشق نار الله ۾، ٻانڀڻ ٿي ٻري. |
8. |
’ولي بخش‘
ور
لاءِ، ٿي ماندي هي مري.
|
(97)
ٿلهه: |
سسئي ڇڏ نه ست ڙي، ڪاهه ته پهچين ڪيچ
کي. |
1. |
کڻي تون پير پنهل جو، رائي
هارج رت ڙي. |
2. |
اصل آري ڄام جو، آهي سور سنگتڙي. |
3. |
پرزا پيرن سان ڪجان، پهڻ سڄو پربت ڙي. |
4. |
سڪ وارن سورن جو، عام نه ڏجان انت ڙي. |
5. |
ڪين ڇڏيندو ڇپرين، جانب ايندو
ئي جت ڙي. |
6. |
سڪ وارن تي سسئي، هوت ڌريندو هٿ ڙي. |
7. |
پيئندين ڄام پنهل سان، شوق وارو شربت
ڙي. |
8. |
’ولي بخش‘ چئي ور لاءِ، ووءِ ووءِ
ڪندي وت ڙي. |
(98)
ٿلهه: |
جت وڃئي ٿو زور ڙي هل ته پهچين هوت
کي.
|
1. |
غفلت توکان يار گوايو، سمهي تو آ سور
پرايو،
حجت توکان هوت وڃايو، دل ترازي تورڙي.
|
2. |
پت پنهل سان جا
پاريندي، سک ڀنڀور جا سا نه ساريندي،
گهوٽ بنان ڪينئن گهر گهاريندي، تون به ڏونگر
ڏور ڙي.
|
3. |
وڃ وڃي هاڻ ور ورائج، پير پٺتي تون نه
پائج،
سينو
ساجن سان نه ساهج، سر گهور ڪيو تون
گهور ڙي.
|
4. |
متان ويهين ور وساري، سور سڀئي کڻجان
ساري،
هوت گڏ بئي هاڙي ڌاري، پوءِ اتي آري
سان اور ڙي.
|
5. |
’ولي بخش‘ چئي وڃ تون ڪاهي، تنهنجو هاڻ هتي پوءِ ڇاهي،
جيئڻ آڏو جت آهي، مر ته ماڻين مور ڙي.
|
(99)
ٿلهه: |
ڪنيزڪ ڪيچيءَ جي اصل کان آهيان آئون،
پنهل سان پرت جون لڌيون مون
ڪي لائون.
|
1. |
ڀنڀور ۾ ڀوري ڪاڻ اديون ڄام آيو،
خوش ٿي کٽياڻي نازڪ نينهن لايو،
ويو پوءِ وساري پڇان رند راهون.
|
2. |
ڏکي ساڻ ڏيرن آهي ڏاڍ ڪيڙو،
جانب لاءِ جيڏيون جلي جان جيئڙو،
ڏکيءَ کي ڏکن تي ڏکڙا ڏنائون.
|
3. |
رهيو هاڻ هت ڇا وڃان ٿي وندر ۾،
پسان مان پنهل کي وڻڪار ور ۾،
ملي من محب مون منگان ٿي دعائون.
|
4. |
آڏا لڪ لڪيون جبل جال ڏونگر،
ڪنديس ڪاڻ ڪيچيءَ ڪافن ۾ ڪوڪر،
سڻي مان صاحب سائل جون سدائون.
|
5. |
’ولي بخش‘ ور لئه ٿي ٻانڀڻ ٻاڏائي،
مون کي محب منهنجو من موليٰ ملائي،
پڄائيندو پرور من جون مدائون. |
(100)
ٿلهه: |
آءٌ ڪم
ذات ڪوجهي، ککي کاڄ کائيان،
سمي ڪيس سڀاڳي سا
ٿي ڳالهه ڳائيان.
|
1. |
ڪُسب ۽ نصّب ۾، اصل کان آءٌ اڀري،
نوازي نظر سان، سمي ڪيس سڀري،
ڀلي ڪيون ڀلايون، ڀلا ڀال ڀائيان.
|
2. |
منهنجا ڪرت ڪوجها، آءٌ مي مهاڻي،
نوازي نظر سان، ڪيئين
راڄ راڻي،
نه شاهه سان شراڪت، ڳچي پانڌ پائيان.
|
3. |
ڏنا ڄام انعام، ڪنگالن کي ڪيئي،
ٿيا پر
پئينار، سائل سڀيئي،
پڻي ڄام پيرن، لڱن کي
آءٌ
لانئيان.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي شل، رهي
راءُ
راضي،
مڃي من محب مون، نوري جي نيازي،
ڪري نياز نئڙت، نميو سرڙو نانئيان. |
(101)
ٿلهه: |
آيو تڙ تماچي نوازئين اچي نوري،
مهاڻن سان محبت، رکي پرت پوري.
|
1. |
ڪينجهر جي ڪنڌي تي، ٿيا رس رهاڻيون،
ڪريو ميل محبت، ٿيون مرڪن مهاڻيون،
بدبوءِ بدلي، ٿي خوشبوءِ کٿوري.
|
2. |
کڻي کاڄ ککيون، ڪئي سڀني سلامي،
ڪري نياز نوريءَ، ڪيو عالم انامي،
ٿيو معاف محصول، وئي مجبوري.
|
3. |
سمي ڄام جا مدام، ويٺي ڳڻ ڳائي،
هئس کاڄ ککيون، کٿوري سا کائي،
ڪيو گوشو گندگيءَ، هاڻي ٿي حضوري.
|
4. |
سهاڳ سمي جي، ڪئي راڄ راڻي،
ويهو گڏ گوڏي،
ٿي
مرڪي مهاڻي،
وصال سان ’ولي بخش‘، ويس وهلوري.
|
(102)
ٿلهه: |
سوڍل کي ڙي سرتيون، ٿو ساهه منهنجو
ساري،
ويٺي واٽ نهاريان، ڪڏهن ايندو اوتاري.
|
1. |
ويهو وهائيان راتڙي، نکٽ نهاري،
موٽيو تان نه مهندرو، جو مئي ويو
ماري.
|
2. |
اکين آب سڪايو، اتي جيڏيون جر هاري،
گڏي مون کي گوندرين، هو ٻارڻ ويو
ٻاري.
|
3. |
سبق سڪ سورن جا، ويو سوڍو سيکاري،
وري وريو نه ولهو، آئون ماريس
مونجهاري.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي وصال جي، شل واڳ اچي
واري،
ڪا راڻل رهي راتڙي، من گڏجي گذاري.
|
(103)
ٿلهه: |
ميارون مون ڏي مهندرا، آهن مڙيئي،
بخش مون بدڪار کي، تون سوڍل سڀيئي.
|
1. |
ڪيم ڏوهه ڏنگايون، ساريم نه سيئي،
موٽي آيون منهن ۾، مون جانب ڪيون
جيئي.
|
2. |
اگلي اوڳي اوڳڻي، آئون آهيان اڳيئي،
ڍڪج ڍول ڍلايون، ڪو پاند پناهه ڏيئي.
|
3. |
سوڍا تولئه سڪن ٿيون، مون جهڙيون
ڪيئي،
ناتو ننگ نڀائج تون نڌر سان نيئي.
|
4. |
’ولي بخش‘ چئي ولها، آئون وس کان هاڻي
ويئي،
ڀري پلاند پاپ جا، آهيان پيش اچي
پيئي.
|
بيت
ياعلي مُشڪل ڪُشا دُل دُل سندا اي هسوار،
ٿيءُ مدد مسڪين جي هامي حمايت هر وار،
معاف مشڪل ڪر مڙيئي ۽ حب ڏي حيدر قرار،
لافتح الاعلي لاسيف الا ذوالفقار،
شيرِ يزدان شاهه مردان قوت پروردگار،
وارث وسيلا ’ولي بخش‘ کي دائم ڏيو پنهنجو ديدار.
بيت
سڏڙا سڻج سرور علي حاڪم هيڻن جا آ هلي،
گل آهين گوهر مٺا تنهنجي آ مون دامن جهلي،
تنهنجو طالب آهي جيڪو، تنهنجي ڀلا تون ڪري ڀلي،
تنهنجي طالبن سان کسي جو تنهن تڙيل کي هڻ تلي،
’ولي بخش‘ جي هر وقت واهر وسيلا ڪر ولي،
رهبر آهين راهنما آهي رمز رب تو ۾ رلي،
ساعت ڪر سولي تنهنجي طالبن
جي.
بيت
وحدت جا وينجهار وري ڪج ورڻ جي،
مدد تنهنجي مُصطفيٰ چڱا چارئي يار،
پنجتن پاسو تنهنجو هميشه هر وار،
طالب الموليٰ جا توسان آهن پرت پيار،
قريشي قلبن جا امين محمد اُجار،
ڦيرو ڪج فهيم تون جاني جيءُ جيار،
وارث ’ولي بخش‘ جا مُحب مٺا منٺار،
آهيون تون آڌار وارج واڳ وصال جي.
بيت
ساٿي سلام سڄڻن کي ڏج سو هزارين لک،
پرين تنهنجي پرت جي پيم هاڻ پرک،
ڪارڻ رب الک سگهو موٽج سپرين.
بيت
ساٿي سلام سڄڻن کي ڏجان ڪروڙين پدم،
عاشق اوهان جو آهيان اڳي کان عدم،
ڀريو ڪي قدم ’ولي بخش‘ ڏي وصال جا.
بيت
اچيو چڙهن چت تي چاليون ۽ ڳالهيون،
ٻي ڪنهن سان ڪرڻ جون ڪين ڪي جي تو سڄڻ سيکاليون،
ٻيون ڳالهيون ڳالهين جهڙيون هي نينهن جون نراليون،
اندر ڏيو اُڌما ٿيون اکيون ڪن آليون،
اهي پرين مون پاليون توسان ڪنديس تن جون.
بيت
مُحب سگها ملو اچي سڪايو آهي سڪ،
اچي ويهو وجود ۾ جيئن منڊيءَ مٿي ٽڪ،
لڳو نينهن نسنگ ٿي هاڻي ڪهڙي لڪوٽي لڪ،
وسهو ته وهه ٿي ’ولي بخش‘ وهڪ،
پرين پياري پڪ وري سار نه لڌوَ
سپرين.
بيت
اوهان سار نه لڌي سپرين آءٌ سڪان ۽ ساريان،
اچن سور سڌون ڪريو ڪهڙيءَ ٽل ٽاريان،
ورهه ۾ ’ولي بخش‘ چئي گهايل ٿيو گهاريان،
هنجون ٿو هاريان سگها مُحب ملو اچي.
بيت
اکيون اڻ جهل آ ڪريون مارين ٿيون مهمير،
ڪئين ڪُٺائون ڪيترا اڪابر امير،
ڪئين نمائي ڪجلين ڦيري ڪيا فقير،
هئا ’ولي بخش‘ وير پر وِرِهه وهائي آئيا.
بيت
اکيون اکڙين سان جڏهن ٿيون اٽڪن،
هو نهارين ناز مان هي نياز ۾ نمن،
پورا پاتا پيچ ڪي پڪا پنبڻين،
مون کي معشوقن نازن ساڻ نمائيو.
بيت
ناز ۽ نياز جو ڪونهي حد حساب،
نيڻن واري ناز جو آهه تکيرو تاب،
نياز نماڻو ٿيو آڻي رڳو آب،
سور سرجن سڪ مان آهي سڪ ثواب،
لاشڪ لاجواب ’ولي بخش‘ ورهه ٿيو.
بيت
مون ڏي مارؤ مير جا هزارين حرف
ٿيا،
الست بر
بکم مونڪي قول ڪيا،
عمر اباڻن ريءَ مون کي پهر پيا،
اسين اصل تنهنجا نڪي سيڻ سيا،
ويڙهيچا ويا سور تنهنجي سومرا.
بيت
سور تنهنجي سومرا سانگ ويا سانگي،
وريو نه ويڙهيچن مان وري ڪو وانگي،
آئون قابو ڪوٽ ۾ هو جهنگ رهيا جهانگي،
ان ريءَ اڙانگي ٿي گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.
بيت
سانگي تنهنجي سور ڏيهي پرڏيهي ٿيا،
سانگي ساريو سومرا
آئون وڃان ٿي وهلور،
لهن ڪين لک سينءَ من تان مارو مور،
’ولي بخش‘ چئي وطن کان ٿيا ڏيهائي ڏور،
آڌيءَ ۽ اُسور ساريو ويٺي ساريان.
بيت
ساريو ويٺي ساريان پکا ۽ پنوهار،
وسرن ڪين وجود مان ساڻيهه ۽ سنگهار،
قيدن
ڪنبايس ڪين ڪي ماريس آءٌ ميار،
مون ڏي مارؤ مير جا ٿيا حرف هزار،
سانگي ميل ستار واري ’ولي بخش‘ کي.
بيت
ڏسي اَڙنگ اُڀ ۾ ٿيون اکيون به اَڙنگ ڪن،
هو وٺو وڏڦڙو هي به وسيو ٿيون وسن،
هُن وسي بس ڪئي هي بي وس ڪين بيهن،
ساري پنهنجا سُپرين ڪيا اوهيرا اکڙين،
پسڻ ريءَ پرين ڪڏهن او ڪاڻيون ڪين ڪي.
بيت
ڪڏهن اوڪاڻيون ڪين ڪي وسي وسي وٺيون،
ماٺ نه ڪن مورهين محبت جون مٺيون،
’ولي بخش‘ وسن ٿيون قرب جون ڪٺيون،
سي سڀن کان سٺيون جن وسي پرينءَ واريا.
بيت
ڪاهي رسندي ڪيچ کي آري ٿيندو اڳواڻ،
سکن سانگ نه ڪيڙو سور آهنس ساڻ،
چئي ’ولي بخش‘ وساريو ڄام نه ڪيس ڄاڻ،
پهرين هن پروڙيو پرت جو پرياڻ،
پوءِ محبت جو مهراڻ پلٽي پيو پرت تي.
بيت
سهڻي صدقو ساهڙ تان پر سو ٻيا صدقا،
ڪندي هيئن نه قرب ۾ اندر کي اڌڪا،
ٻڌي ٻاتاري نه ٿي درياءَ جا ڌڌڪا،
ساهڙ ساڻي تنهنجو مان مري ائين منڌڪا،
’ولي بخش‘ وڌڪا سهڻي کان سڪ ۾.
بيت
آءٌ وڃان ٿي ور ڏي ور
به مان وري،
ڪيل قول پنهونءَ سان شل پرت جو پري،
ڪيم بس ڀنڀور کان نٿي ساهه سري،
’ولي بخش‘ ورهه جي آيو منجهه آري،
ٻانڀڻ ٿي ٻري کاڻي کوري وچ ۾.
بيت
کاڻي کوري وچ ۾ کٽياڻي کاڻي،
سکن سانگ نه ڪيڙو اچي سور ٿيا ساڻي،
پرت ۾ پنهل جي ٿي پڇي پر ٽياڻي،
’ولي بخش‘ ور لاءِ هي وندر وڪاڻي،
سنجهه ڪي سڀاڻي ڪاهي رسندي ڪيچ کي.
بيت
سهڻي کي ساهڙ ريءَ ساعت نه سرندي،
جا صدقو ڪندي سر کي پت تهين پرندي،
’ولي بخش‘ وسان ويئي سا وچان نا ورندي،
تار تانگهو ترندي وڃي پئي وٿاڻ تي.
بيت
ڪانگا وڃ قريب ڏي خبر ڪر خاصي،
تُنهنجيءُ طلب جا آهيون پرين پياسي،
ساجن سڪون تولاءِ ٿيو سڪ ۾ سنياسي،
آهيون اُداسي پرين تنهنجيءَ پياس ۾،
بيت
پرين تُنهنجي پياس ۾ سڪان ۽ ساريان،
اچڻ لئه عجيب ٿو نئين سج نهاريان،
’ولي بخش‘ چئي ورونهه ۾ اُڀو او ساريان،
هنجون ٿو هاريان سڄڻ تنهنجي سڪ ۾.
|