سيڪشن: شاعري

ڪتاب: پرين تنهنجي پياس ۾

باب:

صفحو:3 

سندن قبله مرشد گل سائين ﷥ جي جن خدمت ۾ به گهڻو رهڻ ٿيو ۽ باقاعده فقيري فيض حاصل ٿين ۽ روحاني رمزون ماڻيائون.

شاعري

پاڻ فقير سائين وڏن جي حياتيءَ ۾ ئي تمام ننڍي عمر ۾ شاعري شروع ڪيائون شعر لکندا سهيڙيندا ويا هڪ دفعي انهن شعرن کي ڪتابي شڪل ڏئي فقير منٺار سائين جن کي پيش ڪيائون، نظرثاني لاءِ فقير سائين جن شعرن جي مطالعي بعد ڪافي داد ڏنائون ۽ فرمايائون ته شاعري ته اوهان جي ڏاڍي سٺي آهي نالي کان سواءِ ماڻهو اسان جي ۽ اوهان جي شاعري ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهندا، پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا پر وري وقت سان گڏ هڪ دفعي اهڙي فقيري اوقات ۾ آيا جو اهو سڀ شعر ضايع ڪري ڇڏيائون، ڪو هڪ شعر يادگار طور به نه رهيو، ان بعد ڪافي عرصو شاعري ڪونه ڪيائون. پر وري جڏهن قبله طالب الموليٰ سائين ﷥ جن حج جي سعادت حاصل ڪري موٽيا ته ان خوشي ۾ ڪافي شاعرن شعر لکيا ته پاڻ به هڪ ڪافي لکيائون جيڪا پاڻ تائين رکيائون. ان سلسلي ۾ ٿيندڙ مشاعرن وغيره ۾ ڪانه پڙهيائون، ٿورن ئي ڏينهن ۾ قبله طالب الموليٰ سائين جن ناري جي دستوري مسافري تي آيا ته هڪ دعوت تي فقير امير بخش پنهنجي سنگ سان اها ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي، فقير سائين پائلٽ گاڏي ۾ هئا سي به لهي اچي ڳائڻ ۾ شامل ٿيا، قبله سائين جن لٿا اچي ته ڪافي غور سان ٻڌندا آيا. نالي مصرع به آئي پاڻ پاٿاري تي هلي ويٺا ۽ حڪم ڪيائون ته ڪافي وري ٻڌايو وري ڳائي وئي وري حڪم ڪيائون ته هاڻ ڪجهه دير ترسو هٿ منهن ڌوئون، چانهه پيئون ته وري ٿا ٻڌون ان بعد ٽيون دفعو ساڳي ڪافي ڳارايائون، فقير سائين ڳالهه ڪندا هئا ته ان دعوت تان ئي اسدالله شاهه کي خط لکيائون، جيڪو لنڊن ۾ هو ته مبارڪ هجيئو، فقير ولي بخش شاعري ڪئي آهي ۽ شروعاتي ڪافي ئي ڏاڍي متاثر ڪُن آهي ان بعد ڪڏهن ڪڏهن ڪن موقعن يا هونئن ئي شعر لکندا رهندا هئا.

گهڻو ڪري ڪافيون ئي لکيائون ڪجهه بيت:

اها شروعاتي ڪافي هتي ڏجي ٿي:

ٿلهه:

اڄ پرين پاتا پرتئون پير اهي پير چُمان پيزار چُمان.

 

1.

آيا پرين جتان پير ڀري جن سئيرن تان سڀ سئير ڪري،

سر ساهه صدق تن سئيرن تان، اهي سئير چُمان سؤ وار چُمان.

 

2.

اچي مون سان ملي منٺار، ٿيا هر جاءِ حسن هٻڪار ٿيا،

هئي حب جي هئين ۾ هير گهڻي اها هير چُمان هٻڪار چُمان.

 

3.

ويهي وحدت جا واپار ڪيئون، وهواهه ڀلي ڀڻڪار ڪيئون،

اهي مون تي ڀلائي جا ڀير ٿيا، اهي ڀير چُمان ڀڻڪار چُمان.

 

4.

’ولي بخش‘ وصال جا واءُ وريا، اچي محب مليا جي دل گهريا،

اها وير ڀلي جنهن وار آيا، اها وير چُمان اهي وار چُمان.

 

اهو به سندن لاءِ اعزاز هو جو هڪ دفعو قبلا طالب الموليٰ سائين رحه جن کين خط لکيو ته اوهان پنهنجي شاعري لکي موڪليو ته پڙهي لطف وٺجي ۽ ضروري اصلاح به ڪجي جو اهو مناسب نٿو لڳي ته اوهان جي شعر جو ڪو ٻيو اصلاح ڪري. فقير سائن هڪ ڪاپيءَ تي ترتيب سان ڪافيون لکي کين پيش ڪيائون، پاڻ سڀني ڪافين مان فقط هڪ ڪافيءَ جي رديف ۾ ترميم ڪيائون اها ڪافي هئي ته

سهڻا يار سڄڻ اهڙو ثواب ته ڪر

هيڪر پاسي رخ تان نقاب ته ڪر.

سائن ان ۾ ته کي نه ڪري اها ترميم ڪئي ته:

سهڻا يار سڄڻ اهڙو ثواب نه ڪر

هيڪر پاسي رخ تان نقاب نه ڪر.

اهو خط هتي ڏجي ٿو: 


سندن رهڻي ڪهڻي

فقير سائين جن اڪثر ڪري نيرو لباس استعمال ڪندا هئا، نيرو پهراڻ شلوار پائيندا هئا، پٽڪو گهڻو ڪري گيڙو رنگ جو ٻڌندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن مخمل جي ٺهيل گرم ٽوپي به پائيندا هئا، مرشد سائين جي آڏو گيڙو رنگ جو ڪپڙو ضرور ڳچي ۾ هوندو هئن، سياري ۾ اڪثر ڪري خاص ٺهرايل ڪوٽ پائيندا هئا، جيڪو ڏاڍو سهڻو لڳندو هئن، پهراڻ جي هيٺان خاص ٺهرايل سدري ضرور پائيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته صرف سدري ۽ گوڏ استعمال ڪندا هئا.

پاڻ بلاناغه اسُر جو تسبيح ۽ ذڪر ڏهر ڪندا هئا اهڙو ذڪر ڏهر جو انداز ۽ تسبيح ڪرڻ جو طريقو سماع جو انداز به ٻي ڪنهن کان ڪونه ٻڌوسين. محرم شريف جي ڏهين تاريخ صبح جو ۽ ميلي جي پهرين ڏينهن صبح جو مٿي درگاهه شريف تي هلي تسبيح سماع ۽ ذڪر ڏهر ڪندا هئا. ساڻن ذڪر ڪرڻ مهل ذڪر ڪرائيندڙ ماڻهو ايترا ته پابند هوندا هئا جو ڪنهن جي مجال ڪانه هوندي هئي جو ڪنهن جو آواز سر ۾ نه اچي يا الڳ لڳي سڀئي هڪ آواز هوندا هئا.

پاڻ فقيرن سان فقير ۽ اميرن سان امير لڳندا هئا، ڪڏهن ته مڪان جي ٻُهاري پيا ڪڍندا هئا ۽ ڪڏهن اميرن جي وچ ۾ ڪنهن شهنشاهه کان گهٽ ڪونه لڳندا هئا. منجهن ايڏي ته هشمت هوندي هين جو جلال ۾ هوندا ته ڪنهن ۾ همٿ نه ٿيندي هئي جو سامهون اچي کين غريبن لاءِ محبت هوندي هئي ۽ وڏيرا وئون ويندا هئن پاڻ ڪنهن به وڏيري کي سچ چوڻ ۾ دير نه ڪندا هئا.

ميلي جي محفل به سندن جهڙي ڪٿي ڪانه ٻڌبي سندن محفل جا اصول مقرر ٿيل هوندا هئا، مثال محفل ۾ راڳ هلندي ڪو ڳالهائيندو ڪونه ڀلي هزارين ماڻهو هجن، محفل ۾ جتي ڪانه آڻبي ڀلي ڪو نواب هجي کانڀ ڪانه ڪڍبي پير ڪونه سڌو ڪبو، اڳ پوءِ ٿي ڪونه ويهبو بلڪ هڪڙي لائين سان ويهبو انعام ڀرپور ڏبو پر ويٺي ويٺي اٿي وڃي انعام ڪونه ڏبو، اهڙي طرح اهڙا اصول مقرر ٿيل هئن، ڪنهن ۾ مجال نه هوندي هئي جو سندن اصولن جي خلاف ورزي ڪري. محفل ۾ عطر جو ڇڻڪار گلن جي ورکا به هلندي رهندي هئي. استاد منظور علي خان چوندو هو ته اڪبر بادشاهه جي درٻار ٻڌجي ٿي سا يقيناً اهڙي هوندي. ڪنهن کي اڪبري دربار ڏسڻي هجي ته فقير ولي بخش جي محفل وڃي ڏسي.

پاڻ قرب محبت به اهڙي ڏيئي ڄاڻندا هئا جو جنهن شخص به هڪ دفعو ڪچهري ڪئي اهو ڄڻ ته خريد ٿي ويو ۽ پاڻ اهڙا سوين ماڻهو ريءَ ملهه خريد ڪيائون به جنهن ماڻهو هڪ دفعو کين ڏٺو هوندو ان کي عمر ڀر نه وسرندا.

سير و سفر

پاڻ اڪثر ڪري وقت بوقت فقير سائين وڏن جي معتقدين ڏي مسافري تي ويندا رهندا هئا، انهن سان خوب ناتو نباهيئون بلڪ پنهنجا ذاتي معتقد پيدا ڪيائون. ڪن موقعن تي اهڙيون عجيب ڳالهيون ٿينديون هيون جو ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا، اهڙن واقعن مان ڪجهه مختصر هتي ڏجن ٿا. هڪ دفعي پاڻ چيلاڙي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٺڪر آئيڏان سنگهه جي ڪمدار علوڀيل وٽ دعوت تي ترسيل هئا، ان سال مڪڙن جو تمام زور هجي جو جنهن به ديهه ۾ اچيو لهن ته سڄا فصل چٽ ڪريو ڇڏين، وونئڻن جو فصل تيار هجي شام ٿي ته اچي مڪڙ لٿا علو فقير سائن جي ڪچهري ڇڏي هارين کي سڏ ڪرڻ لڳو ۽ تمام ششدر ٿي پيو ته هاڻ فصل تباهه ٿي ويندا. پاڻ جو اهو حال ڏٺائون ته علو کي پاڻ چيائون ته هاڻ هارين کي پريشان نه ڪر ۽ هتي اچي ڪچهري ڪريو علو ۽ هاري اچي ڪچهري ۾ ويهي رهيا. پاڻ مڪڙن ڏي اشارو ڪيائون صبح جو هاري اٿي ڏسن ته سڄي رات مڪڙ سندن ڍنڍ ۾ هئا، پر سندن فصل جو هڪ پن به ٽڪيل ڪو نه هو پاسي ۾ ماڻهن جا فصل تباهه ٿي ويا، پر ٺڪر آئيڏان سنگهه جو فصل بلڪل سلامت رهيو.

ماستر تاجو ڀيل سندن خاص معتقدن مان هو ان جو نياڻو ڏيچند ڀيل هڪ دفعي فقير سائين جي حاضري تي آيو. پاڻ ٻه ٽي ڏينهن هن کي روڪي ڇڏيائون ۽ ڪنهن طرف سفر تي گڏ وٺي ويا واپس آيا ته هن اجازت گهري پاڻ نه ڇڏيئون. نيٺ ٻي ڏينهن هن بنا موڪل جي رات جو نڪري وڃڻ جو سوچيو جڏهن ڪچهري ڪري سڀ ماڻهو آرامي ٿيا ته هي اُٿي روانو ٿيو، ڏسي ته فقير سائين جن سامهون بيٺا آهن خيال ڪيائين ته پاڻ اُٿيا هوندا، ڀلي آرامي ٿين وري ڪجهه دير کان پوءِ اُٿيو ته وري پاڻ بيٺا آهن وري ڪجهه دير ستو ٽيون دفعو وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين ته وري ڏسي ته فقير سائين جن سامهون بيٺا آهن. خيال ڪيائين ته هاڻ اسر ٽائيم آهي پاڻ شايد درگاهه شريف تي ٿا وڃن پوءِ ٿو وڃان اهو سوچي جو سندن پاٿاريءَ ڏي نهاري ته پاڻ آرامي آهن هوڏانهن ڏسي ته سامهون بيٺا آهن، بس پوءِ ته يقين ڪري اچي سمهي رهيو صبح جو فقير سائين جن چيس ته ڏيچند رات لڪي وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي بس پوءِ وڃي پيرن تي ڪِريو ۽ معافي ورتائين پوءِ پاڻ خوشي سان اجازت ڏنائون.

وري هڪ دفعي ماستر تاجو وٽ ٻوکلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ دعوت تي هليا ڪچهري پي هلي ته پاسي ۾ هڪ چنونري کي اچي باهه لڳي ٽي چئونرا گڏ هئا، جن مان هڪ هاشم ڀيل جر چـؤنرو به هو پاڻ هاشم کان پڇيائون ته ڇا ٿيو آهي، هاشم چيو ته سائين باهه لڳي آهي ۽ هاڻ ته ٽانڊا منهنجي چئونري تي پيا ڪِرن همت ڪري ٽپڙ اندران ڪڍي وٺون پاڻ اُٿيا ۽ گڏ ٿيل ماڻهن کي چيائون ته اچو ته اچي ڪچهري ڪريون، باهه هاڻ پاڻهي ٿڌي ٿي ويندي، ائين چئي باهه ڏي منهن ڪري ڪجهه پڙهيائون ته باهه اتي جو اتي وسامي وئي ڪوبه نقصان نه ٿيو.

هڪ دفعي پاڻ ڪنهن دعوت تي ويل هجن جنهن گهوڙي تي سواري ڪري ويا اها فقير سائين وڏن جي سواري جي گهوڙي هجي ۽ تمام ڀلي هئي ڪجهه چورن صلاح ڪري سندن پيڇو ڪيو ته اها گهوڙي چورائجي رات جو ڪچهري ڪري.

ماڻهو جڏهن آرامي ٿيا ته چور آيا جيڪي اتي ئي ڀرپاسي ۾ لڪل هئا گهوڙي وٽ اچن ته هڪ همراهه آهي جيڪو اتي ڦِري پيو چور موٽي ويا. اهڙي طرح وري وري پڪ ڪري ماڻهن کي سُتل ڏسيو گهوڙي وٽ اچن ته اڳيان همراهه بيٺو آهي، پري وڃن ته ڪير به ڪونهي سڄي رات جي ڪوشش باوجود کين مايوس واپس موٽڻو پيو، پوءِ اها پڪ ٿين ته فقير جي ڪک جو به نقصان نٿو ٿي سگهي.

اهڙا ٻيا به ڪافي واقعا آهن پر هتي ڪتاب جي طوالت جي ڪري چند واقعا مثال طور ڏجن ٿا:

مڪان جي خدمت و رياضت

پاڻ اڪثر هڪ واقعي جو ذڪر ڪندا هئا ته ڪيئن اسان هن رياضت جي شروعات ڪئي، فقير منٺار سائين رح جي وصال کان سگهوئي پوءِ هڪ دفعو هالا شريف وڃڻ ٿيو، قبله مرشد غلام محمد گل سائين رحمـﺔ الله عليه جن جي حاضري ٿي پاڻ سڀني ننڍن وڏن جي خيرعافيت معلوم ڪري پڇيائون ته فقير هن سال فصل ڪيئن ٿيا، پاڻ چيائون ته شڪر آهي گنج ٿيا. سائن وري فرمايو ته ڪيترو فصل ٿيو تفصيل ٻڌايو ان سال صرف ٻه ٽي ايڪڙ ٻني پوکي هيٺ اچي سگهي هئي، سو پاڻ تفصيل ٻڌايائون ته قبله ٻٽيهه مڻ ڦُٽيون ٿيون آهن جن مان اڌ هاري جو حصو آهي باقي سورهن مڻ ڦُٽيون ٿيون آهن، ان وقت شايد ڪو ٻه ٽي روپيه مڻ هو، سائن اهو ٻڌي فرمايو ته فقير اهو ته تمام گهڻو گنج ٿي ويو، ايڏا پئسا خرچ ڪٿي ڪبا. فقير سائين خاموش رهيا ڇو جو رقم ته هئي چند رپيا جا خرچجي به چڪي هئي، ۽ سائين پيا فرمائين ته ايڏا پئسا ڪيئن خرچ ڪبا، وري ڪجهه دير بعد سائن فرمايو ته فقير اسان جي مرضي آهي ته ان رقم مان فقير جي مڪان کي پڪو ڪوٽ ڏيارجي، اهو ڪم وڃين ڪريو. فقير صاحب جن موٽي آيا ان وقت صرف قُبي ۽ مسجد شريف ۽ چؤکنڊي جي ڪجهه حصي کان سواءِ ٻي ڪابه تعميرات ٿيل ڪانه هئي. واپس اچي پاڻ سوچ ۾ پئجي ويا ته رقم ته موجود ئي ڪانه آهي پڪو ڪوٽ ڪيئن ڏيارجي، پر قبله سائين جو حڪم آهي اهو به ضرور پورو ڪرڻو آهي، خيال ڪيائون ته مال مان ڪجهه کپائجي يا ٻني مان ڪجهه حصو کپائجي اهي خيال ڪندي وري سومار شريف اچي ويو، پاڻ هالا شريف ويا جڏهن حاضري تي ويا ته قبله گل سائين جن فرمايو ته فقير اسان اوهان کي چيو ته مڪان جي وڃين خدمت ڪريو يا موجود شيون کپايو. اوهان بسم الله ڪري ڪم ۾ وڃين هٿ وجهو، اسان جي همراهي اوهان سان آهي ڪم پاڻهي پيو ٿيندو، بس پوءِ ته طريقو ملي ويو موٽندي ئي سِرن جو بٺو لڳرايئون ۽ ڪم چالو ٿي ويو پوءِ ته ڪم هلندو ويو خبر ڪانه پئي ته ڪم ڪيئن ۽ ڪٿان پيو ٿئي. ڪوٽ ٺهي بس مس ٿيا ته هڪ دفعي ڏينهن جو ٻنين تان ٿي موٽيا اوطاق جي ٺهيل لانڍي ۾ آرامي هئا ته ڪو شخص پيو چئين ته فقير اٿي بنگلو ٺهراءِ پر هن نقشي سان بنگلو ٺهراءِ کين وري ننڊ اچي وئي، ته وري اهو شخص ائين پيو چئي پاڻ سجاڳ ٿي وري سُتا ته وري ان شخص ٻانهن مان جهلي اچي اُٿاريو، ۽ نقشو ڏسي چيو ته ههڙو بنگلو ٺهراءِ پاڻ اُٿي ڏسن اهو شخص ظاهر ظهور بيٺو آهي ۽ ٻاهر روانو ٿيو پاڻ هڪدم اُٿي ٻاهر ڏسن ته ڪوبه شخص ڪونه آهي.

کين اهو نقشو ياد هو هڪدم پني تي ٺاهي ورتائون ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بنگلي جي تعمير جو ڪم شروع ٿي ويو، ماڻهو حيرت ۾ پيا، ...... ته نالي ماتر آمدني مان هزارين لکن جا خرچ پيا هلن ۽ سندن ڪم سررو شاهه جي سگهه جو ظاهري نمونو هئا اهو بنگلو ٺهي تيار ٿيو پر ڪجهه سالن کان پوءِ برساتن ڪري ڪن هنڌن تي ڪريڪ ٿي پيو ته پاڻ ان جي رپيئرنگ بجاءِ وري نئون بنگلو جوڙڻ جو فيصلو ڪيائون، جيڪو اڃان موجود آهي ان بنگلي ٺهڻ تائين هڪ ٻيو ننڍو بنگلو ٺهرايائون، جنهن ۾ شفٽ ٿي پوءِ بنگلي جو ڪم نئين سر شروع ڪيائون، اهو ڪم اهڙو ته مضبوط ڪرايائون جو اهو ٿوري عرصي ۾ جُڙِي راس ٿيل بنگلو اڄ  51 سالن کان پوءِ به نئون ٿو لڳي. اندر جو رنگ اڃان به ساڳيو ٿيل آهي، ننڍي بنگلي ۽ وڏي بنگلي جي وچ ۾ هڪ لانڍي تيار ڪرايائون، سياري ۾ مچ جي ڪچهري لاءِ اها به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، لانڍي جي اڳيان هڪ ٿلهو مٿي ڀراءُ ڪري جوڙايائون اونهاري ۾ رات جي ڪچهري لاءِ وڏي بنگلي جي اڳيان ٿلهو ۽ اسٽيج جي جاءِ جوڙايائون جتي اڃا تائين هر سال ميلي جي محفل ٿيندي آهي. سندن ايڏا ڪم ڏسي ماڻهن ۾ حيرت جي حد ئي ڪانه رهندي هئي ڪي چوندا هئا ته فقير ڪيمياگر آهي ڪن جو خيال هوندو هو ته وهاڻي هيٺان پئسا ٿا نڪرن، ڪي ڪيئن چوندا هئا ته ڪي ڪيئن ڪي ته مرڳو کين تنگ ڪندا هئا ته سائين اهو نسخو اسان کي به ٻڌايو، پاڻ جواب ڏيندا هئا ته ابا اسان وٽ ته صرف مرشد جي ڏسيل ذڪر جو نسخو آهي، اهو ٿا ڪريون ڪم پاڻهي قدرت پئي ڪري مون کي هڪڙو ماڻهو ياد آهي. جنهن کي اها ڳالهه اهڙي اچي دماغ ۾ ويٺس جو فقير سائين کي ته تنگ ڪندو رهيو پر کائن پوءِ اها ڪوشش مون تائين جاري رکيائين ته فقير ضرور اوهان کي سون ٺاهڻ جي واٽ ڏسي هوندي مون کي ڏسيو آخر تائين سمجهي نه سگهيو ته اهو ڪو علم نه پر سرور شاهه جي سگهه آهي.

فقير سائين جي حياتي ۾ گهڻو ڪري ٿورو گهڻو رياضت جو ڪم هلندوئي رهندو هو سندن وصال واري سال به لانڍي کي نئون ڪرڻ ۽ ٿلهن جي رپيئرنگ جو ڪم هليو پي مڪان جي رنگ جو ڪم هليو پي مٿان ميلو ويجهو هو اهو ڪم هلندي ئي پاڻ راهه رباني تي راهي ٿيا.

سندن اولاد

جيئن ته مٿي ذڪر ٿي آيو ته سندن شادي ننڍپڻ ۾ ئي ٿي سال ڏيڍ جي اندر ئي الله سائين کين هڪ نيڪ ۽ صالح فرزند عطا ڪيو ان جو نالو فقير ولي محمد رکيائون جنهن جي پرورش به فقير سائين وڏن جي زير سايهءِ ٿي اڃا چئن پنجن سالن جا مس ٿيا ته فقير منٺار سائين جن وات ۾ پنهنجي پڪ مبارڪ ڏئي دعا ڪري مدرسي ۾ ڇڏيائون جتان ٿوري ئي عرصي ۾ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيائون ته فقير سائين وڏن رحلت فرمائي ان بعد ننڍي عمر کان ئي پاڻ پنهنجي والد فقير ولي بخش سائين جن سان هر ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا فقير ولي محمد سائين به انيڪ خوبين جا مالڪ هئا جن جي تفصيلي ذڪر لاءِ الڳ ڪتاب گهرجي پر جن ماڻهن کين ڏٺو هوندو اهي ئي ڄاڻندا ته بيشڪ اهڙو نيڪ صالح ۽ فرمانبردار فرزند الله سائين ڪنهن خوش نصيب پيءُ کي ئي عطا ڪندو پاڻ ڪڏهن به فقير ولي بخش سائين کي بابا چئي مخاطب نه ٿيا هميشه فقير سائين چوندا هئا ۽ سندن هر حڪم کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض اولين سمجهندا هئا جواني کي رسيا ته فقير سائين تان ٻني ٻاري مال متاع جي سنڀال ۽ مڪان تي ايندڙ مهمانن فقير فقراءَ جي نگر فڪر جي اون ئي لهي وئي پاڻ ويٺا مهمانن سان ڪچهري ڪندا هئا سڀ ڪم ماڻهي ٿيندو هو خاص طرح ميلي جو ننگر تيار ڪرڻ ۽ هٿ سان وڌي کارائڻ سندن ذمي هوندو هو پاڻ رڌ پچاءُ ۾ صفائي جو به خاص خيال رکندا هئا ذري به ڪوتاهي برداشت نه ڪندا هئا اهڙا ڪافي مثال ماڻهن اکين سان ڏٺا جو چند ماڻهن لاءِ ٺهيل طعام سوين ماڻهون کائي خوش ٿي ويندا ۽ ڪرئي ڪانه پوندي هئي حاضرين حيران ٿي ويندا هئا مڪان جي خدمت و رياضت ۾ به فقير سائين حڪم ڪندا هئا ته هر شيءِ ضرورت کان وڌيڪ. الا جي ڪيئن ڪٿان مهيا ٿي ويندي هئي. مطلب ته جيڪو ماڻهو ساڻن مليو. هوندو اهو سندن يار ويس طبعيت کي وساري نه سگهندو.

فقير سائين جو اڪيلو فرزند جڏهن جوان ٿيو ته سندس شادي لاءِ ڪافي رشتا اچڻ لڳا پر پاڻ ڪنهن فقيري گهر ۾ رشتي جي ارادي سان سڀ رشتا ٺڪرائيندا ويا. آخر اهو گهر به مليو جنهن جي کين ڳولا هئي قبله مرشد طالب الموليٰ سائين اها رشتيداري حاجي حليم فقير درس جي فرزند سوني فقير جي گهر ڪرڻ فرمائي ۽ فقير سائين جن آمين ڪيو حاجي حليم فقير ۽ عارب فقير درس صاحب ڪرامت الله وارا درويش ٿي گذريا آهن اها خوش نصيبي اسان جي حصي ۾ اچڻي هئي جو ڏاڏاڻا چاهي ناناڻا سرور شاهه جا خاص فقير الله سائين جا پيارا بزرگ ٿي گذريا آهن.

فقير سائين جن پنهنجي فرزند جي شادي جو ڪاڄ به اهڙو مثالي ڪيو جو جن ماڻهن اهو ڪاڄ اکين ڏٺو تن جو چوڻ آهي ته اسان اهڙو ڪاڄ ڪنهنجو نه ڏٺو ٽي راتيون ٽي ڏينهن يعني ڇهه ٽڪ ڪاڄ هليو ۽ اهو انتظام به مثالي هو.

هتي هي ذڪر به ڪندو هلان ته فقير سائين کي بابا سائين کان سواءِ هڪ فرزند ۽ نياڻي جو اولاد ٻيو به هو جيڪي ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا هئا ان ڪري بابا سائين جن کي سندن اڪيلو فرزند ڪري لکيو ويو.

20 جماد الآخر 1387ع مطابق 25 سيپٽمبر 1967ع تي هن ناچيز جي ولادت ٿي فقير سائين ان موقعي تي هيءُ ڪافي لکي.

ٿل: منهنجو دوست دلبر اجهو يار آيو.

منهنجي ملڻ لاءِ واليءَ ورايو.

منهنجي ولادت کان اڳ ئي پاڻ نالو رٿيو هئائون ته امداد علي نالو رکبو ولادت وقت نانا حاجي عبدالحليم فقير جن هتي هئا انهن فقير سائين کي ٻڌايو ته رات خواب ۾ هڪ بزرگ اچي فرمايو آهي ته فقير ولي محمد کي فرزند تولد ٿيندو ان جو نالو محمد بخش رکجو ائين پاڻ هن فقير جو نالو فقير محمد بخش رکڻ فرمايائون.

ان بعد 1972ع ۾ ڀاءُ فقير لطيف علي جي ولادت تي ان جي نالي رکجڻ جو به عجيب اتفاق ٿيو جو سندس ولادت کان ٻي ڏينهن پوءِ فقير سائين جن جو هالا شريف وڃڻ ٿيو قبله طالب الموليٰ سائين رح جن جي حاضري ٿي ته پاڻ بابا سائين جي خيريت معلوم ڪيائون وري منهنجو پڇيائون ته فقير سائين عرض ڪيو ته قبله ولي محمد کي ٻيو فرزند ٿيو آهي پاڻ پڇيائون ته پوءِ ان جو نالو ڇا رکيو اٿو فقير سائين عرض ڪيو ته قبله ان جو نالو سائين رکندا پاڻ فرمايائون ته پوءِ اسين نالو ڳوليون سڀاڻي پڇجو ٻي ڏينهن پاڻ صبح ساڻ حيدرآباد اسري ويا ۽ فقير سائين لاءِ چئي ويا ته اتي اچي فقير سائين حيدرآباد بنگلي تي پهتا حاضري ٿي ته پاڻ فرمايائون ته فقير نالو مليو آهي. لطف علي اتي ئي فقير سائين مٺائي گهرائي ورهائي.

وري 1978ع ۾ اسان جي ٽي ڀاءُ خادم علي جي ولادت ٿي ان جو نالو فقير سائين جن پاڻ رکيو.

اسان ٽنهي جي پرورش سندن زير سايهءِ ٿي اها به هن فقير جي خوش قسمتي چئجي جو ڪافي وقت سندن خدمت جو موقعو مليو. گهڻو وقت سندن حاضري ۾ رهڻ ڪري سندن صحبت مان پرائڻ جو موقعو مليو.

سندن دنيا مان رحلت

کين عمر جي آخري سالن ۾ ڪافي آرزو رهيا علاج به هلندا رهيا. دوائن جو پابندي سان استعمال ۽ ڊاڪٽري پرهيز پابندي سان ڪرڻ به اسان فقير سائين جهڙي نه ڏٺي مهينن جا مهينا ڦڪي رٻِ استعمال ڪرڻي پئي ته به خوشي سان ڪيائون آخري ٽائيم به مڪان جي مرمت جو ڪم هلندڙ هو ميلي ۾ صرف ڏهه ڏينهن بچيا هئا پاڻ طبيعت ۾ به بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هئا رات واري ماني گڏجي کاڌي سون ڪچهري ڪري اسين بابا سائين سان گڏ گهر آياسين پاڻ آرامي ٿيا.

سندن حاضري جو خاص ماڻهو محمد علي فقير ۽ ڪجهه ڪم وارا مستري موجود هئا ان مهل ئي پاڻ ڪجهه تڪليف جي شڪايت ڪيائون هڪ ماڻهو بابا سائين جن کي سڏڻ آيو ۽ هڪ ماڻهو ڳوٺ ۾ موجود ڊاڪٽر کي وٺي آيو ان کان اڳ ۾ ئي پاڻ پنهنجي پاٿاري تي سڌا ٿي ستا ۽ ٽي دفعا ڪلمون پڙهي راهه رباني اختيار ڪيائون اها تاريخ 29 محرم الحرام 1403هه مطابق 5 نومبر 1983ع ڇنڇر جي رات هئي.

سندن رحلت بعد سندن فرزند فقير ولي محمد سائين جن درگاهه جا سجاده نشين ٿيا سندن سجاده نشيني جي دور ۾ هر ڪم جيئن جو تيئن پاڻ اڳي کان به اڳرو هلندو رهيو پر فقير سائين جن جي ظاهري جدائي جو مٿن تمام گهڻو اثر ٿيو جيڪو ظاهر ٿيڻ ته ڪونه ڏنئون پر فقير سائين جن جي رحلت کان صرف انداز سترهن مهينا ئي اسان وٽ رهيا ۽ مختصر عليل ٿي 25 رجب 1405 هجري مطابق 17 اپريل 1985ع بروز اربع تي هن دنيا فاني کي الوداع چئي راهه رباني تي راهي ٿيا.

سندن وصال کان پوءِ درگاهه شريف جي ٻهاري جو بار ننڍي عمر ۾ ئي هن فقير جي ڪُلهن تي پيو اها ته قبله مرشد  طالب الموليٰ سائين ﷥ جن جي ڪرامت ئي چئجي جو مڪان جو هر ڪم هر روايت دستوري طرح هلندا رهيا، ڪوبه خاص فرق نه پيو  ور نه فقيري جي ف تي پهچڻ محال آهي، 1990ع ڌاري منهنجي شادي قبله طالب الموليٰ سائين جي حڪم سان پنهنجن عزيزن مان ڳوٺ مان ٿي. 16 ڊسمبر 1992ع 20 جمادالآخر 1413هه تي مون کي فرزند عطا ٿيو ٻن ڏينهن بعد هالا شريف آياسين، قبله سائين ان ڏينهن طبيعت جي ناسازي ڪري ڪنهن سان به ڪونه ٿي مليا، ان هوندي به اسان کي ملڻ لاءِ سڏيائون. ننڍڙي جي ولادت جو ٻڌايوسين ۽ نالي لاءِ عرض ڪيوسين ته ڪهڙو رکجي ته پاڻ هڪدم فرمايائون ته نالو رکبو فقير ولي بخش وري ڪجهه دير رکي چيائون ته اسان جي هوندي فقير ولي بخش موٽي آيو آهي وري ٻيو ننڍڙو ٿيندو، ان تي والد جو نالو رکبو، ائين چئي ڪافي دير دعائون ڏنائون، ايتري عنايت ٿيڻ ان مهل ته سمجهه ۾ ڪانه آئي پر پوءِ پتو پيو جڏهن ان کان صرف ويهه ٻاويهه ڏينهن بعد قبله سائين جن جو وصال ٿيو اسان کي ظاهري جدائي جو داغ ڏيئي پنهنجي اصل وطن اُسهيا.

15 آگسٽ 1994ع ٻيو فرزند عطا ٿيم جنهن تي قبله سائين جي ڏنل حڪم موجب بابا سائين جو نالو فقير ولي محمد رکيوسون، وري نومبر 1996ع تي ٽيون فرزند تولد ٿيو جنهن جو نالو فقير اعجاز علي رکيوسين. 1999ع ۾ چوٿون فرزند تولد ٿيو جنهن جو نالو فقير فياض علي رکيو ويو ۽ 2002ع ۾ پنجون فرزند ٿيو جنهن جو نالو فقير محمد طلحٰه رکيو ويو.

آخر ۾ ڪجهه عرض هن رسالي جي ڇپجڻ بابت:

فقير ولي بخش سائين جي رحلت کان پوءِ بابا سائين جن فقير سائين وڏن جي رسالن جي ڇپائي جي ڪم سان گڏ هن رسالي کي ڇپائڻ جو ڪم به هٿ ۾ کنيائون، قبله طالب الموليٰ سائين جن مهرباني فرمائي رسالي جو مهاڳ لکي ڏنو جيڪو هن ڇاپي ۾ يادگار طور ڏجي ٿو. پر بابا سائين جي وصال سبب رسالي جو ڪم رهجي ويو پوءِ هر سال اها خواهش رهندي آئي ته جلد فقير ولي بخش سائين جو رسالو ڇپائجي، آخر 1999ع ۾  منٺار فقير اڪيڊمي کي سندن شعر ڇپائڻ جو اعزاز مليو. سوانح حيات لکڻ کان وٺي پروف ڏسڻ تائين گهڻو ڪم پنهنجي هٿ سان ڪيو اٿم، انڪري جو ٿيندڙ ڪوتاهين لاءِ ڪنهن دوست کي ذميوار ٺهرائڻ بجاءِ پنهنجي سر کڻي سگهجن. قبله مخدوم محمد امين فهيم سائين جن جي مهربانين ۽ دعائن ۽ قبله مخدوم جميل الزمان سائين جن جي رهنمائي جوئي نتيجو آهي جو هي ڪتاب تمام مختصر عرصي ۾ ڇپجي سگهيو. ان سان گڏ آئون چاچا سرفراز راڄڙ، عبدالله ورياهه، پياري خان شر ۽ جان محمد راڄڙ جن جو به نهايت ئي مشڪور آهيان، جو سندن ساٿ کان سواءِ هي ڪم ممڪن نه هو. آئون محترم مقبول ميمڻ صاحب اسناد پريس جو ٿورائتو آهيان جنهن تمام مختصر ٽائيم ۾ هي رسالو ڇپي ڏيڻ جي حام هنئي ۽ اها حام پوري ڪري ڏيکاريائين.

شڪريه ادائي:

1999ع ۾ ڇپيل رسالو بنهه ناياب ٿي ويو، جو هن سال وري قبله مخدوم سعيدالزمان سائين چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جن جي حڪم تحت سنڌي ادبي بورڊ طرفان رسالي جو هي ٻيو ڇاپو ڇپجي منظرِ عام تي آيو. ان لاءِ آئون انتهائي ادب ۽ احترام سان مرشدنا قبله مخدوم جميل الزمان سائين جن جو شڪرگذار آهيان جو سندن دعائون ۽ رهنمائي هر وقت رهي پاڻ رسالي جو مطالعو ڪيائون ۽ سندن طرفان اڳ ۾ لکيل دعا جا ٻه اکر نئين سر لکي ڏيڻ جي عنايت ڪيائون. آئون گهڻي ادب سان قبله سعيدالزمان سائين جن جو احسانمند آهيان جو سندن ذاتي دلچسپي سبب ئي رسالو جلد ڇپجي سگهيو.

آئون سيد سڪندر علي شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، گل حسن درس ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي جملي اراڪين جن جو به هن ڪم ۾ ڪردار رهيو آئون سندن ممنون آهيان سندن محنت قابلِ داد آهي.

آءٌ رسالي جي ڇپائي ۾ ٿيل ڪوتاهين تي اڳواٽ ئي معذرت خواهه آهيان ۽ سڀني اهلِ علم حضرات کي گذارش ڪندس ته رسالي جي مطالعي بعد رهيل ڪوتاهين کان خط و ڪتابت ذريعي يا روبرو آگاهه ڪندا رهندا. جيئن اهي نوٽ ڪري آئينده انهن جو ازالو ڪري سگهجي.

دعائن جو طالب

خادم الفقراءُ

فقير محمد بخش راڄڙ ضامن

چيئرمين منٺار فقير اڪيڊمي

درگاهه منٺار فقير راڄڙ کاڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org