غزليات
اکين ۾ نور جان، سوئي ته آهي،
۽ ويجهو ساهه کان، سوئي ته آهي.
رهي هرجاءِ تي موجود حاضر،
زمان زمن و زمان، سوئي ته آهي.
اهو آواز جو
”ڪن
فيڪون“
ٿيو،
حيات جاودان، سوئي ته آهي.
سڄو جڳ سوجھرو ئي سوجھرو،
سدا سورج سمان، سوئي ته آهي.
هلائي جو نظام
”هست
بودي“
جهان ۽ درجهان، سوئي ته آهي.
در- پرده، پس- پرده اهوئي،
مڪان و لامڪان، سوئي ته آهي.
مصور شاعر ۽ پُرسوز مغني،
مڙني تي مهربان، سوئي ته آهي.
هجر آندي وصال، جي موسم،
آ عجب هيل سال، جي موسم.
چار سوُ مهڪ آ گلابن جي،
آئي نيڻن نهال، جي موسم.
حسن ڀي پاڻ سان کڻي آيو،
رنگ، خوشبو، جمال، جي موسم.
من اندر جي به ڪائي ٿيندي آ،
خوبصورت خيال، جي موسم.
شاخ هڪ جا ٻئي پکي آهن،
ڄڻ ڪمال آ زوال، جي موسم.
شعر جي مند ڪنهن به شاعر لئه،
آھ ساجن سنڀال، جي موسم.
ڇو نه پنهنجي پرينءَ کي پيش ڪجي،
هي جمال ۽ ڪمال، جي موسم.
شال منهنجي وطن جي هر موسم،
”سوز“
بڻجي مثال، جي موسم.
جو به نيڻن ۾ خواب، ٿو چاهي،
سو نسورو سراب، ٿو چاهي.
چنڊ کي پڻ چڪور ٿو چاهي،
۽
”هماء“
اضطراب، ٿو چاهي.
بوند ساگر ۾ ٿي سپي طلبي،
مرگهه صحرا ۾ آب، ٿو چاهي.
زلف جانان جي دام جو پيوند،
عشق آهي عقاب، ٿو چاهي.
لفظ هڪڙو به آھ سرمايو،
لفظ کي هر ڪتاب، ٿو چاهي.
تهمتون ڀل هجن، هجن نه هجن،
محتسب احتساب، ٿو چاهي.
خواهشن جي اکٽ خزاني مان،
هر ڪو پنهنجو حساب، ٿو چاهي.
”سوز“
ڀي ڪو عجيب شاعر آ،
جو گناهه ۾ ثواب، ٿو چاهي.
v
صبح کي نرمل نظارن، جي تلاش،
شام کي آ ماه پارن، جي تلاش.
خواب
”جگنو“
جا ڏسي ڪو ڏينهن رات،
پاڻ کي روشن ستارن، جي تلاش.
آھ سورج کي ڀلا ڪهڙو ضرور،
جو ڪري هو چنڊ تارن، جي تلاش.
اڳ متارن پئي ڪئي ”موکيءَ“ تلاش،
اڄ ڪري موکي متارن، جي تلاش.
لهر ڪنهن ۾ سانت آهي بي حساب،
ٿي ڪري جيڪا ڪنارن، جي تلاش.
مون ته سنڌوءَ لاءِ گهريو آھ آب،
ڇا لئه توکي آبپارن، جي تلاش؟
وصل جو تن لئه تصور آ فضول،
جن نه ڪئي آ انتظارن، جي تلاش.
هجر فرقت ۾ اکيون ڪن اشڪبار،
”سوز“
کي تن اشڪبارن، جي تلاش.
عشق جو آهنگ، هڪڙو ئي ته آ،
حسن جو هر رنگ، هڪڙو ئي ته آ.
روشني رنگن ستن مان ٿي ٺهي،
پر انهيءَ جو رنگ، هڪڙو ئي ته آ.
آدميءَ احساس ڀل ڪهڙا هجن،
آدميت انگ، هڪڙو ئي ته آ.
رنگ چهرا، مختلف سوچون مگر،
لالُ لوهُوءَ
رنگ، هڪڙو ئي ته آ.
کوڙ ڌرتيءَ تي حدون ۽ سرحدون،
دوستيءَ جو دنگ، هڪڙو ئي ته آ.
ٿي ڪڻن وانگر ڪَٺا، وکري ويا،
صحبتن جو سنگ، هڪڙو ئي ته آ.
جل
پياسا روپ جنهن آلاپ جا،
راڳ سو سارنگ، هڪڙوئي ته آ.
”سوز“
جنهن جي نانوَ جي مالها جپي،
چاھ جو سو چنگ، هڪڙو ئي ته آ.
v
چپن تي ايترا تالا لڳا، ڇو؟
دلين ۾ وسوسا ايڏا پيا، ڇو؟
اهو اسرار ڪو ڏاهو ٻڌائي،
ذهن ساڳيا مگر سوچون جدا، ڇو؟
جڏهن سرمد کي پيارن گل هنيا پئي،
ڀريندي آه! چيائين ايئن ڀلا، ڇو؟
ڪڏهن ان تي به سوچيو ڪونه ويو آ،
گلين ۾ ”قيس“ تي پٿر وٺا، ڇو؟
اسان جنهن شهر کي محبت ڏني ٿي،
اتي نفرت ڀريا نعرا لڳا، ڇو؟
اجھو! ايڪيهين صدي در تاءِِ پهتي،
اسين اوڻيهين صديءَ وارا اڃا ڇو؟
اکين هوندي به ڪي نابين آهن،
ڏسن کولي اکيون آخر نه ٿا، ڇو؟
اُلَن آڳين جيان جيڪي تتل ها،
ويا ٿي ”سوز“
سي پارا ٿڌا ڇو؟
پيارن کان، پڇي ڏسجو،
۽ يارن کان، پڇي ڏسجو.
نظر جي ڪابه حد ناهي،
نظارن کان، پڇي ڏسجو.
خزائن ۾ به گهاريوسين،
بهارن کان، پڇي ڏسجو.
اسين سنڌوءَ جو سڏ آهيون،
ڪنارن کان، پڇي ڏسجو.
سهارن تي نه ٿا سرچون،
سهارن کان، پڇي ڏسجو.
اڃا موکي مئي ڪانهي،
متارن کان، پڇي ڏسجو.
اسان جي نينهن جا نعرا،
نقارن کان، پڇي ڏسجو.
صدائون ”سوز“
جون لَکن،
هزارن کان، پڇي ڏسجو.
ايذائن جي اڻ ڄاڻن، کي،
آڳ لڳي تن ايوانن، کي.
ويرانن ڏي واٽ وڃي ٿي،
ڪو ته ٻڌائي، بيگانن کي.
هٿ سمورا زخمي زخمي،
ڪير سجائي گلدانن، کي.
ماڻهو سيئي مهان ٿين ٿا،
روڪن جي ٿا طوفانن کي.
ديس دروهين زنده رکيو،
زنجيرن ۽ زندانن کي.
روڪي ڪوبه نه سگهيو آهي،
جان ڏيڻ کان پروانن کي.
وطن وساري ٿيا اڻاسا،
حيف هجي تن نادانن کي.
”سوز“
سدائين ياد رهن ٿا،
جن به وَسايو ويرانن کي.
رات کي ماهتاب، ٿو گهُرجي،
ڏينهن کي سجّ تاب، ٿو گهُرجي.
جو ڪڏهن ساڀيان نه ٿي سگهيو
ڪونه اهڙو به خواب، ٿو گهرجي.
رنگ خوشبو جمال آ جنهن ۾،
باغ کي سو گلاب، ٿو گهُرجي.
سنڌ کي کيت لئه کپي دريا،
نوجوانن کي ”جاب“، ٿو گهُرجي.
آب زمزم نٿا گهرون مالڪ!
خشڪ سنڌوءَ لئه آب، ٿو گهُرجي.
ديس جو تذڪرو هجي جنهن ۾،
سو نصابي ڪتاب، ٿو گهُرجي.
ڪنهن هُلائي الاءِ آه ڇڏيو،
شاعرن کي شراب، ٿو گهُرجي.
سنڌ تي ڪرم تنهنجو يا مولا!
”سوز“
گهرجي، اڃا به ٿو گهُرجي.
اڳي وانگيان چپ سبيل، ڪونه هوندا،
زبانن تي تالا لڳل، ڪونه هوندا.
نئون سج اڀريو اجالو ٿيو آ،
انڌيرن جا آرا انگل ڪونه هوندا.
اهي کيت جن ۾ نوان سنگ نسرن،
بنا لاب جي سي لڻُيل، ڪونه هوندا.
چنيسر به توڙي جو وڌندا وڃن پيا،
مگر تن کان دودا ڊنل ڪونه هوندا.
ڀلي ”ڦوڳ“ ڪهڙا به حربا هلائي،
منهنجا مور مارو مُٺل، ڪونه هوندا.
ٻڌائي ڇڏيو سرڪش سازشين کي،
سِرَن جا فصل ڪي ڪٽيل، ڪونه هوندا.
اڃا جاڳ ايندي، سجاڳي به ٿيندي،
سدا سنڌ واسي ستل، ڪونه هوندا.
اجهو ”سوز“
هاڻي ته کيرون به ملنديون،
سنڌوءَ جا ڪنارا سڪل، ڪونه هوندا.
چمن ۾ خزان کي اچڻ، ڇو ڏجي،
گلن ۽ ڦلن کي ڇڄڻ، ڇو ڏجي.
بهارن جي هر پل حفاظت ڪجي،
ڪڏهن ڪوبه درخت ڪٽڻ، ڇو ڏجي.
متان ڦول ٽڙندي ئي ڪومائجن،
سرءُ جي هوا کي ڇهڻ، ڇو ڏجي.
اگر گل فروشي ڪري ڪوئي مالهي،
ته گلشن ۾ تنهن کي وڃڻ، ڇو ڏجي.
گلابن تي ڀيرا ڀرن ڀؤنر جيڪر،
ته مکڙين سان تن کي ملڻ، ڇو ڏجي.
نه ڪا شمع جلندي نه ايندا پتنگ،
”شهد مک“ گلن تي ويهڻ، ڇو ڏجي.
سڄو سونهن جو آهه سنسار هي،
سو رنگن کي بي رنگ ٿيڻ ڇو ڏجي.
سڳنڌ ”سوز“
گل کان جدا ناهه ٿيندي،
اهو ڀيد ڪنهن سان سَلَڻُ، ڇو ڏجي.
v
اجالن کي انڌيرو، ڪونه چئبو،
اوَيرن کي سويرو، ڪونه چئبو.
سدائين رات کي آ رات چئبو،
”صبح“ کي شام ويرو، ڪونه چئبو.
وڏيري کي وڏيرو چئو ڀلي پر،
ننڍيري کي ننڍيرو، ڪونه چئبو.
وڏي عرصي پڄاڻان ٿا ملو ”ير“،
انهيءَ ڀيري کي ڀيرو، ڪونه چئبو.
رسڻ پرچڻ وري هر هر رسڻ آ،
اهو نينهن جو نبيرو، ڪونه چئبو.
رقيبن جي جتي بستي ۽ مستي،
اتي پِريَن جو پيرو، ڪونه چئبو.
محبت جي پڙهي تسبيح جو ٿو،
اهو ئي من جو ميرو، ڪونه چئبو.
گداز ۽ ”سوز“
جنهن دل ۾ نه آهه،
اهو دلدار ديرو، ڪونه چئبو. |