سيڪشن: شاعري

ڪتاب: پرين تنهنجي پياس ۾

باب:

صفحو:8 

 

(51)

ٿلهه:

چوڻ دل جي اکيون اڙيون، وڃي ڦاٿيون مون کان زوري.

 

1.

پهرين محبت ملين ميٺيون، پِرائي پُور پوءِ ويٺيون،

ڏکن سان هاڻ ٿين ڏيٺيون، لڳي لئون ڪاوين لوري.

 

2.

اچي اٽڪي اهڙيون اڙيون، سدا سهمن اندر سڙيون،

جهلين ٿيون تاب ۽ تڙيون، جهڄن ڏينهن رات ڪيو جهوري.

 

3.

منهنجي وس کان ويئيون هاڻي، ماريون محبوب جي ماڻي،

ٽِڪن تر ناڪهين ٽاڻي، لڳيون ظاهر نه ڪي چوري.

 

4.

’ولي بخش‘ سان نه سي سرتيون، پيارل يار کي پرتيون،

جنهن ڪيون قابو ڏيئي ڀرتيون، گهڻيئي تنهن ڪئي نه سا ٿوري.

 

 

(52)

ٿلهه:

تنهنجا ڳڻ ۽ ڳالهيون يار، ذري ذري ٿيون ياد پون.

 

1.

تو جي ڳل ڳراهٽيون پاتيون، جهاتي ۾ ڪي پائي جهاتيون،

چوکيون سندئي چاليون يار، مون کان ڪنهن دم ڪين ٿيون وسرن.

 

2.

دم دم دل ۾ دود دکائين، روئاڙيو روئاڙيو لڙڪ وهائين،

اکيون ڪن سي آليون يار، جيئڻ ڪي موسم مينهن وسن.

 

3.

ڏيئي فراق ڪري فراقي، وڃي يار يڪو ٿيون ياقي،

هڻي ديدون دو ناليون يار، سي ته ڦٽيل اڃا پيا ڦٿڪن.

 

4.

قدم قرب جا ڀريو بندي ڏي، هن اوهان جي سائين سندي ڏي،

ته گڏجي جاني جاليون يار، ڀل ته ٻيا پيا ڏيهه ڏسن.

 

5.

تنهنجي ياد اندر ڏي اُڌما، سهڻا سور سوين پيا صدما،

تنهنجيون رمزون نراليون يار، ڏيهه سڄي ۾ ڪين ٿيون ڏسجن.

 

6.

ياد ’ولي بخش‘ ڪين وساري، تاڙي وانگر تات تنواري،

توجي پياريون پياليون يار، اچي تايو آهي تن طلبن.

 

(53)

ٿلهه:

صدق صدق سو واري صدقي، لاهي نقاب نهارڻ تان.

 

1.

نيڻ خماريل کڻي خوشيءَ مان، کلي يار کيڪارڻ تان،

غمن ۾ پي غوطا کاڌم، تار انهيءَ مان تارڻ تان.

 

2.

واعدا وصل جا ڪيا تو جيڪي، پنهنجا سيئي پارڻ تان،

دلبر اڄ ديدار ڪرايوَ، انهيءَ سارڻ يار سنڀارڻ تان.

 

3.

ڪڏهين ته ويجهو ڪين وهاريَوَ، اڄ گوڏي گڏ ويهارڻ تان،

مٺڙا مٺڙيون ٻوليون ٻولي، دلڙي يار ڌتارڻ تان.

 

4.

هٿيار حُسن جا يار کڻي، اچي عاشق سر اولارڻ تان،

موتو وانگي ماري ماريئي، انت موتو جيارڻ تان.

 

5.

گهور ٿيان لک گهورون گهوريان، واڳ وصال جي وارڻ تان،

اهي احسان لکين لک ٿورا، گڏجي يار گذارڻ تان.

 

6.

ساقي سرڪي ڏنيئي مرڪي، تنهن پيالي پر پيارڻ تان،

مون ڀانيو آئون وسري ويڙس، ’ولي بخش‘ کي ڪين وسارڻ تان.

 

 

(54)

ٿلهه:

محبت ۾ منهنجا مٺا، ويهه ته گڏجي يار گذاريون.

 

1.

ويهه وڃڻ جون وايون ڇڏي ڏي، قرب ۾ هردم رهون ٿي ڪٺا.

 

2.

جاني جدائي جيئڙو ٿي جهوري، ڏک ته اڳي ئي مون آهن ڏٺا.

 

3.

تانا تنڪا مهڻا ملامت، سي ته سڀيئي مون سر تي سٺا.

 

4.

ويهه ’ولي بخش‘ سان ٿي ويجهو، ورهه جا جنهن سر مينهن وٺا.

 

(55)

ٿلهه:

تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ، منهنجي روح ۾ رهيون،

مون کي تون نه مليون، مون ڪنهن سان نه ڪيون.

 

1.

منهنجي محرم حال جو ڀائي تون، ڪر ايڏي ڪيم جدائي تون،

مون سان بيحد بي ته وفائي تون، ٿيو ڏيل ڏکن ۾ يار ڏهيون.

 

2.

هاڻي هيڪر اچو ڇڏي هوڏ مٺا، تنهنجي واهه وڻي مون کي لوڏ مٺا،

توريءَ ڪنهن سان ڪريان آءُ ڪوڏ مٺا، تنهنجي عشق ڏنيون ڏاڍيون درد ديون.

 

3.

اچيو چت تي چڙهن تنهنجون چالڙيون، مٺيون محب تنهنجون جي مڪا لُڙيون،

اهي ڳڻن ڀريون جي ڳالهڙيون، مون کي ياد پون نئين سج ته نيون.

 

4.

پنهنجي پر ۾ روز پچاريان ٿي، ڪريو ياد هنجون نت هاريان ٿي،

هڪ ويل به ڪين وساريان ٿي، منهنجون آهن ثمر اهي ساهه سنيون.

 

5.

مون ٻيو سڀ ڪي ڇڏيو توکي نه ڇڏيان، تولاءِ جايون اکين ۾ يار اڏيان،

توکي ساعت ساعت آءُ ته سڏيان، ٻيون وايون مون کان سڀ يار ويون.

 

6.

’ولي بخش‘ جا ٿا نيڻ وهن سڪ صبر ٻيئي ڪيئن ٺهن،

مون کان زوريءَ ٿيون وڃيو پڌر پون، جيڪي آهن اندر ۾ اڻ ته ميون.

 

(56)

ٿلهه:

حال ڀائي آ هيڪر، قرب وارا ڀري قدم،

ساهه سڪي ٿو ساري، دوست اوهان کي دم دم.

1.

ڳل ڳراٽي پائي وري وساري ڇڏيئي،

سور ثمر ساڻ ڏيئي گوندر منجهه گڏيئي،

ٻي ڪنهن کي هاڻ سڏيان، من جو تون ئي محرم.

2.

سال ٿي ويا سڪندي، توکي ساريان ۽ سڏيان،

اڱڻ ٻهاريو دل جا، اکين اوطاقون اڏيان،

واڳ وصال آ واري، هوئج هميشان همدم.

3.

ڪئين سهڻن کان سهڻا، ڏيهه ڏوري مون ڏٺا،

تنهنجو مٽ نه ڀانيان، منهنجا محب مٺا،

تنهنجو هلڻ ملڻ کلڻ، ڏي سورج کي شرم.

4.

مهل مرڻ جي مون وٽ، مانَ اچين تون موٽي،

آئون اوهان جي آهيان، توڙي کري جي کوٽي،

ڪير ڪندو ٻيو توريءَ هن ڪوجهيءَ تي ڪرم.

5.

هيلا حڪيمن ڪيا، ورهه وڌي ويو ويتر،

درد لهي نه دل جو، جاني ملين نه جيتر،

محب جڏهن تون ملندين، ٿينديون بيماريون پوءِ بسم.

6.

’ولي بخش‘ کي ويتر نئين سج سور نوان،

ڪريو سکائون سانڍيان، محب مُڪا جي اوهان،

تن ڳارا ڏيئي ڳاريو، جاني يار جسم.

 


 

 

 

(57)

ٿلهه:

ويهه نه منهن تون مٽي مٽي، پرديسيئڙا پريت لڳائي.

 

1.

مندون موٽي ملڻ جون آيون، وري ورڻ جون ڪرڪي وايون،

جيءُ نه توري جٽي جٽي، جاني ڇڏ مَ تنهن کي جلائي.

 

2.

بازي برهه جي يار بنائي، گهور نيڻن سان دلڙي گهائي،

کڻي ويون تون کٽي کٽي، ڏيئي راز ڪو رمز رلائي.

 

3.

وڃي يار يڪو رهيون ويهي، ڪري ڏکن ۾ منهنجي ڏيهي،

سڪ سورن ۾ سٽي سٽي، پيچ پرت جا دل کي پائي.

 

4.

جنهن سان تو هو گڏ گذاريو، تنهن کي تو نه سڄڻ وري ساريو،

ڪيئن ڀلا اهو ڪٽي ڪٽي، ڳالهيون تنهنجيون ڳايو ڳائي.

 

5.

’ولي بخش‘ ڏي وري ورڻ جي، ڪر پيارل پير ڀرڻ جي،

ته ڳالهيون ڪريون ڪي ٻٽي ٻٽي، اچ تون پنهنجو پاڻ ڀلائي.

 


 

 

 

(58)

ٿلهه:

مندون موٽي وري آيون، مان ورن وڻجارا،

پچان پڄران پڙهان پيئي، سندا سورن سيپارا.

1.

سڄڻ سلامت ثابت وطن وري شل ايندا،

ڪاف ڪشالا تن جا ساب سڀيئي پيندا،

من مرادون پڄندن هُون سدائين سوڀارا.

2.

آئون ته انهن لاءِ اڃا روز اداسي آهيان،

پرهه ڦٽيءَ جو فالون پرين لاءِ پايان،

اڄ سڀاڻي مان اچن جاني جيءَ جيارا.

3.

نجم نجومين کان پوٿيون پٽايو پڇان،

محب ڪڏهن سي ملندا جن لاءِ لڇيو لڇان،

کائڻ پيئڻ عيش عيدون خيال خوشين جا کارا.

4.

پيرن فقيرن ولين تي باسيم ڪئين باسون،

الله پڄائيندو اهي اندر منهنجي جون آسون،

محب موٽي مون ملندا، من منهنجي جا منٺارا.

5.

’ولي بخش‘ ڏانهن ڪڏهن واءُ وصالي ورندا،

عجيب اکين سان ڏسي نيڻ نماڻا ٺرندا،

درد دفع سڀ ٿيندا دوست پسي دلدارا.

 

 

(59)

ٿلهه:

پرين پاريو ائين پنهنجو واعدو وصال جو،

جاني پسايو جلوو جانب جمال جو.

1.

شمس قمر تارا تنهنجي چمن پيئزارا،

چهرو چٽو چوان ڇا بدري هلال جو.

2.

اول توڙي آخر باطن توڙي ظاهر،

رهي ٿو دور دل ۾ تنهنجي مقال جو.

3.

منگي بيک ٿو، بکياري ديدار دان واري،

بخشيو مٺاڪو بهرو برهه بحال جو.

4.

آهين سخي سخا ڪر پازي پنهنجي کي پاکر،

منگتو آهيان مدامي محبت جي مال جو.

5.

سائين ڪريو ستاري ٿئي برهه ڪو بهاري،

ڏيو خير لڳ خدارا خوبان خيال جو.

6.

ڏيو ذوق ذڪر ذاتي رهي روز ڏيهان راتي،

ڏيئي نينهن ۽ نوازيو ڌوڌو ڌمال جو.

7.

’ولي بخش‘ آ سوالي محبت سندو موالي،

تنهن کي عطا انعام ٿئي قربي ڪمال جو.

 


 

 

 

(60)

ٿلهه:

جِييسَ جانيءَ ياد ڪياس، ياد هجان شل وري نه وساري.

 

1.

ڪيڏو قرب ۽ ڪرم ڪيائين، ڀرم شرم جو ڍڪ ڍڪيائين،

آئون ٿورائتي هاڻ ٿياس، سر ساهه صدق ڪريان واري واري.

 

2.

جلوو جمال آهي جنهن کي، سنجهه صبح آهي سوال تنهن کي،

جڳ ۾ جنهن جي نانءُ سياس، سو پنهنجي پرت پرين شل پاري.

 

3.

ٿورو لکن جو مون کي لاتائين، پيار وارو ڪو پيچڙو پاتائين،

هيس جڏڙي هاڻ جِياس، ڪئين جڏيون ٿو يار جياري.

 

4.

منهنجو محب ڏسي جا هيڪر، سک نه سمهي سا جَلي جيڪر،

اهڙي آهي سونهن سُنَدياس، پل پل پيئي پوءِ پڪاري.

 

5.

’ولي بخش‘ چئي وصال وارو، پرين پسايو نور نظارو،

جنهن لاءِ آءُ سال سِڪياس، تنهن اڄ پُر ڪيو آ پياري.

 


 

 

(61)

ٿلهه:

مالڪ توکي ڪيو مٿاهون،

آهي پرين وٽ تنهنجي پچار.

1.

گس لاءِ تون چڱي گرهوڙي،

آئون آيس تو در ڊوڙي،

بنا عجيب جي آهيان اجوڙي،

تون لهه ڪا اهڙي سار سنڀار.

2.

سائل آيس تو در سوالي،

 مون کي ملائج وارث والي،

عزت تنهنجي اصلئون عالي،

ٿي حمايت هر وار.

3.

محبت مون کي مال ڏيارج،

دانهه دهرو دان ڏيارج،

پرتئون پيالو پريم پيارج،

آهي تنهنجي ڪل اختيار.

4.

شال نصيب ٿئيم شريعت،

طالب آهيان ڏينم طريقت،

حال منگان ٿو توکان حقيقت،

معرفت ۾ تون آهين مختيار.

5.

’ولي بخش‘ چئي آهيان ويچارو،

تو در آيس پنڻ پئنارو،

منهنجو مقصد ڪجان موچارو،

آهن الله جا توتي آر.


 

 

(62)

ٿلهه:

محمّد منصور ٿيو مانجهي، برهه جو سر کڻي بارو،

کُلي خوشبوءِ کٽياڻن ۾، هليو هر جاءِ هٻڪارو.

 

1.

ڪري ترڪ قبل ماضي، رضا تي رند رهيو راضي،

ڪري سڀ غير گم غازي، اناالحق جو هنيو نارو.

 

2.

نچي نروار ٿيو نانگو، ڇڏي سر ساهه جو سانگو،

لنگهي لاحد وارو لانگهو، ٿيو سرمد جيئن سوڀارو.

 

3.

مچائي ميخانه منصوري، پرت پنهنجي پاري پوري،

حاصل هر حال حضوري، نظم ۾ ٿيو سو ناميارو.

 

4.

دُئي وارا ٽڳا ٽوڙي، ٻيائيءَ کي ڇڏئين ٻوڙي،

چڙهيو توڪل سندي گهوڙي، ڇڏي لالچ سندو لارو.

 

5.

سانگو سر ساهه جو لاهي، محمّد جيئن موج مچائي،

اهڙو ٻيو ڪير ڪٿ آهي، ’ولي بخش‘ آ ورهه وارو.

 

(63)

 

ٿلهه:

سهڻو ساميئڙو دلڙي لُٽي ويو، دلڙي لٽي ويو ڪو دم ڪٽي ويو.

 

1.

وڃڻو اصل هو وطن ويراڳي، سچو سنياسي سامي سهاڳي،

رام ريجهايو جوڳيءَ جاڳي، مون کان مهيسي منهڙو مٽي ويو.

 

2.

مون کي ملي من مرد مهيسي، عاشق عشق جو اصل اويسي،

هتان هليو ويو پورب پرديسي، سڪ سورن جي سير ۾ سٽي ويو.

 

3.

ترڪي ترڪ کي ترڪ ڪيائين، ڪين بنا ٻيو ڪين کنيائين،

سڪان ساريان آئون سدائين ڏيئي درد دل کي دلڙي ڦٽي ويو.

 

4.

ننگ نڀاهي نيهي سو نيندو، اٿم اميد ته ڪين ڇڏيندو،

پنهنجو پاڻ سان گڏ گڏيندو، سڳو سڪ جو وجهي وٽي ويو.

 

5.

جوڳي پنهنجو جيءَ جلايو، نانهن ٿي نانگي ناٿ نمايو،

’ولي بخش‘ تنهن کان ورهه وهايو، ڏيئي جهام جهوري جيئڙو جهٽي ويو.

 

(64)

ٿلهه:

اڃا ڪونه آيو ڪو قاصد قريبن،

وريو ڪونه وانگي سندو يار سڄڻن.

 

1.

سندن شان شاهي آئون نوڪر گدائي،

ڪريان ڇا وڏائي اڳيان عجيبن.

 

2.

ڀلا ڪندا ڀيرو ساجهر سويرو،

مٽيندا نه ميرو ملان شال مجيبن.

 

3.

ويل نه وساريان هنجون روز هاريان،

نڪريو نهاريان نرتئون نجيبن.

 

4.

پل پل پڇايان اميدون نه لاهيان،

’ولي بخش‘ وَهايان هنجون لاءِ حبيبن.

 

(65)

ٿلهه:

ادا ساٿي سڄڻن کي، منهنجا سلام ڏج ساري.

 

1.

پئج پيرين منهنجي پارا، پائي ڳچيءَ ڳل ڳارا،

سنيها هي چئج سارا، مٺي محبوب موچاري.

 

2.

وصل جي واڳ هاڻي واريو، نه مون کي ماڻن سان ماريو،

ڪيل پنهنجا قول پرين پاريو، چئج دل لائي دلداري.

 

3.

وڃي ٿو حال ٿيندو هيڻو، لڳي ٿو نا ڇنڊو ڦيڻو،

درد وڌي ٿيو ٻيڻو ٽيڻو، ماريو انهيءَ آ مونجهاري.

 

4.

حياتي مثل آهي حُباب، هٽايو پردو حجاب،

پسايو منهن مٺا مهتاب، اچو ننگ پنهنجو نهاري.

 

5.

اسان جا عيب اگلايون، ڍڪيو ڍولڻ ائين ڍلالون،

ٻي جا ناهيون تنهنجا آهيون، پيل اصل کان پناري.

 

6.

ٻيا به عاشق اتي اهڙا، ڪي مون کان وڌ ڪي مون جهڙا،

ڏسڻ منهن لاءِ ڪريو ميڙا، پيو هرڪو ٿو پڪاري،

 

7.

ڪجان اهڙي اُتي آزي، نمي نوڙي تون نيازي،

ريجهائي تون ڪجان راضي، اچي من پوءِ اوطاري.

 

8.

مٺا محبوب دل جاني، رهي ٿو حال حيراني،

ٿي آ ضعيف زندگاني، چيو ’ولي بخش‘ ويچاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org