ٻه اکر
اها ڳالهه باعث مسرت آهي ته ”منٺار فقير اڪيڊمي“
طرفان
پرين تنهنجي پياس (ڪلام فقير ولي بخش راڄڙ) ڇپائي
پڌرو ڪيو پيو وڃي. فقير ولي بخش مرحوم منٺار فقير
رح جو پوٽو هو۽ انهيءَ ناتي شاعري سندس ورثي ۾
آئي.
حالانڪه فقير ولي بخش مرحوم جو گهڻو ڪلام پاڻ سندس
حياتي ۾ ئي ضايع ڪري ڇڏيائين. ۽ پوءِ ڪيترو وقت
شاعري ڇڏي ڏنائين. وري زندگي جي پوين ڏهاڙن ۾ شعر
چوڻ شروع ڪيائين جيڪو هن مجموعي
۾ شامل آهي.
فقير ولي بخش مرحوم ڪافي جو پختو شاعر هو. پاڻ ٻيهر ان دور ۾
ڪافي چوڻ شروع ڪيائين جڏهن سنڌ تي غير ڪلاسيڪل غير
عروضي ڌارين صنفن جو اثر وڌڻ لڳو.
قبله
حضرت مخدوم محمد زمان سائين طالب الموليٰ ته نه صرف ڪافي تي
هڪ لاجواب ڪتاب لکيو بلڪه پهريون دفعو ڪافي مشاعرو
ڪرايو، جنهن ٻين سڀني رجحانن ۾ تبديلي آندي.
فقير ولي بخش مرحوم جيئن ته راڳ جي فن مان مڪمل
آگاهه هو. انڪري سندس ڪافي ۾ موسيقي جون سڀ رمزون
موجزن آهن.
هن دور جو ڪوبه فنڪار راڳي ولي بخش مرحوم جي ڪافي
ڳائيندو ته کيس ڌُن خودبخود ملي ويندي.
جڏهن قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ حج بيت
الله جي سعادت تان واپس وريا ته فقير ولي بخس
مرحوم هڪ ڪافي:
اڄ پرين پاتا پرتئون پير، اهي پير چمان پيزار
چمان.
چئي هئي. هيءَ ڪافي هن
وقت
به سنڌ جي فقراءَ ۾ مقبول عام آهي.
اسين منٺار فقير اڪيڊمي جي ڪارڪنن کي جَس
ٿا ڏيون ۽ دعا ٿا ڪريون جن هن اهم ڪم کي سرانجام
ڏنو آهي.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘
سجاده نشين درگاهه حضرت نوح رحه هالا
ٻه اکر
مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جن جي سربراهيءَ ۾ سنڌي
ادبي بورڊ ادب جي واڌاري لاءِ نمايان ۽ بهتر انداز
۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان تسلسل ۾ فقير ولي بخش جو هي
رسالو
[پرين
تنهنجي پياس ۾]
شايع ٿي رهيو آهي، جيڪو پهريون دفعو 1999ع ۾ منٺار
فقير اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو هو، ان لاءِ سنڌي ادبي
بورڊ جي اراڪين کي جَسُ هجي.
فقير ولي بخش مرحوم جو سنڌي ڪافيءَ جي شاعرن ۾ سٺو
مقام
آهي
۽ سندس ڪافين ۾ نه صرف نج سنڌي سماج جو عڪس نمايان آهي پر وحدت
جون وايون، تصوف جا نقطا ۽ فن جون تمام موشگافيون
موجزن آهن. سندس ڪلام ۾ جيڪا مرشد جي محبت ۽ سڪ جي
ڪشش سمايل آهي، سابه لاجواب آهي. اسين سندس خاندان
لاءِ دعاڳو آهيون ته اُهي فقير جي نقشِ قدم تي هلي
ڪامياب رهن. آمين.
مخدوم جميل الزمان
سجاده نشين درگاهه حضرت غوث الحق
مخدوم سرور نوح رحه هالا
(هٿ اکر فقير ولي بخش راڄڙ)
فقير ولي بخش سائين قبله مخدوم سعيدالزمان سائين
جن سان سالانه ميلي جي محفل ۾ 1982ع ڌاري
فقير ولي بخش سائين 1950ع واري ڏهاڪي ۾ درگاهه
شريف تي سماع دوران
فقير ولي بخش سائين جن درگاهه شريف تي ذڪر سماع
دوران ساڻن گڌ فقير ولي محمد سائين رحه، فقير محمد
بخش ضامن، فقير لطف علي ۽ ٻي فقراهه.
اندازاً 1982ع يا 1983ع
فقير ولي بخش سائين
ويٺل وڏيرو پرچي ولد حاجي مير حسن، فقير ولي بخش
سائين، فقير قبول محمد ۽ وڏيرو حافظ ولد جيئڻ
مٿان بيٺل ساڄي وڏيرو عبدالله ۽ کاٻي فقير ولي
محمد سائين عليه رحمته
اڳيان ويٺل ابراهيم فقير پير بخش ۽ علي بخش ولد
فقير قبول محمد
فقير ولي بخش سائين 1950ع جي ڏهاڪي ۾ درگاهه شريف
تي فقراهه سان
فقير ولي بخش سائين جن پنهنجن پوٽن فقير محمد بخش
ضامن ۽ فقير لطف علي سان
فقير بخش سائين 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ميلي جي موقعي
تي ٺهندڙ تمام وڏي مچ جي پاسي ۾ ويٺل، بعد ۾ قبله
طالب المولي سائين جن مچ ننڍي ڪرڻ جو حڪم
فرمايائون جيڪو اڃان هلندو اچي.
1950ع واري ڏهاڪي ۾ فقير ولي بخش سائين جن درگاهه
شريف جي اڳيان
فقير ولي بخش سائين هڪ نجي محفل ۾ مشهور فنڪار
قادربخش ڪهيري کي ڳارائيندي، فقير محمد بخش ضامن
به ويٺل مٿان بيٺل معمور يوسفاڻي ۽ ولي سروري
فقير ولي بخش سائين وحدت فقير نقرچ جي ميلي ۾ ويٺل
صادق فقير ڀنڀرو، عبدالمجيد نقرچ ۽ درمحمد فقير
نقرچ گڏ ويٺل
هي راند حضرت قبلا مرشد غلام محمد گل سائين جن کان فقير ولي
بخش سائين جن کي ملي، جنهن جو نقل پريل فقير پئنار
فقير سائين جي جوڙايل رسالي بحر لعاشقين ۾ ڪيو، هي
ان جو عڪس آهي هن راند ۾ انسان جي زندگي جو خاڪو
ڏنل آهي ته ڪهڙين جاين تي بلائون آهن جن کان بچڻ
گهرجي ۽ ڪٿي چاڙهيون آهن جتان چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ
گهرجي.
حضرت منٺار فقير
رح جو خانداني شجرو
سوانح حيات فقير ولي بخش راڄڙ
عليھ رحمة
سونهاري سنڌ تي الله سائين جي اها عنايت رهي آهي
جو منجهس ڳاڻيٽي کان وڌيڪ اولياء الله پيدا ٿيا
وقت بوقت ڪيئي ناميارا بهادر بيباڪ انسان ايندا
رهيا آهن جن پنهنجو نالو اهڙو ته روشن ڪيو جو سندن
دنيا ۾ وارو وڄائڻ کي ته ورهيه ٿيا پر اڄ به ائين
ٿو لڳي ڄڻ ته اهي اسان وٽ موجود آهن واقعي به اهي
ته آهن ئي هميشه حيات جيئن فقير منٺار سائين جن هڪ
ڏهر ۾ فرمايو آهي ته:
جي مري جيا منٺار چئي، هوندا سي حيات،
جن پاڻ هئڻ پاسي ڪري، پنهنجو الله ڪيئون اثبات،
الست بربڪم قالوبليٰ ڪن ياد هڪ ئي حرفات،
انهن
جي آسڻ تي آهي راتو ڏينهن رحمات،
ٻيا موڳا مريو ٿين مات، هو مرد مرن ئي ڪين ڪي.
انهن املهه انسانن مان فقير ولي بخش سائين جن به
هڪ هئا.
ولادت
باسعادت
پاڻ مشهور صوفي شاعر منٺار
فقير
راڄڙ
جن جي اڪيلي
فرزند فقير پير بخش جن جي گهر ۾ جنم ورتئون. اها
تاريخ 24 ذوالقعد 1331هه بروز ڇنڇر هئي.
25 آڪٽوبر 1913ع.
سندن ننڍپڻ
پاڻ اڃا ٽن سالن جا مس هئا ته سندن والد دنيا مان
رحلت فرمائي. ان بعد سندن پرورش سندن ڏاڏي حضرت
منٺار فقير راڄڙ
جن ڪرڻ فرمائي. فقير سائين جن جي ڏنل تربيت ئي کين
هڪ ڪامل انسان بنائڻ لاءِ ڪافي هئي.
تعليم
ان وقت تعليم جون سهولتون گهٽ هئڻ ۽ حضرت فقير
سائين جن جي گهڻو ڪري سير و سفر تي هجڻ ڪري ٻني
ٻاري ۽ اوطاق وغيره جون جوابداريون ننڍي هوندي کان
ئي مٿن اچڻ ڪري پاڻ ظاهري تعليم حاصل نه ڪري
سگهيا. اڃا سن بلوغت کي مس رسيا ته هڪ دفعي محرم
شريف جي ڏهين تاريخ مرثيه خواني هلندي
فقير سائين وڏن جو آواز اوچتو رڪجي پيو (شايد
قدرتي طرح سبب ٺهڻو هو بهاني سان عنايت ٿيڻي هئي)
پاڻ آواز کي درست ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪيائون پر آواز
نه هليو
ڀريل
مجمعي ۾ نظر ڦيريائون ٻه دفعا نظر ڦيرائڻ بعد ٽيون
دفعو نظر وڌائون ته فقير ولي بخش سائين تي نظر پين
هڪدم کين سڏي چيائون ته پڙهه پاڻ چئيون ته آئون ته
پڙهي ڄاڻان ئي ڪونه پر فقير صاحب جن وري چين ته
پڙهو ته پاڻ وري اسرار ڪيائون ته ڪيئن پڙهون پڙهيل ئي ڪونه آهيون ته
فقير صاحب جن حڪم جي انداز ۾ چيو ته اسين ٿا
پڙهايون اوهين پڙهو، بس پوءِ ته ڪتاب کولڻ جي دير
هئي لفظ ائين ايندا ويا ڄڻ پڙهڻ ڪو مسئلوئي ڪونهي
۽ اهو مرثيو به آواز بلند پڙهي پورو ڪيائون. اهو
غالباً سچل سائين جو مرثيو هو جيڪو ان وقت پڙهيئون
پي اهو ڪتاب به اڃا موجود آهي جيڪو پراڻي سنڌي ۾
لکيل آهي جيڪو اڄڪلهه جي پڙهيلن کان مشڪل پڙهجي،
ان واقعي بعد فقير سائين لاءِ لکڻ پڙهڻ ڪو مسئلو
ڪونه رهيو، سندن مطالعي لاءِ ڪافي ناميارن ڪتابن
جو ذخيرو سدائين سندن سيراندي کان محفوظ رکيو
هوندو هو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي انهن ڪتابن ڏسڻ
سان يا جن ماڻهن کين ڏٺو هوندو يا ساڻن ڪچهري ڪئي هوندي ته بلاشڪ ائين لڳندو ڄڻ پاڻ اعليٰ تعليم
يافته آهن.
ان نظر ڪرم سان نه رڳو پاڻ لکڻ پڙهڻ سکيا بلڪه
الله سائين کين علم عقل فهم بيباڪي، دورانديشي ۽
فقير اکر جي جملي وصفن تي عبور عطا ڪيو، بيشڪ جن
ماڻهن ساڻن ڪچهري ڪئي هوندي اهي ئي ان ڳالهه کي
ڄاڻندا ته سندن هڪ
هڪ
وصف تي لکڻ ڄڻ درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ برابر ٿيندو.
سندن شادي
پاڻ اڃا جواني ۾ قدم ئي مس رکيئون ته فقير سائين
وڏن ڳوٺ مان ئي پنهنجي برادري مان سندن شادي
ڪرائي.
حضرت منٺار فقير سائين
جن 10 شوال 1353هه 16 جنوري 1935ع تي دنيا مان
وصال فرمايائون، ۽ فقير ولي بخش سائين رحه جن
درگاهه شريف جا پهريان سجاده نشين ٿيا.
سجاده نشيني
پاڻ قبله مرشد مخدوم غلام محمد گل سائين
سجاده نشين درگاهه مرشد سرور نوح فقير
جن کان ذڪر تلقين ورتئون ۽ اها قبله مرشد سائين جي
نظر ڪرم ئي هئي جو ايتري ننڍي عمر ۾ درگاهه جي
خدمت و رياضت ۽ فقير سائين وڏن جي وسيع تعلق سان
پورو نباهي پنهنجا مداح به پيدا ڪري ويا. هر ماڻهو
کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ فقير منٺار سائين اسان وٽ
موجود آهن. پاڻ ان وقت هڪ اهڙو اعزاز ماڻيائون جو
سرور شاهه جي پوري جماعت مان شايد ئي ڪنهن ماڻيو
هجي. اهو هيئن جو ان وقت ۾ فوٽو اسٽيٽ ڪاپي جي
سهوليت ڪانه هئي پر قبله مخدوم مولوي غلام حيدر
سائين جن خصوصاً هڪ
ڪاتب وهاري
مرشد نوح فقير جن جي
ملفوظات شريف جا نثر ۾ آهي ان جو ڪجهه حصو نظم ۾ قلمبند ڪرائي ان ڪاتب هٿ ئي فقير ولي بخش سائين
ڏانهن ڏياري موڪليائون، ان ڪاتب
جا هٿ اکر به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڄڻ لفظن جي جاءِ
تي موتي پويل آهن ان ملفوظات شريف جي مطالعي به
سندن وڏي رهنمائي ڪئي کين پنهنجي مرشد ۽ ان جي
ڏسيل طور طريقن متعلق جيتري ڄاڻ هئي شايد ئي ڪنهن
ٻئي کي هجي ٻڌجي ٿو ته سندن والد محترم فقير پير
بخش جهڙو ذڪر ڏهر ۽ تسبيح سماع ڪنهن ڪانه ڪئي پر
کين به ذڪر ڏهر تسبيح متعلق جيتري ڄاڻ هئي ۽ جنهن
انداز سان ڪندا هئا اهو به ٻي ڪنهن کان نه ٿي
سگهيو. |