ٿلهه: |
اچ
يار وري هڪ واري آئون صدق وڃان سؤ واري،
آئــــــــون کــــــــهــــــــور
وڃــــــــــــــــان لــــــــک
واري.
|
1. |
پهرين پيارل پيار ڪيو ئي، پوءِ وري ڪو
ترس نه پيو ئي،
ڪهڙو روح ۾ خيال رهيو ئي انهيءَ
مونجهه مٺڙا آهيان ماري.
|
2. |
جانب جدائيءَ ۾ جيئڙو جلي ٿو، ڪو وس توسان نه حاڪم هلي ٿو،
ٻيو لوڪ سارو خوش ٿي کلي ٿو، هڪ آئون اوهان جي عشق آزاري.
|
3. |
مٺڙا مون کان منهن م لڪايو، پردو حجاب جو لالڻ لاهيو،
سڪنديءَ کي سائين ڪيم سڪايو، تنهنجي تات طلب آهي تاري.
|
4. |
توسان
ڪهڙي حجت هلايان، تنهنجي جوڙ جتيءَ جو
ناهيان،
تومان
آس اميد نه لاهيان، تو ساجن ڪين
سنڀاري.
|
5. |
ڪڏهن ڳل ڳرهاٽيون پيارا تو پاتيون، واهه واهه وصال جون اهي يار راتيون،
پايون پرين تو ٿي جهاتي ۾ جهاتيون، ڪيئه ڪانه منهنجي پوءِ ڪا پوئواري.
|
6. |
ازل سر تي آيو ڪي ايندو، وٺي ساهه ساجن مون کان سو ويندو،
ڪو ترس تر جو تنهن کي نه پيندو، هيڪر حياتي ۾ ڏيو ڪا ڏيکاري.
|
7. |
’ولي بخش‘ کي بخشيو پڇايون، ڪيم ڏسو
ائين ڪامل ڪچايون،
ناتو نينهن جو اچ ته نباهيون، دلدار ڏيو ڪا دلداري. |