ٿلهه: |
محب مٺا منٺار ائين نه مناسب توکي
جڳائي. |
1. |
اچي اچي نه وچ تان ورجي
ڌيانڙو ڪو دل ۾ ڌرجي،
هوت هيئين جا هار. |
2. |
ڏڏ ڏوهاري ڏٻرا آهيون تومان
آس اميد نه لاهيون،
اکڙين جا اجار. |
3. |
قدم قرب جا پرين ڪي پايو دل جا حال محرم آهيو،
محمّد جا مهندار. |
4. |
واڳ وصل جي وارث واريو
اُڃيا عشق جا پُر پياريو،
ساقي سندم سردار. |
5. |
تنهنجا آهيون آلي موالي، حاڪم هادي ڇڏ
مَ خالي،
اڙين جا آڌار. |
6.
|
خاميون خطائون منهنجيون مڙيئي ڍڪج پاند پناهه جو ڏيئي،
ڍوليا ڍڪڻ هار. |
7. |
سوا زاريءَ
ڪو
زرو نه هلي ٿو جيءُ جدائي ۾ جاني جلي ٿو،
پيرل ساءِ پڳدار. |
8.
|
هادي منهنجو آهين حاڪم برهه تنهنجو آهي
بالم،
توحيدي تاجدار. |
9. |
سدا تنهنجو ساٿ سلامت اعليٰ تنهنجو عشق امامت،
ٻنهي جڳن جنسار.
|
10. |
پنجئي ٻارهين هوندئي حامي چارئي چوڏهين محب مدامي،
ننگ ڀريا ننگدار. |
11. |
چئي چئي ڀلا ڇا ٻڌايون جهڙا تهڙا تنهنجا آهيون،
سهڻن جا سالار. |
12. |
واحد لڳ سائين واڳ ورايو، پازيءَ پنهنجي کي پهرايو،
وحدت جا وينجهار. |
13. |
سڀ ڇڏين پر تون نه ڇڏجان، گل گداگر پاڻ سان گڏجان،
مون ڏي سڀ ميار. |
14. |
تون موليٰ جو آهين طالب آئون آهيان تنهنجو طالب،
ڪامل ڪلادار. |
15. |
تنهنجا آهيون ٻي جا ناهيون تولاءِ ويٺا يار واجهايون،
پر ڪرين پينئار. |
16. |
’ولي بخش‘ جا والي وارث پيري مغان پريمي پارس،
دل وڻيا دلدار. |