سيڪشن: شاعري

ڪتاب: پرين تنهنجي پياس ۾

باب:

صفحو:4 

شجرو

1: فقير محمد بخش بن فقير ولي محمد بن فقير ولي بخش بن فقير پير بخش ابن حضرت منٺار فقير راڄڙ رحمت الله عليه

2: بن قبول محمد (3) بن پرچي (4) بن علودو (5) بن مست علي (6) بن شاهو (7) بن عبدالرحمٰن (8) بن جرڪس (9) بن پکريو (10) بن جرڪس (11) بن هاشم (12) بن ويرسين (13) بن پاتو (14) بن جرڪس (15) بن ٻنڀڻ (16) بن ڏيرو (17) بن راڄڙ (18) بن جکرو (19) بن جيهو (20) بن جوڻو (21) بن هوٿي (22) بن انڙ (23) بن سمون ڄام (24) بن راءِ رائيڌڻ (25) بن ڪاڪو (26) بن لاکو (27) بن لاکيار (28) بن اوڍار (29) بن اوڍو (30) بن سمون (31) بن جادم.

3: پرچي جو ڀاءُ حاجي هو جنهن جو اولاد گل يوسف ۽ حسن وارا ڳوٺ ۾ رهندا اچن.

4: علودي جو ڀاءُ ميهل هو جنهن جو اولاد پيراڻي يار محمد وارا آهن.

5: مست علي جا ڀاءُ دادو، ساماڻو، سليمان ۽ رمن هئا جن مان دادو جو اولاد ننڍي کاڻي ۾ گل وارا ساماڻي جو اولاد به ننڍي کاڻي ۾ مبارڪ، ساماڻو ۽ سليمان جو اولاد ڌڻي بخش پنهنجو ڳوٺ اٿس ۽ رمن جو اولاد جعفراڻي ۽ رمناڻي سڏجن ٿا، جي وڏي کاڻي ۾ رهن ٿا.

6: شاهو جي ڀاءُ سڪيلڌي جو اولاد ننڍي کاڻي ۾ ڪارواڻي ۽ مريد وارا ۽ حاجي حسين بخش، حاجي خدابخش ۽ حاجي رحيم بخش وارا.

9: پکريي جا ڀاءُ کنگهار ۽ خفيف کنگهار جو اولاد باجيد جي عمرڪوٽ ۽ ڍوري ناري ڏي آباد آهن ۽ خفيف جو اولاد مرحوم محمد خان حاجي غلام وارا جيڪي وڏي کاڻي ۾ رهن ٿا ۽ محمد خان کان پوءِ سندن پيڙهي بيهي رهي.

11: هاشم جي ڀاءُ ورياهه جو اولاد ٿر ۾ درياهه ڏي رهن ٿا ڄام شورو وارا راڄڙ وغيره.

12: ويرسين جي ڀاءُ ريسين جو اولاد پاتو پاڙو مشهور آهن جي چنڊ موري چوٽل ۽ ڍورو نارو ڏي رهن ٿا.

14: جرڪس جي ڀاءُ پتي جو اولاد پتي پوٽا جي درياهه جي پاسي آباد آهن.

16: ڏيري جا ڀاءُ اڳهم ۽ راڄپار هئا ٻنهي نالن مان اڳهم ۽ راڄپار راڄڙن جا مشهور پاڙا آهن جي ٿر ۽ ناري ۾ آباد آهن.

22: نمبر تي انڙ اچي ٿو جنهن جي ڀائن ۽ تمام گهڻن پٽن جي اولاد مان مختلف ذاتيون ٽريون جن مان ڪاڪي پوٽا، جکرا، ٿيٻا، رونجها، رامڏيا، ابڙا، جوکيا، نوهڙي، راهمان، ڀنڀرا، هنڱورا، ڳاها، وساڻ، سمان، آريسر، پليجا، ڇڇر ۽ هنڱورجا ۽ ٻيون به ڪيتريون ذاتيون نڪرن ٿيون.

23: نمبر تي سمون ڄام آهي، جو مشهور سخي ڏاتار ٿي گذريو آهي، جنهن کي شاهه صاحب به ڳايو آهي.

مثال:

سمون سخاوت جي بيٺو آڇي ڀر

ڪوٺيو ڪنگالن کي ڏي دلاسا در

تنهن سمي ڄام صدر ۽ سڀ تامائو تارڪيا.

22: نمبر تي آيل انڙ جي ڀاءُ ڦل جو پٽ لاکو به مشهور سخي ڏاتار ٿي گذريو آهي جنهن لاءِ مشهور آهي ته روز سوا لک يا ڪيترا خيرات ڪري پوءِ اٿندو هو. ان لاءِ به ڀٽائي صاحب جو هي بيت مشهور آهي.

لاکا لک هئا پر ڦولاڻي ڦير ٻيو

آجا اوڏ ٿيا پلئه لڳي جنهن جي

يا ڪنهن ٻي شاعر جو شعر آهي ته:

اول ويهي سخاوت تي ڏندڻ ڪري پوءِ

لاکو ٿي لک ڏي سج اڀارو منگتن کي.

22: نمبر تي آيل انڙ، ڄام پاڻ به مشهور سخي ڏاتار ٿي گذريو آهي، ان لاءِ به هي شعر مشهور آهي:

ميين مڱڻين پاڻ ۾ جڏهن وراهي وٽ

ته انڙ ڄام اپٽي ڇڏيا سندا هيرن هٽ

سندا موتين مٽ ميڙي ڀريا منگتي.

32: نمبر تي آيل جادم جي پٽ سمي مان سماٽ جون سڀ ذاتيون في الحال اتي پهچي شجري جو اختتام ڪجي ٿو. اڳتي مڪمل شجرو انشاءَالله تحقيق سان هٿ ڪري منظر تي آڻبو.

فقير ولي محمد سائين منهنجي نظر ۾

 

سرفراز راڄڙ

درگاهه منٺار فقير رح جي ٽين سجاده نشين فقير ولي محمد راڄڙ مرحوم سان گهاريل گهڙيون دل کي تڙپائي وڃن ٿيون. فقير صاحب وڏو سخي ۽ دل جو درياهه انسان هو، جنهن وٽ هر وقت مهمانن ۽ يارن دوستن جون محفلون متل هونديون هيون، سندس حلقئه احباب ۾ امير فقير موالي ۽ مسڪين سڀ شامل هئا. پاڻ هر ڪنهن سان قرب ۽ محبت جو ناتو قائم رکيو هئائين جنهن سان به سندس رستو هو تنهن سان توڙ نڀاهي ويو. سندس فقيري طبيعت ۾ ڏاڍو نياز ۽  نوڙت قرب ۽  پيار جي جهلڪ نظر ايندي هئي سندس دسترخوان وسيع ۽ نهايت ڪشادو هوندو هو. پاڻ سموري زندگي پنهنجي والد فقير ولي بخش سائين جي خدمت ۾ رهيو ۽ ڪوبه لمحو ۽ ڪا گهڙي اهڙي ڪانه هئي جنهن ۾ پاڻ فقير سائين کان پري ٿيو هجي. پنهنجي والد جي فرمانبرداري ۽ خدمت ۾ اڳڀرو هو. نوڪرن کان به وڌيڪ حاضري ڏنائين. فقير سائين جون هر وقت دعائون ساڻس گڏ هيون، اهڙا سپوت ۽ لائق پٽ مون تمام گهٽ ڏٺا آهن هي ته خدمت ۽ ادب جو هڪ نادر نمونو هو. درگاهه تي هر وقت ۽ هر گهڙي هر ڳالهه کي نظر مان پيو ڪڍندو هو. فقير ولي بخش سائين جي هر وقت اها ڪوشش هوندي هئي. ته درگاهه تي هر وقت ڪونه ڪو ڪم هلندو رهي. اهو ڏاڍو عجيب آهي ته سال جا ٻارنهن ئي مهينا مسترين جو ڪم ڪونه کُٽندو هو ۽ سدائين ڪانه ڪا نئين شيءِ ٺهي جُڙي راس ڪئي ويندي هئي. انهيءَ سڄي ڪم کي فقير ولي محمد سائين منهن ڏيندو هو. سدا مصروف رهندي رڌپچاءُ جي ڪم جو خاص خيال رکندو هو. بورچيخاني جي سارسنڀال بار بار پئي لهبي هئي. ائين فقير صاحب خدمت ۽ سادگي جو هڪ  گڏيل Symbol هو. منهنجو ساڻس گهڻو پيار هوندو هو ۽ اسين هڪٻئي جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئاسين. منهنجو وڏو هو. آئون جڏهن به ڳوٺ ويندو هئس ته سڀ کان پهرين سندس حاضري ضرور ڀريندو هئس. فقير صاحب کي پنهنجي اولاد سان به عشق جي حد تائين پيار هوندو هو. هاڻوڪو درگاهه جو گادي نشين فقير محمد بخش ننڍي هوندي گهڻو بيمار رهندو هو ۽ پاڻ سدائين انهيءَ ڳڻتي ۾ هوندو هو ته سندس علاج تمام سٺن ڊاڪٽرن کان ڪرائجي، انهيءَ وقت ۾ کپري ۾ نه ايتريون اسپتالون هيون ۽ نه ڪي ڊاڪٽر. هاڻي ته الحمدلله گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڊاڪٽر موجود آهن. اسين هڪ ڀيري صلاح ڪري کيس حيدرآباد کڻي آياسين. فقير صاحب مون کي چيو ته ”ادا زندگي تي ڀروسو ڪونهي ننڍڙي فقير سان هڪ يادگار فوٽو ڪڍائي ڇڏجي. اسين بمبئي فوٽو اسٽوڊيو تي آياسين ۽ غفار ڀائي کي چيوسين ته هڪ ٻه فوٽو ڪڍي ڏي. ائين هڪ يادگار فوٽو نڪري ويو. خدا جي قدرت ڏسو. فقير سائين وڏا ولي بخش فقير به جلد راهه رباني وٺي راهي ٿي ويا ته انهيءَ کان پوءِ جلد پاڻ به اسان کان موڪلائي ويا. اڄ فقير محمد بخش الله سائين جي ڪرم سان سڀڪجهه سنڀاليو ويٺو آهي. جڏهن فقير سائين وڏن جو انتقال ٿيو ته پاڻ تمام گهڻُو اُداس ٿي پيو. هميشه چوندو هو ”هي بار منهنجي ڪُلهن تي ٺهي ڪونه ٿو فقير سائين کي الله حياتي ڏي ها ۽ اهي ئي هي بار سنڀالين ها“ هونئن ته سڀ ڪم ڪار ميلي ۽ درگاهه جي رياضت ۽ خدمت ته پاڻ ڪندو هو. پر ائين چئي هو پنهنجي والد جي عظمت جو سدائين قائل رهندو هو. سندس خدمت مثالي هئي ۽ سندس فقراءُ طبيعت به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. مون کي ته نه پاڻ وسريو آهي ۽ نه سندس قرب سندس دوستن ۾ حاجي فيض محمد هنڱورجو، پيارو خان شر ۽ سيد گل شاهه سندس ويجها هوندا هئا ۽ اهي به جيسين پاڻ حياتي هو سندس خدمت ۾ رهيا. اڄ انهن دوستن مان فقط پيارو خان اسان وٽ موجود آهي، پاڻ درگاهه تي سجاده نشين ٿيو ته سندس حياتي ۾ ٻه ميلا ٿي گذريا هئا پاڻ اهي ٻئي ميلا ائين ڪري ڏيکاريائين جيئن فقير ولي بخش سائين جي حياتي ۾ ٿيندا هئا. اسان کي ڪابه ڪمي محسوس ڪانه ٿي هئي اهي ساڳيا اصول اهي ساڳيون خدمتون ۽ اهي کاڌي پيتي ۽ رهائش جا اعليٰ انتظام هڪ ڀيري حيدرآباد مان آغا سليم، غلام حسين شيخ، مراد علي مرزا ۽ انور بلوچ ڳوٺ درگاهه تي مون سان گڏ هليا. تنهن زماني ۾ آغا سليم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام مئنيجر هو. اسان اتي ڪافي دير ڪچهري ڪئي اها رات چوڏهين جي رات هئي، درگاهه تي ڀرواري ڍنڍ ۾ چنڊ جو عڪس ۽ روشني هڪ عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. انهيءَ رات اسان ڪافي دير انهيءَ منظر مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين فقير صاحب جيسين اسان جاڳياسين پي اسان جي انتظار ۾ ويٺو جاڳندو رهيو. پاڻ بار بار ماڻهو موڪلي ماني جي پڇا ڪندو رهيو ته ڪيڏي مهل کائبي. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ مهمانن جي خبرچار حال احوال به وٺندو رهيو. مون کي آغا صاحب ۽ دوستن چيو  ته يار فقير صاحب ته عجيب ماڻهو آهي ايڏو مهمانن جو انتظار ۽ خيال رکڻ هن زماني ۾ ته مشڪل آهي. اڳي مهمان نوازي جون روايتون ٻڌندا هئاسين، اڄ اکين سان ڏٺيون اٿئون. فقير صاحب پنهنجو قرب ۽ محبت دوستن ۾ ورهائيندو رهندو، سندس اوچتي انتقال اسان سڀني کي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. سندس دل جي اوچتي تڪليف اسان سڀني لاءِ باعث حيرت هئي. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته پنهنجي عظيم والد جي جدائي جو درد اندرئي اندر کيس کائي رهيو هو. سندس فقير سائين سان پيار به هڪ مثالي پيار هو. اهڙا پٽ ورلي پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پيءَ جي اڳيان ٻانهون ٻڌيو بيٺا هجن. ڪڏهن جيءُ کان سواءِ ٻي ٻولي نه ٻولين اهڙي ريت انهيءَ غم کيس دل جو درد ڏئي ڇڏيو. ۽ اوچتي دل جي دوري سبب پاڻ اسان کان موڪلائي روانو ٿي ويو. هاڻي فقط سندس قرب پيار ۽ محبت جون يادون اسان وٽ رهجي ويون آهن. اسين درگاهه تي جڏهن به هجون ٿا ته فقير ولي محمد جي خوشبوءَ اسان کي محسوس ٿيندي آهي. ۽ اها خوشبوءِ جيسين هتي دم باقي آهي محسوس ٿيندي رهندي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي روايتن سان گڏ هميشه زنده رهندو. اسين هر سال سندس وفات تي سندس ڏهاڙو ملهائيندا آهيون، انهيءَ موقعي تي هڪ ننڍڙو ميلي سمان منظر هوندو آهي. سندس قربدار ۽ معتقد سندس وفات جي ڏينهن تي درگاهه تي اچي گلن جون چادرون چاڙهيندا آهن، راڳ رنگ ٿيندو آهي. فقير فقراءَ سڄي رات راڳ جي رهاڻ رچائي کيس خراج عقيدت پيش ڪندا آهن. الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي فقيرن تي هي ميلا سدائين قائم رهن.

 

مون سي ڏٺا ماءُ

 

فقير ولي بخش مرحوم سان منهنجي پهرين سڃاڻپ 1951ع ۾ ٿي، اسان جو چاچو مرحوم حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪري آيو، فقير صاحب اُن کي مبارڪ ڏيڻ آيا اهي ڏينهن اڄ ڏينهن تائين وڃڻ وارا هليا ويا، پر دل ۽ ذهن تي ڪي نقش ڇڏي ويا آهن، جيڪي نه مٽجڻ جهڙا آهن.

فقير صاحب جا واسطيدار سڀئي چوندا هئا ته فقير صاحب اسان کي گهڻو ڀائيندو هو، پر آئون والله يقين سان چوان ٿو ته مون تي گهڻو مهربان هو.

شادي هجي غمي سفر هجي حضر هجي خادم کي هر حال ۾ ياد ڪندا هئا، فقير صاحب وٽ هڪ سڃاڻپ هئي زمان ساز سان زمان شناس وقت شناس هئا.

حالتن جي شناسائي سندن سڀ کان وڏي اها ڳالهه هئي جو دوستن ۾ امير غريب ۾ تفريق ڪانه هئي.

اهي ئي سندن قرب هئا جو انهي قرب جي ڪڙي اهڙا پيرن ۾ پينڊ وڌا جو تقريباً ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار کان وٺي اسان جي خادميت هلندي اچي.

فقير ولي بخش مرحوم هڪ اعليٰ پايه جو ڏاهو سٺو اديب شاعر سٺو آبادگار ڀاڳ وارو ڀاڳيو ڀلوڙ آرڪيٽيڪ ۽ مڪمل امير فقير هو.

فقير صاحب جي رهڻي ڪهڻي اُٿڻ ويهڻ ۾ پنهنجي انفراديت هئي جنهن جا شاهد سندن ٺهرايل مال جا واڙا ٻنيون ٻارا ۽ درگاهه تي ڪرايل تعميرات عيان آهي.

فقير صاحب جن سخي سان گڏ قانع به هئا ان سان گڏ فقير صاحب جن علم موسيقي جا ماهر هئا جو جهڙو تهڙو گويو فنڪار  سندن آڏو مقيد ٿي ڳائيندو هو. مون کي ياد آهي استاد منظور علي خان هڪ دفعو ڀري محفل ۾ فقير صاحب سان مخاطب ٿي چيائين ته سائين جي اوهين ڳايو ها ته اسين سڀ بک مرون ها. سندن تربيت سان مشهور سٺا فنڪار ٿي گذريا آهن انهن مان جهڙوڪ محمد علي شيخ مرحوم، قادر بخش ڪهيري مرحوم، ڍول فقير مرحوم، فقير امير بخش مرحوم، تاراچند ڀيل حال حيات آهي سندن هڪ هڪ خاصيت لکجي ته ڪتاب ڀرجي وڃن، جيئن ته مون تقريباً 40 سال کن سندس صحبت ۽ خدمت ۾ گذاريا آهن جيڪي ڪجهه آهيان سندن صحبتن  مان پرايو اٿم عموماً چيو ويندو هو ته فقير صاحب سخت مزاج هئا، پر آئون وثوق سان چوان ٿو ته فقير صاحب ماکي کان مٺو حليم برد بار طبيعت جا مالڪ هئا، سندن سخت مزاجي صرف ڪوڙي خوشامند منافق لاءِ هئي ڇو جو وٽن سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ هئي.

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،

رهي اچجي راتڙي تن جنگن سندي جاءِ،

تني جي ساڃاهه ترهو ٿئي تار ۾.

 

خادم الفقراءِ

پيارو خان شر

وڪيل

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

 

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ

 

ڊسمبر 1993ع جي هڪ سيءُ وسائيندڙ رات جو فقير محمد بخش جي دعوت حاجي غلام محمد ولد (مرحوم) حاجي محمد اسماعيل راڄڙ وٽ اسان جي ڳوٺ لڳ هئي. ان دعوت ۾ سڄي سنگت سان گڏ آئون به شريڪ هئس. فنڪارن فقيرن جا به ٻه ٽي گروپ هئا. اسان جي يار جمن دربدر جون ڳايل ٻه ڪافيون سڄي محفل تي عجيب جادو ڇڏي ويون. هڪ ڪافي سرائيڪي شاعر منظور جي:

لڳي واليانـــــون نيند نهين آوندي

ني تيري کيوين ني اک لڳ ڳئي.

ٻي منٺار سائين جي:

پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا

مون ويٺي وڻجارا.

رات جو ٻه اڍائي بجي فقير صاحب ۽ سڄي سنگت کان موڪلائي گهر پهتس رات جي انهن وچين پهرن ۾ بابا سائين جاڳيو پئي حال احوال پڇيائين ٻڌايم ته بابا، فقير محمد بخش آيل آهي ساڻس ڪچهري تي هئس چيائين ته اسان جون فقير جي وڏن سان ڪچهريون هيون. فقير ولي بخش ۽ مون درگاهه منٺار فقير تي هڪ نجي ڪچهري ۾ سازن تي ڳايو به هو. فقير صاحب جي وڏن سان به وڏن جا قرب رهيا آهن. منٺار فقير جو به پنهنجي راڄ جي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ خصوصي اچڻ ٿيندو هو جن ۾ عالماڻي، پلي، قاضي نورمحمد پلي، حافظ درمحمد پلي، الحاج ميان محمد اسماعيل پلي ۽ جتو پلي ته سندس خاص صحبتي هئا. زماني ۾ ڪيئي تبديليون اچن ٿيون، پر منٺار فقير جي گهر سان تعلق سڀني هوائن کان محفوظ رهيو. فقير ولي بخش سان اسان جو تعلق تمام ويجهو ۽ دوستانه رهيو آهي. اسان پنهنجي جوڙ سان توڙ نباهيو هاڻي توهين نوجوان به ساڳيو گس وٺجو. بابا جي زندگي جي اها جاڳڻ واري آخري رات هئي. منهنجي ساڻس آخري ڪچهري ۽ مون  لاءِ بابا جي آخري نصيحت ۽ تاڪيد واري رات صبح جو فجر ويل کين بيهوشي جو دورو پيو ۽ ڇهن ڏينهن جي بيهوشي بعد پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملاقاتي ٿيا. مون حتيٰ الامڪان سندن انهيءَ آخري نصيحت سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

فقير ولي بخش (مرحوم) جي آستان تي ويندي مون کي ٻين ڪيترن ساٿين سان گڏ ٻه وڏا قرب جا ڀنڊار شخص مليا. خبر نه آهي ڇو قسمت انهن سان ٿورا سال گڏ رهائي وري هميشه لاءِ اسان کان لڪائي ڇڏيو. حاجي فيض محمد هنڱورجو مرحوم ۽ سائين گل شاهه. مون کي خبر ڪونه ٿي پوي ته ڪنهن جو نالو اڳ لکان ۽ ڪنهن جو پوءِ. بنده سان هنن ٻنهي سهڻن شخصن جو ايترو قرب هو جو اظهار ڪري نه سگهبو. منٺار فقير جي ساليانه ميلي جي موقعي تي ٻنهي قربدارن سان ڀاڪر پائي ملڻ جي ڪشش پاڻ وٽ هميشه لاءِ محفوظ رهجي ويئي. حاجي فيض محمد ۽ گل شاهه، فقير صاحب جي ڪلام، ڪچهري ۽ شخصيت متعلق گهڻو ڪجهه سيکاري ويا. سندن ياد هميشه دعائن جو سبب بڻجندي رهندي.

فقير ولي بخش مرحوم جو ذڪر اچي ٿو ته سندس شخصيت جا ڪيئي حوالا اچن ٿا. فقير صاحب فقيري ۾ امير هو. وڏو متوڪل هو. خوددار هو، ۽ پنهنجي خوءِ ۾ مگن هو. قانع به هو ته سخي به هو. کيس سندس ڏاڏي منٺار فقير مرحوم جي تربيت نصيب ٿي هئي. جنهن کيس نج ۽ نبار فقير ٺاهي ڇڏيو. موسيقي جي حوالي سان وٽس سنڌ جا ڪيترائي فنڪار ڳائي تربيت وٺي ۽ فن سکي نروار ٿيا. موسيقي جي محفل جا فقير صاحب جا مروج ڪيل قانون ۽ قاعدا ته سڄي سنڌ لاءِ باقاعده وڏو حوالو آهن.

فقير صاحب جا تعلقات هالا جي مخدوم صاحبن سان ته مريد ۽ مرشد، خادم مخدوم، منڱتي ۽ ڏاتار وارا هئا. تاهم به قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ سندن اولاد وٽ فقير صاحب جي وڏي عزت ۽ اعليٰ مرتبو رهيو آهي. سروري جماعت جي ”ڏهر“ جي سلسلي ۾ ته ”طالب الموليٰ“ سائين جن فقير ولي بخش صاحب ڏانهن سڄي سروري جماعت کي خصوصن راغب ڪرايو.

فقير ولي بخش جا تعلقات ناري پٽ جي ”عطائي پلي“ جي خاندان سان به دوستانه رهيا آهن. فقير ولي بخش جي عزت ۽ احترام خانصاحب عطا محمد پلي ۽ ميان محمد اسماعيل پلي خاص طرح ڪندا هئا. فقير ولي بخش سائين هڪ ڪچهري ۾ فقير محمد بخش کي ٻڌايو ته منٺار فقير جي زماني ۾ عطائي خاندان سان واسطو رهيو آهي، پر خانصاحب عطا محمد هن واسطي کي نئين سر ڳنڍيو ۽ نباهيو آهي. خانصاحب عطا محمد کان پوءِ خانصاحب عبدالرحمان مرحوم هن تعلق کي وڌيڪ ويجهو ڪيو. جو ڪيترو وقت فقير ولي بخش کي پاڻ وٽ رهائيندا هئا. 1962ع کان پوءِ وري خانصاحب عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي هنن تعلقاتن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. فقير ولي بخش سان پرمغز علمي ۽ موسيقي جون ڪچهريون منٺار فقير جي ڏهاڙي تي هر سال باقاعده وڃڻ، ميلي ۾ هلندڙ ننگر جي تياري ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ميلي کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن مڪان تي رهڻ راڳ رنگ جي رهاڻ ۾ فقراءُ کي تمام گهڻو پئسو ڏيڻ ته جيئن ميلي جي محفل ڄمندي رهي.

فقير ولي بخش جو خانصاحب جي ڳوٺ کان سواءِ ڪريم صاحب جي ”ٻوکلي“ واري اسٽيٽ تي گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو. جتي فقير صاحب جا ڪجهه مريد ڀيل قوم جا ماڻهو به رهندا هئا. ڪريم صاحب فقير ولي بخش جو احترام پنهنجي ڪنهن وڏي بزرگ وانگيان ڪندا هئا. ڪيترا دفعا ڪافين جون محفلون ۽ نشستون ٿينديون هيون ۽ ڪيتريون ئي ڪافيون فقير ولي بخش، ڪريم صاحب جليل سروري ۽ معمور يوسفاڻي گڏ ويهي هڪڙي نشست ۾ پڻ لکيون. ڪيترن ئي دنيوي مسئلن ۾ پڻ ڪريم صاحب فقير جو ساٿي ۽ ساڻي رهيو.

فقير ولي بخش جا تعلقات مرحوم جتو پلي جي پوئرن سان به .... رهيا. جتو پلي، منٺار فقير جي دوستن مان هو. جتو مرحوم راڳ جي ڄاڻ ۾ نه صرف ناري پٽ بلڪه ڏکڻ سنڌ ۾ يڪتا هو. هڪ دفعي جتو پلي وٽ رات جو منٺار فقير جي ڪچهري پئي هلي. فقراء راڳ پئي ڪيو ته هڪ پيرسن ڀيل اٿي چيو ته منٺار فقير هيڏو مشهور فقير آهي، پر حقو مٽيءَ جو پيو ڇڪي جتو پلي يڪدم وراڻيو ته حقو چاندي جو آهي پر تنهنجي نظر ڪمزور آهي. صبح جو اچي ڏسجان. اهو پيرسن صبح جو وري آيو ته حقو واقعي چاندي جو پيو آهي. جتو پلي مرحوم رات جو مٽي جو حقو کڻي چاندي جو فقير صاحب جي خدمت ۾ رکي ڇڏيو. جيڪو پوءِ به ڪيترو وقت فقير صاحب وٽ سنڀاليل هو.

فقير ولي بخش مرنجان طبع جا مالڪ هئا، سندن ڪچهريون ۽ واسطو ڪورائي فقيرن سان به هو. خصوصاً فقير قاسم علي ڪورائي مرحوم ۽ پوءِ وري جانب علي اڃا تائين سنگ سان فقير جي آستاني تي ڳائيندا ۽ تعلق کي نباهيندا اچن.

فقير ولي بخش جون ڪافيون ٻولي، معنيٰ خيال ۽ فن جي لحاظ کان سهڻيون ڪافيون آهن ڪنهن ٻي موقعي تي انشاءُالله فقير صاحب جي ڪافين جي فني حيثيت ۽ مقام تي لکبو، اسان جي ننڍي هوندي ولي بخش سائين جي هڪ دلڪش ڪافي مولودن جي شغل اڪثر ٻڌي ته:

تون ڪونه گڏين پرکي نه چيون،

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ منهنجي روح ۾ رهيون.

۽ وڏا ٿياسين ته راڄ محمد پلي مرحوم جو مضمون جيڪو منٺار فقير تي هيستائين واحد تحقيقي ۽ تحريري مضمون آهي رسالي ٽماهي مهراڻ ۾ پڙهيو، الله سائين سڀني مرحومين کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ رکي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org