سيڪشن: شاعري

ڪتاب: من اندر جي موسم

باب:

صفحو:9 

من اڱڻ وڄن شرنايون،

ڳايون ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون،

لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،

لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

لاڏو نيڻ کڻي ٿو ناز مان،

الا! راڻو نيڻ کڻي

 

کنڊ پيئي ملايان کير ۾،

چنڊ ويٺي ڏسان تصوير ۾،

لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،

لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

 

وڳا ويس ونيءَ اڄ پاتا،

ڳڱا ڳيچ وريتين ڳاتا،

لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،

لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

 

وٺي خوشين جي برسات آ،

اڄ ڀاڳن ڀرڙي رات آ،

لڳي سرهي هير ڏکڻ جي،

لڳي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي،

ö

 (دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو جي طرز تي لکيل ڳيچ)
 

 

گلن واري ٽاريءَ تان مان گل چونڊيندي  اچان،

ڦلن جي ڦلواڙيءَ مان خوشبوءِ کڻي ٿي اچان.

 

بوند وسائڻ بوڇڻ تي، هي بادل آيا ڪٿان،

موتين جي وسڪار وسي پئي بوند بوند مان اڃان.

 

لالڻ جي هن لونگيءَ جون مان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيان،

سونهن لٿي ڄڻ ڌرتيءَ تي آ چنڊ ستارن جيان.

 

کير ڪٽورو هٿ تريءَ تي اوتيو اوتيو پيئان،

سرتين ساهيڙين سان مليو کليو کيرون  ڏيان.

 

راڻل آيو رنگ محل جا رنگ رچي ويا نوان،

سپنن جي سنسار جي ڳولا مومل ڪرئين متان.

 

هالن مان هندورو آيو تنهن ۾ ويٺي لڏان،

لوڏي لوڏي ٿڪي آهيان پوءِ به ويٺي لڏان.

 

دروازي تي دستڪ ڏيئي رانجهو آيو  ڪٿان،

مڻيا پائي بين وڄائي ”هير“ وٺي ويو هتان.

ö

(لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾ واري لوڪ گيت جي طرز تي لکيل)


 

”سهيل جو سهرو“

 

پرينءَ جي پار کان آيا عجب اسرار جا، سهرا،

نهايت خوبصورت ۽ محبت پيار جا، سهرا.

 

سنهري شام جا سڀ رنگ خوشبو، گيت ۽ خوشيون،

جڏهن مليا ته تن مان پيا جڙي جنسار جا، سهرا.

 

خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سجيا من شهر هالا ۾،

”محمد خان“ جي فرزند برخوردار جا، سهرا.

 

ستارن جي ڍڪي چادر لٿو جيئن چنڊ ڌرتيءَ تي،

ڏسي اکڙيون ٺري پيون مٺي منٺار جا، سهرا.

 

ڏسي اجرڪ جي ڦلڙين کي لڳي حيرت ستارن کي،

ستارن کي به سهڻا ٿا لڳن دلدار جا، سهرا.

 

گهڻا سهرا ڏٺا هاسين گهڻئي سهرا لکيا هاسين،

 بلاشڪ ٿا اتر لهڻن اسان جي يار جا، سهرا.

 

محبت جا حسين منظر ڏسي ”مرزا نصير“ ها جي،

چمي ها چاھه مان هر هر رخِ انوار جا سهرا.

 

لکياسين پر لکياسين دير سان سهڻي سڄڻ خاطر،

هوائن ۾ اماڻيا ”سوز“ سرجڻهار جا سهرا.

ö

 (سهيل ابڙي جي شاديءَ جو سهرو)

”سهرو ثاقب جو“

 

محبوب مک تي مرڪن ٿا لاجواب، سهرا،

ريشم جيان ٿا جرڪن ٿي بي حجاب، سهرا.

 

گلشن جا ڦول سارا مهڪي پيا خوشيءَ ۾،

رابيل آه رقصان ڳائي گلاب، سهرا.

 

جيڪي به رنگ سونهن کي فطرت عطا ڪيا ها،

دراصل تن سڀن جو هي انتخاب، سهرا.

 

ڪيڏو نه پراثر ۽ دلڪش نظر اچن پيا،

زلفن جي ڪيمخواب تي، سي نيم خواب سهرا.

 

بي حال، بدحواس ۽ حيران ٿي وڃي ها،

او ڪاش! جي ڏسي ها هي ماهتاب، سهرا.

 

سهرا ڀلي ته ڪهڙا سهڻا سٺا هجن پر،

”ثاقب“ جي حسن آڏو ٿيا آب آب سهرا.

 

هي زرق برق سهرا، ڄڻ لوڪ گيت سنڌ جا،

ٺاهي نه ”سوز“ سگهيو اهڙا پنجاب سهرا.

ö

 (ثاقب ابڙي جو سهرو)


 

ثقافتي ڳيچ

 

لايو ٿيڙو سجايو، هالن مان آيو،

آيو ڙي آيو،

پلنگ منهنجي پرينءَ جو.

 

رنگن سان رانديون ڪري ڪاريگر ٺاهيو،

هالن مان آيو،

آيو ڙي آيو،

پلنگ منهنجي پرينءَ جو.

 

سرتيون سيج بندن تي، خوشبو ڇڻڪايو،

هالن مان آيو،

آيو ڙي آيو،

پلنگ منهنجي پرينءَ جو.

 

ميندي رتن هٿڙن سان گل ڦل ورکايو،

هالن مان آيو،

آيو ڙي آيو،

پلنگ منهنجي پرينءَ جو.

 

جانيءَ جي جنسار آ، رنگ عجب لايو،

هالن مان آيو،

آيو ڙي آيو،

پلنگ منهنجي پرينءَ جو.

ö

 

مون ڏي جيجل موڪليو، مون ڏي اباڻن موڪليو،

هندورو هالن جو.

 

هندورو هالن جو، سجيل سالن  جو،

هندورو هالن جو.

 

جڙيل جواهرن سان، مڙهيل موتين جو،

هندورو هالن جو.

 

جنهن جي لوڏ لکن جي پاڻ ڪروڙن جو،

هندورو هالن جو.

 

ملهه مهانگو جنهنجي گلڙن ڦلڙن  جو،

هندورو هالن جو.

 

لوڏيان پنهن جو پٽڙو پنجن سالن جو،

هندورو هالن جو.

 

هينئڙو هندورو ٿيو، سرتيون ساجن جو،

هندورو هالن جو.

مون ڏي جيجل موڪليو،

هندورو هالن جو.

سجيل سالن جو.

ö

 


 

ڳيچ خوشيءَ جا ڳايون اسين،

ڳائي جهمريون پايون اسين،

پايون اسين،

او! پايون اسين.

 

گربيون سوسيون اجرڪ پايون،

گج گلابي، ڀرت ڀرايون،

هالن جون آهيون ڄايون اسين،

ڄايون اسين،

او! ڄايون اسين.

 

ڪاڄ ڪرڻ جي ويل به آئي،

راڄ سڏڻ جي ويل به آئي،

رٺلن کي پرچايون اسين،

پرچايون اسين،

پرچايون اسين.

 

جنڊيءَ جهڙا ڦل سجائي،

ڪاشيءَ جهڙا رنگ رچائي،

تن سان من وندرايون اسين.

وندرايون اسين،

وندرايون اسين.

ö

 

 

تنهنجي رنگن نئون رنگ  لاتو،

ڪاشيگر او ڪاشيگر،

تنهنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

 

سهڻا سهڻا چِٽ چٽين ٿو،

رنگن سان تون رانديون ڪرين  ٿو،

تون آهين بلاشڪ رانديگر،

ڪاشيگر او ڪاشيگر،

تنهنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

 

سونا روپا رنگ رچائي،

محبت جا محلات سجائي،

تو ڪيڙو ڪمال آ ڪاريگر،

ڪاشيگر او ڪاشيگر،

تنهنجي رنگن نئون رنگ لاتو.

 

چيڪي  مٽي ”هالن“ واري،

آهي ساري مڻيا واري،

جنسار جڙيا  تو هي جادوگر،

ڪاشيگر او ڪاشيگر،

ö

 (هالا جو ثقافتي گيت)
 

ٻارڙن جا گيت

 

گيت ڌڻيءَ جا ڳايو ڳايو،

آيو صبح سهانو آيو.

 

سانت ۾ ڪوئي ساز وڄي ٿو،

الهامي آواز اچي ٿو،

جاڳو، جاڳو ۽ جاڳايو،

آيو صبح سهانو آيو.

 

سرهي سرهي هير گُهلي آ،

پرھ جي ويئي اک کلي آ،

سورج  دروازو کڙڪايو،

آيو صبح سهانو آيو.

 

مکڙيون گل ٿيڻ تي آهن،

گل ڦل پڻ ٽڙڻ  تي آهن،

تن سان گهر سجايو،

آيو صبح سهانو  آيو.

 

گيت ڌڻيءَ جا ڳايو ڳايو،

آيو صبح سهانو آيو.

(گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايو)

آئي ڙي آئي، آئي رت بسنت جي،

آئي رت بسنت جي.

 

موتيا، مگرا مهڪيا، ڌرتي ٿي سائي،

آئي رت بسنت جي.

 

خوشبو خوشبوءَ  ساڻ ملي، ٿي وئي سرهائي،

آئي رت بسنت جي.

 

پکيئڙن باغن ۾، لات مٺي لائي،

آئي رت بسنت جي.

 

مکڙين گل ٿيڻ ۾، دير نه ڪا لائي،

آئي رت بسنت جي.

آئي رت بسنت جي.

ö

ٻولي مٺي ٻولي، ٻولي مٺڙي ماءُ جي،

ٻولي مٺي جيجل جي.

 

مليم مٺڙي ماءُ جي، ٻوليءَ ۾  لولي،

ٻولي مٺي جيجل جي.

 

ٻوليءَ لوليءَ جهڙي، جيجل جي جهولي،

ٻولي مٺي جيجل جي.

 

ٻولي شاهه لطيف جا ڳوٺن مان ڳولي

    ٻولي مٺي جيجل جي.

 

جهڙي سٺي منهنجي سنڌڙي، اهڙي سٺي ٻولي،

ٻولي مٺي جيجل جي،

ٻولي مٺڙي ماءُ جي.

ö

 

پوپٽ پر ڦهلايا هوا ۾،

گيت اڏامي آيا هوا ۾.

 

انڊلٺ جهڙا رنگ برنگي،

نيلا کهنبا ۽ نارنگي،

رنگن رنگ رچايا هوا ۾،

پوپٽ پر ڦهلايا هوا ۾.

 

مکڙيون کڙڻ جي موسم آئي،

گل ٿيڻ جي موسم آئي،

لامن گل سجايا هوا ۾،

پوپٽ پر ڦهلايا هوا ۾.

 

پيارا پيارا پيارا پوپٽ،

پيار ورهائڻ آيا پوپٽ،

ٻارن گل وسايا هوا ۾،

پوپٽ پر ڦهلايا هوا ۾.

پوپٽ پر ڦهلايا هوا ۾.

ö

مور ٽهوڪن ڪارونجهر تي،

رنگ اڏامن هر منظر تي.

 

مينهن وٺو آ ”مهراڻي“ تي،

وڄ کنوي ٿي ساري ٿر تي.

 

چونرن تي چانڊوڪي آئي،

آھه سهائي هر گهر گهر تي.

 

ماڻڪ موتي هنج چڳڻ لئه،

موٽي آيا ساڳئي سر تي.

 

راسوڙن جي گونجارن جا،

رنگ رچي ويا ٿر نگر تي.

 

مور ٽهوڪن ڪارونجهر تي،

رنگ اڏامن هر منظر تي

ö

(ٻاراڻو ٿري گيت)

 

چنڊ آهي چمڪيو، نيري پاڻيءَ تي،

روشن اُڀ  ٿيو.

 

مٺڙي ماءُ جي هنج ۾، ٻالڪ ليٽي پيو،

چنڊ آهي چمڪيو،

روشن اُڀ  ٿيو.

 

ستارن جو سوجهرو ڏيئڙن جيئن لڳو،

چنڊ آهي چمڪيو،

روشن اُڀ  ٿيو.

 

ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪوئي، سرهو گل ٽڙيو،

چنڊ آهي چمڪيو،

روشن اُڀ  ٿيو.

 

نيڻن منظر اهڙو، ڪڏهن ڪو نه ڏٺو،

چنڊ آهي چمڪيو،

روشن اُڀ ٿيو.

ö

 

گل اکين کي وڻندا آهن،

توڙي جو هو ڇڻندا آهن.

 

پن پن پن ٿي ويندا آهن،

پوء به خوشبو ڏيندا آهن.

 

سهڻا ماڻهو گلدانن ۾،

گل سجائي رکندا آهن.

 

محبت جو سي تحفو آهن،

محبت ڏيندا وٺندا آهن.

 

ماڻهن وانگر ساهه کڻن ٿا،

تڏهن ته زنده رهندا آهن.

 

روز ڪومائبا رهندا آهن،

”سوز“ نوان ٿي ٽڙندا آهن.

 

گل اکين کي وڻندا آهن،

توڙي جو هو ڇڻندا آهن.

ö

 

گيتن جا گل ٽڙي پيا، خوشبو گهلي پئي آ،

خوشبو جي لاءِ خوشبو پيغام وئي ڏئي آ،

گيتن جا گل ٽڙي پيا.

 

اک چنڊ جي لڳي وئي، سورج جي اک کلي پئي،

وئي رات صبح کي پڻ چپڙن ۾ ڪجهه چئي آ،

گيتن جا گل ٽڙي پيا.

 

آ روشني افق تي، لالي لڳي شفق  کي،

رنگن جي خوبصورت انڊلٺ جڙي وئي آ،

گيتن جا گل ٽڙي پيا.

 

ست رنگ ملن ته ان مان ئي روشني ٺهي ٿي،

ست سر مليا سرن سان سنگيت ٿي وئي آ،

گيتن جا گل ٽڙي پيا.

 

سڀ رنگ روشنيءَ جا، سڀ رنگ زندگيءَ جا،

قائم رهن سدائين شاعر دعا ڪئي آ،

گيتن جا گل ٽڙي پيا.

        

وطن جا گيت

 

مالڪ محبتن جا سڀ رنگ رک سلامت،

محبت، خوشي، امن جا، سڀ رنگ رک سلامت.

 

سڀ رنگ جي ملن ٿا ته روشني ٺهي ٿي،

ان روشني سان روشن ڌرتي سڄي ٿئي ٿي،

جيئن چاهتون وڌن ٿيون، تيئن روشني وڌي ٿي،

رنگن ۽ روشنين جا، سڀ رنگ رک سلامت.

مالڪ محبتن جا،

مالڪ منهنجي وطن جا.

 

منهنجي ديس جي هوا ۾ گيتن جي آھه خوشبو،

گيتن ۽ لوڪ گيتن، ڪافين جي آھه خوشبو،

سک ۽ سلامتيءَ جي نغمن جي آھه خوشبو،

سنگيت جي سرن جا، سڀ رنگ رک سلامت.

مالڪ محبتن جا،

مالڪ منهنجي وطن جا.

 

 

مينديءَ رتن هٿن جا، اجرڪ ۽ لونگين جا،

اجرن ڪبوترن جا ۽ مور جي پرن جا،

اڏندڙ پکيئڙن جا ۽ گلاب پنکڙين جا،

لامن ۽ درختن جا، سڀ رنگ رک سلامت،

مالڪ محبتن جا،

مالڪ منهنجي وطن جا.

 

سر سبز وادين جا دلچسپ منظرن جا،

چشمن ۽ آبشارن، بارش جي موتين جا،

محبوب موسمن جا، مهراڻ جي لبن جا،

جنت نما چمن جا، سڀ رنگ رک سلامت،

مالڪ محبتن جا،

مالڪ منهنجي وطن جا.

 

مان گيت جي لکان ٿو، ڌرتيءَ کي ارپيان ٿو،

ڪو حق ادا ڪريان ٿو، جنهن ديس ۾ رهان ٿو،

ان ديس جو تصور لفظن ۾ اوتيان ٿو،

تون سوز جي سخن جا، سڀ رنگ رک سلامت،

مالڪ محبتن جا،

مالڪ منهنجي وطن جا.

                ö


 

وس وس بادل وس! منهنجي دلبر ديس تي،

منهنجي دلبر ديس تي،

منهنجي مٺڙي ملڪ مٿي،

وس وس بادل وس!

 

ديس وٺو دلداريون مليون،

گلشن کي گلزاريون مليون،

چؤڏس چندن چس،

وس وس بادل وس!

 

مور عجب جي ٽور ٽلن ٿا،

ماڻڪ موتي هنج چڻن ٿا،

سي تون پاڻ به پس!

وس وس بادل وس!

 

خوشبو خوشبو کيت وطن جا،

سونا روپا رنگ  چمن  جا،

پيڙا ٿي پارس،

وس وس بادل وس!

 

ديس مٺي دلدار  جي خاطر،

سوز“ سڄي سنسار جي خاطر،

بادل وس اوس،

وس وس بادل وس!

ö

روپ تنهنجا سڀئي شال روشن رهن،

او وطن جانِ من، او وطن جانِ من،

او وطن! او وطن!

 

کيت کلندا ڏسي، محب ملندا ڏسي،

رنگ رچندا ڏسي، چنگ وڄندا ڏسي،

مينهن وسندا ڏسي، نيڻ ٺريو پون،

او وطن! او وطن!

 

هير هٻڪار جي مينگهه ملهار جي،

مند مهڪار جي، آئي سينگار جي،

سونهن سرهاڻ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن،

او وطن! او وطن!

 

تنهن جي هستي ۾ مستي آ مهراڻ جي،

هيءَ ڌرتي به آ قرب ڪلياڻ جي،

جنهنجي عظمت اڳيان ٿيون جبينون جهڪن،

او وطن! او وطن!

هنج جي هنج مان لفظ موتي چڻي،

گيت سنگيت جي آيا خوشبو کڻي،

سوز“ ارپي ڇڏيا، توکي سارا سخن،

او وطن! او وطن!

او وطن! او وطن!

ö

 

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون،

آيون آيون روشن گهڙيون آيون،

ڳايون ڳايون.

 

شهنائيءَ جي آلاپن تي،

مور نچن ٿا گيتن وانگي،

پايون پايون پاڻ به جهمريون پايون،

ڳايون ڳايون.

 

سرهي سرهي هير گهلي ٿي،

هلڪي هلڪي بوند وسي  ٿي،

ڇايون ڇايون مينگهه ملاريون ڇايون،

ڳايون ڳايون.

 

هيرن جي هٻڪار وطن ۾،

موتئي جي  مهڪار چمن ۾،

لايون لايون تن جي خوشبو لايون،

ڳايون ڳايون.

 

سر  سان سر ملائي ڳايون،

تن تنبورو بڻائي ڳايون،

وايون وايون شاھه لطيف جون وايون،

ڳايون ڳايون.

ڳايون ڳايون.

ö

 

ڏيئو جلائي رکجو  سائين،

جوت جڳائي رکجو سائين.

 

تيز هوائن طوفانن کان،

گرد و غبار جي گهمسانن کان،

بي مهريءَ جي برساتن کان،

بدنظريءَ جي امڪانن کان،

سو ته بچائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو  سائين.

 

چوڏهين جي چانڊاڻ هجي،

۽ لاک رتي لالاڻ هجي،

شام جي ڪائي لام لهي،

اجرو اجرو صبح ٿئي،

پر نه اجهائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو  سائين.

 

هي جو روشن ڏيئڙو آهي،

لالڻ جو سو ليئڙو آهي،

هڪڙي ڏينهن جو ساٿ نه ان سان،

هڪڙي رات جي بات نه ان سان،

روز جلائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو سائين.

 

مند ڀلي ڪهڙي به هجي،

واءُ ڀلي ڪهڙو به لڳي،

ڏينهن ڀلي ڪهڙا به اچن،

مينهن ڀلي ڪيڏا به وسن،

نينهن نڀائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو سائين.

 

پنهنجي وطن کي پنهنجي چمن کي،

محب مٺي محبوب وطن کي،

هن گلشن جي هر گهر گهر کي،

هر گهر گهر جي در در در کي،

سوز“ سجائي رکجو سائين،

ڏيئو جلائي رکجو سائين.

ö

آزاديءَ جو گيت سريلو، آزاديءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت.

 

سارنگ مينگهه ملار بسنت ڀيرون ۽ ڪلياڻ،

آزاديءَ جا راڳ سمورا موج ڀريو مهراڻ،

موسيقيءَ جي رنگ رتل آ، سَرهائيءَ جو  گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت.

 

آزاديءَ جي کيت کيت ۾ موتئي جي مهڪار،

وستي وستي نگر نگر ۾ گيتن جي گونجار،

چوڏس آهي پکڙي پئڙو چانڊوڪيءَ جو  گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت.

 

گيت لکن ۽ آلاپن ٿا شاعر ۽ فنڪار،

گيتن کي سنگيت ڏين ٿا ماهر موسيقار،

سوز لکيو آ پنهنجي وطن لاءِ خوشحاليءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت،

سريلو آزاديءَ جو گيت.

        ö

 

رنگ خوشبو جمال جي موسم،

واه! عجب هيل سال جي موسم.

 

گيت گونجن پيا هوائن ۾،

هر طرح مهڪ آ فضائن ۾،

آئي نيڻن نهال جي موسم.

 

سبز پرچم هوا ۾ لهرايو،

چنڊ تارن جي ڇانو ۾ آيو،

آھ روءِ هلال جي موسم.

 

وقت آيو وطن سجائڻ جو،

خوب کان خوب تر بنائڻ جو،

آئي ”ساڻيهه“ سنڀال جي موسم.

 

شال منهنجي وطن جي هر موسم،

چاهتن جي چمن جي هر موسم،

سوز“ بڻجي مثال جي موسم.

ö

سانوڻ سارنگ لالڻ بادل،

هڪڙي مند جا ميوا آهن،

منهنجي مٺي محبوب وطن جا،

هي سڀ ”سوز“ حوالا آهن.

 

سانوڻ وري به آيو آهي،

مولى مينهن وسايو آهي،

ڌرتي وارن کي اڄ مالڪ،

پنهن جو پاڻ پسايو آهي،

درد وندن جو ديس وسي پيو،

دوست پيهي در آيو آهي.

 

منهنجي وطن سان رم جهم جي رت،

واه جو نينهن نڀايو آهي،

ڳايو ڳايو سارنگ ڳايو،

آيو آگم آيو آهي،

سوز“ اسان جي من پڌر تي،

لالڻ ليئڙو پايو آهي.

ö

نظم

”شاھه دريا / پورالو دريا“

 

جڏهن آئون سنڌوءَ ڪهاڻي ٻڌان ٿو،

جڏهن شاھ جو سُرُ سهڻي پڙهان ٿو،

جڏهن بند ۾ بند پاڻي سڻان ٿو،

سنڌوءَ سير ڏي جيئن اکيون کڻان ٿو،

دکي دل ٿئي ٿي، دکي مان ٿيان ٿو،

ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ گم ٿي وڃان ٿو.

 

ڀٽائي به سنڌو ڏٺو اوج ۾ هو،

سمندر جيان سو ته وهندو ڏٺو هو،

”متل مئه“ جو مهراڻ تڏهين چيو هو،

تڏهن سُرُ سهڻي به تخليق ٿيو هو،

اهو شاھُه درياءُ سُڪندو ڏسان ٿو،

ته آئون لڇان ٿو، ته آئون لڇان ٿو.

 

جتي ڪالهه ڪشتين قطارون ڏٺيون سين،

پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيون سين،

۽ نورين جي نيڻن نهارون ڏٺيون سين،

ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيون سين،

اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،

جلي جيءُ ٿو آئون پڄران پچان ٿو.

 

نڪو کيٽ آهي، نڪو چيٽ آهي،

نظر حد تائين رڳو ريٽ آهي،

نه لهرن ۾ ساڳي سا لس ليٽ آهي،

هي سنڌو آهي يا ڪو ئي ٻيٽ آهي!!؟

اکين سان نه منظر ڏسي سو سگهان ٿو،

ٻئي هٿ پنهنجي اکين تي رکان ٿو.

 

ازل کان هي درياءُ وهندو رهي ٿو،

۽ ڌرتي کي سيراب ڪندو رهي ٿو،

سفر در سفر ساڻ هلندو رهي ٿو،

سمندر جي سيني سان ملندو رهي ٿو،

جڏهن هن کي واهڙ جان وهندو ڏسان ٿو،

ته مان سوچيان ٿو، ته مان سوچيان ٿو.

 

دعا آهي سنڌو کي جل ٿل ڏسان شل،

ڪنڌيون ۽ ڪنارا به اٿليل ڏسان شل،

وسيون ڳوٺ واهڻ به ورسيل ڏسان شل،

سڄي سنڌ جا نيڻ ٺريل ڏسان شل،

اهو عرض پنهنجي خدا کي ڪيان ٿو

ٿئي ”سوز“ مقبول جيڪو، گهران ٿو.

×

 (سيلاب 2010کان اڳ)

”پورنماسي“

 

اک لڳي جو چنڊ جاڳائي چيو،

پورنماسي ۾ به ڪو شاعر ستو!!!

جيڪڏهن شاعر به منهن ويڙهي ستو،

پڪ ڄاڻو سوچ جو سورج لٿو!!

 

چنڊ جو طعنو اهو ڄڻ تير جان هو،

جو ته شاعر کان سَٺو ئي ڪونه ٿيو،

هُن به چڙندي هو امالڪ چئي ڏنو،

ڪير چئي ٿو مان سمهي آهيان رهيو،

ڪنهن چيو مان شاعر ئي ناهيان رهيو،

مون ڀٽائيءَ جو رسالو پئي پڙهيو،

سُر سهڻِي جو مطالعو پئي ڪيو،

پنهنجي پالڻهار خلقڻهار کان،

پنهنجي دريا لاءِ پاڻي پئي گهريو،

مون ته سنڌوءَ سير تي پئي سوچيو،

جا ڪڏهن ساگر جيان وهندي هئي،

 

هاڻ واهڙ وانگيان ٿي جا وَهي،

ڳوٺ واهڻ ۽ ڪنارا وستيون،

پڻ اُڃارا ئي اڃارا ٿا لڳن،

سڀ نظارا ڄڻ اڌارا ٿا لڳن.

 

مون جڏهن کان سانت ۾ سنڌو ڏٺو آ،

مون جڏهن کان بند پاڻيءَ جو ٻڌو آ،

مان تڏهن کان ئي سمهي ناهيان سگهيو،

تون چوين ٿو مان سمهي آهيان رهيو،

اهڙي حالت ۾ اڙي منهنجا مٺا!

شاعرن کي ننڊ ڪيئن ايندي ڀلا؟

شاعرن جي جاڳ کي آ جاڳ پر،

شاعرن جي ننڊ کي پڻ جاڳ آ،

سو اڃا جاڳان پيو، مان اڃا جاڳان پيو.

×

 (سيلاب 2010 کان اڳ)

درياءَ توتي دانهن

ڀٽائيءَ جي حضور ۾

 

ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!

سنڌ ڌرتيءَ جا ڌڻي!

او! رسالي جا ڪوي!

دانهن تو در ٿا ڏيون،

ٻيو ڀلا ڪنهنکي ڏيئون؟

ڪالهه سهڻي جا ٻڏي هئي،

سر سهڻي تو لکيو هو،

درياءَ تي دانهڻ جو تو،

پڪو پهه پڻ ڪيو هو،

اڄ ته سائين!

سنڌ ساري پئي ٻڏي،

ڌرتتي ڌرتي ڌڻي بي اجھي ۽ آسري

گهر کان بي گهر

دربدر، خاڪ بسر آهن ٿيا،

ٻار ٻڍڙا نوجوان ۽ مائرون

مايون نياڻيون پڻ ڪئين،

کليل اُڀ هيٺيان واجهائين ٿا پيا،

ڳوٺ واهڻ وستيون ويران ٿيا،

شهر پڻ سنسان آهن،

ڄڻ ته ڪو راڪاس ويو آهي گھمي،

چؤڏسا کان ”الامان الامان“،

”المدد المدد“جون صدائون،

ڄڻ ته سونامي جو ڪوئي ڏيک آ،

او! ڀٽائي!

پاڻ سنڌوءَ لاءِ پاڻي پئي گھريو،

پنهنجي درياءَ لاءِ دعائون ٿي ڪيون

جو ته سالن کان ئي سڪندو ٿي رهيو

هيل پاڻي آيو ته به ائين جو

سنڌ ساريءَ جي اکين ۾،

پاڻي ڀرجي آئيو،

چئه ڀٽائي!

ٻڏيءَ ٻيڻا ڪڏهن ٿيندا!

ساٿ سڱيڻا ڪڏهن ٿيندا!

پنهنجا سانگي مارو،

پاڻ وهيڻا ڪڏهن ٿيندا؟

او ديس سندا دلدار ڀٽائي!

ڪَرِ ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي!

ڪَرِ ڪي ٻيڙا پار ڀٽائي!

×

 (سيلاب 2010 کان پوءِ لکيل)

 

”اماوس جو خواب“

 

رات جي ان سانت ۽ ايڪانت ۾،

دور تائين افق جي ڇيڙي اندر،

روشني جو تِرورو باقي نه هو،

۽ ستارن ۾ سهائي ڪانه هئي،

چوڏسا خاموشين جو راڄ هو،

ڇرڪ پيو ۽ اک کلي وئي اوچتو

منهنجي نيڻن خواب جيڪو پئي ڏٺو،

سو نهايت ئي ڀيانڪ ٿي لڳو،

ٿيو چڱو جو هوائن ۾ ويو تحليل ٿي،

ڪجهه ته آ وسري ويو ڪجهه ياد آ.

مون ڏٺو سورج کي آ گرهڻ لڳو،

مون ڏٺو ڌرتي ڌٻي آهي وئي،

مون ڏٺو راڪاس ڪو ويو آ گهمي،

مئي متو مهراڻ آهي بند جو باندي بنيو،

ڄڻ اماسي رات جو فتنو هيو،

ڪار ٻوٿي ”ڊيم“ جي ڪنهن روپ ۾.

اک کلي سورج اڃا نڪتو نه هو،

پرھ ڦارون ڦارون ٿي ويئي هئي،

راڄ قائم هو اماوس رات جو

ڪاش! هي سپنو نه ماڻي ساڀيان ڪا،

بند پنهنجي پاڻ کان ٿئي شرمندو.

×

”منهنجي ڌرتي“

منهنجي ڌرتي تي جي آيا،

ڪونه وري سي واپس ويا،

ڌرتي اهڙو پيار ڏنو جو،

“کيما” کوڙي ويهي رهيا،

جايون جوڙي ويهي رهيا،

دک اسان جي ديس ۾،

آهيون ڄڻ پرديس ۾.

 

روز نوان جي ديس مٽائين،

روز نوان جي ويس مٽائين،

اکيون اکڙين سان نه ملائين،

ڪنواري وينگس جان شرمائين،

سک اسان جي ديس ۾،

آهيون ڄڻ پرديس ۾.

 

صدين کان ئي جڳن کان ئي،

اهڙي حالت آ اڄ تائين،

رهندي آخر ڪيسيتائين!

”ڄام نندي“ کان هيسيتائين،

بک اسان جي ديس ۾،

آهيون ڄڻ پرديس ۾.

 

ويندا ويندا آخر ويندا،

درد اسان جا رخصت ٿيندا،

نيٺ ته ڪيسيتائين رهندا،

ائين ويندا جو مُور نه ايندا،

مکڙين وانگر مرڪي پوندا،

مُک اسان جي ديس ۾،

مُک اسان جي ديس ۾.

×


 

”اداس ڪوئل“

ڪوئل اداس آهي،

ڄڻ دل اداس آهي.

هر شاخ هر شجر جا،

سي رنگ رتا منظر،

بي رنگ لڳا جنهن کي،

تڏهن نراس آهي،

ڪوئل اداس آهي.

 

ڪا اداس ڌن رچڻ لئه،

ڪنهن سنگيتڪار وانگي،

ڪنهن سونهن جي ڪوي جان،

حساس شاعري جان،

بيحد حساس آهي،

ڪوئل اداس آهي.

 

ڪا لام ڇني شايد،

ٿي شام سڃي شايد،

ڪا اک ڀني شايد،

ڪا دل رُني شايد،

تڏهن نراس آهي،

ڪوئل اداس آهي.

 

جنهن گيت کسيا هن جا،

جنهن ميت کسيا هن جا،

آلاپ کسيا هن جا،

ورلاپ کسيا هن جا،

جنهن ڄڀ ڪپي هن جي،

جنهن مرڪ کسي هن جي،

سو بدحواس آهي،

ڪوئل اداس آهي.

 

لامن تي گونچ ڦٽندا،

گيتن جا گل ٽڙندا،

ميتن سان ميلا ٿيندا،

هي وڇوڙو عارضي آ،

هي اداسي به عارضي آ،

اکڙين کي آس آهي،

ڪوئل اداس آهي،

ڇا لئه اداس آهي؟

×

 

”جمهوريت جو نوحو“

 

جمهوريت جي شهيد راڻي

سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم نياڻي

”نئين ديري جي او شهزادي!“

تو جا جوت جلائي آهي،

تو جا مشعل ٻاري آهي،

جمهوريت بحاليءَ جي،

امن جي ۽ خوشحاليءَ جي،

بيشڪ تنهن ۾ لاٽ لٿي آ.

 

ڪاري ڪاري رات کٽي آ،

اجري اجري باک ڦٽي آ،

روشن روشن سڄ نڪتو آ،

۽ سو سورج جڳ ڏٺو آ.

محترمه عظِيم آهين جو،

تنهنجي عظمت کي عظمت پڻ،

آهه جهڪي سلام ڪئو

مائرن پنهنجن پٽڙن تي،

تنهن جو نرمل نانءُ رکيو

 

شاعر نوحو لکيو جو

۽ نوحي ۾ هينئن چيو

جي ديس مٿان قربان ٿين ٿا

امر اهي انسان ٿين ٿا

سورج وانگي پاڻ جلائي،

جڳ ساري کي روشن ڪن ٿا،

محترمه! او محترمه! او سائڻ!

تنهنجي لال لهوءَ مان جي گل ٽڙن ٿا

سي ڪومائجي مور نه سگهندا

هر پل تازا تازا رهندا

خوشبو ڦهلائيندا رهندا

 

جيسين سوچ سلامت آهي

جيسين لوچ به زنده آهي

تنهن جو نالو زنده رهندو،

هر حوالو زنده رهندو،

شهيد مور نه مرڻا آهن،

ور ور ڏئي ورڻا آهن.

×

”منهنجو شهر“

 

مون کان منهنجو شهر کَسين ٿو،

محبن کان محبوب ڦُرين ٿو،

ڦولن کان خوشبوءِ ڇني پوءِ،

شاعر کان انعام گهرين ٿو،

مورک آهين صحرا کي تون،

دريا سمجهي ويٺو آهين.

 

هي شهر رڳو هڪ شهر نه آ،

هن سان ساري سنڌ اٿيئي،

جان، جسم ۽ جند اٿيئي،

تو ڦُلن مُٺ تي ڏيئي ان جو،

ڏاڍو سستو سودو ڪيو،

ڦلواريءَ جي ڦولن کي تو،

خارن جي ته حوالي ڪيو.

 

هن امن امان جي شهر جو جن هو،

چين و سڪون تباھ ڪيو،

تن کي تحفي ۾ تو جيڪو،

آھ وڏو انعام ڏنو،

تنهنجي ستم ظريفي لئه،

سو هڪ مثال ئي ڪافي آ.

 

تون شايد قبيح آهين جو،

هن محبوب شهر جو تو کان،

حسن ڏٺو ئي ڪونه ٿيو،

هن سونهن سريکي ڌرتيءَ جي،

”جگرافي“ کي ٽوڙين ٿو،

اتهاس جي وهندڙ ڌارائن کي،

ڇا! تون ٽوڙي موڙي سگهندين؟

تواريخ جي ورقن صفحن ۾،

جاءِ به ڪا ئي جوڙي سگهندين؟

ها! تون جوڙي سگهندين ليڪن!

هڪ جڳ مشهور حوالي سان،

صادق، جعفر ۽ چنيسر نالي سان.

      ×

حيدرآباد شهر جي حوالي سان

 

”غنيمت“

 

پٿرن جي ديس جا،

ماڻهو اڳ ئي پٿر هئا،

ويتر به پٿر ٿي ويا،

ڪالهه جن ها پيٽ سان پٿر ٻڌا،

سي به رستن جي هليا ويا پيٽ ۾،

۽ نظامِ هضم جو لقمو بڻيا،

پيٽ ماڻهن جا مگر خالي رهيا،

۽ بکيا ويتر بکارا ٿي ويا،

جن کي کائڻ لاءِ ڪو پٿر به ڪونهي،

اف! خدا منهنجا خدا منهنجا خدا………!!

پٿرن جي ديس ۾،

هن مهانگي، قحط واري دور ۾،

ڪي ته خالي پيٽ خالي ڪونه ٿيا،

روڊ رستن جا سهي،

شهرن ۽ قصبن جا سهي،

سڙڪن ۽ گلين جا سهي،

ايءَ غنيمت آ مٺا!

ايءَ غنيمت آ پيارا!!

              ×

 

”امن“

او فلسطين جي زمين تو کان پڇان ٿو،

تنهن جو دامن آگ جا شعلا ڀلا ڇو؟

باھ جا ڀنڀٽ اجهامن ۽ ٻرن،

ٿيون هوائون ۽ فضائون پڻ پڇن،

ڪو امن جو واءُ ڀي ورندو ڪڏهن؟

ڪو سکن جو ساءُ ڀي سرندو ڪڏهن؟

 

گيت ڳايا ڪوئلن ٿي ڪلهه جتي،

آگ جا شعلا ٻرن ٿا اڄ اتي،

هي زمين ڪشمير جي ڌرتي لڳي،

اڌ صديءَ کان جيڪا جلندي ٿي رهي.

 

هن چيو آزاد سج نڪتو جڏهن،

دهشتن جو خاتمو ٿيندو تڏهن،

وحشتن جو دور هي ويندو جڏهن،

يا وري ياسر ڪوئي ايندو جڏهن،

ديس منهنجي ۾ امن ٿيندو تڏهن،

هي بمن جون بارشون، سڀ عارضي،

ظلمتون ۽ زيادتيون سڀ عارضي،

گيت ڳائيندا پکيئڙا جابجا،

گونجندا آزاد نعرا امن پيار جا.

×

 (فلسطيني نظم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org