سيڪشن: شاعري

ڪتاب: پرين تنهنجي پياس ۾

باب:

صفحو:6 

 

(14)

ٿلهه:

اڄ پرين پاتا پرت جا پير، اهي پير چمان پيئزار چمان.

 

1.

آيا پرين جتان پير ڀري، جن سيرن تان سڀ سير ڪري،

سر ساهه صدق تن سئيرن تان، اهي سئير چُمان سؤ وار چمان.

 

2.

اچي مون سان ملي منٺار ٿيا، هر جاءِ حسن هٻڪار ٿيا،

هئي حُب جي هنئين ۾ هير گهڻي، اها هير چُمان هٻڪار چُمان.

 

3.

ويهي وحدت جا واپار ڪيائون، واهواه ڀلي ڀڻڪار ڪيائون،

اهي مون تي ڀلائي جا ڀير ٿيا، اهي ڀير چُمان ڀڻڪار چُمان.

 

4.

’ولي بخش‘ وصال جا واءُ وريا، اچي محب مليا جي دل گهريا،

اها وير ڀلي جنهن وار آيا، اها وير چُمان اهي وار چُمان.

 

(15)

ٿلهه:

حاڪم سائين هلي آ هاڻ،

هئي هئي حال ڏسو هڪ واري.

1.

اٿئي اسم الله جو نالو،

وصل وصال جو پيار پيالو،

ساقي سرڪي اهڙي آڻ،

لاهي بندن جي سڀ بيماري.

2.

ڏئي ڳرهاٽي رکي ويون ياري،

پوءِ ڪيئي وري ڪا نه پوئواري،

هيڪر وري اچي مٺڙا ماڻ،

لاهي نقاب ڪاڏي ڏيکاري.

3.

دردن دل ۾ ڪيو آهي ديرو،

ڀلا ڀلائي جو ڪرڪو ڀيرو،

ته وري ٿئي ڪا روح رهاڻ،

سو وار صدق ٿيان ٻلهاري.

4.

تون وسيلو تون آهين واهر،

هِتي هُتي آهيان اَنجهي آهر،

ٻي نه ڪنهن جي آهي ڪاڻ،

تنهنجي قرب جي آهيان ڪاڻياري.

5.

طالب تون مطلوب به توهين،

سالڪ تون مجذوب به توهين،

تنهنجو سوڳنڌ ۽ سرهاڻ،

واهه واهه آهي برهه بهاري.

6.

دردن دلڙي آهي مروٽي،

تنهنجي آهيان کري جي کوٽي،

’ولي بخش‘ چئي ڪرڪا وراڻ،

ته هردم حال ٿئي هوشياري.

(16)

ٿلهه:

پڇ ساقي کان تون مئي جو مُل، جي سر تي ڏي ته اٿئي پوءِ بُل.

 

1.

تنهنجو ساقي سرور شاهه آهي، جنهنجو نظر نيڪ نگاهه آهي،

اهو آل انساني آگاهه آهي، اهو حاڪم هادي گوهر گل.

 

2.

توکي ساقي سرڪ پياريندو، کڻي نازڪ نيڻ نهاريندو،

مئي دلڙي يار جياريندو، ٿيندو و نحن وارو واهه وصل.

 

3.

سِر ته سُرڪ تان گهور ڪجي، ٻي ڪهڙي اتي تڪ تور ڪجي،

جتي وصل وصال سان اور ڪجي، لاهي خطرو ٻيو سڀ خوف خلل.

 

4.

وٺ ’ولي بخش‘ وار اٿئي، اها جيت اٿئي نه هار اٿئي،

هي مهل موچاري يار اٿئي، ايندو اوڏو توکي ڪين اَجل.

 

(17)

ٿلهه:

ناهي طلب تن ۾ تار ٻي، ڪنهن مايا ملڪيت مال سان.

 

1.

سائين مٺو منٺار تون، آهين دل وڻيو دلدار تون،

منهنجو قلب ڪر قرار تون، قرب ۽ ڪمال سان.

 

2.

نوح فقير تون ڪر نظر، ٿو پنج تن پنا آن کان پاکر،

ڏيو حال حقيقت هر هر، آهي خاصيت اها خيال سان.

 

3.

نفس ۽ شيطان کان، مون کي پرين ڪريو پري،

نينهن نغارو ڪريو نصيب، ڌُو ڌُو عشق ڌمال سان.

 

4.

آن سندو ’ولي بخش‘ سوالي، ٿو پني پريم پيالي،

تنهن کي ائين وارث والي، ڪا ورڇ ڏيو وصال سان.

(18)

ٿلهه:

ڪڏهن اڱڻ تي منهنجي ايندون، جاني جيءُ جيارا.

 

1.

سال ٿيا ڪئين ساجن سڪندي، منهنجي ساهه سهارا.

 

2.

اچي منهنجا درد دفع ڪر، ميٽ مرض مونجهارا.

 

3.

دردن دلڙي ڪئي آهي ديواني، کائڻ پيئڻ ٿيا کارا.

 

4.

حاڪم سائين هيڪر هلي آءُ، مڃ منٿ موچارا.

 

5.

’ولي بخش‘ چئي ور وسيلا، وِرهن ڪيا وسڪارا.

 

(19)

ٿلهه:

محب مسافر يار، وارث ڪج ڪا ورڻ واري.

 

1.

سرهو سيئر تنهنجو سلطاني، مولا بخشئي جوڀن جواني،

تنهنجو ڏيهه سڄو آ ڏاني، هوت هنئين جا هار،

پرين پوين جي ڪج پوئواري.

 

2.

نوح فقير جو هوند ئي نظر، توکي ڪوبه خوف نه خطر،

تون آهين ساقي تون ئي صدر، دل وڻيا دلدار،

سائين لڳ ڪا ڪج ستاري.

 

3.

علي حيدر هوندئي حامي، سڀڪو تنهنجو ٿيندو سلامي،

هر هند دائم قائم مدامي، امين عشق اُجار،

برهه تنهنجي جي واهه بهاري.

 

4.

سوال اسان جا ساب جو پيندا، سڄڻ خير سلامت ايندا،

ڏيهه مبارڪ سڀيئي ڏيندا، محب ايندا منٺار،

هادي آس پڄائيندو هماري.

 

5.

’ولي بخش‘ جو ورندو والي، ايندو امين جناب عالي،

مئي محبت جا آهيون موالي، پُر ڪندو پينار،

سرور شاهه ڪري سرداري.

 

(20)

ٿلهه:

دوست مٺا دلدارا وي،  مُحب ملو هاڻ هادي حاڪم.

 

1.

سڪندي سڪندي سال لنگهي ويا، سانوڻ سؤ سيارا وي،

مون گذاريا سي سڀ ماتم.

 

2.

سواءِ تنهنجي ڪنهن کي سُڻايان، سور اندر جا سارا وي،

اوهين آهيو حال جا محرم.

 

3.

سڪ سورن کان وار نه واندو پريتم يار پيارا وي،

ويڙهي ويا وهلور وهم.

4.

پرين پسايو پاڪ پيشاني، نيڻن نور نظارا وي،

قرب وارا ڪي پائي قدم.

 

5.

هر ڪنهن حال ۾ هوئج حامي، جانب جيءُ جيارا وي،

لحظي لاهيو مون تان هي غم.

 

6.

آهن عيب اميق اسان ۾، تن نه ڇيهه شمارا وي،

ڪئين ڀانيان ٿو ڪروڙين پدم.

 

7.

پرين توکي آهيون پرتل، سرور شاهه سوڀارا وي،

ڪير ڪندو ٻيو ڪوجهن جا ڪم.

 

8.

’ولي بخش‘ جا ڪريو قائم، چون جي چوويهه هزارا وي،

تنهنجي ديدار ۾ دائم سي دم.

 

(21)

ٿلهه:

ساقيا مئي جام پياريو، وٽي وحدت جي ڀَري ڀَري.

 

1.

مندَ محبت جو پيار پيالو، نظر نينهن جو ڌَري ڌَري.

 

2.

هٺ تڪبر هئڻ هستي، ساڻ پيڻ ٿين پَري پَري.

 

3.

حق هيڪڙائي هردم حاصل، ٻن ٻيائي ٻَري ٻَري.

 

4.

دم دم ۾ ديدار الاهي، منجهه ظاهر باطن ذري ذري.

 

5.

دور دنيا جي ڪُن ۾ قابو، آيو آهيان منجهه اَري اَري.

 

6.

زهد عبادت ڪين ڪيو ڪجهه، توهه توهان جي تري تري.

 

7.

سُرڪ سڪ جي ڏي سوائي، سُرڪ رِي نٿي سَري سَري.

 

8.

’ولي بخش‘ کي پر پيارج، قرب قريشي ڪري ڪري.

 

(22)

ٿلهه:

صبح سان سوائي ڏيو سُرڪ ساقي، پريمي پيالي جا آهيون پياڪي

 

1.

اصل ڪم اوهان جا پياسا پيارڻ، منجهان مهر محبت نوازي نهارڻ،

پرين پڪ پياريو ڪا محب ميساقي.

 

2.

ڏيئي تانگهه تڙ ويا اُڃيا اُڃ مرن ٿا، اڃا تڙ تنهنجي اچيو پر پين ٿا،

هٿان توپي ٿيا موليٰ سان مُلاقي.

 

3.

جني کي پياريئي وڃي ٿياسي واصل، مليا ساڻ موليٰ ڪري حال حاصل،

طمع کي ڏيئي ويا سي تهدل طلاقي.

 

4.

ڏي مٽ اُچي مان ڪو ساغر سوايو، ٿئي حال برحال لايو سجايو،

ٿئي راز روشن کلي قلب طاقي.

 

5.

وٽي جام وحدت ڀيري ڀري ڏي، قدح مد مئي جو عنايت ڪري ڏي،

هجان توسان همدم بچي ڪين باقي.

 

6.

جي ويل آئون وڙ کان ته تون هين وڙائتو، پياري ڪرين پر برهه ۾ بلائتو،

هٽي هوڏ هستي هٽي سڀ حلاقي.

 

7.

’ولي بخش‘ کي تون پرين پُر پيارج، منجهان آب ڪوثر ڪو ڏاتر ڏيارج،

اصل کان اوهان درجو آهي اوطاقي.

(23)

ٿلهه:

حاڪم هوت هِئين جا هار، رس تون رهبر سڀ ساعت ۾.

 

1.

دردن دل آهي ويڙهي وڪوڙي، بنا اوهان جي آهي اجوڙي،

منهنجا محب مٺا منٺار.

 

2.

ڪونه لڳي ٿو دوا ٻيو درمل، تون علاج منهنجو مڪمل،

ماريس مرضن توکان ڌار.

 

3.

درد منهنجي جو تون آهين دارون، لهه ڪي ساجن سگهيون سنڀارون،

تون آهين علاج سندو آزار.

4.

لاهه غمگينن تان غازي تون غم، ڪر مريض سندو ڪو مرهم،

دلبر ڏيو ڪا دوا ديدار. 

5.

’ولي بخش‘ جي ڪر تون واهر، هِتي هُتي اوهان جي آهر،

ساقي سرور شاهه سردار.

 

(24)

ٿلهه:

قرب ۾ اوهان جي ڪيا ڪيا، يار پيارل وصل جا واعدا.

1.

ظاهر باطن محب ملو مون کي، لڪي پايو نه ليا ليا.

2.

گوندر ۾ گذران اسان جو، مئا نڪي آهيون جيا جيا.

3.

عقل مت هئڻ ۽ هستي، نينهن اوهان جي نيا نيا.

4.

ڏڏ ڏوهاري ڏٻرا ساڳيا، نڪي آهيون ڪي ٻيا ٻيا.

5.

توسان ٻول ٻڌل آهيون تنهنجا، هاڻ ٽليون ڪيئن ٽيا ٽيا.

6.

اگلا گدلا يار اوهان ڪئين، پُر پياري ڍيا ڍيا.

7.

ٻنهي جهانن حاڪم سائين، اسين اوهان جا ٿيا ٿيا.

8.

طالب الموليٰ کي ڏي پارت، جنهن جي پناري آهيون پيا پيا.

9.

’ولي بخش‘ جو ور تون وسيلو، ٻيا وسيلا ويا ويا.

 

(25)

ٿلهه:

محب مٺا دل جاني وي، آءُ وري تون ويهه نه وساري.

1.

آئون اصل کان آهيان تنهنجي، ٻانهن جي سائين ٻانهي وي،

تو سوا ٻيو ڪير سنڀاري.

2.

هجر فراق جي هاڃي حاڪم، ڦٽي ڪئي دل فاني وي،

وڌو ڏيل ڏکن آهي ڏاري.

3.

توسوا هت منهنجو مٺڙا، هئه هئه حال حيراني  وي،

اوکيءَ مان وڃ پار اُڪاري.

4.

مرض مروٽي ڪئي آهي موڳي، جو ڀن جند جواني وي،

ساهه سدا توکي ساجن ساري.

5.

آئون اصلئون عيبن ڀريل، تنهنجو مٽ ناثاني وي،

پيل آهيان تنهنجي پناري.

6.

مون جهڙيون سوين سڪن ٿيون، پرڏيهه سڄو تنهنجو ڏاني وي،

آئون به لڳل آهيان تنهنجي لاري.

7.

ساغر سڪ جا ڏيئي سوايا، محب ڪيئي مستاني وي،

پَٽ پرت جا پُر پياري.

8.

پوئي پاتيم پرين پارس تنهنجي ڳڻن جي ڳاني وي،

واڳ وصال جي آ تون واري.

9.

سوا تنهنجي سهڻا ساجن، زهر ڀايان زندگاني وي،

ڪيل قول پرين اچ پاري.

10.

’ولي بخش‘ چئي ورهه وڪوڙي، دلڙي ڪئي ديواني وي،

چڙهي آ تنهنجي نينهن نظاري.

 

(26)

ٿلهه:

اکڙين جي اسرار ڪيا دانهه ديوانا، لاهي ڇڏيو تن سر جو سانگو.

 

1.

آري اکين جي جيڪي به آيا، سورهه ٿيا سرشار پائي ڳل ڳانا،

پاتو انهيءَ ڳل گلا جو گانگهو.

 

2.

پيچ پنبڻين جا جن کي پيڙا، سي بانڪا ٿي بردار جابر جوانا،

سر سوريءَ تي ڪن سهانگو.

 

3.

چوٽ چشمن جي جن کي لڳڙي، سي ته هزارين هزار ٿيا پتنگ پروانا،

اُهي لنگهي ويا لاحد لانگهو.

 

4.

سوا سُرمي جي آهن سهڻيون، سوگها ڪن سردار سوين سلطانا،

سر کنيو تن درد جو دانگو.

 

5.

هئا مطلوب پر ٿي پيا طالب، نيڻن ڪيا نروار ياور يگانا،

ميگانن جو مُلهه آ مهانگو.

 

6.

هنڌ سنڌ ۾ آهي هاڪ انهن جي، ڪابل توڙي قنڌار ڪيئون موهي مستانا،

عشق عينن جو آهي اڙانگو.

 

7.

طالب جو تون ٿي پئو، طالب’ولي بخش‘ڇڏ ويچار ڇڏ ٻئي جهانا،

تار تنهنجي لئه ٿيندو تانگهو.

 

(27)

ٿلهه:

مون کي ماڻن ساڻ ماريو، مُرڪي معشوقن مرڪي معشوقن پاتا پيچ پرين.

 

1.

وار وسيهر وانگي ٿا، ور ڏيو ونگ وجهن.

 

2.

ابرو يار عجيب جا، ٿا ڏوڙا، ڏنگ هڻن.

 

3.

ديدون دلبر يار جون ڏسي، ماٺ لڳي مرگهن.

 

4.

ڪنڍو نڪه نراڙ ۾، ٻي چقمق منجهه چپن.

 

5.

ساهه وٺي سوگهو ڪيو، گل گوهر جي گفتن.

 

6.

دل ڦرايو دوست کان، ڪئين ’ولي بخش‘ وڃن.

 

(28)

ٿلهه:

دل حُسن لٽي لٽيائين صبر شرم، نائي ناز نيڻن سان ڪيائين نرم.

1.

چوطرف حسن جي فوج چڙهي، لئون وارن سان ڪري لاڏ لڙي،

جهلي ڪير تن جي تاب تڙي، ٿئي حال ڀائي ڪو حال محرم.

2.

آيو زلف واسينگ مگٽ ڪري، ڏسيو ڪو پيو لڇي ڪو اڦٽ مري،

مون کي قسمت آندو ترڪٽ ڪري، هاڻ ڀلا ڪجان ڪو ڀال ڀرم.

3.

ابرو ڪج تلوار ڏسي، ويو مت عقل جو خانو کسي،

لرزش آئي لڱن پيو هينئڙو ڦسي، سڀ هوش ٿي ويو درهم برهم.

 

4.

واهه واهه اکين جي عجب اڻي، گهايو گهور سان ڪن پيمال پڻي،

نڪ نسنگ دونالي ڄاڻي ڌڻي، ڪئين ڦٽ ڦٽيو پوءِ ڪن مرهم.

 

5.

چلڻ عجائب چال ميان، من مهڻي مٺڙي مقال ميان،

تنهنجي ڪهڙي ڪريان ويهي ڳالهه ميان بازي بخت کٽي ڪن جنهن تي ڪرم.

 

6.

وجهي نڪ نوڙي ڏيئي نينهن نيئر، ڪئين ڦٽ ڦٽي ڪري خون جگر،

رهيو ياد اتي نڪو زر ۽ گهر، ويو وسري ڪعبو بيت حرم.

 

7.

جڏهن دردن دل ۾ ديرو ڪيو، تڏهن شاهه حسن اچي گهيرو ڪيو،

تنهن ڀيرن تي ڏاڍو ڀيرو ڪيو، ڪن تي سرد نظر ڪن تي سخت گرم.

 

8.

اُتي دلدار ڏني دلداري اچي، متان ماندو ٿئين ٿيءُ مڙس مچي،

’ولي بخش‘ انهيءَ ڏس رنگ ۾ رچي، جتي ڪفر رهي نڪو دين ڌرم.

(29)

ٿلهه:

واهه واهه شاهه حُسن جو سير آهي، جهلي تاب تنهنجو اهو ڪير آهي.

 

1.

ڇڏيو شاهه وڏا جت شاهي ڏين، در شاهه حُسن جي سپاهي ٿين،

وڃي واهه سڀيئي بي واهي ٿين، ير اهڙو ڪٿي نه انڌير آهي.

 

2.

رخسار لبن جي لالي ڏسي، ڏند هيرا موتي مثالي ڏسي،

نڪ نسنگ بندوق دونالي ڏسي، سينو سپر ڪري سو دلير آهي.

 

3.

آهن اکڙيون ڪجليون ڪاريون ٻيئي، ٿو هڻي کڻي منهن پاريون ٻيئي،

ٻيا ابرو ڪج تلواريون ٻئي، اتي مٿو ڏئي سو مٿير آهي.

 

4.

هڪ چشمن جا چمڪار عجب، ٻيا زلف سياهه سر وار عجب،

ٽيو هلڻ چلڻ گفتار عجب، تنهن ۾ ڦند نڪو ٻيو ڦير آهي.

 

5.

ٿي مريض ويس آءٌ لاءِ شفا، شفا ڪانه ملي ٿي الٽ جفا،

لڳا تير نظر جا سؤ سؤ دفعا، سودو سر جو ڪيم ٻيو خير آهي.

 

6.

اتي عقل چيو اٿي هل ته هلون، هت ناحق پيا ميان مفت جلون،

چيو عشق ٽلين ٿو ڪهڙيون ٽلون، توکي ٿيڻو هتي هاڻي ڍير آهي.

 

7.

ويو عشق عقل کان راند کٽي، سر ساهه جو سانگو سڀوئي سٽي،

منهن مرڻ کان ڪڏهن ڪين مٽي، اهڙو عشق شهنشاهه شير آهي.

 

8.

’ولي بخش‘ عشق جي وڏائي وڏي، گهايو گهورُن سان ڪري جان جڏي،

ڏني عشق عقل کي مٿي تي مڏي، تن جو ورهين کان وٺي وير آهي.

 

(30)

ٿلهه:

پهرين پيار ڏيئي يار دلڙي ڌتاري،

ڏئي گهور گهائي نه ماري جياري.

1.

عجيبن سان آهي حسن فوج فالم، رهي ڪانه مون کي اها ڪابه معلم،

چڙهي چوطرف پئي سا نينهن جي نياري.

2.

زلف زور زابر جيئن نانگ ڪارا، ڏسڻ سان ڏنگن ٿا اهي مڻ وارا،

ڏئي ور ورن ۾ پائن ڳٽ ڳاري.

3.

ابرو ڪمان ڪج عجيبن جا اعليٰ، چشم چور ڪن ٿا سي نوري نرالا،

پئڪان پنبڙيون آهن تير ڪاري.

4.

نسنگ نڪ نروار ڄڻ ڪا دونالي، نه ٿئي مٽ مرجان اهڙي لب لالي،

تنهن لالي لڄايا لعلون اناري.

5.

نه سي مٽ موتي نه هيرا برابر، مٿي باب شاهي سي ثابت سراسر،

ڏين ڏند ٿا وڌ ڏيئي کان ڏيکاري.

6.

ڪئين ڪن غب غب ۾ ٿيا غرق غازي، وسري ويئي تن قبل المازي،

چائي زنخ ڪيا چريا چوڌاري.

7.

دليون يار دلبر کلندي کڻي ٿو، هلي ٻانهن لوڏي ته واهواهه وڻي ٿو،

گفتار رفتار مٺڙي موچاري.

8.

آهي بوءِ ڪهڙي مشقِ عنبر ۾، تنهن کان وڌ خوشبوءِ پرين جي پگهر ۾،

ڪندي هوڏ تنهن سان ڇا کٿوري تاتاري.

9.

قريبن ڪيا جت پريمي پسارا، اتي ڪئين وڄائي ويا وير وارا،

اچي نيٺ ويئي ’ولي بخش‘ واري.

(31)

ٿلهه:

مٺا محب جاني ياور يگانا، ڪرڻ ڪين واجب برهه ۾ بهانا.

 

1.

ڏنئي پيار پهرين واهه واهه وڻي ويون، ڏيئي راز ريبي دلڙي کڻي ويون،

آهن شوق تنهنجا شاهي شهانا.

2.

ائين ڪونه ڀانيم ته وٺيو دل وڃين ٿو سوين سور صدما سهڻا سڃين ٿو،

لکين لوڪ جا ٻيا مهڻا ۽ طعنا.

3.

سوا تنهنجي سهڻا نه ڀيڻي ڀواڪا تو ۾ اميدون نه توکان سوا ڪا،

تون ڪر ڪرم ڪو اي دلدار دانا.

 

4.

’ولي بخش‘ آهي پرين توکي پرتل، تنهين ساڻ هوئج سڄڻ يار سرتل،

ڪندو ڪير منهنجا ٻيو مشڪل آسانا.

 

 

(32)

ٿلهه:

سڪندي ٿيا ڪئين سال اچو يار اوري، ڪيم ڪيو ائين جانب جدايون.

 

1.

اٺئي پهر آهي اندر ۾، تنهنجي محب مقال،

مل ٿڪيءَ جي ٿوري، هاڻي ڇڏي ڏي ڏاڍا ڏاڍايون.

 

2.

ڏکيا ڏاڍا ڏينهڙا گذاريان، جانب منجهه جنجال،

ٿڪيس ڏونگر ڏوري، معاف ڪريو ائين مون کي مدايون.

 

3.

توکي ساري ساجن سپرين، ههڙا ٿيڙا حال،

تڳان ڪيئن توريءَ ڀال ڪريو ڪي ڀلا ڀلايون.

 

4.

ڪيئن اجهايان آڳ عشق جي، منهنجي ناهي مجال،

تون ويون چاهه چوري وار وري ڪي ورڻ جون وايون.

 

5.

صدقو توتان سهڻل صدقي گهوريان مڏيون ۽ مال،

ڏيان گهر تڙ گهوري دائم قائم قرب ڪمايون.

 

6.

’ولي بخش‘ جا حاڪم هادي واريو واڳ وصال،

سر ڏيان ڪلهن کان ڪوري پيچ پرت جا ڪي پختا پايون.

 

(33)

ٿلهه:

سڻ ته ڪٺي جي هيءَ ڪو ڪار آهن برابر مون ڏي مڙيئي.

 

1.

پاڻهي پنهنجو پاڻ سڃاتئي ٿورو لکن جو مون کي لاتئي،

منهنجا محب مٺا منٺار.

 

2.

تنهنجي لڙهه لڳي آهيان لاري، تنهنجي ساجن آءُ سهاري،

مون ۾ مڙيئي عيب اپار.

 

3.

تنهنجي آهيان تنهنجي هونديس، توسان نينهن نڀائي نينديس،

توتي مڙيئي منهنجا بار.

 

4.

ٻي نه وڻان پر توکي وڻان شل تنهنجا طعنا سر کڻان شل،

ڪري ڳل ڳچي جا هار.

 

5.

تون جيئن نچائين تيئن پئي نچندي، رنگ پيارا تنهنجي رچندي،

سهڻن جا سالار.

 

6.

توريءَ ڍڪيندو ڪير ڍلايون، منهنجون محب مڙيئي اگلايون،

اي سائين ڍوليا ڍڪڻهار.

 

7.

طالب تون مطلوب به تو نهين، منهنجو مٺا محبوب به تونهين،

مون ڏي آهن حرف هزار.

 

8.

’ولي بخش‘ چئي رهجان راضي، اٿئي نام الله جو آزي،

اي ميان اڙين جا آڌار.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org